; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ، حيدر، جويو، عيسيٰ، ميمڻ،
Showing posts with label ڪامريڊ، حيدر، جويو، عيسيٰ، ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ڪامريڊ، حيدر، جويو، عيسيٰ، ميمڻ،. Show all posts

11 October, 2016

ڪامريڊ حيدر جويو -عيسيٰ ميمڻ

ڪامريڊ حيدر جويو
گھاٽي بَـڙَ جي ڇانوَ-
عيسيٰ ميمڻ
واقفيت: 1997ع ۾ مان ستين ڪلاس ۾ داخل اڃان مس ٿيو هئس، ٻاراڻا خيال ۽ سوچون بانبڙا پائڻ لڳيون هيون. علم و ادب ڏانھن ”گل ڦل“، ”ارچڪ مرچڪ“، ”گلستان“ ۽ ”سنڌي ٻارڙا“ جھڙن ٻاراڻن رسالن جي ذريعي لاڙو پيدا ٿي رهيو هو. جاگيرداري سماج ۾ هر شيءِ سست رفتار هلندي آهي، ان ڪري ڪم گهٽ ۽ واندڪائي وڌيڪ هئڻ سبب اڪثر هوٽلن تي پنھنجو وقت گذرڻ معمول جو حصو هوندو هو. رسالا هٿ ۾ به ان نيت سان کڻندو هئس ته پاڻ کي ٻين کان مٿڀرو ڏيکاريان. اهو ئي خيال کڻي هوٽل تي رسالن سميت اچي ويٺس ته ديو مالائي شخصيت به منھنجي ڀرسان اچي ويٺي. پھرين ڏسڻ سان ته ڀئُه پيدا ٿيو ته الائي ڪير آهي، وري اچي به منھنجي ڀر ۾ ويٺو. مون جھڙو جيتامڙو ماڻهو هن جي ڀرسان ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڪو جبل جي ڀرسان ڪا ڪِول بيٺي هجي.