باغ محمد “بيشڪ”
اھو سگھڙ جنھن ڪراچيءَ
کان ڪڇ تائين اُٺ تي سفر ڪري ڏات ورھائي!
جوکيو جسارت
الياس سنڌي
سنڌ جو ڪوھستان سگھڙائپ
جي حوالي سان ھميشه شاھوڪار خطو رھيو آھي. ان ڏس ۾ سموري ڪوھستان ۾ سگھڙ شاعرن جو
وڏو سلسلو ملي ٿو، پر ڇَپَر جي تاريخي ماٿري مالماڙيءَ ۾، باغ محمد “بيشڪ” جوکيو
جھڙو، ورلي ڪو ٻيو سگھڙ ٿيندو، جنھن جي شاعري ھتان جو ھر ماڻھو شوق سان پڙھي ٿو!
مالماڙيءَ ۾ سکئي
خان بن جان محمد جي گھر ۾ ۱۹۱۰ع (ياد رھي ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارن سندس جنم سال
۱۹۰۸ع لکيو آھي، پر سندس خاندان مطابق درست جنم جو سال ۱۹۱۰ع آھي) ۾ پئدا ٿيندڙ باغ محمد جي فرزند عبدالحنان
جوکئي (جيڪو پاڻ به تاريخ جو شاگرد آھي) ٻڌايو ته، کيس ننڍپڻ کان ئي اٺ سواريءَ
سان وڏو عشق ھو. جنھن ڪري، ھن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، ڪيٽي بندر سان تعلق رکندڙ جت
قبيلي جي دوستن سان اٺن تي، ڪراچيءَ کان ڪڇ ڀُڄ جي علائقي - ٻنيءَ تائين، سفر ڪري،
لطيف جي پارکو سگھڙن سان ڪچھريون ڪيون. جن جو مٿس ايڏو اثر پيو، جو پاڻ به سگھڙ ٿي
ويو. ان دوران، جڏھن ھو سامونڊي پٽيءَ جي شھر جاتيءَ ۾ رھيل ھو، تڏھن ھن مجازي
محبت جو جام به پيتو ۽ ڪنھن ناريءَ سان سندس دل لڳي وئي، تڏھن ئي چيائين: :
چوڏھينءَ جي چنڊ جھڙي،
حور ڏٺم ھيڪلي!
ڪاھيو وئي ڪيچيءَ پٺيان،
عورت موتيءَ مثلي!
باغ محمد بيشڪ،
نورن ٿي ناٽ ڪيا،
جھانجھر جھمڪو
لايو، خوشيءَ مان سا کلي! چوڏھينءَ جي چنڊ جھڙي....
سندس اھو عشق جڏھن
جدائيءَ تي پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو، ته ھي حقيقي عاشق بڻجي پيو ۽ کيس سڪون تڏھن مليو،
جڏھن ھن پنھنجي مرشد لعل قلندر شھباز سيوھاڻي ۽ غوث بھاؤالدين ملتانيءَ جي درن جي
حاضري ڀري. انڪري سندس شاعريءَ ۾، سگھڙائپ جي سمورن رنگن سان گڏ، تصوف جا راز پڻ
سمايل ملن ٿا.
۱۹۵۰ع جي ڏھاڪي ۾، مالماڙي جي عظيم ۽ اول ليکڪ عبدالعزيز جوکئي، ماھوار نئين
زندگيءَ ۾ پنھنجي ھن ڀاءُ باغ محمد تي مضمون لکي، کيس سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايو. ان
کانپوءِ جلد ئي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جي لوڪ ادب تي تاريخي ڪم ڪرڻ جي
شروعات ڪرڻ لاءء، ڪارو جبل ۽ آس پاس گھمڻ آيو. جنھن جو ذڪر ھن ٻيلاين جا ٻول ۽ رھاڻ
ھيرن جي کاڻ ۾ به ڪيو.
باغ محمد پنھنجي
سموري زندگي پگھر وھائي، مزدوري ڪئي. ھن اوٺار بڻجي، مالماڙيءَ کان جنگشاھيءَ
تائين بار ۽ مال ڍويو ته، جنگشاھي ريلوي اسٽيشن ڀرسان انگريزن جي ٺاھيل جانچ چوڪي
لڳ مشھور “اٺ جي ٿوڻيءَ” وٽان ھَٽَ جو سامان سودو، مالماڙيءَ ۾ وڪڻيو ۽ “اُٺ جي
کَلَ مان کرڙ” ٺاھڻ واري ڪِرت به ڪئي! ان طرح ھن ھر پورھيي سان پيار ڪيو. پاڻ
چوندو ھو ته، “گھر ويٺي ڪمائي کائڻ کان وڌيڪ طاقت ۽ توانائي، ھلي ڦري محنت ڪري ڪمائڻ
۾ ملي ٿي”.
ھن جي دوستي نه صرف
سگھڙن ۽ درويشن سان ھئي، پر ان زماني جي نوجوانن سان به سندس سٺو وقت گذرندو ھو.
