; سنڌي شخصيتون: رشيد خانواهي

24 February, 2022

رشيد خانواهي

رشيد خانواهي

محبتي ماڻهو

خالد چنا



سنڌ سونهاري ادبي کيتر ۾ سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي آهي، جنهن وقت بَه وقت اهڙا انسان پيدا ڪيا آهن. جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ تاريخ بڻجي ويا آهن. اهڙن انسانن منهجان هڪ ڪردار شهدادڪوٽ جو رشيد خانواهي جو به آهي.

رشيد خانواهي پهرين اپريل ۱۹۶۹ع تي شهدادڪوٽ تعلقي (موجوده قبي سعيد خان تعلقي) جي ڳوٺ خانواهه ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو عبدالله چانڊيو هيو. جنهن جو تعلق چانڊيو قبيلي جي گهنوراڻي پاڙي سان آهي. رشيد خانواهي ننڍپڻ ۾ مال به چاريو، پر پوءِ مال ڇڏي وڃي تعليم پرائي ۽ هينئر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر آهي.


رشيد خانواهي بهترين استاد سان گڏوگڏ تمام سٺو سماجي ڪارڪن به آهي. جيڪو وقت به وقت غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي هر پروگرام ۾ سگا سٿ سان سلهاڙيل رهي ٿو. پوءِ اهو پروگرام “اسڪن ڊزيز” جو هجي يا “آءِ ڪئمپ” جو مطلب ته سگا جي هر پروگرام ۾ زور شور سان حصو وٺندو رهي ٿو ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر مسڪينن جي مدد ڪندو رهي ٿو.

رشيد خانواهي جو ڪاليج استادن جي تنظيم”سِپلا” ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هينئر به سِپلا قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو نائب صدر آهي.

ان کان علاوه رشيد خانواهي جو سنڌي ادب ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ بهترين شاعر ۽ اديب آهي. جنهن سنڌي ادب کي پنهنجا چار ڪتاب ۱.”سڄڻ ۽ ساڻيهه” شاعري ۲. “املهه انسان” (رئيس امداد علي خان چانڊيي جي مختصر سوانح حيات) ۳. سنڌي ادب جا سونهري باب (قلمي) ۽ ۴. “ڌرتيءَ جا ڌنڱ” (سنڌ جي تاريخ سوالن جواب ۾) قلمي ڏئي سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو آهي.

سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تنظيم “سنڌي ادبي سنگت” ۾ به رشيد خانواهي جو اهم ڪردار آهي ۽ هينئر به پاڻ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جو ضلعه رابطه سيڪريٽري آهي. جنهن جي ذريعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان بيحد پيار ۽ محبت جو اندازو به سندس ئي شعر مان هن طرح لڳائي سگهجي ٿو.

سنائي، گدائي ۽ ساميءَ جي ٻولي

بخاري، ڀٽائي ۽ حاميءَ جي ٻولي

خدايا سلامت هي رک تا قيامت

رشيدڻ چئي راشد ۽ جاميءَ جي ٻولي.

No comments:

راءِ ڏيندا