لتا منگيشڪر
(جنم: ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع -
۶ فيبروري ۲۰۲۲ع)
هندستان جي هن
مشهور گلوڪاره ۽ موسيقاره کي سندس مڌر آواز ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ سبب نه فقط هندستان
بلڪ سڄي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو ويندو رهيو. هن ۲۰۰۰ کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجا سر وکيريا آهن ۽
هندي، مرهٺي ۽ بنگاليءَ سميت ۳۶ کان وڌيڪ مقامي هندستاني ۽ ڪجهہ ٻاهرين ٻولين ۾ فلمي
گيت ڳايا آهن. سندس شاندار موسيقيءَ جو سفر ڇهن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. ۶ فيبروري ۲۰۲۲ تي ۹۲ عمر ۾ ڪرونا ۽ نمونيا جي ڪارڻن سبب لتا منگيشڪر گذاري
ويئي.
هوءَ هندستان جي
پھرين ڳائڻي آهي، جنهن کي ۱۹۷۴ع ۾ لنڊن جي رائل البرٽ هال ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو.
لتا منگيشڪر جو جنم
۱۹۲۹ع ۾ مڌيا پرديش جي شهر انڊور ۾ ٿيو. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر، مرهٽي
ڪلاسيڪي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ مقامي ٿيٽر ۾ اداڪاري به ڪندو هو. هو پنهنجي شهر ۾ ماسٽر
دينا جي نالي سان مشهور هو. لتا جي ماءُ جو نالو شيوانتي هو جنهن جو واسطو گجرات
سان هو. ڄمڻ وقت لتا جو نالو هيما رکيو ويو هو. سندس پيءُ جي ٿيٽر ۾ هڪ اداڪاره
لتيڪا ڪم ڪندي هئي. ان جو نالو لتا جي پيءُ کي اهڙو وڻيو جو هن پنهنجي ڌيءُ جو
نالو تبديل ڪري لتا رکيو. لتا موسيقيءَ جا ابتدائي سبق پنهنجي پيءُ کان سکيا. پنجن
سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن پنهنجي پيءُ سان گڏ مرهٺي ٻوليءَ جي سنگيت ناٽڪن ۾ حصو وٺڻ
شروع ڪيو. چون ٿا ته هوءَ اسڪول ۾ فقط هڪ ڏينهن وئي هئي. اسڪول جي پهرئين ڏينهن
هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ آشا کي به گڏ وٺي وئي هئي ۽ وڃڻ شرط ٻارن کي موسيقي سيکارڻ لڳي.
استادن جي منع ڪرڻ تي هوءَ ڪاوڙجي گهر موٽي آئي ۽ پوءِ ڪڏهن به ٻيهر اسڪول نه وئي.
لتا اڃا ۱۳ سالن جي مس هئي ته سندس پيءَ پرلوڪ پڌاريو.
ان بعد هڪ ويجهي عزيز هن خاندان جي سرپرستي ڪئي ۽ لتا کي هڪ گلوڪاره ۽ اداڪاره طور
ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. لتا سڀ کان پهريائين هڪ مرهٺي فلم ”ڪيتي هسال“ لاءِ گانو رڪارڊ
ڪرايو پر اهو گانو فلم رليز ٿيڻ کان پهرين فلم مان خارج ڪيو ويو. ان بعد هن ڪجه
مرهٺي فلمن ۾ ڪم ڪيو. ننڍپڻ ۾ هن جو آواز تمام سنهو هو ان ڪري هن کي ڳائڻ کان منع ڪيو
ويندو هو. هن همت نه هاري ۽ محنت جاري رکي ان ڪري آهستي آهستي هن جي سنگيت کي مڃتا
ملڻ شروع ٿي. هن پهريون هندي گانو ”ماتا اڪ سپوت ڪي، دنيا بدل دي تو“ مرهٺي فلم
”گجا ڀائو“ لاءِ ڳايو. اها فلم ۱۹۴۳ع ۾ رليز ٿي.
۱۹۴۵ع ۾ لتا ممبئي منتقل ٿي وئي جتي هن استاد امان علي خان کان ڪلاسيڪي
موسيقيءَ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. سندس پهرين هندي فلم ”آپ ڪي سيوا ۾“ هئي، جنهن ۾
هن اداڪاره ۽ گلوڪاره طور ڪم ڪيو. هن جي اوائلي فلمن ۾ ”ميرا بائي“، ”ماجهي بال“
”گجا ڀائو“ بال‘‘، ”ڇمڪلا دنيا“، ”بڙي مان“، ”زندگي سفر“ ۽ ڇتر شيواجي“ شامل آهن. ۱۹۴۸ع ۾ مشهور موسيقار ماسٽر غلام حيدر جي تربيت
هيٺ آئي. ۱۹۴۸ع ۾ ماسٽر غلام حيدر هن کي پروڊيوسر سشادر مکرجي وٽ وٺي ويو جيڪو فلم شهيد ٺاهي
رهيو هو، پر هن اهو چئي لتا کي واپس ڪري ڇڏيو ته هن جو آواز تمام سنهو آهي ۽ فلمي
گيتن لاءِ مناسب ناهي. ماسٽر غلام حيدر ڪاوڙ مان پروڊيوسر کي چيو ته هڪ ڏينهن سڀئي
پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر لتا جي پيرن تي ڪري هن کي سندن فلمن ۾ ڳائڻ لاءِ منٿون ڪندا.
ساڳئي ئي سال هن فلم ”مجبور“ جو گانو ”دل ميرا توڙا، مجهي ڪهين ڪا نه ڇوڙا“ رڪارڊ ڪرايو.
۱۹۴۹ع ۾ هن جي ڳايل گاني ”آئيگا آنيوالا“ مقبوليت جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ هن
جي شهرت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي.
۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ هن باليوڊ جي وڏن وڏن موسيقارن سان ڪم ڪيو. لتا انهن ڏينهن
۾ اهي شاهڪار گانا ڳايا جيڪي صدين تائين ياد رهندا. ۱۹۵۵ع ۾ هن سريلنڪا جي فلم سيدا سولانگ ۾ سنهالا
ٻوليءَ ۾ گانو رڪارڊ ڪرايو. ۱۹۵۶ع ۾ هن تاملي ٻوليءَ ۾ پهريون گيت ڳايو. کيس بهترين خاتون
گلوڪاره طور پهريون فلم فيئر ايوارڊ ۱۹۵۸ع ۾ ڳايل فلمي گيت ”آجا ري پرديسي“ جي مڃتا طور ڏنو ويو.
اهو گيت هن فلم ”ماڌومتي“ لاءِ ڳايو هو.
۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي جي ابتدا هن ”جب پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا“ جهڙي شاهڪار گاني سان ڪيو.
فلم ”مغل اعظم“ جي هن گاني جي موسيقي نوشاد ڏني هئي ۽ هيءُ گانو مشهور اداڪاره مڌوبالا
تي فلمايو ويو. ساڳئي سال فلم ”دل اپنا اور پريت پرائي“ رليز ٿي. انهيءَ فلم ۾ لتا
جو ڳايل گانو ”عجيب داستان هئي يي“ سڄي ننڍي کنڊ جو آواز بنجي ويو. ۱۹۶۱ع ۾ هن ٻه مشهور ڀڄن “اللّٰه تيرو نام“ ۽
”پرڀو تيرو نام“ رڪارڊ ڪرايا. ۱۹۶۲ع ۾ هن کي ٻيو ڀيرو فلم فيئر ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ايوارڊ
هن کي مشهور نغمي ”ڪهين ديپ جلي ڪهين دل“ تي ڏنو ويو. انهيءَ نغمي جو موسيقار
هيمنت ڪمار هو ۽ فلم هئي ”بيس سال بعد“. ۲۷ جنوري ۱۹۶۳ع تي هن هندستان جي وزيراعظم جواهرلال نهرو جي موجودگيءَ
۾ قومي ترانو ”ائي وطن ڪي لوگو“ ڳايو. چون ٿا ته اهو ترانو ٻڌي وزيراعظم جي اکين ۾
لڙڪ اچي ويا.
لتا جو ڪامياب ترين
سنگيت جو سفر اڃا تائين جاري آهي. هن هزارين فلمي گيت ڳايا آهن. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۹۱ع تائين لتا جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس
۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائڻ واري خاتون طور شامل رهيو. ۲۰۱۲ع ۾ لتا ”سوامي سمارٿ مها منتر“ جي نالي سان
پنهنجو البم جاري ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي ڀڄن ڳايا آهن. ۲۰۱۴ع ۾ پنهنجي بنگالي گيتن جو البم جاري ڪيو. ۳۰ مارچ ۲۰۱۹ع تي هن پنهنجو قومي ترانو ”سگند مجهي اس مٽي
ڪي“ جاري ڪيو.
لتا سنڌيءَ ۾ به هڪ
گيت ”منهنجا سپرين تو کان وڇڙي“ ڳايو آهي. اهو گيت هن سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“
لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو. هن گيت جي موسيقي سي ارجن ترتيب ڏني ۽ پروڊيوسر سترام روهڙا
هو.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ
ناهي ته لتا گائڪيءَ جي ميدان ۾ پنهنجا لافاني نقش ڇڏيا آهن پر هن هڪ موسيقار ۽
فلمساز طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ۱۹۶۰ع کان ۱۹۶۹ع تائين هن پنجن مرهٽي فلمن ۾ موسيقار طور ڪم
ڪيو. هن هڪ فلمساز طور چار فلمون ٺاهيون.
سال ۱۹۷۴ع ۾، گنيز
بڪ آف ورلڊ رڪارڊس، لتا منگيشڪر کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ شخصيت قرار ڏنو
۽ لکيو ته لتا ۱۹۴۸ع کان ۱۹۷۱ع تائين هندستان جي ۲۰ ٻولين ۾ ۲۵۰۰۰ فلمي گيت ڳاتا آهن. هن رڪارڊ تي محمد رفيع
اعتراض ڪيو. جنهن دعويٰ ڪئي ته هن اٽڪل ۲۸۰۰۰ گانا ڳاتا آهن. محمد رفيع جي وفات کان پوءِ ۱۹۸۴ع ۾ گنيز بڪ لتا کي پهرئين نمبر تي رکيو پر
محمد رفيع جي دعويٰ جو به ذڪر لکيو. انهيءَ کان پوءِ وارن ڇاپن ۾ گنيز بڪ لکيو ته
لتا منگيشڪر ۱۹۴۸ع ۽ ۱۹۸۷ع وچ ۾ ۳۰۰۰۰ کان وڌيڪ گانا ڳايا. ۱۹۹۱ع کان گنيز بڪ بنان سبب ڄاڻائڻ جي لتا جو نالو خارج ڪري ڇڏيو.
ڪجه ذريعن پاران اها دعويٰ ٿيندي رهي ته لتا ۵۰۰۰۰ جي لڳ ڀڳ گانا ڳايا آهن. البت ڪجهہ ٻين
ذريعن مطابق ۱۹۹۱ع تائين هندي فلمن ۾ لتا ڪل ۵۰۲۵ گانا ڳايا. لتا پاڻ چيو هو ته هن پنهنجي ڳايل گيتن جو ڪو
رڪارڊ نہ رکيو ۽ هن کي خبر نه آهي ته گنيز بڪ کي اهو تعداد ڪٿان مليو. ۲۰۱۱ع ۾ گنيز آشا ڀوسلي کي سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ
شخصيت قرار ڏنو ۽ لکيو ته هن ۱۹۴۷ع کان وٺي اٽڪل ۱۱۰۰۰ گانا ڳايا آهن.
لتا منگيشڪر جي فن
۽ موسيقيءَ جي ميدان ۾ ڏنل خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو
آهي. انهن اعزازن ۾ ڀارت جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”ڀارت رتنا“، پدما ڀوشن (۱۹۶۹)، پدما وڀوشان (۱۹۹۹)، زي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، دادا
صاحب پالڪي ايوارڊ (۱۹۸۹)، مهاراشترا ڀوشن ايوارڊ (۱۹۹۷)،اين ٽي آر قومي ايوارڊ (۱۹۹۹)، ڀارت اتنا ايوارڊ (۲۰۰۱)، ليجينڊ آف آنر (۲۰۰۷)، اي اين آر قومي ايوارڊ (۲۰۰۹)، ٽي قومي فلم ايوارڊ ۽ ۱۵ بنگالي فلم ايوارڊ شامل آهن. ۱۹۸۴ع ۾ مڌيا پرديش سرڪار ۽ ۱۹۹۲ع ۾ مھاراشترا سرڪار ”لتا منگيشڪر ايوارڊ“
جو بنياد وڌو.
(وڪيپيڊيا
تان کنيل)
لتا منگيشڪر
سُرن جي ديوي نيٺ وڇڙي
وئي...
محمد سليمان وساڻ
سُر ۽ سنگيت جي راڻي
لتا منگيشڪر ۹۲ سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي آهي. لتا، ڪجهه مھينن کان ڪورونا سبب
بيمار هئي ۽ کيس ٻہ دفعا آء سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
سندس وڇوڙي تي ڀارت
۾ ٻن ڏينھن جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
لتا ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹
تي اندور ۾ جنم ورتو. هن ۱۳ سالن جي عمر ۾
پھريون گيت ۱۹۴۳ع ۾ رڪارڊ ڪرايو. هن ۳۶ زبانن ۾ ۳۰ هزار کان وڌيڪ گيت ڳايا آهن.
سندس نالو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ طور شامل ڪيل آهي.
لتا منگيشڪر جو وڇوڙو
موسيقيءَ جي هڪ عھد جي پڄاڻي آهي. سندس چاهيندڙ ملڪن، مذهبن ۽ سرحدن جا محتاج
ناهن.
(محمد سليمان وساڻ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
لتا منگيشڪر ۽ سنڌي گيت
ناري لڇواڻي
ھڪ ڀيري سنڌي فلم ’ھل
ته ڀڄي ھلون‘ جو ھدايتڪار مدن جُماڻي ۽ مان، ڪنھن سيمينار جي سلسلي ۾ احمدآباد ۾ گڏ
ھئاسين. ٻنھي جي رھڻ جو بندوبست ھڪ ئي ڪمري ۾ ھو. ٻئي ڳالھين جا ڳوٺ!
خبر ناھي پاڻ ۾ ڪيتريون
ڳالهيون ڪيونسين. تن مان ھڪ ھيءَ به ھئي:
مدن جماڻيءَ ٻڌايو
ھو تـه لتا منگيشڪر کان اول سندس ننڍي ڀيڻ آشا ڀوسلي ھڪ سنڌي فلم ’شل ڌيئر نه ڄمن‘ لاءِ سنڌي
گيت ’آءُ اچي مل او منٺار، تنھنجي وڇوڙي ماري آھيان!‘ ڳائي چڪي ھئي، جيڪو زبردست
لوڪ پريه ٿي چڪو ھو. ان گيت جي ڪاميابيءَ کان پوءِ لتا منگيشڪر کي به حرص جاڳيو ته
جيڪر مان به ڪو سنڌي گانو ڳايان. سو، ھڪ ڏينھن موقعو ملڻ تي سنگيتڪار سي ارجن سان
پنھنجي دل جي ڳالھ اوريائين.
تنھن وقت نئين سنڌي
فلم ’ھل ته ڀڄي ھلون‘ جي شروعات ٿي چڪي ھئي. سي ارجن سڀني کي لتا منگيشڪر جي دل جي
ڳالھـ ٻڌائي. ٻُڌي، سڀ خوش ته ٿيا پر سوچ ۾ پئجي ويا ته لتا منگيشڪر جي گيت ڳائڻ
جي جيڪا فيس ھوندي آھي، اُھا کيس ڪٿان ادا ڪري سگھنداسين! سڀ منجھي پيا. خير......
ھڪ ڏينھن مدن جماڻي،
لتا منگيشڪر جي گھر وڃي پھتو. کيس، سنڌي فلمن جي بجيٽ جي مجبورين کان واقف ڪرائيندي
چيائين؛ اسان تنھنجي خواھش کي پورو نه ڪري سگھنداسين! لاچار آھيون. لتا چيُس؛ ”مونکي
ھر حال ۾ سنڌي گيت ڳائڻو آھي ۽ ڳائينديس! تون ششدر نه ٿيءُ. پاڻ ۾ ٺھي پونداسين.“
..... .....
.....
فلم ۾ گنجائش نه ھئڻ
جي باوجود، ان گيت لاءِ جڳھ ٺاھي ويئي. گوورڌن ڀارتيءَ لتا منگيشڪر جي ليول ۽
حيثيت کي ڌيان ۾ رکندي گيت رَچِيو. سي ارجن سنگيت تيار ڪرڻ ۾ به ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏي.
آخر، گيت جي رڪارڊنگ ٿي ويئي.
مدن جماڻيءَ، حجاب ڪندي
لتا منگيشڪر جي ھٿ ۾ سندس مانَ ۾ ھٿَ جوڙيندي، ھڪ بند لفافو، رکيو. لتا کانئس پڇيو؛
”ھيءُ ڇا ھي؟“
مدن جي جواب جو آشيه/
مطلب ھو؛ ”ڦُلنِ مُٺِ!“
لتا منگيشڪر لفافو
کوليو. ان ۾ روپيه -/۵۰۰۰ پيل ھئا. ھُن پيار ڀري نھار سان مسڪرايو، سندس پرس مان ڪي
روپيا ڪڍي، سڀ مِلائي ڪُل روپيا -/۱۱۰۰۰ مدن جماڻيءَ کي ڏنا ۽ کيس نئڙت واري نوع
مان چيائين: ”منھنجي پاران توھان سڀني ڪلاڪارن کي.......!“
اھڙي نموني ھڪ
ناياب سوُکڙِي ملي ويئي سنڌي فلم-سنگيت جي سنسار کي مھان گائڪا ڀارت رتن لتا منگيشڪر
پاران....... ”منھنجا سُپرين، تو کان وڇُڙِي، دل ڇا ڪري؟ روئي روئي آھون ٿي ڀري.“
(ناري لڇواڻي، انڊيا
جي ٿورن سان مليل يادگيريون- محمد سليمان وساڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري
۲۰۲۲ع تي کنيل)
سرسوتي سانوري
هئي.......!!
اعجاز منگي
لتا جا گيت سڀ کان
اڳ ۾ مون ريڊيو تي ٻڌا هئا.
جڏهن اتر سنڌ جي
اونهاري جون ڪوسيون راتيون
ڪوئيٽا کان ايندڙ
هوائن سبب ٺرڻ لڳنديون هيون
تڏهن فضائن ۾ اڏامندڙ
فرشتن جي پرن تي
لتا جي گيتن جون
صدائون لوبان جيان ٻرڻ لڳنديون هيون
۽ پوري ماحول
کي هڪ مقدس خوشبو مهڪائڻ لڳندي هئي
ها! جڏهن لتا منگيشڪر
ڳائڻ لڳندي هئي
تڏهن سرحدن جي ٻنهي
پاسن تي بيٺل سپاهين جون
بارود ڀريل بندوقون
امن جا سپنا سوچينديون هيون
۽ گهرن کان
دور گهاريندڙن جي گهايل دلين مٿان
لتا جو آواز مرهم
مهٽيندو ويندو هو
اهڙي مرهم جنهن ۾
نازبو جي مهڪ هوندي هئي!!
لتا منزل نه هئي.
لتا راهه هئي. وڏي ۽ ويڪري.....!!!