سندن جوڙ ۾، ۱۹۵۰ع کان مخدوم طالب الموليٰ جي شعر و سخن مان فيضياب ٿيندڙ، ٻيا مقامي نوجوان
پختا شاعر جھڙوڪ؛ جان محمد “جانباز”، عبدالحق “عابد سروري” ۽ محمد الياس “ھمغم” به
شامل ھوندا ھئا. اھي سڀ پنھنجي استاد عبدالعزيز جوکئي جي سرواڻيءَ ۾ “مچ تي مارڪا”
رکي، ھر ڀيري سگھڙ باغ محمد کي، محفل جو مور ڪري وچ تي ويھاريندا ھئا ۽ کانئس
سکندا ھئا.
ھونئن ته باغ محمد
جاتيءَ جي سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ چند درجا ۽ جنگشاھيءَ ۾، پنھنجي استاد دلمراد وٽ
صرف قرآن پاڪ پڙھيل ھو، پر سندس وڏي فرزند حاجي محمد صابر مطابق؛ کيس سنڌي ٻوليءَ
کان علاوہ اردو، عربي، سرائيڪي ۽ انگريزي ٻوليون لکڻ ۽ پڙھڻ به اينديون ھيون. اھو ئي
سبب آھي جو سرائيڪي ٻوليءَ ۾ به سندس شاعري ملي ٿي. سندس تعلق ڪوھستان سان ھجڻ ڪري،
ھن نه صرف، ڪوھستاني لھجي ۾ شعر چيا، پر سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لھجن جھڙوڪ؛ اترادي، ڪڇي،
مارواڙي ۽ وچولي لھجي جو اثر به سندس شاعريءَ تي ڏسجي ٿو.
ھو ٻوليءَ جو پارکو
ھو، جيڪو ويا ڪرڻ جي علم حاصل نه ڪرڻ باوجود، درست سنڌي ٻولي ڳالھائيندو ۽ لکندو
ھو. پاڻ ڪيترن ئي سگھڙن سان خط ذريعي رابطي ۾ ھوندو ھو. ھن پنھنجي وطن جي حب کي
پنھنجن شعرن ۾ مارئي جي واتان بيان ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ سندن اڻ ڇپيل ڪتاب “ڪلياتِ
باغ” ۾ مارئي بابت چيل ڪُل ھڪ سئو کن بيت ملن ٿا. باغ محمد جي شعرن ۾، سندس نالو “باغ
محمد” ۽ تخلص “بيشڪ” استعمال ٿيل آھي. ڪليات باغ ۾ سندس دوھا چند ۽ سورٺا چند طرز
جا بيت، ڪافيون، غزل، نعتيه ڪلام، ڏوھيڙا، وايون ۽ نظم وغيره ملن ٿا، جن ۾ ٻوليءَ
جو وڏو خزانو موجود آھي. ھو بحر وزن ۽ علم عروض جي اصولن جو به ڄاڻو ٿو ڏسجي، جيڪا
کيس باقي سگھڙن کان الڳ سڃاڻپ ڏياري ٿي.
باغ محمد ھڪ سٺو
منظرنگار به آھي. جڏھن ھو جاتيءَ ۾ آدم ڪڇيءَ نالي شخص جي ھوٽل تي گراھڪن جي رش کي
ڏسي ٿو ته اھو منظر، ھن سھڻي طريقي سان پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿو:
وھ واھ آدم، ڪڇي ڪڇي!
تنھنجي ڳالھ آھي، اڇي
اڇي!
ھاڻي تو ھوٽل بنايو،
جاتيءَ ۾ تو دم دمايو،
باريءَ تنھنجو بخت
ورايو، اھا آھي سڀ سچي سچي!
باغ محمد چڱي چانھ
بناءِ، ڪوپ ساسر ڪر صفا،
پڙھي ڪلمو ڪر ياد خدا،
جنھن برڪت آ وڌي وڌي!
ڪوھستان جي شادين ۾،
سندس مداح ۽ مولودن کي سنڌ جا ناليوارا مولودي جڏھن پڙھندا آھن، ته ان وقت جذباتي
منظر ٿي ويندو آھي. گھوٽ جي اُٺ تي چڙھي، خاص ڪري سرڪس گھمڻ مھل جڏھن “ٻڌ مولھيو
مرسل يار الا، ٿي سونھي تنھنجي دستار!” شغل ڪري وڏي آواز ۾ پڙھندا آھن، ته ان وقت ڪوھستان
جا جبل، باغ محمد جي شاعريءَ سان گونجي پوندا آھن.
باغ محمد کي ٽي فرزند
۽ چار نياڻين جو اولاد آھي. پاڻ سوين مداح ۽ عاشق ڇڏي، ۷۵ سالن جي عمر ۾، ۲۶ فيبروري ۱۹۸۴ع تي خالق حقيقي کي پيارو ٿي ويو. کيس
جنگشاھي جي تاريخي قبرستان ۾، مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جتي اڄ به سندس آخري
آرامگاھ موجود آھي.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ آچر ۲۰ فيبروري ۲۰۲۲ع تي “ڪاوش دنيا مئگزين” جي شماري ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا