سراج ميمڻ
سنڌي لسانيات
جي ماھر کي سلام
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
انگريزي ٻوليءَ جي لفظن Language ۽ Linguistics جي
سنڌيءَ ۾ معنيٰ عام طور تي هڪ ئي يعني ”ٻولي“ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته انهن لفظن
جون ڌار ڌار معنائون آهن، لينگئيج جي معنيٰ ٻولي زبان، ڀاشا، ۱: ماڻهن جي وچ ۾ صوتي ۽ تحريري اشارن ۽ آوازن ذريعي رابطو ۲: رابطي جي ڪا به صورت، نشانن جو ڪمپيوٽر ۽ خاص طرح وارو استعمال
ٿيندڙ لاڙو يا طريقو ۳: ڪنهن قوم جي مخصوص ٻولي،
۴ ڪنهن ماڻهو، گروهه يا ڪنهن ڌنڌي جي خاص ٻولي يا
لهجو وغيره “