لتا جي لئه، چرس ڇڪيندڙ
ڊرائيورن جي ٽرڪن تي
ڇلڪندي ويندي هئي.
مٺڙا ۽ محبوب آواز
ته سوين، هزارين ۽ لکين هوندا هئا
پر جهڙي طرح اهي
لتا جي التجائي چپن تان اڏامندا هئا
تڏهن انهن گيتن کي
پرديسي پکن جا پر لڳي ويندا هئا
”پنک هوتي تو
اڙ آتي
رسيا او بالما!
تجهي دل ڪي داغ
دکلاتي ري“
تڏهن پهاڙي پورهيتن
جهڙيون بار بردار ٽرڪون به
ڀڳل ٽٽل روڊن تي
رقص ڪنديون هلنديون هيون!!
جڏهن عمر منهنجي
عقل ۽ عشق ۾ اضافو ڪيو
تڏهن مون کي پتو
پيو
لتا جا گيت سياسي
قيدين جي سيراندين تي
ڪا سير وجهندا
ويندا هئا!!
اهي سياسي قيدي جن
جي فڪرن ۾ هڪ ٻئي کان
گهڻو، گهڻو فرق
هوندو هو
اهي به درد جي ساڳي
ڌاڳي ۾
پاڻمرادو قيد ٿي
ويندا هئا!!
اهي ڀلي قومپرست
قيدي هجن
اهي ڀلي ترقي پسند
اسير هجن
ڀلي اهي پنجابيءَ ۾
پيڙا محسوس ڪن
ڀلي اهي سنڌيءَ ۾
سور سلين
جي ائين نه هجي ها
ته
ڪوٽ لکپت جو قيدي
سرن جو سوداگر رسول
بخش پليجو
پنهنجي جيل ڊائريءَ
۾ لتا جو اهو گيت ڪيئن لکي ها؟
”جهان هو
سويرا بسيرا وهين هو“
پر منهنجا پيارا پڙهندڙءُ!
لتا جي گيتن جي لئه
۾ مون پاڻ کي لڙهندو محسوس ڪيو
جڏهن ڄامشوري جي
چرين ۽ چنچل هوائن ۾ مون
لتا جا گيت نسيم ٿيٻو
جي ڪليڪشن ۾ ٻڌا
ادي نشيم! جو آواز
تمام گهڻو مڌر هيو
پر ان کان به پياري
هئي، هن جي ميوزيڪل پسند
موسيقيءَ ماڻهوءَ ۾
ماڪ ڀنا رابيل ڪئين مهڪائيندي آهي؟
ادي نسيم کي معلوم
هو
هوءَ ڄامشوري جي پاڪ
پرهه جو آڌرڀاءُ
موسيقيءَ جي مڌرن
سرن سان ڪندي هئي
اڃان کيرٿر جي چوٽين
کي سج جا ڪرڻا نه چمندا هئا
اڃان پکين جا آواز
آکيرن ۾ ڦرندا هئا
اڃان ٻار مائن جي
چولن مٿان گگ وهائي
رانديڪن جهڙا سپنا
سرجيندا هئا
تڏهن ادي نسيم جي ٽيپ
مٿان
اهڙا گيت اکيون مهٽي
اٿندا هئا
جهڙو اهو جادوءَ جهڙو
گيت آهي
”جوتي ڪلش ڇلڪي.......!!“
ادي نسيم اهو گيت تڏهن
ٻڌندي هئي
جڏهن سج پنهنجي
گاگهر ماڪ جي ڦڙن سان ڀرڻ لڳندو هو
۽ پروفيسر
نسيم ٿيٻو جي گهر جي گهٽيءَ مان لنگهندڙ
پوري رات جي ڊيوٽي ڪري
موٽندڙ چوڪيدار ٻڌندا هئا
”جاگو موهن
پياري جاگو
جاگو ري جاگو ڪليان
جاگين
جاگو ري جاگو گليان
جاگي“
پر سياري جا اهي
سنهڙا ڏينهن
وقت جي وٿين مان
جلدي گذري ويندا هئا
۽ پوءِ ڄامشوري
جي پهاڙين مٿان
شام جي شفق جا پاڇا
تيز هوا ۾
جلدي اڏامي ويندا
هئا
۽ پوءِ
رات........!
”يارا سلي
سلي“ جهڙي رات
من جي ڀرجي ويل ڦٽن
جا ڪڙا
نينهن جي نهن سان
اکيڙڻ لڳندي هئي
۽ ادي نسيم ڄامشوري
جي اڌوري چنڊ کي ڏسندي
پڌر ۾ پيل بيڊ مٿان
آهلي ٻڌندي هئي
”ڪهين ديپ
جلي ڪهين دل“
اڄ لتا جسماني طور
تي جدا ٿي وئي آهي
۽ مان سوچي
رهيو آهيان ته
جيڪڏهن اڄ ادي نسيم
۽ انتيا جيئريون هجن ها
ته هو جيڪر گڏجي ڳائن
ها
”جوتي ڪلش ڇلڪي......!“
موسيقيءَ سان جيتري
محبت
ادي نسيم ۽ انيتا ۾
هئي
ايتري محبت اڄ ڏينهن
تائين
مون ڪنهن ۾ ڏٺي ڪا
نه آ
موسيقيءَ سان محبت مقدس روح ڪندا آهن
انهن کي معلوم
هوندو آهي ته
”موسيقي درد
به آهي ۽ موسيقي دارون به آهي“
”موسيقي پيار
به آهي. موسيقي پڪارون به آهي“
موسيقي لاحاصل محبت
آ، موسيقي للڪارون به آهي“
مون کي معلوم نه هو
مون کي اڄ پتو پيو
آ.
مون اڄ ڄاتو آهي ته
سنگيت جي ديوي
سرسوتي
سانوري هئي.
اوشو چوندو هو
”جيتري
گهرائي سانوري رنگ ۾ آهي
ايتري گهرائي اڇي
ارنگ ۾ نه هوندي آ
اڇو رنگ ڇاڇر ۾ جهڙو
هوندو آهي
پر جتي جل گهرو
هوندو آهي
اتي پاڻيءَ جو رنگ ڪرشن
ڀڳوان جيان
سانورو ٿي ويندو
آهي“
لتا ۽ انيتا جو رنگ
سانورو هو
اهي هڪ جهڙيون هيون
ٻنهي جي آواز ۾ هڪ
مٺو درد هوندو هو
اهو درد اڄ لتا جي
ديهانت تي
خوشبو وانگر کلي
رهيو آهي!!
اهو درد اڄ پنهنجي
راهه ڀلي به
هن دل جي گدلي گهٽيءَ
۾ گهلي رهيو آهي!!
مون کي معلوم نه هو
سرڳ ۾ رهندڙ
ڪلا جي ديويءَ
سرسوتيءَ جو رنگ ڪهڙو هو؟
مون کي اڄ معلوم ٿيو
آهي ته
سرسوتيءَ جو رنگ
سانورو هو
لتا جهڙو، انيتا جهڙو،
ادي نسيم جي سپنن جهڙو
ماڻهن جو موڪلائي وڃڻ
ته عام حقيقت آهي
پنهنجي ڪلا جي ڪري
ان جو دل ۾ واسو ڪري ويهڻ
خاص خوبي آهي، انهن
سازن جي، جيڪي ساز
آوازن سان گڏ ايئن
اڏمندا هئا
جيئن پرديسي پکين
جا اهي ٻيئي پر
جن جي پويان سورج لڙندو
ويندو آهي
هيءَ پوري ڪائنات هڪ
عظيم ڪي بورڊ جهڙي آهي
ان تان سرن جا
آواز، سرشٽيءَ جا راز بڻجي اڏامن ٿا
لتا جو جسماني وڇوڙو
ته اڻ ٽر هيو
پر لتا ويندي ويندي
اياز جي انهن ٻولن کي
سچ ثابت ڪري وئي
آهي ته:
”فاني ٿئي ٿو
فوت، تون ته امر آن راڳيا“
(اعجاز منگي جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
لتا جي کي ڀيٽا
اسحاق سميجو
کڻي مُئن ۾ زندگي ڀرڻ
جي ڪيميا رکن،
ڀلي ته ديوتا هجن،
‘لتا’ ته ٿي نٿا سگهن!
پهاڙ سونَ جا ڏجن،
نديون جواهرن ڀريون
هي مور ناچ جي بنا
ته پل به جِي نٿا سگهن!
انهي پَريءَ جي سڏَ
کي، پٺي ڏيڻ ته ڪفر آ
خدا به جنهن جي شهر
۾ اِئين گهمي نٿا سگهن!
گلاب، خواب،
چاندني، سُڳنڌ سان ڀريل هوا
ملي، اوهان جي پير
جي، پِڻي به ٿي نٿا سگهن!
مري سگهن ٿيون ڪويَلون،
ٻُڏي سگهي ٿي سرشٽي
مگر حيات بخش سُرَ،
مَڌر مري نٿا سگهن!
(اسحاق سميجو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
لتا
جنھن چيو؛ نہ ڄمان تہ سٺو
آ
لاکو شبير
موسيقي لتا کي پناھ
ڏني
۽
لتا موسيقي کي پناھ
ڏني
ٻئي جڏھن روئنديون
ھيون تہ
ماڻھن جي من جي
زمين آلي ٿي ويندي ھئي
اي آر رحمان ڪمپوزيشن
۾ لتا کي ڳولھيندو ھو
۽ لتا آواز ۾
اي آر رحمان کي
خبر اٿئي !
آرٽسٽ مرندو آهي تہ
آرٽ يتيم ٿي ويندي
آ،
يتيم آرٽ جون اکيون
جھرڪين جا آکيرا ھوندا آھن
اھي خالي آکيرا
جن جي تنھائي
سج جي الھندي جو
انتظار ڪندي آ
اھا تنھائي
جيڪا
جھرڪين جي واپس ورڻ
لاءِ
پنھنجي ٻانھن جو ڀاڪر
ھميشا کليل رکندي آ
تنھائي جو ڀاڪر
خالي آ
ڇا لتا واپس ورندي
!!
(لاکو شبير
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
لتا ديدي
جنھن ڪروڙين دلين تي راڄ
ڪيو
ڪمال جنبلات
چوندا آھن ته
جينئس ماڻھن جو قدر
سندس حياتيءَ ۾
ناھي ٿيندو
سندس پڄاڻان
ايندڙ دور جا ماڻھو
کين ڳولھي لھندا
آھن
پر اھو لتا جو ڪمال
ھو
يا سُر، ساز ۽
سنگيت جو ڪرشمو ھو
يا گائڪي ۽ موسيقي
جو جادو ھو
جو لتا ديدي پنھنجي
ئي دور ۾
ڪروڙين دلين کي دڙڪايو
ڪرڙوين دلين مٿان
راڄ ڪيو
ڏھاڪن تائين
نوجوانن
سوڌو ھر عمر جي ماڻھن
جي احساساتي دنيا
کي جوان رکيو
ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ نفرت
جھڙين
انساني جبلتن کي
مات ڏئي
دنيا کي محبتون آڇيون.
جڏھن مغل اعظم فلم
جو گانو
“جب پيار ڪيا
تو ڊرنا ڪيا
رليز ٿيو”
ته ھزارين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
سماج کان بغاوت ڪري
پيار جي رڻ جا راھي
بڻيا.
پوري بر صغير جي
سماجي بيھڪ ۾ ڀونچال
اچي ويو
پيار کي ڪوٽن ۾ قيد
ڪندڙ
عزت ۽ غيرت جون ڌڄيون
اڏامي ويون
غيرت جي رکوالن کان
بيساختہ
رڙيون نڪري ويون.
نيٺ نفرت جي رکوالن
محبت تي پنھنجو
غلبو قائم ڪري ورتو
۽ گاني تي
بندش پئي.
پر لتا ديدي پنھنجو
ڪم جاري رکيو
اڻ ڳڻيا ڪلام ھوندا
ڪھڙو ڪلام ھوندو
جنھن تي
دل جي ڌڙڪڻ تيز نه ٿي
ھوندي؟؟؟
ڌڙڪڻ جي اھڙي تيزي
جنھن کي ECG به نه پڙھي
سگھي.
ھا ھر فنڪار.......
ڪنھن کي پسند ھوندو
ته ڪنھن کي بنھ نه
وڻندو ھوندو
پر اھڙو معجزو رڳو
لتا ئي ڪري ڄاڻي
جيڪا ھر....
ھر....
ھر.....
موسيقي ٻڌندڙ جي
فيوريٽ ھئي.
اھڙو ڪمال رڳو لتا
ئي ڪري سگھي.
اڄ اھا لتا اسان
کان جسماني طور جدا ٿي وئي آھي
اچو تہ کيس سندس ئي
لفظن ۾ الوداع ڪيون
“زندگي پيار ڪا
گيت هي اسي ھر دل کو گانا پڙي گا”
“زندگي غم کا
ساغر بھي هي ھنس ڪي اس پار جانا پڙي گا”
(ڪمال جنبلات جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
لتا منگيشڪر
هڪ دور جي پڄاڻي
محبوب وساڻ
لتا منگيشڪر جي
وفات کانپوءِ گيت ۽ سنگيت جو هڪ دور پورو ٿيو..........
اهڙو دور نه اڳي ڪڏهن
آيو هو ۽ نه ٻيهر ايندو. هر زماني جا پنهنجا معيار، ضابطا، رنگ، روپ، سُرهاڻ ۽ سُڳنڌ
هوندي آهي جيڪا صرف انهي دور ۾ ئي پرکي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿي، بعد جي قصن ۾ ان کي
محسوس نٿو ڪري سگهجي، صرف تبصرو ڪري سگهجي ٿو.
ان ۾ شڪ جي ڪا
گنجائش باقي نه آهي ته لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي جي برصغير جي موسيقي ۾ هڪ وڏي
حيثيت ۽ اهميت آهي. انهن ٻنهي ڀينرن جيڪو ڳايو سو امر ٿي ويو. بس هڪ دور هو، زمانو
هو، اهڙا موسيقار موجود هئا، اهڙا سماجي حالات ۽ هر طرف جا مناظر هئا جن اهڙيون
تخليقون جنم ڏئي ڇڏيون جيڪي هاڻ چاهيندي به پيدا نٿيون ڪري سگهجن. ڪنهن به تخليق
جي پويان ڪافي عوامل جو عمل دخل هوندو آهي، جيڪر اُهي محرڪات موجود نه آهن ته وڏي
کان وڏو تخليقار به اُها شي تخليق نٿو ڪري سگهي جيڪا ڪن مخصوص مُحرڪات جي پيدائش
آهي.
درد ۽ پيڙاهه جو
زمانو هو، سچائي ۽ مخلصي جو دور هو، پاڪيزه محبتون هيون ۽ رشتن جو احساس هو جن
برصغير جي فلم انڊيسٽري ۾ هڪ اهڙي ٽيم
پيدا ڪري ڇڏي جن جي اشتراڪ سان اهڙيون اهڙيون شاهڪار فلمون ۽ انهن منجهه شاعري،
موسيقي ۽ ڪهاڻيون متعارف ڪرايون ويون جيڪي اڳي ڪنهن ٽرينڊ ۾ نه آيل هيون.
لتا منگيشڪر جو
تعلق موسيقي سان وابسته هڪ خاندان سان هو. سندس پيءُ ديناناٿ مختلف ٿيٽرن ۾ پنهنجي
پرفارمنس ڏيندو هو پر غربت ۽ مفلسي جي چُنگل مان سندس خاندان نڪري نه سگهيو هو.
اهو ئي سبب هو ته دينا ناٿ، لتا کي ۵ سالن جي عمر کان گيت سنگيت جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي ۽ آخرڪار
لتا جنهن جو اصل نالو هيما هو تنهن کي سندس هڪ دوست ونائڪ ڪرناٽڪي جي معرفت فلم انڊسٽري
۾ پلي بيڪ گلوڪار جو ڪم وٺي ڏنائين. اهڙي ريت لتا جي انٽري فلم انڊسٽري ۾ ٿي ويئي.
سندس پيءُ دينا ناٿ وڌيڪ وقت جيئرو نه رهي سگهيو ۽ لتا جي ننڍپڻ ۾ ئي هرٽ اٽيڪ کان
مري ويو.
جيئن ته لتا ٻين ڀينرن
۾ وڏي هئي سو خاندان کي هلائڻ لاءِ کيس ڪم ڪرڻو پيو. آهستي آهستي کيس مختلف فلمن ۾
ڪم ملندو ويو ۽ لتا پنهنجي جاءِ انڊسٽري ۾ ٺاهي ورتي. گڏو گڏ سندس ڀيڻ آشا به پلي
بيڪ سنگر ٿي فلمن ۾ رونما ٿي ۽ هاڻ ٻنهي ڀينرن جي بدولت سندن خاندان ۾ دولت جي سٺي
چهل پهل ٿيڻ لڳي.
لتا پاڻ ايترو پڙهيل
لکيل نه هئي پر منجهس سکڻ ۽ نيون شيون جلدي ڪيچ ڪرڻ جي قابليت موجود هئي سو جن جن
استادن جي ور چڙهندي ويئي تن لتا کي سنگيت جي مختلف سُرن، سازن ۽ لاهڻ چاڙهڻ کان
متعارف ڪرايو. فلم جي ڪهاڻي، فلم جي ڪردارن ۽ ڪنهن گيت جي شاعري کي مطابقت سان پيش
ڪرڻ جو ڏان لتا کي اچي ويو ۽ ڏينهون ڏينهن سندس ترقي جو سفر آسمانن تي اڏم ڪرڻ لڳو.
اها لتا جي
خوشنصيبي هئي جو موسيقي جي هڪ خوبصورت ترين دور جا برک ترين موسيقار لتا کي استاد ٿي
مليا جن نه صرف لتا کي تربيت ڏني پر موسيقي به ترتيب ڪري ڏني جن کي لتا ڳايو ۽
هميشه لاءِ امر بڻجي ويئي. لتا اڪثر ٽن ماڻهن جا نالا پنهنجو استاد ڪري ٻڌائيندي
هئي جن ۾ غلام حيدر، استاد امانت علي خان ۽ پنڊت تلسي داس شرما سرفهرست هئا پر ٻين
ڪافي موسيقارن جن سان لتا جي اصلي سڃاڻپ ٺهي تن ۾ هي نالا به اچن ٿا: نوشاد، خيام،
سليل چودهري،کيم چند پرڪاش، مدن موهن، انل بسواس،او پي نير، سي رامچندر (اهي ٻه دوست هئا جن کي اڪثر ماڻهون
هڪ شخص سمجهن ٿا ) ۽ ايس ڊي برمن ( آر ڊي برمن جو پيءُ) جيڪو هڪ برک موسيقار هو ۽
جنهن پنهنجي وقت جا امر گيت ڪمپوز ڪيا پر جڏهن صفا جوش ۾ اچي ويندو هو ته اهو خاص
گيت پاڻ ڳائيندو هو جيئن فلم بندني جو گيت:
(ميرے ساجن ہين اُس پار........... مين من مار ہون اِس پار....... او ميرے
مانجهی اب کی بار......... لے چل پار......... لے چل پار).......هائي هائي!!! محبوبن جي اها تڙپ ۽ لوچ به ڪير
محسوس ڪري سگهي شل.
لتا جو گيت سنگيت
جو سفر جاري رهيو ۽ جلد ئي هو پنهنجو مقام موسيقي جي دنيا ۾ ٺاهي ويئي پر فلم محل
(۱۹۴۹) جي گيتن لتا منگيشڪر کي تمام اونچي مقام تي پهچائي ڇڏيو. جيئن ته فلم محل
خود هڪ پرسرار ڪيفيتن تي مبني فلم هئي ته فلم جو هڪ هڪ گيت ماڻهن تي هڪ عجيب هيجاني
ڪيفيت ٿي برپا ٿيو. خاص ڪري هڪ گيت (آئے گا..... آئے گا..... آئے گا
آنے والا).
بعد ۾ لتا هر قسم
جا گيت ڳايا ۽ تقريبن ۳۶ ٻولين ۾ پنهنجي آواز جو جادو جڳايو پر لتا
سان هميشه درد ۽ پيڙاهه وڌيڪ منسوب رهيو. جڏهن به ڪنهن ماڻهون کي ڪجهه درديلو گيت ٻڌڻ
تي دل ڪندو هو ته لتا جا درديلا گيت هلائي ٻڌندو هو ۽ ان سان پنهنجي ذاتي نسبتون
جوڙيندو هو. درد ۽ پيڙاهه جو اهو تسلسل اڻ ڳڻيو آهي سو ڪهڙن گيتن جو ذڪر ڪري هتي ڪهڙن
جو ڪجي. پر منهنجي بابا جي هڪ پسنديده فلم ترانه به هئي جنهن ۾ عشق جي لوچ پوچ جا
گيت تمام اثرائتا آهن. هڪ هڪ گيت دل تي سڌا ڌڪ ٿو هڻي، هر گيت جي ادائگي ايڏي ته
پراثر آهي جو اڄ به ڪو باذوق ۽ باحس ماڻهون آرٽ جي انهن فن پارن جي گرفت کان پاڻ
کي محفوظ نٿو ڪري سگهي. جيئن ترانه فلم جو هڪ گيت هن ريت آهي :
سينے مين
سلگتے ہين آرمان .........
اب دل ہے نه دل کے ارمان ہين..... بس مين ہون ميری تنہائی هے.
اک ايسی آگ لگی مَن مين....... جينے بهی نه دے
مرنے بهی نه دے،
چپ ہون تو کليجا جلتا هے....... بولون تو تيری
رسوائی هے،
هاڻ سائين! هن دور
۾ (بولون تو تيری رسوائی هے..........) جي مفهوم کي ڪيترا ماڻهو سمجهندا؟... اهو ئي فرق آهي
هِن دور ۾ ۽ هُن دور ۾.
لتا منگيشڪر جي
محبت ۽ گهر وسائڻ واري زندگي به مڌوبالا وانگر اڻ پوري رهي. مڌوبالا ۽ دليپ جو
پيار به پروان چڙهيو پر مڌوبالا جي پيءُ جي انڪار جي ڪري سندن شادي نه ٿي سگهي ۽
هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کانپوءِ مڌوبالا آخرڪار ڪشور ڪمار سان شادي ڪئي پر سندس شادي
ڪامياب نه ٿي سگهي. لتا جي محبت به هڪ اميرزادي راج سنگهه سان رهي ۽ ٻئي ڄڻا هڪٻئي
سان ڪافي قريب رهيا، شادي ڪرڻ جو سوچيائون پر راج سنگهه جي پيءُ اجازت نه ڏني ۽ ٻنهي
جي شادي نه ٿي سگهي. انهي کانپوءِ لتا هميشه ڪنواري رهي ۽ ڪنهن ٻئي سان شادي نه ڪيائين.
لتا منگيشڪر مذاجن
چڱڙي عورت هئي، انٽريو وغيره ۾ به تمام مٺو ۽ سٺـو ڳالهائيندي هئي پر گلوڪاري جي
دنيا ۾ ٻين کي برداشت نه ڪندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو فلم انڊسٽري ۾ لتا جو ايترو
نالو ۽ حيثيت هجڻ جي باوجود به، ڪوبه گلوڪار سندس معرفت انٽري نه ڪري سگهيو. بلڪه
اهو به چون ٿا ته ڪافي نون گلوڪارن کي پوئتي ڌڪڻ ۽ ٻاهر ڪڍڻ ۾ سندس هٿ هو. پراڻي
زماني ۾ هڪ گلوڪاره پيدا ٿي هئي جنهن وقت لتا جو وڏو عروج هو، ان گلوڪاره جو نالو
شايد (سمن ڪليانپور) هو. سمن ڪليانپور جو آواز هوبهو لتا منگيشڪر جهڙو هو پر جيئن
ته لتا ۽ آشا جو انهي دور ۾ انڊين فلم انڊسٽري ۾ وڏو دٻدٻو هو ته سمن ڪليانپور کي
لتا وارن پنهنجي جاءِ ٺاهڻ نه ڏني.
لتا پنهنجي طرفان ۴ فلمون به پروڊيوس ڪيون جن جا نالا هي آهن:
(وديا ۱۹۵۳، جهنڪار ۱۹۵۳، ڪنچن ۱۹۵۵ ۽ ليڪن ۱۹۹۰).
جيئن يوسف خان
(دليپ ڪمار) کي هميشه هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو ۽ جيستائين اهي ساهه جيئرا آهن جن
دليپ جي دور وارو زمانو گذاريو، ساڳي ريت لتا منگيشڪر جي دور وارا انسان به انهي
دور جي جلون کي محسوس ڪري سگهندا ۽ ان تصور کي پنهنجي وجود اندر لاهي سگهندا جيڪو
گذري چڪو آهي ۽ صرف سندن ذهنن ۾ محفوظ آهي ، باقي نيون نسلون اهڙن انسانن کي ٻڌي،
پڙهي ۽ فلمن ۾ ڏسي ته سگهن ٿيون پر محسوس نٿيون ڪري سگهن...............!!!!
(نوٽ: هي
مضمون پڙهي ڪجهه دوست شايد سوچيندا هجن ته منهنجي عمر ۶۰ يا ۷۰ ته ڪونهي پوءِ مون ايڏي پراڻي دور جون ڳالهيون هن مضمون
۾ ڪيئن ڪيون آهن. سو ان لاءِ عرض ڪندو هلان ته ان ضمن ۾ اسان جو ڪيس ڪجهه مختلف
آهي. بابا جي گيت، سنگيت ۽ فلمي جنون جي ڪري اسان جي پرورش ۽ تربيت ئي ڪجهه اهڙي
گهراڻي ۾ ٿي جتي نه صرف انهن شين سان سناشائي ٿي پر چاهه به پيدا ٿيو............هڪ
ٻئي ڳالهه ڪندو هلان ته شايد گهڻن ماڻهن کي خبر نه هجي پر پليجو صاحب کي به گيت،
سنگيت ۽ فلمن سان وڏو چاهه هو ۽ هو اڪثر اسان جي سانگهڙ واري گهر ۾ راتيون اچي
رهندو هو ۽ پنهنجي ان ذوق جي پورائي ڪندو هو. اڪثر چوندو هو ته اسان جي اها
خوشنصيبي آهي جو اسان ان دور ۾ پيدا ٿياسين جنهن ۾ لتا منگيشڪر به موجود هئي.)
(محبوب وساڻ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
بي مثال لتا منگيشڪر:
خالق جوڻيجو
مون پنھنجي آتم ڪٿا
۾ لکيو ته؛´´مان مجموعي طور پنھنجي زندگيء مان مطمئن آھيان،
صرف ٻه پڇتاء (Regrets) آھن؛ ھڪڙو ته سنڌ ۾ شيخ مجيب سان ملي نه
سگھيس ٻيو انڊيا ۾ لتا منگيشڪر سان ملاقات نه ٿي سگھي``. وڌيڪ لکيم ته ´´جي ملاقات ٿئي ھا ته چوانس ھا ته؛ ´´انگريزن سنڌ کي بندوق ذريعي ممبئي سان ملايو جڏھن ته تو آواز جي جادوء
وسيلي اسانکي ممبئي سان ڳنڍيو``. ممبئي ۾ رھندڙ منھنجي ڀيڻ ننديتا منھنجي سياسي
سوچ جي پسمنظر ۾ چيو ته ´´دادا ! لتا ته BJP جي حمايتي
آھي``.مون چيس ته ان ڳالھ سان منھنجي ذھن کي ڪجھ تڪليف ضرور ٿئي ٿي پر اڌ صديء
تائين ھن جيڪا منھنجي روح کي جيڪا اڻ ميي راحت ڏني آھي ان کي ڪاڏي ڪيان. ۶۰ جي ڏھاڪي ۾ جڏھن مان اسڪول ۾ پڙھندو ھئس ته
والد ريڊيو وٺي آيو، ان ڏينھن کان اڄ تائين لتا جو منھنجي دل دماغ سان اڻ ٽٽ رشتو
قائم آھي ۽ ساه جي رشتي تائين قائم رھندو.مان جڏھن KDA ۾ انجنيئر
ھئس ته مون وٽ ھڪڙو نقوي صاحب سب انجنيئر ھوندو ھئو جيڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو ھئو. ان
ھڪ ڏينھن مونکي چيو ته؛ ´´جونیجو
صاحب ! ھماری یہ خوشقسمتی کیا کم ھے کہ ھم لتا منگیشکر کے دور میں جی رھے ھیں ؟``
(خالق جوڻيجو
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
جوتي ڪلش ڇلڪي..!!
اعجاز منگي
شيخ اياز کي لطيف
جو سر سورٺ تمام گهڻو وڻندو هو. هن اهو ڪٿي لکيو ناهي پر اياز اها ڳالهه اردوءَ جي
عظيم فيمينسٽ شاعره فهميده رياض کي ان دور ۾ خاص طور ٻڌائي هئي، جنهن دور ۾ هوءَ
هن جو ڪلام اردوءَ ۾ ترجمو ڪري رهي هئي.
اها ڄامشوري جي شور
ڪندڙ هوا واري رات هوندي. وي سي هائوس جي ڇپر ۾ ڪڏهن ڌيمي ۽ ڪڏهن تيز باهه زخمي
نانگڻ وانگر وٽ کائيندي هوندي ۽ اياز سگريٽ جو ڪش هڻي فهميده کي سمجهائيندو هوندو
ته لطيف جي ان سٽ ۾ ڪيئن لهجي؟
اها سٽ جنهن ۾ لطيف
لکيو آهي:
“پهه پروڙيان
پٿ، ڪينر منجهان ڪي”
ان ساحر سمي ۾ اياز
جيئن پيئڻ کان پوءِ منهوڙي واري موڙ جي سمنڊ وانگر ڇوليون ڇوليون بڻجي ڇلڻ لڳندو
هو. اياز جي ان انداز ۾ هڪ آرٽسٽ وانگر پيهي ويندڙ انقلابي شاعره لاءِ ڪنهن گهڙيءَ
ته سموري ڄامشوري ۾ خاموشي ڇائنجي وئي هوندي ۽ هوءَ اياز جو آواز به نه ٻڌي سگهندي
هوندي.ان پل دور ڪنهن لانگ ڪوٽ پاتل چوڪيدار جي هٿ ۾ کنيل ريڊيو تي لتا جو گيت
ايئن گونجندو هوندو، جيئن سون ۽ لکن ستارن سان سجايل هيءَ ڪائنات جيءَ جي نيري
گهرائيءَ سان جهونگاريندي هجي!!
اڄ سياري جا پويان
جهوٽا ڄامشوري جي وڻن کي ٻک هڻي ان وڃائجي ويل پل لاءِ پڪاريندا هوندا، جنهن پل
رات جو دير پهاڙين تان لهندڙ هوا مٿان لتا منگيشڪر جو آواز ترندو ويندو هو.
“پنک هوتي تو
اڙ آتي
رسيا او بالما تجهي
دل ڪي داغ دکلاتي”
“ميري نينان
ساون ڀادو
پهر بهي ميرا من
پياسا”
“لگ جا گلي
سي پهر يه حسين رات هو نه هو
شايد ڪه اس جنم مين
ملاقات هو نه هو”
يا
“يارا سلي
سلي برهه ڪي رات ڪا جلنا”
ٽٽل چوڙين سان
پنهنجي ڪارائي جوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري اها سانوري نينگري جيڪا گذريل جنم جي گهٽيءَ
۾ ڪجهه وساري آئي هئي. اداس روح واري اها راڳي جيڪا پاڻ کي وجود جي قيد مان نڪري
آتما جي رڻ کي اڪيرڻ واري مسافر سمجهندي هئي. جنهن کي صدائين جي پيرن سان ڪو وڏو ٿر
ٿيلڻو هو.
ڇا ان راڳيءَ جي
اها ياترا پوري ٿي؟
ڇا ان بادامي رنگ
جهڙي ڇوڪريءَ کي پنهنجي منزل ملي؟
ڇا هوءَ جنمن جي
دائرن مان نڪري سدائين لاءِ نرواڻ حاصل ڪري وئي؟
جيون هڪ سفر آهي.
هر انسان پنهنجي پنهنجي ڪلا سان قدم کڻي ٿو. هر شاعر جو هر شعر هن جي وک آهي. هر
مصور جو چٽ هن جو قدم آهي. لتا جو هر گيت هن جي پير جو هڪ سفر هو. مڌر سفر. پايل
جي ڇم ڇم جهڙو. جهانجهر جي جهان جيان ماحول جي ماٺ کي مات ڪندڙ قدم!!
گذريل ڏينهن اهو
سفر پنهنجي انجام تائين پهتو پر ڪو ته هن کان پڇا ڪري ها، ڇا تون پنهنجي منزل جي
ايترو قريب آهين؟ ايترو قريب جيترو قريب دشمن ملڪ جي جيل مان ڀڳل قيدي پنهنجي ديس
جي سرحد ويجهو هوندو آهي جو هن کي سرحدي علائقي ۾سمايل ڳوٺ جون ڳهريل روشنيون به
نظر اينديون آهن.
اها لتا جسماني طور
تي هن جڳ ۾ باقي نه رهي آهي. جيڪا لتا ۹۲ سالن جي عمر ۾ اسپتال داخل ٿي. هوءَ ڪيتري وقت کان وٺي
اگهي هئي. هن جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي هر ڏينهن سندس موت جا افواهه مينهن پڄاڻان
پيدا ٿيندڙ پرن وارن جيتن جيان اڏامندا رهيا پر نيٺ انهن افواهن حقيقت جو هنڌ وتو
۽ هوءَ جسماني طور تي هلي وئي.
هوءَ جيڪا پاڻ سرن
جي ستار هئي. هن جي ساهه جي تار ٻيانوي سالن تائين لرزندي رهي. اها تمام گهڻي ٿڪل
هئي. ان کي به ته آرام کپندو هو. هوءَ پنهنجيون ٻاجهاريون اکڙيون ٻوٽي ايئن سمهي
پئي جو هن کي وري ٻيهر نه اٿڻو هجي. ايندڙ جنم ۾ به نه!!
لتا جهڙا آرٽسٽ
آخري جنم وٺي ايندا آهن ۽ آخري جنم وٺي ويندا آهن. هو هڪ جنم ۾ سون جنمن جا سر
وکيري ويندا آهن. هڪ هڪ جنم ۾ هزارن جنمن جا سور سهي ويندا آهن. لتا صرف گهٽ نه ڳالهائيندي
هئي. لتا مسڪرائيندي به گهٽ هئي. هن جي اندر ۾ ڪو اٿاهه ڏک هو. هن جا نيڻ حسين هئا
پر مغرور نه هئا. هوءَ نهٺن نيڻن واري هرڻي هئي. هن جون اکيون سموري رڻ جو رڙيون
سنڀالي هلنديون هيون. هن جي اکين جي وٿين مان نظر ايندو هو، درد جو اهو درياهه جيڪو
هن جي آتما ۾ آهستي آهستي وهندو رهندو هو. اهو درياهه جيڪو لڄارن لڙڪن جو هو. هوءَ
جيڪا تمام گهٽ کلندي هئي پر جيڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان هن جي سانوري مک مٿان ڪا مرڪ
اچي به ويندي هئي ته ايئن لڳندو هو، ڄڻ اها مرڪ جي پردي پويان لڙڪ لاڙي رهي آهي.
هن جي جيون ۾ اهو ڪهڙو
دک هو؟ ڪهڙو درد هو؟ ڪهڙو ڪرب هو؟ جنهن جي هن ڪڏهن به وستار سان واکيا نه ڪئي.
هوءَ سدائين ڪجهه چوندي چوندي سانت ٿي ويندي هئي. هوءَ جنهن کي هڪ جڳ جهان جي سڀ
کان خوشنصيب خاتون سمجهندو هو پر هن کي ان لتا جو پتو هو، جيڪا لڙڪن مان جڙي هئي.
آخر ڪو ته سبب هو جو هوءَ آخري انٽريو ۾ به ٻيهر لتا منگيشڪر نه ٿيڻ جي تمنا جو
اظهار ٿي ڪيو. ڪهڙي ناري لتامنگيشڪر نه ٿيڻ چاهيندي؟ ننڍي کنڊ ۾ هزارين نه پر لکين
اهڙيون نينگريون هيون، جن لتا جي انداز ۾ ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. جن جو خواب هو ته هو
سموريون نه سهي پر ٿورڙيون به “لتا جي” جهڙيون ٿي سگهن. هو ان لاءِ پنهنجي جيون جو
هڪ هڪ پراڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار هونديون هيون.
جيڪڏهن انهن جي جيون ۾ لتا جو هڪ گيت به ليئو پائي ته هو پاڻ کي پنهنجي
پيار لائق سمجهن ها. انهن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. پر شايد موسيقيءَ جي مڌرتا ۾ “ڪوشش”
لفظ ڪنڊي جهڙو هجي ٿو. اردو ٻوليءَ ۾ ان ارپنا کي “رياض” ڪوٺيندا آهن پر هندي ٻوليءَ
۾ ان لاءِ تمام سندر ۽ سشيل لفظ آهي. هندي ٻوليءَ ۾ سرن جي سفر کي “ساڌنا” سڏيو
ويندو آهي ۽ اهو لفظ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي معنيٰ جي قريب محسوس ٿيندو آهي.
سو! لتا جي هڪ جهلڪ
جهڙي ٿيڻ لاءِ لکين نارين پاڻ کي ڪلا جي ڪناري نچوڙيو، نپوڙيو، سڪايو ۽ ستايو!! پر
ڪا لتا نه ٿي سگهي. ڪا لتا ٿي به نه ٿي سگهي. اهو ممڪن به نه هو ته ڪا لتا ٿي
سگهي. هن جي ڀيڻ جنهن ساڳي ڪک مان جنم ورتو. جنهن جو آواز پرڪشش آهي. پر هن ۾ به
“لتا” ٿيڻ جي “آشا” رهي. هوءَ به لتا ٿي نه سگهي.
۽ صرف لتا جو
آواز مڌر نه هو. ننڍي کنڊ ۾ٻيون ناريون به سرن واري ڏات جا مهڪيل گلاب کڻي آيون. ڇا
ثريا جو آواز سهڻو نه هو؟ ۽ گيتا دت ته گيتا دت هئي. هن جي ڳايل گيتن جي گونج اهڙي
ڪرلائيندڙ ڪونج هئي، جيڪا صرف هن جو پتو ڏيندي هئي پر هوءَ تمام مڌر گيتن جا ڦول ڦهلائي
به لتا نه ٿي سگهي.
لتا هڪ الڳ فنامنا
(Phenomenon)
هئي. هن جي جوڙجڪ ٻين جهڙي نه هئي. هونءَ ته هر انسان ٻي انسان کان نرالو هوندو
آهي پر لتا جي لئه ۾ ڪجهه اهڙو هو، جنهن جو سحر صدين کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيندو
آهي. لتا ۾ آخر ڪجهه ته هو جو اهو عام جام چيو ويندو هو ته “لتا جي ڳلي مان ڀڳوان
پاڻ ڳائي ٿو”
پر جڏهن لتا نيڻ ٻوٽي
ڳائيندي هئي:
“جوتي ڪلش ڇلڪي
هوئي سنهري لال
گلابي
رنگ دل بادل ڪي
جوتي ڪلش ڇلڪي”
تڏهن ديو لوڪ ۾ به
هڪ ماٺ ڇائنجي ويندي هئي ۽ ان سانت ۾ صرف لتا جي آواز جون گهنٽيون گونجنديون هيون.
لتا ڪيترا گيت ڳاتا
يا ڪيترن گيتن لتا کي ڳاتو؟ اهو ليکو ڪرڻ اجايو آهي. لتا جي سلسلي ۾ گيتن جو تعداد
پروڙڻ به درست نه ٿيندو. ڇو ته اهو سوال ڪميت جو ناهي. اهو سوال ڪيفيت جو آهي. لتا
تعداد نه هئي. لتا فرياد هئي. اهڙي فرياد جيڪي ڀونءَ تان ڀڙڪو ڏئي اڏامندي هئي ۽
ستارن سان سر ٽڪرائڻ لڳندي هئي. لتا صرف فن نه هئي. لتا فن جي فتح هئي. جيڪڏهن لتا
فن جي فتح نه هجي ها ته ٻه قومي نظرئي تي پهرين ٻه ٽڪر ۽ پوءِ ٽي ٽڪر ٿيندڙ هن ننڍي
کنڊ کي هن آخر تائين سرن سان ڪيئن سبي رکيو؟
لتا جي صدا ان پنڇيءَ
جهڙي هوندي هئي، جيڪو پاسپورٽ وٺي ٻي ملڪ ۾ داخل نه ٿيندو آهي. لتا جي صدا ان پَون
جهڙي هئي، جنهن کي ڪا به سرحد روڪي نه سگهندي هئي. هن جا گيت ۾ پاڪستان ۾ گهڙڻ
لاءِ واگها بارڊر تي بيهي اجازت طلب نه ڪندا هئا. هوءَ آڪاش تان لهندي هئي ۽ ماڻهن
جي من ۾ سمائجي ويندي هئي. هن جو وڇوڙو وقت جي هڪ وڏي دور جو وڇوڙو سمجهڻ گهرجي.
لتا جو موڪلائي وڃڻ هڪ دور جي الوداع جهڙو لمحو آهي.
هن جي گيتن تي ملڪن
۽ مذهبن جومت ڀيد وساري ماڻهو محبت ۾ جهومڻ ۽ جرڪڻ لڳندا هئا. دل جي عميق احساسن
سبب انهن جي نيڻن مان وهندڙ لڙڪ نه هندو هوندا هئا ۽ نه مسلمان، نه سک ۽ نه عيسائي
۽ نه وري اهي ڪافر جيڪي فخر سان ٻڌائيندا آهن ته هو ڪنهن به عقيدي ۾ ويساهه نه رکندا
آهن. پر هڪ ڪافر به قرب ۾ ڪسي سگهي ٿو.
لتا جي بابت، لتا
جي گيتن باري ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪا قرت العين حيدر به لکيو آهي پر هن جي باري ۾
جيڪو پروين شاڪر جو نظم آهي، سو ته پاڪ ڀارت سرحد جي مٿان سنگ مرر جي پٿر تي اڪرڻ
جهڙو آهي. پروين شاڪر جو اهو نظم آزاد نظم جنهن ۾ هوءَ لکي ٿي ته:
اور لتا ڪي رس ٽپڪاتي،
شهد آگين آواز ايسي اڀري
جيسي حبس زده ڪمري
مين
دريا ڪي رخ والي کڙڪي
کلني لگي هو
مين ني ديکا
جسمون اور چهرون ڪي
تنائو
ان ديکي هاٿون ڪي ٺنڊڪ
پيار ڪي شبنم ڇڙڪ
رهي ٿي
مسخ شده چهري جيسي ڦر سنور رهي ٿي
ميري نيشنليسٽ ڪوليگز
هاٿون ڪي پيالون مين
ٺوڙيان رکي
ساڪتاور جامد بيٺين
ٿين
گيت ڪا جادو بول
رها ٿا
مشترڪه دشمن ڪي بيٽي
مشترڪه محبوب ڪي
صورت
اجلي ريشم لهجون ڪي
بانهين ڦهلائي
همين سميٽي
ناچ رهي ٿين!!”
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
سر ساز به سڏڪن ۾
ايڊيٽوريل پنھنجي
اخبار
جيڪڏهن شيخ اياز جي
شاعري جون هي سٽون
“آ جو آواز
آهيان،
زندگيءَ جو راز آهيان.
ٿو وڃان ڏور تائين،
روڪ جي روڪي سگهين.”
ڪنهن کي ڀيٽا طور
پيش ڪجن ته لتا منگيشڪر کي ئي ڀيٽي سگهجن ٿيون. لتا منگيشڪر جنهن جو آواز سڀ سرحدي
پابنديون ٽوڙي ماڻهن کي موهيندو رهيو، جنهن کي ڪهڙا لقب ڏئي ڪهڙا لقب ڏجن، سندس
نالي اڳيان سڀئي لقب سجدو ڪيون بيٺا آهن. سرن جي راڻي، ننڍي کنڊ جي ڪوئل، انڊيا جي
بلبل. هو ته سرن ۾ ساهه وجهندڙ هئي، جنهن جي آواز سان سر رقص ڪرڻ لڳندا هئا، هو جيڪا
هر ڪنهن جي دل ۾ پيهي رهي هئي ۽ هن جي آواز سان موسيقي سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو جي
دل ڌڙڪندي هئي. هوءَ ڌرتي تي آئي، پنهنجي گيتن جي گونج سدائين لاءِ ڇڏي وئي، هو رڳو
پنهنجي دور جي نه پر هر دور جي سرن جي راڻي آهي جنهن جا گيت هر عمر جي انسان جي ڪنن ۾ ماکي لار وانگر لهي رهيا آهن.
اڄ نه رڳو انڊيا، ننڍي
کنڊ پر دنيا ۾ موسيقي سان پيار ڪندڙ هر ماڻهو پنهنجي گهر ۾ تڏو وڇايل محسوس ڪري ٿو،
ڇاڪاڻ ته لتا منگيشڪر جو وڇوڙو ڪنهن مخصوص خاندان، مخصوص شهر، مخصوص ملڪ جو نقصان
نه پر موسيقي جي چاهيندڙن جو نقصان آهي ڇاڪاڻ ته اهي لتا منگيشڪر کي نه رڳو پنهنجو
سمجهن ٿا پر انهي سان پنهنجن وانگر پيار به ڪن ٿا. هر ماڻهو پنهنجي ڪردار سان
پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندو آهي پر ڪي ڪي ڪردار دورن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن ۽ لتا
منگيشڪر اها فنڪاره آهي جنهن هڪ دور کي سڃاڻپ ڏني پر اها سڃاڻپ رڳو انهي دور تائين
محدود نه رهندي پر صدين تائين پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندي، ڀلي کڻي اڄ هو اسان کان
جسماني طور وڇڙي وئي آهي پر سندس آواز صدين تائين پيو گونجندو ۽ سند س آواز کي هر
دل پنهنجي ڌڙڪن محسوس ڪندي، مينا ڪماري جي انهن سٽن وانگر؛
ياد هم ڪو ڪري گا صديون تڪ
ڇوڙ جائين گي يه جهان تنها
رڳو هو اڪيلي نه
وئي آهي پر هن کانسواءِ موسيقي جو هي جهان به اڪيلو اڪيلو ٿي پيو آهي جتي وري ڪا ٻي
لتا منگيشڪر اچڻ ممڪن ناهي. هو ڏات جي ديوي هئي، هو سرن جي راڻي هئي جيڪا هن ننڍي
کنڊ کي تحفي وانگر نصيب ٿي.هن جو آواز سرحدن جو محتاج نه هو،هونئن به چوڻي آهي ته
فن سرحدن جا محتاج نه هوندا آهن پر ڪٿي ڪٿي دنياداري ۾ انهن آڏو رڪاوٽون به
اينديون آهن پر لتا جو آواز ڪنهن به رڪاوٽ کي پنهنجي آڏو اچڻ نه ڏنو هو. هن جو
آواز درد جو ديپ به هو، ته من جو مندر به. اهو
غم جو ساگر به هو ته ،هڪ وچن به. هن جو آواز ننڍپڻ جي محبت به هو ته، جواني
جي راتين ۾ جلڻ به. هن جو آواز جيئڻ جي تمنا به هو ته عجيب داستان به هو. هن جو آواز پيار جو نغمو به هو ته بيقراري ۾
قرار به. مطلب زندگي جو اهڙو ڪهڙو لمحو ۽ احساس آهي جنهن کي لتا جو آواز محسوس نه ٿو
ڪرائي سگهي ۽ انهي ڪيفيت کي اظهاري نه ٿو سگهي، ايئن چئجي ته هن جو آواز هر ماڻهو جي زندگي جي ساهن جو سفر آهي ته غلط
نه ٿيندو.
انهي آواز جي مالڪياڻي
۽ سرن جي راڻي جسماني طور هن دنيا کان موڪلاڻي ڪئي آهي جنهن تي اڄ سر ۽ ساز به سڏڪن ۾ آهن پر جيستائين اهي سر
۽ ساز موجود آهن اهو آواز ماڻهن جي ڪنن ۾ امرت رس اوتيندو رهندو، انهي آواز کي ڪير
به وساري نه ٿو سگهي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا منگيشڪر
سرن جي بي تاج ملڪه
ڊاڪٽر محمود
سومرو
لتا منگيشڪر ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع تي اندور مھاراشٽرا صوبي ۾ ماسٽر دينا ناٿ
منگيشڪر جي گھر پيدا ٿي. ھن جو والد ھڪ ڪلاسيڪل سنگر سان گڏ ٿيٽر ايڪٽر به ھو.
سندس اصل نالو ته ھيما منگيشڪر رکيو ويو پر بعد ۾ ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ ڪري لتيڪا جي نالي
متعارف ڪرايو ويو. اڳتي ھلي اھو نالو لتا جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو. ھن موسيقي جي
شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ورتي. منگيشڪر ھن جي وڏن جي زماني کان سندن خاندان
جي پويان ان ڪري ھلندو پيو اچي جو گووا ۾ ھڪ شو جو مندر منگيشڪر جي نالي سان ھو ان
۾ ھنن جي ابن ڏاڏن جي خدمت ڪرڻ جو رول رھندو پيو اچي. شروع ۾ ھن کي مراٺي فلمن ۾
گانا ۽ ڪجھه اداڪاري جو ڪم مليو پر جڏھن ۱۳ سالن جي عمر کي پھتي ته ھن جي والد جي ديهانت ڪري وڃڻ ڪري
ان جو ھڪ دوست ھن فيمليءَ کي بمبئي وٺي آيو.
جتي آھستي آھستي
لتا جو ڪيريئر شروع ته ٿيو پر کيس ان وقت
ھڪ وڏو صدمو رسيو جڏھن ماسٽر غلام حيدر ھن کي ھڪ فلمساز جيڪو ان وقت فلم شھيد ٺاھي
رھيو ھو ان وٽ گاني جي لاءِ وٺي ويو جنھن لتا جو آواز ٻڌي کيس رجيڪٽ ڪري ڇڏيو. ان
تي ماسٽر غلام حيدر ان کي ڪاوڙ مان اھو چئي ڏنو ته اھڙو وقت به ايندو جڏھن لتا جي
لاءِ فلم ساز ھن کي پيرن تي هٿ رکي ٻانھون ٻڌي وقت وٺڻ لاءِ قطارن ۾ بيھندا. ماسٽر
غلام حيدر ۽ استاد امان خان جي موسيقيءَ جي تعليم ھيٺ لتا ۾ اعتماد ۽ پختگي اچڻ ڪري
ھن ماسٽر غلام حيدر جي موسيقيءَ ۾ فلم مجبور لاءِ گانو“دل ايسا مارا توڙا مجهي ڪهين
ڪا نهنهين ڇوڙا” رڪارڊ ڪرايو جڏھن فلم رليز ٿي ته ان گاني ۽ فلم جي ٻين گانن لتا
جي صورت ۾ ماڻھن کي ھڪ مستقبل جي سنگر جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ان کان پوءِ ۱۹۴۹ع ۾ موسيقار کيم چند پرڪاش جي فلم محل واري
گاني “ آئيگا آئيگا آني والا آئيگا ” جنھن مڌو بالا کي به مقبول ڪرايو ھو، ھڪدم ھن
کي شھرت جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو. بعد ۾ ماسٽر غلام حيدر جي چوڻ مطابق واقعي
موسيقارن جي ڊگھي قطار جن ۾ انيل بسواس، سيسل چوڌري، نوشاد، ايس، ڊي برمن، لڪشمي ڪانت
پياري لال، شنڪر جيڪشن، ڪليان جي آنند جي، روي، خيام. آر ڊي برمن، راڪيش روشن،
وغيره وغيره قطارن ۾ ٻيٺل نظر به آيا. پر
ھن کان جڏھن مدن موھن گانا ڳارايا ته ھن جي منفرد ۽ لازوال ڌنن جي ڪري لتا کي ميلوڊي
ڪوئن ۽ بلبل ھند جا خطاب ملڻ شروع ٿي ويا.
لتا پنھنجي ٻين ڀينرن
جھڙوڪ مينو منگيشڪر، آشا ڀوسلي، اوشا
منگيشڪر ۽ ھڪ ڀاءَ ڊاڪٽر ھرديناٿ منگيشڪر کان وڏي ھجڻ ڪري خاندان کي پالڻ ۽ سنڀالڻ
جي ذميواريءَ جي احساس ھن کي شادي جي سوچ کان پري ڪري ڇڏيو. ھن جو افيئر راجستان
جي ھڪ راجا جي پٽ سان ھلندو رھيو پر شادي ان خاندان جي سخت مخالفت سبب نه ٿي سگهي.
استاد سلامت علي خان به پنھنجي انٽرويو ۾ سندس لتا سان شادي متعلق ٻڌائيندي چيو جي
ايئن ٿئي ھا ته ٻنھي ملڪن جي تعلقات ۾ سخت خرابي پيدا ٿيڻ جو خطرو موجود ھو. ھن
جون ٻيون ڀينر به ڳائينديون ھيون پر انھن ۾ آشا ڀوسلي ئي مستند ۽ مستقل گلوڪاره
طور ڪامياب ٿي. ھن جو ڀاءُ ھردي ناٿ آھي ته ميڊيڪل ڊاڪٽر پر ھڪ سٺو موسيقار پڻ
آھي، لتا مشھور گانو “يارا سلي سلي” ھن جي موسيقيءَ ۾ ڳايو آهي. لتا ھر گلوڪار سان
ڳايو پر ھن جي جوڙي محمد رفيع سان وڌيڪَ مشھور ۽ ڪامياب رھي. بد قسمتيءَ سان ٻنھي
جي وچ ۾ رائيلٽي ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ جي لاءِ چپقلش رھڻ ڪري ھنن ھڪ ٻئي سان ڳائڻ
بند ڪري ڇڏيو. ھنن ٻين گلوڪارن ۽ گلوڪارائن سان ڳايو جيڪي ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جا ھيا
يا ھيون پر اھا ڪوالٽي نه ملي سگھي. ھنن جي ويڙھه جو فائدو اڳتي ھلي آشا ڀوسلي کي
مليو جنھن کي ورلڊ رڪارڊ سان گڏ گنيز ورلڊ رڪارڊ به ملي ويو.
لتا جو ڪمال اھو ھو
ته ۹۰ سالن کان عمر مٿي نڪرڻ کان پوءِ به ھن جي آواز ۾ ڪا تبديلي يا لرزش محسوس
نه ڪئي وئي. ھن آخري گانو ۲۰۱۹ع ۾ رڪارڊ ڪرايو ھو. ھندوستان ۾ ھن کي فالو يا نقل ڪرڻ ۾
ڪافي ڳائڻيون آيون جيئن ھيم لتا جنھن پنھنجو نالو به ھن جي ٻنھي نالن کي ملائي
رکيو، ثمن ڪليانپور، ايلڪا ياگنڪ، مبارڪ بيگم، شريا گوشال وغيره پر ھن جي ليول کي
رسڻ ڪڏھن به ھنن جي لاءِ ممڪن نه رهيو. کيس فلمي، قومي، ملڪي يا غير ملڪي ايوارڊ
ملي چڪا آهن جن ۾ فلم فيئر ايوارڊ، دادا صاحب ڦالڪي، ڀارت رتنا، ڀارت وبوشن، ڀارت
بوشن ۽ ۲۰۰۷ع ۾ حڪومت فرانس طرفان ليجن آف آنر به شامل آهن. ھن کي شروع ۾ زھر به ڏنو
ويو ھو، پر ماڻھن جي دعا جي ڪري خوش قسمتيءَ سان بچي ويئي. ھن تقريبن ۱۱ فلمن ۾ موسيقار ۽ پروڊيوسر طور به حصو
ورتو. لتا ھر انٽرويو ۾ ماسٽر غلام حيدر ۽ ميڊم نورجهان کي پنھنجا استاد ٻڌائيندي
رھي. ۱۹۷۴ع ۾ رايل البرٽ ھال لنڊن ۾ ھن جي ڳائڻ جي شروعات کان اڳ دليپ ڪمار ھن جو تعارف ڪرائيندي لتا منگيشڪر جي متعلق جيڪي لفظ چيا اھي واقعي
ھن عظيم گلوڪاره کي بھترين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو عاليشان نمونو چئي سگھجي ٿو.“ جس
طرح اڀرتي سورج ڪي ڪرنين ڪسي ايڪ خطي ڪي ليئي نهين هوتي،جس طرح بهتي ندياڪا ڪوئي
مسڪن نهين هوتا،جس طرح ڦول ڪي خوشبو ڪا ڪوئي رنگ نهين هوتا،جس طرح ڪسي ايڪ معصوم
بچي ڪي مسڪراهٽ ڪا ڪوئي مذهب نهين هوتا،بلڪل اسي طرح لتا منگيشڪر ڪي آواز پوري
انسانذات ڪي ليئي قدرت ڪا انمول تحفا هي ”
لتا منگيشڪر ۲۰ ٻولين جن ۾ سنڌي ٻولي به شامل آهي تقريبان پنجاهه ھزار فلمي ۽ غير فلمي
گانا ڳايا.
ھن پھريون فلمي گيت
فلم سيوا ۾ ۱۹۳۹ع ۾ ڳايو ھو. ڪجھه ڏينھن اڳ کيس نمونيا جي ڪري اسپتال ۾داخل ڪيو ويو ھو پر
اتي ڪورونا ٿيڻ کان پوءِ ھن ۹۲ سالن جي عمر ۾ ديھانت ڪيو، پر رھندي دنيا تائين ھن جي آواز کي ماڻھو ھر دور ۾ ٻڌي
کيس خراج تحسين پيش ڪندا رھندا. نورجھان، مھدي حسن، غلام علي، نصرت فتح علي خان
ھندوستان بار بار ويندا رھيا پر افسوس جو لتا منگيشڪر جي پنھنجي خواهش ظاهر ڪرڻ جي
باوجود کيس پاڪستان اچڻ جو موقعو نه مليو.
