; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو

24 February, 2022

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو

سندس وڇوڙي تي سنڌ پنهنجي صدوري پُٽ کان محروم ٿي وئي

رحيم بخش جماڻي



(ملڪ جي نامياري سياسي شخصيت شهيد الله بخش سومري جو پوٽو ۽ مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي ۽ سندس ڪورونا ٽيسٽ به ناڪاري آئي هئي، پر صحت جي حوالي سان ڪجهه ٻين پيچيدگين جي ڪري هو، هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ هليو ويو. هو نه رڳو هڪ بهترين پيشيواراڻو ڊاڪٽر هو بلڪه هڪ سٺو سياستدان، هڪ سٺو انسان، بهترين دوست، پنهنجي خاندان جو هڪ منفرد ڀاتي، پنهنجي ڏاڏي جو پيروڪار ۽ مشڪل وقت ۾ هر هڪ جي اميدن تي پورو لهندڙ املهه ماڻهو هو. سندس وڇوڙي جي ڏک ڀري خبر ٻُڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، ڊڪٽر يونس سومرو واقعي هڪ بهترين ڀاءُ ۽ سڀني دوستن، مٽن مائٽن، عزيزن ۽ عام ماڻهن جو خيال ڪندڙ هو. سندس وڇوڙو نه صرف سومرو خاندان پر پوري طبي شعبي جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن، شڪارپور سميت پوري سنڌ جو تمام وڏو نقصان آهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو سندس روح کي عافيت بخشي، سندس مغفرت ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. حديث پاڪ ۾ آهي ته “ڪنهن به وبا ۽ مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري فوت ٿيندڙ شهيد آهي.” شهيد ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جون خدمتون وسرڻ جوڳيون ناهن ۽ هو هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.)


اِهو پيغام عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻ، قابلِ احترام قاضي اسد عابد پاران واٽس ايپ ذريعي موصول ٿيو، جنهن بعد مون پنهنجن پُراڻن فائلن جي ڦهلوڙ ڪئي ته جيئن ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جي حوالي سان ڪو خاڪو لکي سگهان. اها ڳوليندي پنهنجي ئي هڪ تحرير سامهون اچي وئي، جنهن مان ڪجهه حصو پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو ته جيئن هو ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جو احوال ڄاڻي سگهن.

انسان دوست، انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪندڙ، مسيحا، پروفيسر، ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو، سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي سومرا خاندان جي اهم شخصيت، شهيد الله بخش سومرو جي فرزند حيدر بخش سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. اسلامي تعليم، دين پور محلا ۾ قائم مدرسه اشرفيه عربيه مان حاصل ڪئي. ۷ سالن کان پوءِ ڪوئٽيا ۾ گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي ڊبل امتحان ڏئي، چوٿين ڪلاس ۾ داخل ٿيو. ڪراچي جي مشهور سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان به تعليم حاصل ڪيائين. شڪارپور جي مشهور سي اينڊ ايس ڪاليج مان ۱۹۶۶ع ۾ انٽر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۷۲ع ۾ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڪيائين. ۱۹۷۱ع واري جنگ دوران هو ۳ سال فوج ۾ پڻ رهيو. ڏيڍ سال آءِ ايس آءِ ڪوئٽيا ۾ ڊاڪٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. ۷۵-۱۹۷۴ع ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت دوران ميڊيڪل آفيسر رهيو. ۱۹۷۵ع ۾ آرمي ڇڏيائين ۽ ۱۹۷۶ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو. جتي ساڍا اٺ سال تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه مختلف سروسز به ڪيائين. هڏن جي بيمارين جي ڊگري (ايف آءِ سي ايس) جيڪا دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي ڊگري شمار ٿئي ٿي سا حاصل ڪيائين ۽ هڏن جي بيمارين جو ماهر سرجن بڻيو. وطن واپس ورڻ کان پوءِ ۱۹۸۴ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين. ۷ سالن بعد ۱۹۹۰ع ۾ پروفيسر ٿيو. ۲۰۰۷ع ۾ ۲۱هين گريڊ ۾ رٽارئر ٿيو.

