; سنڌي شخصيتون: بشير مورياڻي - رکيل مورائي

11 October, 2016

بشير مورياڻي - رکيل مورائي

بشير مورياڻي
وسارڻ جهڙو ليکڪ نه آهي
رکيل مورائي
سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو بشير مورياڻي- 2 اگسٽ 1934ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 26 فيبروريءَ 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خبر فقط ايتري آهي. جيڪا اسانجون سنڌي اخبارون نه ڏيئي سگهيون ۽ سنڌي چئنلن کي اهڙي سُڌ نه پئجي سگهي. ٻيءَ طرح احساساتي سطح تي هو سنڌ جي هڪ بيمثال شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ ۽ هڪ بيڪار شهر ۾ پنهنجا آخري پساھ پورا ڪيائين!
شڪارپور-جتي ساميءَ ۽ شيخ اياز جهڙن مها ڪوين جنم ورتو، ساڳئي وقت زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾ اعليٰ مقام رکندڙ ڪيترائي شخص شڪار جي سڃاڻپ آهن ۽ اڄ جي شڪارپور اها آهي، جيڪڏهن غالب ان شهر ۾ رهندڙ هجي ها ته پڪ سان ايئن ئي لکي ها ته:


شڪارپور جو ايڪ شهر ٿا، عالم ۾ لاجواب.
هم رهني والي هين اسي اجڙي ديار ڪي
هن شهر کي سڀني پهلوئن کان ٺاهيندڙ گهٽبا ويا ۽ هيءُ شهر مسلسل ڊهندو هيو. خير.
بشير مورياڻي شڪارپور ۾ ڄائو، اتي پليو نپنو، پڙهيو، بي اي آنرس ۾ پوزيشن، ايم اي سنڌيءَ ۾ پوزيشن، پي سي ايس ڪري آيل، ڪيترن ادارن جي سربراهي سندس نصيب ۾ آئي، جيڪا گهڻن شخص جي نصيب ۾ هوندي آهي يا ايندي آهي. پر سنڌي ادب ۽ سنڌ جي نصيب ۾ هڪ ڀاڳ بشير مورياڻيءَ جي صورت ۾ آيو. سنڌي ادب لاءِ هيءَ نالو هڪ ڀاڳ جهڙو ئي آهي. اهو شاعراڻو ادب هجي. فڪشن هجي يا عالمي ادب جا اُهي شاهڪار هجن جن کي هن لاجواب ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي غربت کي گهٽائڻ ۾ هٿ ونڊايو پر سنڌ جي ننڍڙي ادبي دائري کي ڪشادو ڪرڻ ۾ به پنهنجي حصي جو يوگدان ڏنو.
مان ڀايان ٿو ته سائين بشير مورياڻيءَ جو پهريون عشق شاعري آهي. هو اول شاعر آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس سڃاڻپ شاعري نه آهي اها ڪهاڻي آهي. هو شيخ اياز، جمال ابڙي، اياز قادري، غلام رباني آگري جي پد جو ڪهاڻيڪار هئو ۽ هيءُ سڀ اهي نالا آهن. جن سنڌي ڪهاڻيءَ جو مان ۽ مرتبو وڌايو ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي موضوعاتي لحاظ کان شهر ڏانهن کڻي آيا، پوءِ به اهو سچ آهي ته سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن موضوعاتي خوشحاليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي. اها ان دور ۾ کيس نصيب نه ٿي هئي.
بشير مورياڻي صاحب عالمي ادب، خاص طور فڪشن جو نهايت سنجيدو پڙهندڙ به رهيو. جنهن جو مثال اهي عالمي شعر جا ترجما آهن، جيڪي سنڌالاجي جي پاران شايع ٿيا آهن، پر سنڌي ڪهاڻيءَ کي اهو فائدو پهتو جو هن پنهنجي علم هيٺ آيل موضوع پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آندا، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون ڪجهه ڏيک ڏيڻ لڳيون ۽ انهن سنڌي ڪهاڻيءَ جو دامن ڪشادو ڪيو ”اڌوري اڏام“ سندس ڪهاڻين جو ڪتاب اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ مورياڻي صاحب جو شروعاتي ڪهاڻي ڪتاب ”زندگيءَ جي راھ ۾“ پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو اسان واري نسل جي پڙهندڙن ته ڇا لکندڙن جي به وڏي حصي نه ڏٺو هوندو. ساڳي حالت سندس ڪهاڻي ڪتاب ”اجنبي“ جي