آخر ۾ ھن مضمون کي گلزار صاحب جي ھڪ لکيل
غزل جيڪو لتا منگيشڪر فلم ڪنارا لاءِ ڳايو ان تي ختم ڪري رھيو آھيان.
نام گم جائيگا، چهره بدل جائيگا،
ميري آواز هي ميري پهچان هي گر ياد هي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا منگيشڪر
رات به منهنجو ريءُ ڪاٽيو
تو ڪماچ سين.....
شھباز پيرزادي جي
پوسٽ
اکيون ته ان لمحي
ئي ڳاڙهيون ٿي ويو هيون جڏهن اڻڄاڻ ڄاڻون ننڍي کنڊ جي تمام وڏي گلوڪاره لتا منگيشڪر
جي پرلوڪ پڌاري وڃڻ جون ڪوڙيون افواهون هلائي رهيا هئا کين پتو ئي نه هئو ته سندن ڦهلايل
ڪوڙي افواهه هزارين ڪومل دلين کي صدمو رسائي سگهي ٿي ۽ اکين ۾ اهڙا لڙڪ آڻي سگهي ٿي
جيڪي لڙڪ راڳ جي يتيم ٿيڻ جي ڏک منجهان خودساخته وهي پوندا جن کي روڪڻ تمام مشڪل
هئو...
ها جڏهن ڪجهه ڏينهن
پهريان لتا جي وڇوڙي جي ڳالهه ڪوڙي ثابت ٿي ته من ۾ هڪ آس ڪر کنيو ته شال اهڙي خبر
سدائين ڪوڙي ثابت ٿئي ته گلوڪاره لتا منگيشڪر جي مٿي جو تلڪ ڪڏهن به غائب نه ٿئي نڪي
هندستان سميت سڄي دنيا جا ماڻهو سندس مڌر
آواز کان محروم ٿين پر اڄ وري ساڳئي
خبر واچوڙي جيان ڦري رهي آهي ۽ ذهن جو گهوڙو
ان خبر کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پيو آهي لتا جو مڌر آواز ڪمري جي ڀتين
سان ٽڪرائجي رهيو آهي ڄاڻ سان سڀئي وسيلا سرچ هيٺ آهن پر شايد زندگي وڇوڙي جي ڄار
۾ ڦاسي پئي آهي سُر ۽ ساز اٻاڻڪي حالت ۾ آهن صبح جا آلاپ ڳوڙهن سبب گهگها ٿي پيا
آهن ۽ پرين جي ياد ۾ اڌ رات جو لکيل خط صبح ٿيڻ سان ئي اڻپورو لڳي رهيو آهي ڇو جو
ان ۾ لتا جي وڇوڙي جو ذڪر ڪونهي پنهنجي درد ڪهاڻيءَ کان هزارين ڀيرا ڏک جي ڳالهه
لتا جو وڇوڙو آهي ڇو جو جڏهن جڏهن دل اداس ٿي اڪيلي ڪمري ۾ پرينءَ کي ياد ڪيو ته
لتا جو مڌر آواز روح کي راحت ڏيڻ لاءِ ڪافي
هئو ڪيترا دفعا سندس آواز تي ننڍ به اچي وئي ۽ ڪيترا ڀيرا لتا کي ٻڌڻ کانپوءِ من
منجهان دنياوي زنگ لهندي به محسوس ٿيو ڇو
ته سندس آواز فطرت سان هم آهنگ هئو ۽ مصنوعيت کان پاڪ هئو ....
تان ۽ پلٽي کي ڇڏي ڪري
جادوئي آواز سان من ۾ ڇير وڄائيندڙ ۽ روح ۾ رمجهم ڦهلائيندڙ لتا منگيشڪر جو وڇوڙو
ساز ۽ آواز جي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن مثل آهي سُر سورٺ ۽ ڪوهياري اڄ هڪ ئي محفل ۾ گڏ
ناهن ڳايا ويا نڪي صبح جو پهر ۾ راڻي جو آلاپ آيو آهي ٽوڙي ۽ ٺُمري به اڪيلون ٿي
ويون آهن راڳ جو سڄو جهان تنهائي جي گهيري ۾ آهي، پکي اداس آهن اُس تکي ٿي وئي آهي
۽ سنڌ سڏڪي رهي آهي ڇو ته سنڌو جي جل تي جيئندڙ هند ۽ سنڌ جو لاڳاپو فطري آهي انڪري
ٻنهي جاڙن ڀائرن جهڙي ملڪن ۾ هڪ جهڙو سوڳ آهي سحر انگيز آواز جي مالڪ لتا منگيشڪر
وڇڙي وئي آهي خبر جي ڪوڙي هجڻ جو خيال هر هر اچي رهيو آهي پر ڄاڻ جا وسيلا مثبت موٽ
نٿا ڏين .........
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا زنده آهي!
اصغر سومرو جي
پوسٽ
جيئن پيغمبر، ولي،
مفڪر، عالم، ڏاها ۽ ٻيا هزارين عظيم شخص جسماني طور زمين جي هيٺان رهڻ باوجود به
زنده آهن، ساڳي طرح لتا به پنهنجي مڌر آواز ذريعي ماڻهن جي دلين مٿان قيامت تائين
پنهنجو راڄ قائم رکندي. اهڙين عظيم شخصيتن
جي جسماني وڇوڙي مهل مونکي محسوس ٿيندو آهي ته وفات، مرڻ، برقو مٽائڻ وغيره جهڙا
لفظ استعمال نه ٿيڻ کپن. شايد اها اسانجي ٻولي ۾ لفظن جي کوٽ آهي جو اڄ تائين ڪو
خاص الڳ لفظ ايجاد ناهيون ڪري سگهيا. لتا پٺيان ڇڏيل شاندار Legacy بابت ته سڀڪو لکندو ۽ ڳالهائيندو ته هنُ هزار
فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ستاويهه هزار کان مٿي مختلف ٻولين ۾ ڪلام ڳايا، پر آئون هتي اڄ
سندس زندگي بابت ڪجهه اهم شيون ونڊڻ ٿو چاهيان.اسان وٽ علم ۽ ڄاڻ جي تنگ وصف آهي،
پر ذهانت صرف لکڻ پڙهڻ تائين محدود ناهي. توهانکي خبر آهي لتا رڳو هڪ ڏينهن لاءِ اسڪول وئي هئي ۽ ان کانپوءِ
توبهه ڪري اسڪول مان ڀڄي وئي!! اسان وٽ تعليم جو جوڙيل نظام گهڻ رخي صلاحيتون
نروار ڪرڻ وارو ناهي. شايد لتا اسڪول ۾ رهي ها ته لتا، لتا نه ٿي سگهي ها. هونئن
به مون ڏٺو آهي ته غيرمعمولي ڏات وارا ماڻهو درياهه وانگر هوندا آهن جيڪي پنهنجو
رستو پاڻ ٺاهيندا آهن.ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته راڳ لتا لاءِ رڳو شهرت ۽ روزگار جو
ذريعو نه هئو پر عبادت هو. جيئن پاڻ پاڪ ڪتاب جي تلاوت ڪرڻ مهل جُتا لاهيندا آهيون
لتا به هميشه جوتا لاهي پوءِ ڳائيندي هئي.وڏيون منزلون ايئن آساني سان ناهن ملنديون جيتري تائين ان ۾ پگهر،
پيار، سچائي ۽ قرباني شامل نه هجن. لتا پنهنجي مزاج ۾ انتهائي شرميلي هئي هوءَ ڪڏهن
به پنهنجو معاوضو وڌائڻ يا سندن ڪلامن واري ڪمائي مان حصو نه گهري سگهندي هئي. لتا
پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻا ڏک ۽ تڪليفون به ڏٺيون. تيرنهن سالن جي عمر ۾ سندس والد
وفات ڪري ويو پوءِ اڪيلي سر ڪمائي گهر هلائيندي رهي. تاريخي طور وڏي ماڻهن جي هڪ
خاص خوبي اها به هوندي آهي ته هزار زندگي جي تلخين باوجود انهن جي لهجي ۾ Bitterness /ڪَڙائڻ
ناهي هوندي، پر لتا ته رڳو مٺاڻ ئي مٺاڻ هو! آواز هجي توڻي شخصيت .هتي هڪ ٻي ڳالهه
به ڪرڻ تي دل ٿي چوي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي ناليواري وڏي ليکڪ ۽ ڪالمنگار سان سمنڊ ڪناري
شام جي پهر دوران ڪچهري ڪندي سوال پڇو مانس ته جڏهن تون هي دنيا ڇڏي وڃين ته سنڌ
توکي ڪهڙي حوالي سان ياد ڪري؟ تنهنجي لهجي ۾ اڄ ڪلهه ايڏي ڪاوڙ ۽ غصو ڇو ڀريل آهي؟
ڇا تو ڪڏهن پنهنجي پويان ڇڏيل legacy بابت سوچيو آهي؟ پهرين ته هن منهنجو سوال ٽارڻ
لاءِ چيو ته هو نٿو چاهي ته هُن کي ياد ڪيو وڃي..پر بعد ۾ هن چيو ته هن کي هڪ Mentor/ رهنمائي ڪندڙ
طور ياد ڪيو وڃي جنهن ماڻهن کي هميشه اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو.. جيڪا ڳالهه سئو سيڪڙو
سچ به هئي.سنڌ ۾ موجوده وقت ۾ هڪ مينٽور ۽ همت ڏياريندڙ ڪردارن جي شديد کوٽ محسوس ٿي
رهي آهي. تنهنڪري، ماڻهن کي حوصلو ڏيو ۽
رهنمائي ڪيو. ڀلي اهي لتا يا آئنسٽائن نه ٿين، پر
قابل، سچا ۽ سڌا انسان ته ضرور ٿيندا. لتا ڀلي اسڪول ۾ نه پڙهي پر مونکي نٿو
لڳي بنا ڪنهن Mentor جي اڳتي وڌي هجي. تنهنڪري، پنهنجي legacy بابت
سوچيندا رهو جيئن آخر تائين ٽريڪ تان نه لهو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا جو امر آواز
جيستائين دنيا آهي
تيستائين قائم رهندو
حميده گهانگهرو
جي پوسٽ
ٻن ڏينهن جي شديد
بخار کانپوءِ جڏهن صبح جو اک کلي ته اوچتو سوشل ميڊيا چيڪ ڪندي خبر پئي لتا جنهن
جي آواز کي مان ديوانگي جي حد تائين پسند ڪندي آهيان، مون کي ناهي خبر ته سرحدن جي
ڪيتري اهميت آهي، پر ساز، آواز جو سرير سرحدن جي لڪير کان تمام مٿانهون آهي. بلڪه
فنڪار، اديب شاعر زنجير جون اهي ڪڙيون آهن جيڪي هڪ ٻئي سان ملي ڌرتي جي گول دائري
کي ويڙهين ٿيون. اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته فنڪار در اصل ملڪن جي وچ ۾ امن جي پل
جو ڪردار ادا ڪن ٿا. سچ ته اهو آهي لتا جي گونج ڪڏهن به کيس مرڻ نه ڏيندي.
لتا ڪلهه، اڄ ۽ سڀاڻي
جي سر ۽ سنگيت جي راءِ آهي. اڄ جي دور ۾
جيڪي نوجوان ڇوڪريون ڳائڻ جي مقابلي ۾ اچن ٿيون لتا انهن لاءِ روشن شمع جو مثال
آهي. لفظ ڀيٽا پيش ڪرڻ شايد اڻپورو لڳي هيءُ امر آواز جيستائين دنيا قائم آهي لتا
هر دور ۾ جسماني طرح نه پر آواز ۾ هميشه زنده رهندي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ايشيا جي ڪوئل لتا منگيشڪر
جي ڳلي ڳائڻ ڇڏي ڏنو
ايڊيٽوريل عوامي
آواز
اهو درست آهي ته هي
دنيا هڪ اسٽيج آهي، جنهن تي هر ڪو جنم وٺي پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليو ٿو وڃي، ها،
پر مئي پڄاڻان انسان جو ڪردار انسان جا ڳڻ، انسان
جون خدمتون رهندي دنيا تائين ڳائبيون رهبيون .
ننڍي کنڊ جن وڏن ڪلاڪارن
کي جنم ڏنو آهي، لتا منگيشڪر به انهن مان
هڪ هئي. هن ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹ تي مڌيا پرديش ۾ جنم ورتو،فن هن کي ٻاروتڻ ۾ ان لحاظ سان فن مليو جو سندس والد پنڊت ديناناٿ منگيشڪر مرهٺي ڪلاسيڪل راڳ جو وڏو ڄاڻو هو، جيڪو
ٿيٽر ۾ اداڪاري جا جوهربه ڏيکاريندو هو. ايئن ڳائڻ وڄائڻ جي دنيا سان سندس
تعلق جنم کان ئي جڙيل هو يا وري شايد ان
کان اڳ جو قدرت جي اهڙي خزاني جي ورهاست زمان ۽ مڪان جي قيد کان آجي هوندي آهي.
قدرت جي هن هيري جو
نالو سندس والد اڳتي هلي بدلائي لتا رکيو هو، سندس پي ءُ سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ خاتون
لتا جو آواز کيس گهڻو وڻيو هو، ڪو ايئن چئي سگهي ٿو ته انسان تي نالي جو اثر ٿئي ٿو.
سندس والد لتا جو سنگيت جو پهريون استاد هو، جنهن کيس آواز جي هر اثر جي کيس آهستي
آهستي ڄاڻ ڏني هئي.
امر اواز جي مالڪياڻي
اڃان مس تيرهن سالن جي هئي ته سندس والد پر لوڪ پڌاري ويو، جنهن بعد سندن هڪ عزيز
هن ڪٽنب جي ٻارن جي سنڀال ڪئي. هن ننڍپڻ ۾ ٻارن کي موسيقي جي سکيا ڏني هئي. اهڙي
طرح سندس آواز ۾ وڌيڪ پختگي پيدا ٿي.
ننڍي کنڊ جي ڪروڙين
ماڻهن کي پنهنجي آواز جي سحر ۾ قيد ڪندڙ هن خاتون کي پهريون ڀيرو ۱۹۷۴ ۾ لنڊن جي البرٽ هال ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو،
هن پهرين مرهٺي فلم ”ڪيتي هسال“ لاءِ ڳايو هو .پر اهو فلم مان خارج ڪيو ويو.چيو ٿو
وڃي ته شروع ۾ سندس آواز تمام گهڻو سنهو
هئڻ هن کي ڳائڻ نه ڏنو ويندو هو پر هن ڪڏهن به همٿ نه هاري، نيٺ آهستي آهستي دنيا
سندس آواز ۽ انداز کي مڃتا ڏيڻ لڳي. ۱۹۴۳ ۾ هن جي آواز کي فلمن لاءِ هڪ مڃيل آواز سمجهيو ويندو
هو. لتامنگيشڪر ۱۹۴۵ ۾ ممبئي منتقل ٿي.
ڪلاسيڪل موسيقي جو ڳوڙهو
فن هن ننڍي کنڊ جي وڏي ڳائڪ استاد امان علي خان کان سکيو. اها هندي فلم”آپ ڪي سوا“هئي جنهن ۾ هن اداڪار توڙي
گلوڪار طور ڪم ڪيو، ان کان اڳ هن هڪ هندي فلم لاءِ ”ماتا اڪ سپوت ڪي، دنيا بدل دي
تو“ گانوڳايو هو.
۱۹۴۸ ۾ لتا جي مشهور موسيقار ماسٽر غلام حيدر جي تربيت هيٺ رهي. سندس استاد هن
کي پروڊيوسر سشادر مڪرجي وٽ متعارف ڪرايو جيڪو فلم ”شهيد“ ٺاهي رهيو هو پر آواز
سنهي هئڻ تي اعتراض واريندي پروڊيوسر لتا جي کي موقعو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوهو،
جنهن تي ماسٽر غلام حيدر صفا ڪاوڙجي پيوهو. پروڊيوسر کي مخاطب ٿيندي چيو؛ ”هڪ ڏينهن
سمورا پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر لتا منگيشڪر کي پيرن پئي ڪري ڳائڻ جي لاءِ منٿون ڪندا.“
عظيم موسيقار جي اها ڳالهه بلڪل سچي ثابت ٿي، هو ننڍي کنڊ جي سموري فلمي دنيا تي ڇانئجي
وئي،هن خطي جي ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين تي پنهنجا اهڙا اثر ڇڏيا جو هو سمورن ماڻهن جي
لاءِ سمورن فنڪارن کان وڌيڪ مان شان واري هستي بڻجي وئي، ننڍي کنڊ جي عام ماڻهن هن
کي پوڃا جي حد تائين قبولي ورتو.
۲۷ جنوري ۱۹۶۳ع تي هن هندستان جي وزيراعظم جواهرلال نهرو جي موجودگيءَ ۾ قومي ترانو ”ائي
وطن ڪي لوگو“ ڳايو. چون ٿا ته اهو ترانو ٻڌي وزيراعظم جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
لتا جو ڪامياب ترين
سنگيت جو سفر اڃا تائين جاري آهي. هن هزارين فلمي گيت ڳايا آهن. ۱۹۷۴ع کان ۱۹۹۱ع تائين لتا جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس
۾ سڀ کان وڌيڪ گانا ڳائڻ واري گلوگار طور شامل رهيو. ۲۰۱۲ع ۾ لتا ”سوامي سمارٿ مها منتر“ جي نالي سان
پنهنجو البم جاري ڪيو جنهن ۾ هن پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي ڀڄن ڳايا. ۲۰۱۴ع ۾ پنهنجي بنگالي گيتن جو البم جاري ڪيو. ۳۰ مارچ ۲۰۱۹ع تي هن پنهنجو قومي ترانو ”سگند مجهي اس مٽي
ڪي“ جاري ڪيو.
لتا سنڌيءَ ۾ به هڪ
گيت ”منهنجا سپرين تو کان وڇڙي“ ڳايو آهي. اهو گيت هن سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“
لاءِ رڪارڊ ڪرايو هو. هن گيت جي موسيقي سي ارجن ترتيب ڏني ۽ پروڊيوسر سترام روهڙا
هو.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ
ناهي ته لتا گائڪيءَ جي ميدان ۾ پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو. جن ۾ ڀارت
جو وڏي ۾ وڏو اعزاز ”ڀارت رتنا“، پدما ڀوشن (۱۹۶۹)، پدما وڀوشان (۱۹۹۹)، زي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ، دادا
صاحب پالڪي ايوارڊ (۱۹۸۹)، مهاراشترا ڀوشن ايوارڊ (۱۹۹۷)، اين ٽي آر قومي ايوارڊ ڏنوويو. مڌيا پرديش سرڪار ۽ ۱۹۹۲ع ۾ مھاراشترا سرڪار ”لتا منگيشڪر ايوارڊ“
جو بنياد وڌو.