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ڪيترن ئي ملڪن روس، آمريڪا، چائنا، جپان ۽ آسٽريليا ۾ به پڙهائي ڪري ڊگريون ورتيون. روس ۾ پوليو ۾ مبتلا ڪيترين ئي نينگرين جو علاج ڪيائين. پوليو ۾ مبتلا هجڻ ڪري انهن ڇوڪرين جي شادي ٿيڻ ممڪن نه هئي، تنهن ڪري انهن جون ڄنگهون ٺاهي کين پيرن تي بيهاريائين.

ڊاڪٽر يونس حيدر کي مڃتا طور صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ڪيئي ڀيرا ڪراچي ۾ دنيا جي ماهر هڏن جي ڊاڪٽرن کي ملندڙ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. سارڪ ملڪن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن جو صدر به رهيو، جيڪو وڏو اعزاز ليکيو وڃي ٿو. سال ۲۰۰۶ع ۾ هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن لاءِ جاپان ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪيائون.

ڊاڪٽر يونس حيدر پٺ تي پيل علائقن جي ماڻهن کي صحت جون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو. سندس شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو سان خانداني واسطا هُئا، ستر واري ڏهاڪي ۾ هُن اليڪشن دوران پ پ جي مدد پڻ ڪئي، ون يونٽ دوران نارا جيل به ويو. جڏهن ته ۲۰۱۳ ۾ پاڻ باقاعده پ پ ۾ شموليت به اختيار ڪيائون ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير جا فرض پڻ انجام ڏنائون.

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو هر قسم جي متڀيد کان پرانهون هُو، علاج لاءِ وٽس ڪير به ايندو هو ته، دل جان سان اُن جي مدد ڪندو هو. خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن توڙي بلوچستان مان آيل غريب ماڻهن سان کيس تمام گهڻي همدردي هوندي هُئي، هُو اُنهن جي ڀرپور نموني مدد ڪندو هو، ڪنهن کي جي روزگار جي ضرورت هوندي هُئي ته اُن لاءِ به وت ۽ وس آهر پوري ڪوشش ڪندو هو. سنڌ ۾ ٻه هزار ڏهه ڌاري آيل ٻوڏ دوران سندس جذبو ڏسڻ وٽان هو، پاڻ شڪارپور کي بچائڻ ۽ ٻوڏ ستايل خاندانن کي کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ رهائش به ڏنائون. مطلب ته جيستائين حال حيات هو، نه رُڳو شڪارپور پر پوري سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو. هُن جي وڇوڙي سان هڪ ئي وقت سياست توڙي ميڊيڪل جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي، ڇو ته اهڙا ماڻهو ورلي ئي جنم وٺندا آهن، جيڪي پنهنجي ذات ۾ اداري جي حيثيت رکندا هجن. اسين سندس وڇوڙي تي ڏکارا آهيون ۽ عبرت گروپ جي سرواڻ قاضي اسد عابد سميت پوري سٿ پاران سندس خاندان سان ڏُک ۾ پاڻ کي برابر جو شريڪ سمجهون ٿا ۽ اِهو به يقين اٿئون ته موت هُن کي اسان جي دلين تان ڪڏهن به ميساري نه سگهندو.


پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو

شڪارپور جي شاهي باغ مان ڇڻي ويل ھڪ گل- سندس وڇوڙي تي

سارنگ منير سومرو

هڪ سڃاڻپ هڪ تعارف هُن جي پوري زندگيءَ سان سلهاڙيل رهيو ته هو جتي به رهيو سادو، سٻاجهڙو، سچو ۽ کرو رهيو، زندگيءَ جي هر موڙ تي سادگيءَ ۾ نمايان نظر ايندڙ پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جي سچائي ۽ ايمانداريءَ تي مان حيران تڏهن ٿيس، جڏهن هو ۲۰۱۳ع ۾ نگران وفاقي وزير ٿيو ته هِن پهريان ئي مليل سيڪيورٽيءَ کي واپس ڪندي چيو هو ته “پوري عمر زندگيون بچايون آهن، عوام مان دعائن جي اميد آهي، باقي دشمني مون غريب سان ڪير رکندو، انهيءَ لاءِ سيڪيورٽي وارن کي تڪليف نٿو ڏيڻ چاهيان”. ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي مون پوري زندگي مسيحا جي روپ ۾ ڏٺو، هن جنهن به مريض جي نبض ڏٺي، هن ڪڏهن به انهن جي رنگ، نسل ۽ کيسي ڏانهن نه نهاريو، هن انهي جذبي سان انهن مريضن کي ڏٺو، جيڪو جذبو هن جو پنهنجي اولاد سان هوندو هو، هن ڊاڪٽر هوندي گاڏيون، بنگلا ۽ پلاٽ نه ٺاهيا، هن ڊاڪٽر هوندي انسانيت جو مان مٿانهون ڪيو، هن ڊاڪٽر هوندي تعلقات اهڙا جوڙيا جو هو جڏهن نگران وفاقي وزير ٿيو ته ائين پئي لڳو ته هو ڪو جهونو سياستدان آهي، هن جون وڏيون ياريون باشيون آهن. پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي مون زندگيءَ ۾ تمام ويجهو ڏٺو، هن جو جڏهن نگران وفاقي وزير لاءِ مون ٽي وي تي نالو پڙهيو هو ته مون هن کي ايڊوانس مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪئي، جنهن تي هن جواب ۾ چيو هو ته “تمام گهڻو پريشان آهيان، سنگت زور ڀريو آهي ته سڀاڻي اوهان نگران وفاقي وزير جو حلف کڻندئو، مون چيو ته مان ڪلينڪ هلائيندو آهيان، منهنجا مريض رلي ويندا ۽ اهم آپريشن رهيل آهن، انهن جو ڇا ٿيندو”، انهيءَ معاملي تي هو وڏي ضد ۾ هو ته مان حلف نه کڻان، پر سنگت هن کي مجبور ڪيو ۽ آخرڪار پنهنجي ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين دوستن جي اسرار تي ۲۰۱۳ع واري نگران دور ۾ ڊاڪٽر يونس وفاقي وزير جو حلف کڻي شڪارپور پهتو، جنهن شڪارپور پهچڻ سان ئي پنهنجي ڏاڏي شهيد الهه بخش سومرو جي مزار تي حاضري ڀري. شهيد الهه بخش سومرو سان واعدو ڪيو هو ته مان ڪنهن به شعبي ۾ هجان، اوهانجو مان مٿانهون رکندس ۽ ائين ئي ٿيو. هن شهيد الهه بخش سومرو جو مان مٿانهون ڪيو، هن ٽن مهينن جي نگران دور ۾ قومي خزاني مان هڪ رپيو به ڪرپشن ته ڇا پنهنجي مٿان به خرچ نه ڪيو، هو ماني به پنهنجي پئسن جي کائيندو هو، ايندڙ ويندڙ مهمانن جي خدمت پنهنجي کيسي مان ڪندو هو.