به آهي، ايئن اسان جي مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ کي الڳ الڳ رخن کان ڏسبو يا ان جو اڀياسي اپٽار ڪبو ته ان جا ڪيترائي پڙاءَ ظاهر ٿي بيهندا ۽ انهن ۾ بشير مورياڻيءَ صاحب جو حصو به ظاهر ٿي بيهندو. اهو خود سوچڻ جوکڻ آهي ته اڄ نصابي طور ڪجهه لکڻ لاءِ جڏهن کوج ڪجي ٿي ته هڪ شاعراڻو ڪتاب اهڙو به لڀي پوي ٿو جنهن جو فڪر شڪارپور بابت لکيل ۽ ان جي ادب بابت لکيل ڪيترن ليکن ۾ موجود نه آهي ۽ اهو بشير مورياڻيءَ  جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي ” اصنام خيالي“، ”خيالي صنم“ مان نٿو سمجهان ته اڄ جي نوجوان شاعر کي ان ڪتاب جي خبر نه هوندي.
اهو ته طئي آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب جي شاهوڪار هجڻ جو پتو ان ٻوليءَ جي ناول مان لڳائي سگهبو آهي ۽ پوءِ ڪهاڻي اچي ٿي. اسان جي ٻولي ادب ۾ خوشحال فقط شاعريءَ ۾ آهي ٻئي درجي تي ڪهاڻي آهي ۽ آخر ۾ ناول.
بشير مورياڻي صاحب عالمي ادب تي نظر رکندڙ هئو، ۽ لڳاتار پڙهندڙ به پوءِ به ترجمي توڻي اصلوڪين لکڻين ۾ هو بنهه ٿور لکيو اديب هئو، حيرت اها آهي ته هو پنهنجي همعصرن ۾ ٿورهو لکي به اها اهميت ماڻي سگهيو جيڪا گهڻو لکي ماڻبي آهي ۽ سٺو لکي ماڻبي آهي.
جمال ابڙو صاحب هڪ ئي ڪهاڻي ڪتاب ڏيئي سگهيو پر ڇا اڄ جي ڪهاڻي هن جي ڪهاڻيءَ کان اڳتي وڌي آهي؟
ائين بشير مورياڻيءَ گهٽ ڪهاڻيون لکيون، گهٽ شاعري ڪئي. پر سنڌي ادب ۾ سندس حصو ۽ اهميت انهن اديبن واري آهي، جن جا نالا مون مٿي ڄاڻايا آهن. هونئن منهنجي مطالعي آڌار بشير مورياڻي صاحب جا ڪتاب جيڪي يقينن اڻ پورا هوندا پر هن طرح آهن، جن ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو.
1.زندگيءَ جي راھ ۾(ڪهاڻيون)، 2.اجنبي(ڪهاڻيون)، 3.اڌوري اڏام(ڪهاڻيون)،4.شاھ سائين جو اڀياس(تنقيد)، 5.اصنام خيالي (شاعري)، 6.ڪڪر منجهه ڪپار (شاعري)، 7.ترڪي شاعري(ترجمو)
۽ هو ادب جي مڙني شعبن ۾ ڪجهه نئون ڏيندڙ ليکڪ هئو. يا سندس اهڙي ڪوشش سدائين رهندي آئي هڪ پاسي هن ادب لکي سنڌي  ٻوليءَ کي خوشحال کي ڪيو ۽ ٻئي پاسي هن ادبي ۽ سماجي ادارن کي ساٿ ڏئي پاڻ ڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساڳئي وقت هن سنڌي رسالن جي جيڪا مدد يا چوڻ گهرجي ته جيڪا مالي سهائتا مختلف نمونن سان ڪئي، اها به ياد رکڻ جهڙي آهي، پر سوال اهو آهي اهو سڀ ياد ڪير رکندو؟
بشير مورياڻي صاحب جا مٿيان سڀ ڪتاب ۽ اهي سڀ ڪتاب، جيڪي اڄ تائين ڇپجي نه سگهيا آهن، اهي نئين سري سان ڇپجڻ کين ان لاءِ ڀاءُ فرخ ۽ خرم کي ذاتي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. سنڌ جو حافظو ڏاڍو ڪمزور آهي، سنڌي ماڻهو جلدي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا آهن، پر ياد رکڻ گهرجي ته بشير مورياڻي صاحب وسارڻ جهڙو شخص يا ليکڪ نه آهي. ان ڪري هن جو سمورو ادبي ڪم اڄ جي پڙهندڙ کي ميسر ڪري ڏنو وڃي. ان لاءِ اسان جا ادبي ادارا موجود آهن. انهن کي سجاڳ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو ڪم فرخ ۽ خرم آسانيءَ سان ڪري سگهندا. هو ائين ڪري نه رڳو پنهنجي بابا جي حقيقي خدمت ڪندو. پر اُها سڄي سنڌ جي  ۽ سنڌي ادب جي خدمت به هوندي. ٻي صورت اسانجي محبوب شاعر جي لفظن ۾ هيءَ آهي ته :
اگر خدمت ڪرڻ جي ناھي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

No comments:

راءِ ڏيندا