لتا کي ۸ جنوري تي ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ تي اسپتال داخل ڪيو ويو هو
، هن کي نمونيا جي ڪري بخار پڻ هو، پر لوڪ پڌارڻ وقت سندس ڄمار ۹۲ سال هئي.هندستان جي ميڊيا جي پڌرائي موجب
ملڪ ۾ ٻن ڏينهن جي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سندس آخري رسمن ۾
ملڪ جي وزيراعظم سميت اعليٰ قيادت ۽ فن جي دنيا جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. هن جي ڪٽنب
۾ سندس ڀينرن آشا ڀوسلي ۽ عشا منگيشڪر پڻ ڳايو آهي، انهن مان هن آشا سان گڏ فلمي
موسيقي جي دنيا تي اڌ صدي تائين راج ڪيو آهي، هنن ٻنهي ڀينرن کي سڀني کان وڌيڪ پلي بيڪ سنگر طور گانن ڳائڻ جو اعزاز حاصل آهي.
دنيا موسيقي جو ڪيترو
ادب ڪري ٿي اهو جدا سوال آهي پر لتا منگيشڪر اهڙي فنڪاره هئي جنهن ڪڏهن به جوتي
پاتل هوندي ڪو گانو نه ڳاتو آهي، موسيقي جي لاءِ عبادت جي حد تائين احترام جو اهڙو
ٻيو ڪو مثال نٿو ملي. ان کانسواءِ هو هر گانو ڳائڻ کان اڳ اهو هٿ اکرن سان
لکندي هئي. هن خطي جي ويهارو ٻولين ۾ ڳايو
آهي، سندس ڪُل گانن جو تعداد ٽيهه هزار کن آهي. هن انگريزي، روسي، ڊچ ۽ آفريڪي کنڊ
جي مختلف ٻولين ۾ به ڳاتو آهي.
هو پنهنجي آواز سان
عام ماڻهون جي من اندر ۾ هميشه زنده رهندي، فنڪار ڪڏهن به مرندا نه آهن، اهي ڪنهن
نه ڪنهن فن ۾ ۽ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هن دنيا ۾ زنده رهندا آهن.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا منگيشڪر
ھڪ پراڻي پڇتاء جو زخم
ادل سومرو
زندگيءَ ۾ پڇتاءَ
جا ڪيئي مرحلا ايندا آھن. پر ڪي پڇتاء سڄي زندگي رھندا آھن۔ اکل ڀارت سنڌي ٻولي
ساھت سڀا جو سال ٻه ھزار چوڏھن جو ايوارڊ سنڌ مان راڳي بادل راھي ۽ شاعر ادل سومري
کي ڏيڻ جو اعلان ٿيو ھو۔ اسان ممبيءَ وياسي حميد ڀٽو به اسان جو ھمسفر ھو ايوارڊ
تقريب ۾ سنڌي ادب جون ڪيئي قدآور ۽ اتان جون سماجي شخصيتون موجود ھيون۔ ايوارڊ
سائين ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي ھٿان مليو جيڪو پڻ وڏو اعزار ھو۔ اسان اتي ڪجھ ڏينھن
ترسياسي۔ ڊاڪٽر رام جواھراڻي اتان جي مشھور شخصيت آھي۔ رام صاحب اسان کي چيو ته ھو
اسان کي فلمي شخصيتن سان ملائي سگھي ٿو۔ اميتاب بچن، شاھ رخ خان، عامر خان، سلمان
وغيره سان ملاقات ڪرائي سگھي ٿو۔ مون کيس چئو سائين سڀ فنڪار محترم آھن پر اسان کي
صرف لتا منگيشڪر سان ملڻو آھي۔ رام صاحب چيو ڪو مسئلو ناھي کائنس وقت وٺون ٿا۔ شام
جو رام صاحب ٻڌايو ته لتا جي پاڻ سرھائيءَ جو اظھار ڪيو آھي ته ھوءَ سنڌ جي ڪلاڪار
۽ ڪويءَ سان ضرور ملندي۔ سو اوھان سڀاڻي صبح جو ساڍي ڇھين وڳي تيار رھجو لتا جي
ستين وڳي جو وقت ڏنو آھي جو ھوءَ پرارٿنا
جي لاء اسر جو جاڳندي آھيِ. اسان خوشئ ۾ نٿي ماپياسين۔ سنڌ جون لوئيون ۽ اجرڪ تيار
ڪري رکياسي۔ اسان روز ووڊ ھوٽل ۾ ترسيل ھياسين
جتان لتا جو گھر ويجھو ھيو۔ اسان کي سڄي رات ننڊ نه آئي جاڳي ڏينھن ڪيوسي۔ وقت
گذرڻ سان دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي ٿي وئي ۔ڇھ ساڍا ڇھ ست ساڍا ست اٿ ساڍا اٺ۔ اسان جي
مايوسي وڌندي وئي۔ ڏاڍو افسوس ٿيو۔ اسان جا ميزبان رات دير تائين جاڳن ٿا۔ ڏينھن
جو ٻارھين کان اڳي ننڊ مان نٿا اٿن۔ شام جو رام صاحب آيو ته ان سان انھئ افسوس جو
اظھار ڪيوسي۔ ھن چيو ڪا ڳالھ ناھي ٻيھر سڀاڻي جو وقت لتاجئ کان وٺون ٿا۔ وري ٻئي ڏينھن
جي خوشئ ۾ اسان جي ساڳئي ڪيفيت رھي۔ ست اٺ نو ڏھ يارھن۔ اسان جا ميزبان ظاھر ئي نه
ٿيا۔ پاڻ به ظاھر نه ٿيا پر اسان کي به لتا سان ملڻ لاء نه ڇڏيائون۔ ھاڻي جڏھن لتا
منگيشڪر جو وڇوڙو ٿيو آھي ته لتا سان نه ملڻ جي انھئ پراڻي پڇتاء جا زخم وري تازا ٿي
ويا آھن۔
(ادل سومرو
جي فيبڪ ٽائيم وال تان ۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
لتا منگيشڪر جو لاڏاڻو
هڪ عهد جي پڄاڻي
سيما عباسي
ڪافي عرصي کان لتا
منگيشڪر جي طبيعت خراب هئي. هوءَ ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ ڪري اسپتال ۾ داخل هئي. هن جي
طبيعت جي ناسازيءَ جون خبرون سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڳچ عرصي کان هلندڙ هيون.
نيٺ ۶ فيبروري آچر جي ڏينهن ۹۲ سالن جي ڄمار جي هيءَ عظيم گلوڪار گذاري ڪري وئي. جنهن
سان هڪ عهد جي پڄاڻي ٿي.
لتا جي لاڏاڻي جي
خبر سوشل ميڊيا جي ذريعي سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي. ۽ سڄي دنيا مان هر شعبي سان تعلق
رکندڙ ماڻهن کيس پنهنجي طريقي سان ياد ڪندي خراج عقيدت پيش ڪئي آوازن ۽ سرن سان
عقيدت رکڻ وارا ماڻهو پنهنجي دلين ۾ هڪ عجيب طرح جي سوڳوار ڪيفيت محسوس ڪرڻ لڳا
هيا. ڇو ته هوءَ هڪ عام گلوڪارا نه هئي. پر ستن ڏهاڪن کان سر ۽ آواز جي دنيا تي راڄ
ڪندڙ هڪ اهڙي عظيم شخصيت هئي. جنهن جا مداح سڄي دنيا ۾ موجود هيا. اهو ئي سبب آهي
جو هن جون آخري رسمون ڀارتي مانَ ۽ سنمان مطابق نهايت تعظيم ۽ تڪريم سان ادا ڪيون
ويون. جنهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن لائيو ڏٺو.
ان موقعي تي
هندستاني وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ مان تمام گهڻو ڏکارو
آهيان. ڇو ته اسان جي لتا اسان کي ڇڏي چڪي آهي. افسوس هوءَ قوم ۾ هڪ اهڙو خلا ڇڏيون
پئي وڃي. جنهن کي ڀري نه ٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اچڻ وارا نسل هن کي ڀارتي ثقافت
جي هڪ باوقار شخصيت طور سدائين ياد رکندا. ڇو ته هن جي سريلي آواز ۾ ماڻهن کي سحر
زده ڪرڻ واري بي مثال ڪشش موجود هئي.
لتا منگيشڪر ۱۹۲۹ع ۾ مڌيه پرديش ڀارت ۾ ڄائي، لتا جو اصل
نالو هيما هيو، جيڪو بعد ۾ هڪ جوتشي جي چوڻ تي بدلائي لتا رکيو ويو. لتا جو ننڍپڻ
نهايت ناخوشگوار حالتن ۾ گذريو.... هن جي پيءُ دينا ناٿ پاڻ به هڪ گلوڪار هو.جيڪو
هڪ ننڍڙي ناٽڪ ڪمپني هلائيندو هو. لتا پنهنجي ڀيڻن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي هئي هن
پنهنجي شروعاتي زندگي غربت سبب نهايت ڏکن ڏوجهرن ۾ گذاري. ۱۹۴۲ع جو سال لتا جي خاندان لاءِ تمام خراب ثابت
ٿيو. دينا ناٿ جون معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون ويون. وقت سان گڏوگڏ هن
جي صحت پڻ خراب ٿيندي وئي آخرڪار هڪ ڏينهن هن کي دل جو دورو پيو جيڪو هن جي جان وٺي
ويو. وڏي ڀيڻ هئڻ جي ناتي پوري گهر جون ذميواريون سندس مٿان اچي ڪڙڪيون. هوءَ گهڻي
پڙهيل به نه هئي جو ڪٿي نوڪري ڪري سگهي ها هن پنهنجي پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندي ڳائڻ
شروع ڪيو ۽ ننڍن ننڍن اسٽيج ڊرامن ۾ هلڪا ڦلڪا ڪردار ادا ڪرڻ لڳي. هن مراٺي فلمن ۾
پڻ ننڍا ننڍا ڪردار ادا ڪيا. ان سان گڏوگڏ هوءَ وڏن وڏن گلوڪارن جا گانا ڪاپي ڪري ڳائڻ
لڳي. جن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ۱۹۴۵ ۾ جڏهن هوءَ پنهنجي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ممبئي آئي ته ڪم وٺڻ لاءِ
هڪ فلم ساز ايس مڪرجي وٽ ويئي. ۽ ان کي درخواست ڪيائين ته هو پنهنجي فلم ۾ کيس
گانو ڳائڻ جو چانس ڏئي. پر ان فلم ساز سندس گانو ٻڌڻ کانسواءِ کيس رد ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ
ته هوءَ معمولي شڪل صورت رکندڙ هڪ تمام غريب ڇوڪري هئي. ايئن ڪيترن ئي هنڌن تي کيس
مايوس ٿيڻو پيو پر هن همت نه هاري ۽ نيٺ ۱۹۴۷ع ۾ لتا کي باقائده طور فلمن ۾ ڳائڻ جو موقعو ملي ويو.
جنهن کانپوءِ هن پوئتي مڙي نه ڏٺو ۽ لڳاتار ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين آواز جي دنيا ۾ حڪمراني
ڪئي.
۲۰۱۳ع ۾ جڏهن هندستان جي فلم انڊسٽري جي سئو سال پورا ڪرڻ جي تقريب ملهائي ويئي
ته ان موقعي تي لتا چيو ته جيڪڏهن هن فلم انڊسٽري کي سئو سال پورا ٿيا آهن ته ان
مان ۷۰ سال منهنجي حصي جا به آهن. هوءَ اڪثر اهو چوندي هئي ته مان پنهنجي غربت
مان اهو سکيو آهي ته غريب ماڻهو کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪجي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي
ان جي مدد ڪجي۽ ان کي دڳ لائجي.. چيو وڃي ٿوته هن مايه ناز گلوڪارا باقائدا راڳ جي
ڪنهن کان تعليم تربيت نه ورتي هئي. پر شروعاتي حوالي سان پنهنجي پيءُ کي ڏسي ڪاپي ڪندي
راڳ سکيو هيائين. مشهور اداڪار دليپ ڪمار، لتا منگيشڪر کي پنهنجي ننڍي ڀيڻ سڏيندو
هيو. هڪ محفل ۾ دليپ ڪمار لتا جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيئن گل جي خوشبو جو ڪو
رنگ نه ٿيندو آهي، جيئن وهندڙ پاڻيءَ جو يا ٿڌي هوا جو ڪو گهر يا وطن نه ٿيندو
آهي. جيئن سج جي ڪرڻن يا معصوم ٻارن جي مرڪ جو ڪو مذهب نه ٿيندو آهي. ائين ئي لتا
منيشڪر جو آواز به قدرت جو اهڙو ئي انمول ڪرشمو آهي.
لتا پنهنجي زندگيءَ
۾ ۳۰ هزارن کان وڌيڪ ڳايا ۽ سندس ڳايل اڪثر گانا ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول ۽ هر
دلعزيز رهيا.. هن معروف گلوڪارا ستن ڏهاڪن تائين ڀارتي فلن کي پنهنجي آواز جي سحر
سان سينگاري رکيو. هن ڀارت جي تقريبن سڀني ٽاپ جي هيروئنن لاءِ پلي بيڪ گلوڪاري ڪئي.
ايڏي بي مثال ڪاميابيءَ جي باوجود هڪ انٽرويو ۾ کانُئس ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان
پڇيو ويو ته جيڪڏهن اوهان کي ٻيو جنم ملي ته اوهان ڇا ٿيڻ پسند ڪندئو.. ته هن جواب ۾ چيو ته مونکي جيڪڏهن ٻيو جنم مليو ته
مان ڪجهه به ٿينديس پر لتا منگيشڪر ٿيڻ نه چاهينديس.
سرن جي ملڪه سڏرائيندڙ
هن عظيم گلوڪارا جي هن جواب پٺيان لڪيل ڪيترن ئي ڏکن ۽ تڪليفن جي اذيت محسوس ڪري
سگهجي ٿي. هوءَ ڀل پروفيشنل زندگيءَ ۾ ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ هڪ مايه ناز گلوڪارا
هئي پر هن جي ذاتي زندگي ننڍپڻ کان وٺي ئي ڏکن ۽ تڪليفن سان عبارت رهي.. هوءَ
پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ازدواجي خوشين کان محروم رهي ڇو ته هن سڄي زندگي شادي ڪو نه
ڪئي هئي. کانئس جڏهن به ان حوالي سان سوال ڪيو ويندو هو ته هوءَ مرڪي خاموش ٿي
ويندي هئي. هڪ فلمي مئگزين لاءِ ورتل هڪ انٽرويو ۾ جڏهن هن کان اصرار ڪري پڇيو ويو
ته شادي نه ڪرڻ جي ڪري هوءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙي ڪمي محسوس ڪري ٿي. ته جواب ۾ مرڪي
هن چيو ته ڪجهه ڳالهيون رڳو دل کي خبر هئڻ گهرجن. ان ڪري اهڙن سوالن جا جواب هوءَ
پنهنجي دل تائين محدود رکڻ چاهي ٿي.
هن جي سحر انگيز
آواز ۾ هڪ اهڙو جادو هيو. جيڪو ستن ڏهاڪن تائين ماڻهن جي سماعتن ۾ رس ڀريندو رهيو.
بي شڪ لتا منگيشڪر جهڙي عظيم گلوڪارا جو لاڏاڻو رڳو هندستان جي ماڻهن لاءِ ئي نه
پر سڄي دنيا ۾ ٻڌندڙن موسيقي جي مداحن لاءِ هڪ اهڙو عظيم نقصان آهي جنهن جي تلافي ٿيڻ
ممڪن ڪونه آهي. ڇو ته لتا جهڙا سريلا آواز سالن ۾ نه پر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا منگيشڪر
سرن جي دنيا سوڳوار آهي!
گلشن حبيب چانڊيو
ننڍي کنڊ ۾
موسيقيءَ جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ راڳ جي راڻي لتا منگيشڪر جي وڇوڙي تي سُرن ۽
سازن جي دنيا سوڳوار ٿي وئي آهي. لتا منگيشڪر ڪيترن ئي هفتن کان وينٽيليٽر تي هئي،
جنهن کي ۹ جنوريءَ تي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ ممبئي جي بريچ ڪينڊري
اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. جتي هوءَ زيرِ علاج هئي پر طبيعت انتهائي خراب ٿي وڃڻ
کانپوءِ آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هن ۶ فيبروري صبح جو اٺين وڳي ۹۲ ورهين جي ڄمار ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ۽
ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو. اهڙي خبر سندس مداحن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو ۽ ڪروڙين دليون
غمگين ٿي ويون ته اسين هڪ ليجنڊ گلوڪاره کان محروم ٿي وياسين، جيڪا پنهنجي مٺڙي
آواز ۽ سُرن جي سنگيت سان پوري دنيا جي ماڻھن جي دلين تي رقص ڪندي هئي. ڇو ته ميوزڪ
ٻڌڻ سان روح کي راحت ملندي آهي ۽ اداسي ۽ نراسائي جيڪا اسانجي دماغ ۽ خوشين تي
قابض ٿي ويندي آهي. جيستائين ماڻھو دل نه وندرائيندو آهي ته پريشانين ۾ وڪوڙجي
ويندو آهي پر جڏهن ميوزڪ ٻڌندو آهي ته دل کي سرور ملي ويندو آهي، پر ليجنڊ گلوڪاره
جي لاڏاڻي تي نه صرف گلوڪارن، اداڪارن ۽ برصغير جي ماڻھن کي ڏک آهي پر پوري دنيا
جا ماڻھو ڏک ۾ ورتل آهن، جيڪي ڪوئل جهڙو آواز ٻڌڻ جا پرستار هئا. لتا جسماني طور
تي اسان کان جدا ٿي وئي آهي، پر هن جو آواز ۽ يادون صدين تائين زنده رهندا، اهڙا ڪردار
مري نه ٿا سگهن، ڇو ته اُهي امر ڪردار آهن.
لتا منگيشڪر جون
آخري رسمون سرڪاري اعزاز سان ادا ڪيون ويون ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ ٻين اهم
شخصيتن رسمن ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم ڏک جو اظھار ڪندي چيو ته لتا ديدي
اسان کي ڇڏي چڪي آهي ۽ اهو خال ڇڏي وئي آهي، جيڪو ڀرجي نه ٿو سگهي. ڇو ته هن جي
آواز ۾ بي مثال ڪشش هئي، ايندڙ نسل به کيس ڀارتي ثقافت جي باوقار شخصيت طور ياد
رکندا. جڏهن ته لتا کي مهاراشٽرا طرفان رياستي سطح تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ ڀارتي
ميڊيا رپورٽ مطابق لتا جي وڇوڙي تي ڀارت ۾ ۲ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سندس
احترام وچان ڀارتي جهنڊو ۲ ڏينهن جهڪيل رهندو.