عام طور ڏٺو ويو آهي ته هِن ملڪ ۾ ڪوبه وزير ٿيندو آهي ته هو ڪرپشن ۽ ناجائز اختيار استعمال ڪرڻ ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، پر هن وزارت ۾ هوندي پنهنجو ذاتي خرچ ڪيو. مون کي ياد آهي اسان جي شڪارپور جو هڪ نوجوان نگران صوبائي وزير ٿيو هو، جنهن وزارت جو ٽائيم پورو ٿيڻ وقت رات جو پوري ٻارهين وڳي سيڪيورٽي ڇڏي هئي ۽ انهيءَ رات جو ٻارهين وڳي تائين آفيس ۾ ويهي بل ٺاهڻ سميت ذاتي فائدي وارا ڪم ڪيا هئا. پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو سنڌ جي اها واحد شخصيت هو، جيڪو وفاقي وزير هوندي به صبح جو وزارت واري آفيس ۾ ۽ شام جو ڪلينڪ تي ويهندو هو، وري رات جو آپريشن ڪري پنهنجي زندگيءَ جو گذر سفر اتان ڪندو هو، انسان دوست، انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪندڙ ۽ مسيحا پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو شڪارپور جو اهو سڄاڻ چهرو هو، جنهن شڪارپور سميت پوري سنڌ جي ماڻهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. شڪارپور جي سومرا سياسي خاندان سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر يونس سومري جو سياسي گهراڻي سان واسطو هوندي به پهريان سياست کان پري رهيو ۽ هو نگران وفاقي وزير کانپوءِ سياست کي ٽائيم ڏيڻ لڳو. ڊاڪٽر يونس سومرو جي خاندان مان ڪيترا ئي ناليوارا سياستدان آهن، جن ۾ هن جو ڏاڏو شهيد الهه بخش سومرو، هن جو چاچو جهونو سياستدان مرحوم رحيم بخش سومرو، هن جو ننڍو ڀاءُ قومپرست اڳواڻ جنيد احمد سومرو، وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اڳوڻو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر الاهي بخش سومرو، شڪارپور جو ميونسپل چيئرمين عقيل عباس سومرو ۽ ٻيا سياستدان آهن. شهيد الهه بخش سومرو جي فرزند حيدر بخش عرف مٺو خان سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر يونس سومرو ۱۷ آگسٽ ۱۹۴۶ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. ۷ ورهين کانپوءِ ڪوئيٽا ۾ گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي، شڪارپور جي مشهور سي اينڊ ايس ڪاليج مان ۱۹۶۶ع ۾ انٽر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. ۱۹۷۲ع ۾ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي، هن زندگيءَ جي شروعات فوج کان ڪئي. ۱۹۷۱ع واري جنگ دوران هو ۳ سال فوج ۾ رهيو، ڏيڍ سال ٻين ملڪي ادارن ۾ ڊاڪٽري جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ۷۵-۱۹۷۴ع ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت دوران ميڊيڪل آفيسر رهيو. ۱۹۷۵ع ۾ آرمي ڇڏيائين ۽ ۱۹۷۶ع ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو، جتي ساڍا اٺ سال تعليم حاصل ڪرڻ کان علاوه مختلف سروسز به ڪيون. هڏن جي بيمارين جي ڊگري (ايف آءِ سي ايس) جيڪا دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي ڊگري شمار ٿئي ٿي، سا حاصل ڪئي ۽ هڏن جي بيمارين جو ماهر سرجن بڻيو. وطن واپس ورڻ کانپوءِ ۱۹۸۴ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين ۽ ۱۹۹۰ع ۾ پروفيسر ٿيو. ۲۰۰۷ع ۾ ۲۱هين گريڊ ۾ رٽارئر ٿيو، هو پروفيسر هوندي شڪارپور واسين لاءِ ڇپر ڇانوَ هو.

