زيب سنڌي
گهڻ صلاحيتو ۽ متحرڪ
اديب
رضوان گُل
سنڌي ڪهاڻي
جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ
کي نئون جنم ڏئي ان کي جوان جماڻ بڻايو. جن همعصر ڪهاڻيڪارن جديد انداز ۾ ڪهاڻي
قافلي کي اڳتي وڌايو، انهن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتي جو ٽائيٽل مليو، جن ۾ ڊاڪٽر
اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ جمال ابڙو شامل آهن. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ جمال ابڙي
جو تعلق وري لاڙڪاڻي سان هئڻ به اتفاق جي ڳالهه آهي پر اهو اتفاق هو يا لاڙڪاڻي جي
مٽيءَ جي زرخيزي جو سنڌي ڪهاڻي جي ٽه مورتيءَ جا ٻه فرد هن تَر جا هئا. ان ڳالهه
جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺبو ته لاڙڪاڻو جيڪو سياست کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي
شعبن ۾ اڳرو رهيو آهي، ڪهاڻي واري شعبي ۾ به سموري سرهاڻ واسيل سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين
ضلعن کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جو هتي اياز قادري ۽ جمال ابڙي واري ٽهيءَ ۽ ان کان
پوءِ ڪيترن ئي اهڙن ڪهاڻيڪارن جنم ورتو، جن ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو نالو مڃرايو.