لتا ۱۳ سالن جي عمر ۾ گلوڪاري جو آغاز ڪيو ۽ هن جو
پهريون گانو ۱۹۴۲ ۾ ريڊيو تان نشر ٿيو. لتا منگيشڪر دنيا جي ۳۶ ٻولين ۾ ڳايو ۽ ۳۰۰۰۰ کان مٿي گانا ريڪارڊ ڪرايا ۽ ڳايا، جنهن کي تمام گهڻي
پذيرائي به ملي. راڳ جي راڻي لتا ۱۹۷۴ کان ۱۹۹۱ع تائين گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ رڪارڊ هولڊر طور مڃتا
ماڻي ورتي ۽ دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ گانا ڳائيندڙ ۽ رڪارڊ ڪرائيندڙ گلوڪاره هئي. لتا
منگيشڪر هندي سان گڏوگڏ دنيا جي ۳۶ ٻولين ۾ گانا ڳايا، جنهن ۾ سنڌي زبان به
شامل آهي. جڏهن ته هن سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“ ۾ گانو ڳايو، جنهن جا ٻول هئا ”ساڍا
من وي موهيا يار ني“ ۽ اهو گانو ڳائڻ تي پروڊيوسر طرفان هن کي اعزاز طور ۵۰ هزار ڏنا ويا، جنهن مان هن صرف ۱۱۰ روپيا کنيا ۽ باقي پئسا واپس ڪيا ته سنڌي
زبان ۾ اهو منهنجو پهريون ڪلام آهي، جيڪو منهنجي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي. جڏهن
ته هن سنڌي زبان ۾ ٻيا به ڪافي گانا ڳايا. لتا جو والد دينا ناٿ منگيشڪر به هڪ گلوڪار
۽ اداڪار هو. هن جي خاندان جو تعلق ڳائڻ ۽ سرن ۽ سازن سان هيو، جنهن سبب هن کي ننڍپڻ
کان ئي راڳ جي ستي پيل هئي. لتا منگيشڪر جو جنم ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع تي اندور رياست جي مديه پرديش ضلع ۾
پنهنجي والد دينا ناٿ منگيشڪر جي گهر ۾ ٿيو. پنهنجي زندگيءَ جي ۹۲ سالن جي سفر ۾ ۸۰ سال ڳائڻ کي ڏنا ۽ ڪيترائي غزل، گيت، ڀڄن،
بنگالي، هندي ۽ سنڌي سميت ۳۶ ٻولين ۾ ڳائڻ جو اعزاز ماڻيو، جنهن لاءِ ھن
کي اڻ ڳڻيا ايوارڊ پڻ مليا ۽ ڀارت جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ رتنا پڻ ماڻي ورتو. جڏهن
ته هن کي فن ۽ گلوڪاريءَ جا ڪيترائي اعزاز ۽ ايوارڊ به مليا، پر ان سان گڏوگڏ ڀارتي
حڪومت طرفان هن کي پدما ڀيشن ٽيون وڏو سول ايوارڊ ۱۹۶۹ ۾ مليو. ۱۹۹۹ ۾ پدما وي ڀيشن ٻيو وڏو سول ايوارڊ ۽ سال ۲۰۰۱ ۾ ڀارت جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ رتنا به
مليو. لتا ڀارت جي ٻئين گلوڪارا ھئي جنهن کي اهو ايوارڊ مليو، جيڪو وڏو اعزاز آهي.
راڳ جي راڻي جي وڇوڙي تي پاڪستاني اداڪارن ۽ گلوڪارن سميت ملڪ جي نامور ڪرڪيٽرن ۽
سياستدانن، ملڪ جي اديبن، ليکڪن، شاعرن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن پڻ ڏک جو اظھار ڪيو
آهي، سندن خيال آهي ته اهو خال تمام وڏو آهي، جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
جسلوڪ اسپتال ۽ لتا
منگيشڪر
الطاف شيخ
انگريزن جي دور جو ٺهرايل
هي ممبئي جو Pedder
روڊ، اڄڪلهه جنهن سماج سڌارڪ گوپال راءِ ديشمک نالي ڪيو ويو آهي، اهو انڊين ميڊيڪل
ائسوسيئيشن جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد گوپال راءِ
ديشمک ممبئي جو پهريون ميئر بڻيو. پاڻ هن پيڊر روڊ تي ئي رهيو ٿي. مون کي هن روڊ
جي ٺهيل جسلوڪ اسپتال ۾ وڃڻو هو. منهنجي ممبئي جي ميزبان جئه موتياڻي صاحب مون کي ٻڌايو
ته واسواڻي ٽرسٽ وارن سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ مان سنڌ گرئجوئيشن ”سگا“ جي سهڪار سان ڪجهه ٻار
گهرايا آهن، جن کي دل جي تڪليف آهي، جن جو جيئن ته اتي علاج ممڪن نه آهي، ان ڪري
انهن جي آپريشن لاءِ پوني جي ساڌو واسواڻي مشن وارن هن اسپتال ۾ بندوبست ڪيو آهي.
جسلوڪ اسپتال ممبئي
جي هڪ تمام ناليواري ۽ ماڊرن اسپتال آهي، جيڪا ستر واري ڏهي جي شروعات ۾ سيٺ لوڪومل
چنرائي نالي هڪ مخير(Philanthropist)
پنهنجي خرچ تي اڏرائي. اسپتال جو هي نالو Jaslork سيٺ لوڪومل
۽ سندس زال شريمتي جسوتي ٻائي جي شروع وارن اکرن کي ملائي رکيو ويو آهي. اڳئين
دفعي انڊيا جي دهلي، امرتسر، احمد آباد، بڙودا ۽ ٻين شهرن ۾ آيس ۽ هن ڀيري پوني ۽
ممبئي ۾ رهڻ دوران هڪ ڳالهه ڏسان پيو، ته انڊيا ۾ سرڪاري اسپتالون ۽ اسڪول ته صحيح
ڪم پيا ڪن پر پرائيويٽ به ڪيترائي آهن، جيڪي اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن جي اسپتالن ۽
اسڪولن جهڙا ناڻي ڪمائڻ جون مشينون نه آهن. انڊيا ۾ ڪيترائي اسان جي عمران خان جهڙا
مخير حضرات آهن، جن پنهنجو پئسو خرچ ڪري غريبن لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون کوليون آهن،
جن کي اسان وارن ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جهڙا نيڪ ماڻهو ايمانداري سان
هلائين ٿا. ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون ته بيحد غريب ۽ هيٺين درجي جون نوڪريون ڪرڻ
وارن جي علائقن ۾ آهن ۽ هڪ ڀنگي، ڏهاڙيءَ تي پورهيت، ريل تي ڪم ڪندڙ قلي ۽ ڪنهن
بيواهه مسڪين عورت جا ٻار به پرائمري ليول کان اعليٰ درجي جي انگريزي تعليم حاصل ڪري،
پنهنجي ملڪ ۽ ولايت ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري سگهن ٿا.
زڪوات، خيرات،
صدقو، خمس اسان مسلمانن لاءِ ضروري آهن. جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي،
پر هيڏانهن انڊيا ۾ ڏسان پيو، ته صحيح معنيٰ ۾ اهو ڪم پارسي، عيسائي، سنڌي هندو،
گجراتي، مرهٺا ۽ سک ڪري رهيا آهن. جسلوڪ اسپتال ٺهرائڻ واري سيٺ لوڪو مل لاءِ چيو
وڃي ٿو ته نه فقط پاڻ پر سندس ٻيا مائٽ مِٽ به جن جو ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۾ بزنيس
آهي، انڊيا ۾ خير جي ڪمن لاءِ وڏو پئسو لڳائين ٿا ۽ انسان ذات جي خدمت ڪن ٿا. مون
کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته ڪيتريون ئي بيماريون جن جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن ناهي،
هتي ٿيو وڃي. ڪجهه اهڙا پاڪستاني به نظر آيا جن ٻڌايو ته هو پنهنجن مائٽن کي ممبئي
يا مدراس (چنائي) علاج ۽ آپريشن لاءِ ان ڪري وٺي آيا آهن، جو انڊيا ۾ وڌيڪ سهولت ۽
سستائي آهي. سيٺ لوڪو مل جي هيءَ جسلوڪ اسپتال، جيڪا ڊاڪٽر ديشمک مارگ (پيڊر روڊ)
تي آهي، هڪ مڪمل Multi-Specialist اسپتال سڏي وڃي ٿي، جنهن ۾ ۳۶۴ بسترا آهن، جن مان ۷۵ آءِ سي يو بيڊس آهن. منجهس ۲۶۴ ڪنسلٽنٽ ڪم ڪن ٿا، جن مان ۱۴۰ فل ٽرينڊ ريزيڊنٽ ڊاڪٽر آهن. اسپتال کي پنهنجو نرسنگ ڪاليج
به آهي.
جسلوڪ اسپتال ڏيکاريندي
هن اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته، ننڍي کنڊ جي مشهور سنگر لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي جو
گهر به هتي هن پيڊر روڊ تي ئي آهي ۽ هو پڻ ڪڏهن ڪڏهن تپاس لاءِ هتي اچن ٿيون.
”يار هاڻ ٿو ڳالهه
ڪرين جڏهن آئون ممبئي ڇڏڻ جي تيارين ۾ آهيان،“ مون کيس کلندي چيو، ”پهرين ڏينهن ٻڌائين
ها ته آئون توکي ضرور منٿ ميڙ ڪريان ها ته مون کي انهن مان ڪنهن هڪ سان ملاءِ يا
گهٽ ۾ گهٽ انهن جي گهر جو دروازو ئي ڏيکار.“
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو
ته سال ۲۰۰۰ع ۾ لتا منگيشڪر ۽ ساڻس گڏ رهندڙ ڀيڻ آشا ڀوسلي هتان لڏي ٿي ويون.
”ڇو ڀلا؟“
مون پڇيو.
”انهن ڏينهن
۾ پيڊر روڊ تي هيءَ فلاءِ اوور (پل) ٺهي رهي هئي، جنهن جي خلاف هن روڊ تي رهندڙ ماڻهن
سان گڏ لتا به مظاهرو ڪيو هو ته ان جي ٺهڻ سان گوڙ ۽ آلودگي وڌندي.“
انڊيا ۾ اها به ڳالهه
عام آهي ته ڪيترائي امير ائڪٽر، رانديگر، ڳائڻا ۽ آرٽسٽ جوانيءَ ۾ ڪمايل پئسو جوا،
شراب ۽ عيش عشرت ۾ وڃائي پوءِ پيريءَ ۾ کٽل
سرڪاري ادارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو خير خيرات جي ڪمن ۾ لڳائين
ٿا. خاص ڪري اسڪول، اسپتالون، ڌرم شالائون ۽ پارڪ ٺهرائين ٿا،جتي سندن ملڪ جا ڏکويل
۽ غريب انسان سک ۽ خوشي حاصل ڪري سگهن. ممبئي اچڻ کان اڳ پوني ۾ هوس اتي به هڪ اهڙي
خيراتي اسپتال گهمڻ جو موقعو مليو، جنهن جو نالو ”ماسٽر ديناناٿ“ هاسپيٽل آهي.
هيءَ اسپتال لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ ديناناٿ منگيشڪر جي ياد ۾ سن ۲۰۰۱ع ۾ ٺهرائي، جيئن غريب ٻارن ۽ بي سهارا
عورتن جو مفت ۾ علاج ٿي سگهي.
منهنجي خيال ۾ لتا
منگيشڪر اها ڳائڻي آهي، جنهن جا گانا مون ٻئي ڪلاس کان وٺي ٻڌڻ شروع ڪيا ته هيءَ
اچي عمر ٿي آهي، گهر ۾، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو، مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ ۽ ورلڊ مئريٽائيم
يونيورسٽي مالمو (سوئيڊن) جي هاسٽلن ۾، جهازن تي، دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ ٻيٽن
تي لتامنگيشڪر کي گذريل سٺ سالن کان ٻڌندو اچان. هن ۱۹۴۲ع کان، جڏهن هوءَ تيرهن ورهن جي هئي ته
باقاعدگيءَ سان ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ٽيهه هزار کان مٿي گانا آهن ۽ ويهن کان مٿي
زبانن ۾ ڳايو اٿس. ۱۹۷۴ع ۾ سندس نالو Guinness Book ۾ آيو هو ته هن دنيا ۾ سڀ کان گهڻا گانا رڪارڊ
ڪيا آهن. آشا ڀوسلي جيڪا پڻ سندن مقابلي جي سنگر آهي، سندس ننڍي ڀيڻ آهي. ان کان
علاوه سندس ڀاءُ هِري ديناناٿ ۽ ٻيون ڀينرون اوشا منگيشڪر ۽ مينا منگيشڪر به ڪيترين
ئي فلمن ۾ گانا رڪارڊ ڪرايا آهن.
لتا منگيشڪر جو
مهاراشٽرا صوبي سان واسطو آهي، جنهن جا مشهور شهر ممبئي، پوني، سولاپور، لاتور، سنڌو
درگ، ناگپور، جلگائون، احمد نگر وغيره آهن. سندس مادري زبان مراٺي آهي. پاڻ ۱۹۲۹ع ۾ ڄائي. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر هڪ
ڪلاسيڪل ڳائڻو ۽ ٿيئيٽر جو ائڪٽر هو، جنهن وٽ لتا شروع جا سال سبق ورتو. لتا وارن
جي ذات جيتوڻيڪ هارديڪر هئي، پر لتا جي پيءُ پاڻ کي پنهنجي ڳوٺ منگيشي جي نالي سڏائڻ
شروع ڪيو. هي ڳوٺ گوا ۾ آهي.
اسڪول جي تعليم
بابت لتا لاءِ مشهور آهي ته هوءَ فقط هڪ ڏينهن وئي. پهرين ڏينهن ئي هن ٻين ڇوڪرين
کي ڳائڻ سيکارڻ شروع ڪيو جنهن تي مس دڙڪا ڏنس ته ٻئي ڏينهن کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين.
ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ آشا ڀوسلي کي به اسڪول وٺي وئي، جنهن کي مس
ڪلاس ۾ ويهڻ نه ڏنو ان ڪري هن اسڪول ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو.
لتا منگيشڪر پهرين
مرهٺي فلمن لاءِ مرهٺي (مراٺي) گانا ڳايا ان بعد هندي/ اردو فلمن لاءِ ڳائڻ شروع ڪيا.
سندس پهرين مرهٺي فلم ۱۹۴۲ع جي ”ڪيتي ساحل“ آهي ۽ هندي فلم ۱۹۴۶ع جي ”آپ کي سيوا مين“ آهي. انهن ڏينهن ۾ ٽاپ جون ڳائڻيون
هيون نورجهان (جيڪا پوءِ پاڪستان آئي)، شمشاد بيگم ۽ زهره ٻائي انبالا والي. لتا
جي مشهوري ۱۹۴۹ع ۾ محل فلم جي گاني ”آئيگا آني والا“ کان پوءِ ٿي، سندس ڪن فلمن جا گانا اڄ
به ٽاپ جا سمجهيا وڃن ٿا. جهڙوڪ بيجو باورا، (۱۹۵۲ع)، مغل اعظم (۱۹۶۰ع)، ڪوه نور (۱۹۶۰ع)، آگ، آه (۱۹۵۳ع)، شري ۴۲۰ (۱۹۵۵ع)، چوري چوري (۱۹۵۶ع) وغيره. لتا جا ڪجهه گانا مون ممباسا، سنگاپور، ڪوالالمپور،
بيروت، ڪولمبو ۽ قاهره جي هوٽلن ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن کي شوق سان ٻڌندي ڏٺا. جيتوڻيڪ
کين گاني جي معنيٰ به ڪا پوري ساري آئي ٿي. اهي ئي گانا اسان جي جهازن جي ريڪريشن
روم ۾ به وڄندا رهيا ٿي، جهڙوڪ:
· نينا برسي رم جهم.... (وه ڪون تهي).
· عجيب داستان هي يه.... (دل اپنا اور پريت
پرائي).
· انهي لوگون ني.... (پاڪيزه)
· رنگيلا ري... (پريم پجاري)
· کلتي هين گل يهان... (شرميلي).
مون سندس پهريون ڪنسرٽ
لنڊن جي ”ميرا ٻائي رايل البرٽ هال“ ۾ ڊاڪٽر جمالي، شوڪت جماڻي ۽ ڪئپٽن احمد حسين
مخدوم سان گڏ ۱۹۷۴ع ۾ ڏٺو هو، جڏهن اسان جو جهاز لنڊن جي ٽلبري ڊاڪس ۾ بيٺل هو.
سال ۲۰۰۱ع ۾ لتا کي انڊيا جو اعليٰ سويلين ايوارڊ ڀارت
رتنا مليو. لتا جي نالي تي هڪ فرينچ عطر Lata Eau De Perfum پڻ آهي. ۱۹۹۹ع ۾ لتا هندستان جي قومي اسيمبلي ”راج سڀا“
جي ميمبر چونڊي وئي، پر هن راج سڀا جي ڪابه سيشن باقاعدگي سان اٽينڊ نه ڪئي.
سال ۲۰۰۵ع ۾ لتا جوئيلري ڊيزائين ڪئي جنهن جو نالو
”سوارنجلي“ رکيو ويو. ڪرسٽي واري نيلام ۾ هن جوئيلري جي پنجن ڳهن جا کيس هڪ لک
پائونڊ مليا، جنهن جو ڪجهه حصو هن پاڪستان واري (۲۰۰۵ع واري) زلزلي جي ستايلن جي مدد لاءِ موڪليو.
لتا منگيشڪر
آواز جي دنيا جي ليجنڊ
عظيم رونجهو
برصغير توڙي سموري
دنيا کي پنهنجي آواز جي سحر ۾ جڪڙيندڙ لتا منگيشڪر ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۰ تي پنهنجو ۹۱هون جنم ڏينهن ملهائي رهي آهي، سندس پيدائش هن تاريخ تي ۱۹۲۹ع ۾ ڀارتي شهر اندور ۾ دينا ناٿ منگيشڪر جي
گهر ٿي.
۱۹۴۵ع ۾ ۱۶ سالن جي عمر ۾ فلم ”بڙي مان“ جي گاني ”تم مان هو بڙي مان“ کان گلوڪاري جي
شروعات ڪيائين، ان فلم ۾ سندس آواز فلمي موسيقي جي مداحن جي من کي اهڙو ته موهيو
جو پوءِ لتا ڪيترين ئي سالن تائين باليوڊ جي گيتن جي ملڪه بڻجي موسيقي جي دنيا تي
حڪمرائي ڪئي.
اندازي موجب سندس ڳايل
گيتن جو تعداد ۵۰ هزار کان وڌيڪ آهي. جنهن سبب ۱۹۷۴ع ۾ سندس نالو ”گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ“ ۾
پڻ شامل ڪيو ويو. سندس گلوڪاري جو عرصو ۶ ڏهاڪن کان به وڌيڪ جي عرصي تي مبني آهي ۽ ۲۰ مختلف زبانن ۾ هن ڪيترائي يادگار گيت ڳايا
آهن.
۱۳ سالن جي هئي ته سندسن والد وفات ڪري ويوم ان سبب سموري خاندان جي ذميواري
لتا تي اچي ويئي، روزگار خاطر هن پهريو پيشو اداڪاري جو اپنايو، شروعات ۾ پاڻ ڪجهه
فلمن ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور اداڪاري به ڪيائين ۱۹۴۲ع ۾ سندس ريليز ٿيل فلم منگل ڪوڙ سندس پهرئين فلم هئي.
۱۹۴۵ع ۾ ان وقت جي مشهور موسيقار غلام حيدر هدايتڪار ايس مکرجي کي چيو ته هو هن
ٻارڙي کي ڳائڻ جو موقعو ڏيئي، پر ايس مکرجي لتا جو آواز ٻڌي ان کي ناپسند ڪندي رد ڪري
ڇڏيو. ان ڳالهه تي موسيقار غلام حيدر کي ڪاوڙ آئي ۽ هن چيو ته اڳتي هلي هدايتڪار
هن کي پنهنجي فلمن لاءِ ڳائڻ لاءِ منٿون ڪندا.