مون کي ياد آهي جڏهن منهنجي هن سان واقفيت نه هئي، مان ڀيڻ جي چيڪ اپ لاءِ ڪراچيءَ اچي رهيو هئس ته مون کي هڪ دوست ٻڌايو هو ته ڪراچي سول اسپتال ۾ شڪارپور جو هڪ پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو اٿئي، ان کي ٻڌائجان ته مان شڪارپور جو آهيان، تنهنجي مڪمل مدد ڪندو ۽ مون ائين ئي ڪيو ته هن ڪافي مدد ڪئي هئي، هو ڊاڪٽريءَ ۾ هجي يا سياست ۾، هن لاءِ مشهور هو ته هو شڪارپور جي ماڻهن لاءِ دل ۽ جان سان مدد ڪرڻ جي ڪوششون ڪندو آهي. ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ڪيترن ئي ملڪن روس، آمريڪا، چائنا، جاپان، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ به وڃي پڙهائي ڪري ڊگريون ورتيون. ڊاڪٽر يونس سومرو روس ۾ پوليو ۾ مبتلا ڪيترن ئي ڇوڪرين جو علاج ڪيو، جن ڇوڪرين جي پوليو ۾ مبتلا هجڻ ڪري انهن ڇوڪرين جي شادي ٿيڻ ممڪن نه هئي، پر ڊاڪٽر يونس سومرو انهن جو علاج ڪري انهن جي زندگيءَ کي عام بڻايو، جنهن تي روس جي حڪومت سندس کي ميڊل سان نوازيو هو. ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي ڊاڪٽري شعبي ۾ خدمت عيوض مڃتا طور ٻه صدارتي ايوارڊ مليل آهن. ڪجهه سال اڳ ستاره امتياز جو اعزاز رکندڙ ڊاڪٽر يونس سومرو دنيا جي ماهر هڏن جي ڊاڪٽرن کي ملندڙ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪيو. سارڪ ملڪن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون سنڌي شڪارپور جو ڊاڪٽر هو، جيڪو ڊاڪٽرن جو صدر پڻ رهيو، جيڪو وڏو اعزاز ليکيو وڃي ٿو. هِن وقت پاڪستان جي مشهور آرٿيوپيڊڪ ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ۽ ڊاڪٽر محمد علي شاهه جا نالا سرفهرست آهن. پوري زندگي پيغمبري پيشي کي ڏئي زندگيءَ جو ڪجهه حصو سياست کي ڏيندڙ ڊاڪٽر يونس کان مون هڪ ڀيري پڇو هو ته اوهان کي سياست ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي، هاڻي اوهان جي سياست ۾ ڪاميابي جو ڪهڙو سبب آهي، جنهن تي هن چيو هو ته منهنجو زندگيءَ سان واعدو ٿيل هو ته زندگي ٻين لاءِ جيئندس، ان ڪري ڊاڪٽري شعبي کي ڪڏهن به نه ڇڏيندس. سياست ۾ اچڻ جو هڪ ئي سبب هو ته مون جڏهن پنهنجي ڀاءُ مرحوم جنيد احمد سومرو جو جنازو ڏٺو ته حيران ٿي ويس ته هن ايتري عزت ڪمائي، جيڪا عزت مون پنهنجو سرمايو سمجهي جنهن کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ سياست جو رخ اختيار ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو جا ڪيترا ئي سياسي ۽ ڊاڪٽر دوست هئا، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ڊاڪٽر اديب رضوي، شهيد اڪبر بگٽي، ڊاڪٽر عاصم، مير هزار خان بجاراڻي، جميل بگٽي، نواب ذوالفقار مگسي، ملڪ حيدر، عاشق جتوئي ۽ ٻيا هزارين دوست رهيا.

ڊاڪٽر يونس سومري جي سياست ۽ شخصيت جي سڃاڻپ صرف عوامي رهي، هو جتي به رهيو، عوام جو رهيو، شڪارپور جي شاهي باغ جي گلن جهڙي ڇانوَ ڏيندڙ شڪارپور جو امر ڪردار جي وڇوڙي تي ائين پيو لڳي ڄڻ شڪارپور جي شاهي باغ مان پوري شڪارپور جي عوام کي خوشبو ڏيندڙ هڪ اهڙو گل ڇڻي ويو آهي، جنهن گل جو جنم ئي شڪارپور جي خوشين ۽ خوشبوءِ لاءِ ٿيو هو. پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو اسان کان گذريل ڏينهن ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي صبح جو ساڍي ستي وڳي ڪلفٽن جي ضياءَ الدين اسپتال ۾ وڇڙي ويو، جنهن جي جنازي نماز ڪراچيءَ جي سي ويو وٽ هڪ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. ان کانپوءِ پروفيسر ڊاڪٽر يونس سومرو کي ڪراچيءَ ڊفينس واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو


ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو

خاموش خدمتگار

نثار کوکر

ڪورونا جي هلندڙ هن اڀاڳي وبائي سيزن دوران هونئن ته ڪيترن ئي انسانن جون قميتي جانيون ضايع ٿيون آهن پر موت جي ان اداس موسم دوران ڪي ڪي اهڙا ماڻهو به وڇڙي ويا آهن جن جي وفات تي هر طرف کان دانهن نڪري وئي آهي ته ابول ڪورونا اهو قهر به ڪري ڇڏيو.اهڙن ئي انسان جي وڇوڙي تي مير حسن مري پنهنجي ڪمينٽ ۾ لکيو هو ته اها نڀاڳي وبا سنڌ جا سمورا ڪم وارا ماڻهو پئي کسيندي وڃي.اهو ڪمينٽ هر ڪنهن جي وات تي انڪري به هيو جو نثار احمد صديقي بعد ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو به وفات ڪري ويو.سندس خاندان موجب هن ڪورونا کي شڪست ڏني هئي ۽ وينٽيليٽر تان به لهي ڪمري ۾ منتقل ٿيو هو پر لاڳيتي وينٽيليٽر سبب سندس جسم اندر زخم ٿي پيا جيڪي ڀرجي نه سگهيا.ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي ڪراچي کان شڪارپور، لاهور ۽ ڪوئيٽا تائين ماڻهن انڪري به ڀرپور احترام سان ياد ڪيو آهي جو هو چند اهڙن ماهر ڊاڪٽرن منجهان هيو جيڪي پروفيشنل هجڻ سان گڏوگڏ سماجي رشتا ناتا نڀائڻ ۽ پنهنجي آهر پنهنجي ماڻهن جي خاموشي سان خدمت ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندا هئا.

اهڙو ئي هنر ڊاڪٽر يونس ۾ شايد سندس ڪيرئير جي شروعاتي ڏينهن کان هيو ڇو ته سندس شاگرد ٻڌائين ٿا ته ڊاڪٽر کي هميشه اهو فڪر هوندو هيو ته جيڪب آباد، شڪارپور يا سکر لاڙڪاڻي جو ماڻهو صرف هڏن جي بيماري جي علاج خاطر ڪراچي جو پنڌ ڇو ڪري؟ انکي اتي ئي سندس گهر ويجهو ڪو هڏن جو ماهر ڊاڪٽر ڇو نه مليل هجي.هو پنهنجي علم مان ونڊ ڪرڻ وارو ماهر هيو.چون ٿا ته ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڊاڪٽر يونس سومرو ۽ ڊاڪٽر ممتاز مهر ايف آر سي ايس ڪرڻ انگلينڊ ويا ته کين اتي ئي پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد نوڪريون ملي ويون.اهي ٻئي جيئن ته روم پارٽنر به هئا تنهنڪري ٻنهي هڪ رات ويهي بحث ڪيو ته ڇا اسان جي علم حاصل ڪرڻ جو اهوئي مقصد هيو ته انگلينڊ جي موسم ۾ ويهي پئسا ڪمايون ته ٻنهي مان ڪنهن هڪ جواب ڏنو نه، اسان جو علم اسان جي ماڻهن جي ڪم اچڻ گهرجي.ٻنهي وچ ۾ان رات طئه ته الائي ڇا ٿيو پر ٻنهي ماهر ڊاڪٽرن پنهنجي بيگ تيار ڪيا ۽ واپس اچي ڪراچي لٿا.جتي هاڻي ته ٻنهي جي وڏي هاڪ آهي پر ابتدائي ڏينهن ۾ هڪ ڪمري واري عمارت وٺي هڪ ئي ڪلينڪ ۾ ٻئي ڄڻا پريڪٽس ڪندا هئا.هاڻوڪن ڊاڪٽرن کي ڪجهه عجيب لڳندو پر جڏهن ڊاڪٽر مهر جو مريض ايندو هيو ته ڊاڪٽر سومرو ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ جڏهن ڊاڪٽر يونس جو مريض ايندو هو ته ڊاڪٽر مهر ڪمري کان ٻاهر هوندو هيو.پر اهي ڏينهن ڪي گهڻو وقت رهڻا نه هئا ۽ ڪجهه ئي سالن اندر ٻئي ڄڻا ڪراچي ۾ هڏن جي ماهر ڊاڪٽرن طور سڃاپجڻ لڳا. هونئن ته ڪيترا ئي ماهر ڊاڪٽر اسان جي آسپاس موجود آهن جن منجهان ڪجهه ته علم جا سخي هوندا آهن پر ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن ۾ پراڻن حڪيمن واري اها بيماري عام هوندي آهي ته پنهنجو نسخو ڪنهن ٻئي شاگرد کي ناهي ڏيڻو.اهڙن ڪردارن جي المياتي زندگي تي وري ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو ته ڪيئن نه انهن کي عمر جي آخري حصي ۾ پنهنجو اهو اولاد به اڪيلو ڇڏي ٿو وڃي جن خاطر هنن پنهنجو پاڻکي پئسي ڪمائڻ جي مشين بڻائي پنهنجي اولاد کي اي ٽي ايم ڪارڊ هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو هو پر هن ڀيري ذڪر سنڌ جي ان سلڇڻي اولاد ڊاڪٽر يونس حيدر سومري جو جنهن پنهنجي علم جو خزانو پنهنجي شاگردن لاءِ هميشه کولي رکيو.جيئن ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ صاحب بابت چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به وڃو اگر ڪو سنڌي اکين جو ماهر ڊاڪٽر نظر اچي وڃي ته سمجهو ان جي تربيت ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جو حصو پتي ضرور هوندو تيئن ئي هاڻي سنڌي نوجوان آرٿوپيڊڪ سرجنز جي جيڪا کيپ تيار ٿي هر علائقي ۾ ڪم پئي ڪري ان جي تربيت يا همٿائڻ ۾ ڪٿي نه ڪٿي پسمنظر ۾ ئي سهي پر ڊاڪٽر يونس حيدر سومري جو هٿ توهان کي نظر ايندو.

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو پاڻ ته ۲۰۰۸ع ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سروسز مان آرٿوپيڊڪ سرجري شعبي جي سربراهه طور ريٽائر ٿيو پر سندس ڪم ڪنهن نه صورت ۾ جاري رهيو.ملڪ جي ٻين سرجنز يا ماهر ڊاڪٽرن جي طبيعت جي ابتڙ هي تمام سوشل ماڻهو هوندو هيو ۽ سندس ڪلينڪ تي اڌ کان وڌيڪ مريض مفت چڪاسيا ويندا هئا.انهن ۾ اڪثريت سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن ماڻهن جي هوندي هئي.ڊاڪٽر يونس پنهنجي پروفيشن ۾ لاهور واري ڊاڪٽر عامر عزيز جيان واضح هيو ته مريض ڏسڻو آهي ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به گروهه سان هجي پر اسان لاءِ اهو مريض آهي.لاهور واري ڊاڪٽر عامر عزيز اسامه بن لادن جي ڪرنگهي واري هڏي جو علاج ان دور ۾ ڪيو هيو جڏهن مشرف دور ۾ آمريڪا سندس ڳولا ڪري رهيو هو.بعد ۾ عامر عزيز گرفتار به ٿيو پر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جيئن ته ڪنهن عسڪريت پسند جو فين نه هيو تنهنڪري وٽس سنڌ جا سياستدان عام جام علاج ڪرائڻ ايندا هئا.

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جيئن ته سنڌ جي پهرئين وزيراعليٰ شهيد الله بخش سومري جو پوٽو هو تنهنڪري پنهنجي ماڻهن جي خدمت جي ڪشش هن جي طبيعيت ۾ به شامل هئي. شايد تڏهن ئي عمر جي آخري حصي ۾ هن سنڌ کي هڏن واري شعبي جو هڪ خودمختيار ادارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.جيئن ڊاڪٽر اديب رضوي ايس آئي يو ٽي تيار ڪيو آهي تيئن ئي ڊاڪٽر يونس حيدر سومري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آرٿوپيڊڪس اينڊ ٽرامالوجي ٺاهڻ پئي چاهيو جنهن جي سموري ڪاغذي ڪارروائي ڪري اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي گورنر تائين پهچايائين.ان وقت ايم ڪيو ايمي گورنر عشرت العباد تعصب جي بنياد تي اجايو سجايو اعتراض هڻي ڪاغذ واپس ڪيا ۽ اهو ادارو جڙي نه سگهيو.ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو کي هاڻي ته سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ هڏن جا ماهر ڊاڪٽر دل سان ياد ڪن ٿا پر ڇا سنڌ جي اها حڪمران پيپلزپارٽي جماعت به کيس ياد ڪندي جنهن کي هن ريٽائرمينٽ بعد باقاعده جوائن ڪيو هو.ڊاڪٽر يونس سومرو جهڙن ماهر ماڻهن کي هميشه ياد رکڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو به آهي ته سندس ياد ۾ هڏن جي سرجري جو اهو ادارو بحال ڪجي جنهنکي هڪ تعصبي گورنر رد ڪيو هو.سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آرٿوپيڊڪس اينڊ ٽرامالوجي سنڌ جي ماڻهن جي ضرورت ته آهي پر منصوبي جي بحالي سان ان سلڇڻي ۽ مخلص ڊاڪٽر يونس حيدر جو هڪ اڻپورو خواب مڪمل ٿي ويندو جيڪو هميشه پنهنجي علم جي سخا ڪندو رهندو هيو.


No comments:

راءِ ڏيندا