۱۹۴۷ع ۾ ريليز ٿيل فلم ”آپ ڪي سيوا مين“ جي گيت ”اب ڪون سني گا ميري من ڪي بات“
لتا کي بحيثيت گلوڪاره هڪ سڃاڻپ ڏني. ۱۹۴۹ع ۾ فلم ”محل“ جو گيت ”آئي گا آني والا“ کيس جهرجهنگ
مشهور ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ لتا ڍ
پنهنجي آواز جي مقبوليت کي ڏسندي اداڪاري ڇڏي هن پنهنجي پاڻ کي گلوڪاره طور وقف ڪري
ڇڏيو. بيرصغير پاڪ و هند جون ڪيتريون ئي پيڙهيون لتا جو آواز ٻڌي جوان ٿيون آهن.
۱۹۴۹ع ئي اهو سال هو جنهن سال راجڪپور جي مشهورِ زمانا ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ فلم
”برسات“ ريليز ٿي. منهنجي خيال ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جنهن کي هن فلم جي
گانن متاثر نه ڪيو هجي، ان فلم جي ريليز جي ڪيترن ڏهاڪن کان پوءِ به اسان کي هر هنڌ
ان فلم جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا.
شنڪر جي ڪشن جهڙي
موسيقار جي لازوال ڌنن تي ٻڌل هن ميوزيڪل فلم جا گانا ”برسات مين هم سي ملي تم“،
”هوا مين اڙتا جائي، ميرا لال دوپٽا ململ ڪا.“ ”جيا بي قرار هي، ڇائي بهار هي.“
سميت هن فلم ۾ لتا جا ڳايل ۱۰ گيت شامل هئا، جن مان ٻه مڪيش سان گڏ ڊوئيٽ هئا. ساڳي
ئي سال ريليز ٿيل فلم ”بڙي بهن“ جو گانو ”چپ چپ کڙي هو، ضرور ڪو ئي بات هي“ جنهن
کي سنڌي گلوڪار به ٻهراڙين ۾ ڳائيندا هئا هڪ نه وسرندڙ گيت آهي.
ان ئي سال جي ٻي
فلم ”دلاري“ به لتا جي ڳايل گيتن جي ڪري هر فلم بين کي ياد هوندي، ”نوشاد“ جهڙي
موسيقار جي ڌنن ۾ ”اي دل تجهي قسم هي همت نه هارنا“، ”محبت هماري، زمانا همارا“،
”رات رنگيلي، مست فضا“ (محمد رفيع سان گڏ ڳايل) گيت موسيقي جي دنيا ۾ هميشه تازگي
جو احساس ڏياريندا رهندا.
۱۹۴۹ لتا جي ڪيريئر جو مصروف ترين سال هو. هن سال هن نوشاد، شيام سندر، انيل
بسواس، ونود، غلام محمد، حسن لال ڀڳت رام، ايم اچاريه، کيم چند پرڪاش، سي رام چندر
سميت ڪيترين ئي موسيقارن هن کان گيت ڳارايا، هي هر هدايتڪار توڙي موسيقار جي
پهرئين ترجيح بنجي ويئي.
”آئيي“،
”انداز“، ”برسات“، ”بالم“، ”بازار“، ”بڙي بهن“، ”لاهور“، ”چڪوري“، ”چاندني“،
”دلاري“، ”دل ڪي بستي“، ”ايڪ ٿي لڙڪي“ ۽ ”لاڊلي“ سميت هڪ ڊگهي لسٽ آهي ۱۹۴۹ع ۾ ريليز ٿيل فلمن جي، جن ۾ لتا پنهنجي
آواز جو جادو جاڳايو. ۱۹۵۱ع ۾ ”آواره“ ۽ ”ديدار“ جا گانا ”بڙي ارمانون سي رکا هي صنم تيري قسم“، ”گهر
آيا ميرا پرديسي“ ۱۹۵۲ع ۾ بيجو باوره جو گيت ”تو گنگا ڪي موج“ ۱۹۵۳ع ۾ ”آهه“ جا مڪيش سان گڏ ڳايل گانن سميت
سندس ڳايل هزارين گانن مان لاتعداد گيت اهڙا آهن جن کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي. ۲۰۱۵ع ۾ سندس ڳايل ”جينا ڪيا هي جانا“ سندس آخري
فلمي گيت آهي. ۱۹۴۵ع کان ۲۰۱۵ع تائين جي سندس ۷۰ سالن جي ڪيريئر ۾ ۲۰۱۳ع واحد سال آهي جڏهن سندس ڪو گانو ريليز نه ٿيو. ۲۰۰۰ع ڏهاڪي کان پوءِ جڏهن موسيقي جا رجحان دنيا
۾ تبديل ٿي چڪا هئا، نوان ساز ۽ موسيقي جا ڊجيٽلائيز طريقا رائج ٿي چڪا هئا، باليوڊ
۾ ڪيتريون ئي نالي واريون گلوڪارائون اچي چڪيون هيون ان جي باوجود جڏهن ۲۰۰۴ع ۾ ”وير زارا“ ۾ جاويد اختر جي موسيقي ۾ ڳايل
لتا جا گيت هر دل جي پسند بنجي ويا.
”گنيز بوڪ
ورلڊ ريڪارڊ“ سان گڏ ڀارت جي سڀ کان وڏو سويلين اعزار ”ڀارت رتنا“ سميت سوين اعزاز
۽ ايوارڊ لتا جي نالي ٿي چڪا آهن. سندس مقابلو اگر ڪنهن ڪيو موسيقي جي دنيا ۾ته
اها سندس ئي ڀيڻ آشا ڀوسلي هئي. باقي هن جي گلوڪارانا صلاحيتن کي مڪيش، ڪشور ڪمار
توڙي محمد رفيع به پهچي نه سگهيا.
محمد رفيع سان گڏ
هن ڪيترو ئي وقت ڳايو، وچ ۾ سندن وچ ۾ اختلاف به رهيا. لتا منگيشڪر ۱۹۸۴ع ۾ ريليز ٿيل سنڌي فلم ”هل ته ڀڄي هلون“ ۾
سي ارجن جي موسيقي ۾ ”منهنجا سپرين تو کان وڇڙي منهنجي دل ڇا ڪري“ نهايت سهڻي
انداز سان ڳايو آهي، جنهن مان محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته ڪا هن جي ٻولي سنڌي نه آهي.
سندس ڄمار جا ۹۱ سال پورا ٿيڻ تي سندس لکين مداح سندس سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعاگو آهن.
لتا جي آواز ۾ ڳايل سندس گيت موسيقي جي دنيا جو اهڙو سرمايو آهن جو ڪڏهن به پراڻو
ناهي ٿيڻو.
(ڏھاڙي پيچرو
تي ۲۸ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع تي رکيل)
لتا منگيشڪر
راڳ جي راڻي ۽ بلبل جي
نالي سان سڏي ويندڙ ٻيانوي سالن جي عمر ۾ وڇڙي وئي
ممبئي: (آچر ۰۶ فيبروري ۲۰۲۲ع) راڳ جي راڻي ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر ۹۲ سالن جي عمر ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي
وئي. ڀارتي ميڊيا موجب لتا منگيشڪر جي ڪيترن ئي حصن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ هوءَ ڪيترن
ئي هفتن کان وينٽيليٽر تي هئي. لتا منگيشڪر آچر جي صبح ممبئي جي اسپتال ۾ ديهانت ڪري
وئي.
بريچ ڪينڊري اسپتال
جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر اين سنتتهانم گلوڪاره جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته لتا
منگيشڪر اسپتال ۾ ڪورونا جي مريض طور تي داخل ٿي هئي. ۱۹۹۲ع ۾ پيدا ٿيندڙ ۹۲ سالا گلوڪاره ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ سبب
۹ جنوري تي ممبئي جي بريچ ڪينڊري اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي هو آخري
وقت تائين علاج هيٺ هئي. گذريل ڏينهن لتا منگيشڪر جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ٻيون ڀيرو
آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو هو پر هو صحتياب نه ٿي سگهي هئي.
لتا منگيشڪر جي وڇڙي
وڃڻ تي ڀارت ۾ ۲ ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ لتا منگيشڪر جي
ياد ۾ ڀارتي جهنڊو به ٻن ڏينهن تائين جهڪيل رهندو. ڀارت جي بلبل سڏرائيندڙ عالمي
شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ۱۳ سالن جي عمر ۾ گلوڪاري جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجو پهريون گيت ۱۹۴۲ع ۾ رڪارڊ ڪرايو.
۷ ڏهاڪن تي ٻڌل ڊگهي ڪيريئر دوران لتا منگيشڪر
مختلف زبانن ۾ ۳۰ هزار گيت ڳايا. لتا ااک پيار کا نغمه هي، اس زماني مين، اس محبت مين، ديدي
تيرا ديور داونه ديوانه، سميت ڪيترائي مشهوت گيت ڳايا. لتا منگيشڪر کي ۱۹۶۹ع ۾ هندستاني حڪومت طرفان بدماڀوشن (ٽيون
ميجر سول ايوارڊ) ۱۹۹۹ع ۾ پدما ويبهشن (ٻيو ميجر سول ايوارڊ) ۽ ۲۰۰۱ ۾ ڀارت جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ رتنا سان
نوازيو ويو.
(ڏھاڙي ڪلياڻ
حيدرآباد تي ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي رکيل)
ننڍي کنڊ جا وڏا آواز
ميان مير چانڊيو
لتامنگيشڪر ڊگهي
عمر ماڻي نيٺ گذاري ويئي، گذاري ته هر ڪنهن کي وڃڻو آھي، پر هن گائڪا جو هتان کان
هميشھ لاءِ وڃڻ مڌر آوازن جي ڪنٺي مان هڪ پرسوز آواز جو ڇڄڻ ھو. هن جي موت تي ننڍي
کنڊ جي وڏي ملڪ ڀارت ۾ ٽن ڏينهن جو سوڳ ملهايو ويو. هونئن ته هن ننڍي کنڊ ۾ اهڙا ڪيئي
امر آواز گونجيا جن هن کنڊ کي هڪ خاص سڃاڻپ ڏني، پر لتا جي آواز ان جي سڃاڻپ ڄڻ ته
ٻيڻي ڪئي. اهڙن سدابهار آوازن ۾ جن ۾ چقمقي ڪشش ھئي، انهن آوازن ۾ لتامنگيشڪر، ميڊم
نورجهان، محمد رفيع، مهدي حسن، ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي، مائي الله
وسائي، غلام محمد عرف پٺاڻي خان، سيد سليمان شاهه، استاد برڪت علي، بيگم اخترعلي،
بيگم مختيار، سونا خان بلوچ، استاد منظور علي خان، مٺو ڪڇي، عابدا پروين، استاد
محمد جمن، ڍول فقير ۽ ٻين راڳيندڙن جا امر آواز جيڪي هن وقت ناپيد آھن، جن آوازن
جا گونجاريندڙ جسم هن وقت خاڪ ۾ خاڪ ٿي ويا آھن. انهن جي محفلن جا هنڌ هن وقت
اونداهيون اوطاقون بڻجي ويون آھن، انهن ڀيڻين تي رت روئندڙ خاموشي اچي جاءِ والاري
آهي، اهڙن آوازن جو هڪ وڏو گلدستو آھي، انهن آوازن جي گونجار چارڻ جي ان چنگ جهڙي
هئي، جنهن تي سوين راءِ ڏياچ سر گهوري ڇڏيندا هئا، اهي گلا ئي هاڻي ناهن رهيا، جن
مان اهي سر نڪري سرن جون صدائون هڻندا هئا. موت انهن کي نيٺ خاموش ڪري ڇڏيو. هاڻي
اهي سدا امر آواز نون نغمن کي زندگي ڏيئي نه سگهندا، ليڪن فضائن ۾ وري به صدين
تائين پيا گونجندا، انهن جي گونجار ڪنهن مخصوص رت جي محتاج ناهي رهڻي،
لتا کي زندگي ۾ ڪهڙا
سور ۽ پور پلئه پيا، اهي هن ظاهري طور ڪڏھن به بيان نه ڪيا هئا، پر هن جي آواز ۾
زخمي ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي، ۽ لڳندو هو ته لتا هن دنيا جي ارڙ بلا جي وري
وري ڏنگيل آھي. هن کي وڏو ڏنگ ته ان پيار مان رسيو هو، جيڪو هن ڪري پڇتايو هو. هن
جنهن کي چاهيو هو، ان سان هن جي زندگي جو سنگم ٿي نه سگهيو، پوءِ ھو عمر ڀر ايئن اڪيلي
رهي، جيئن زخمي ڪونج رڻ ۾ اڪيلي ڪڻڪندي رهجي ويندي آھي. هونئن به هن مطلبي دنيا ۾
پيار جو ساٿ عارضي هوندو آھي. ماڻھو کي سفر وري به اڪيلو ڪرڻو پوندو آھي، ڪوئي ماڻھو
جڏھن هلڻ هارو ٿيندو آھي ته سڀ سانگا اتي ئي ڇڏي اڪيلو هليو ويندو آھي، ڪنهن کي پاڻ
سان ساٿ ۾ گڏ ھلڻ جو چوندو ئي ناهي.
لتا منگيشڪر مڌيا
پرديش جي علائقي انڊور ۾ اڄ کان ٻيانوي سال اڳ ۱۹۲۹ع ڌاري ديناناٿ منگيشڪر جي گهر
۾ اکيون کوليون هيون. هوءَ اڃان جواني کي ئي نه رسي هئي ته سندس پي چالاڻو ڪري
ويو، جنهن ڪري هوءَ پيءُ جي جدائي جي صدمي ۾ اچي وئي، ۽ ھن ڳائڻ شروع ڪيو. ان وقت
سندس عمر تيرهن سال هئي، هن ڳائڻ سان گڏ فلمي دنيا ۾ به پير پاتو، جڏھن هن فلمن ۾ ڳائڻ
شروع ڪيو ته سندس آواز جي جادو نه فقط سرن جي سرزمين هندستان کي منڊي وڌو، پر ان
آواز جي جادوئي اثر ۾ سارو ننڍو کنڊ جهومڻ لڳو.
لتا پاڪستان جي
سرزمين تي اچي ڳائڻ جي بار بار تمنا ڪئي هئي، ليڪن وقت جي بي رحم حالتن سبب هوءَ
ھتي اچي نه سگهي. ايئن هتي نه اچي سگهڻ ۽ ڳائڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي ھوءَ نيٺ اڳئين
جهان هلي ويئي. هن جي جنم ڀومي ته هندستان هو، ليڪن هن پاڪستان اچي ڳائڻ ٿي چاهيو
۽ ميڊم نورجهان سان ملڻ ٿي چاهيو، جا هن کان عمر ۾ ڪجھه سال وڏي هئي. پوءِ هن جي
واگها بارڊر تي ميڊم نورجهان سان هڪڙي مختصر ملاقات ٿي هئي، جا ملاقات ان ملاقات
جهڙي هئي، جهڙي ملاقات اپريل ۱۹۷۹ع ۾ راولپنڊي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ قيدي ذولفقارعلي ڀٽي
۽ سندس نياڻي بينظير جي ٿي هئي. ڪجهه ماڻھن جون ملاقاتون موسم کي رنگين ڪرڻ بجاءِ
بيحال ڪري وينديون آھن ۽ تاريخ ۾ گهرا ڏار ڪري وينديون آھن، جيئن حيدرآباد جي پڪي
قلعي ۾ ظالم وقت سيرون ڪري وڌيون آھن.
ڳائڻ ڪيڏو ڏکيو
هوندو آھي، ڳائيندڙن لاءِ ھڪ ته ذاتي درد ٻيا وري شاعر جا درد، هڪ ئي وقت اچي ڪٺا ٿيندا
آھن. پوءِ ته ڪڏھن ڪڏھن راڳيندڙ ڳائيندي ڳائيندي روئي پوندا آھن. گهايل گيتن ۽
غزلن ۾ ڪيڏا نه درد سمايل هوندا آھن. راڳي انهن درد ڀرين گيتن کي ڇيڙي ڄڻ ته نانگن
سان کيڏڻ ٿو لڳي. اهو ته ڪير مهدي حسن، ميڊم نورجهان ۽ پٺاڻي خان، ماسٽر چندر ۽ ٻين
کان پڇي ڏسي ها، ته کين ذاتي زندگي ۾ ڪيڏا درد آھن. هونئن ته درد کان واندو ڪو به
انسان ڪونهي، پر جڏھن ڪوئي راڳي پنهنجن دردن کي آواز ۽ شاعري جي لفظن ۾ بيان ڪندو
آھي ته هن جا ڦٽ ايئن چڪي پوندا آھن جيئن ڪڙھندڙ ڦٽن تان ڪوئي اوچتي لپري لاهيندو
هجي.
چيچا وطني ۾ سائيڪلن
جي دڪان تي ڪم ڪندڙ مهدي حسن اڳيان هلي جڏھن غزل جو شھشاهه راڳي بنيو هو، ته هر
غزل ۾ ھن کي هندستان جي راجستان واري علائقي ۾ پيش آيل اهي منظر ياد ايندا هئا، جيڪي
هن جي ٻالجتي کان ويندي جواني تائين پيش آيا هئا، راجستان جي گادي واري هنڌ جئپور
جي جوجهڻو واري ڳوٺ لوڻا ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري ڄاول هي راڳي ورهاڱي کان پوءِ سندس پي عظيم
خان سان سندس جنم ڀومي کي ڇڏي پاڪستان هليو آيو هو. سندس هر ڳايل غزل جي آواز توڙي
سندس چهري جي تاثراتن ۾ اهو ئي لڏپلاڻ جو واقعو ۽ طويل وڇوڙن جو ورلاپ هوندو هو،
هي راڳي ڪيئي پيڙائون ۽ بيوفايون دل ۾ سانڍي ۲۰۱۲ع ۾ موڪلائي ويو.
ننڍي کنڊ ۾ ڀل ته ڪجھه
نوان آواز گونجڻ لڳا هجن، ليڪن اهي اڳوڻا امر آواز هاڻي ايئن خاموش ٿي ويا آھن،
جيئن وڏ ڦڙي وسڻ کان پوءِ گوڙ خاموش ٿي ويندي آھي. ننڍي کنڊ ڏکڻ ايشيا ۾ نوان آواز
ته گونجڻا آھن پر انهن آوازن سان ڪٿي ٿا پهچي سگهن، جيڪي هاڻي خاموش ٿي ويا آھن.
انهن مڙني آوازن کان مٿي آواز لتا منگيشڪر جو هو، جنهن آواز ٻڌڻ لاءِ ڪن سيڏائيندا
هئا. لتا جيڪا اشارن سان آوازن کي هيڏانھن هوڏانهن وٺي ويندي هئي، ڪڏھن انهن سان
کينچل به ڪندي هئي، سا هاڻي پرلوڪ پڌاري چڪي آھي. هاڻي ان جو سازن ۽ آوازن سان ساٿ
ڪونهي، ھوءَ ھاڻي خاڪ ۾ پنهان ٿي ويئي آھي ۽ راڳ جي دنيا ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي
آھي. راتيون جڏھن خاموش ٿينديون آھن ته شبنم ڇاڻينديون آھن ۽ شبنم ۾ ڪنول ڦلاربا
آھن، هاڻي ننڍي کنڊ ۾ رهاڻيون ۽ راڳ جون راتيون اهي راتيون ناهن رهيون، جن راتين ۾
شمعون ٻرنديون هيون ۽ راڳ، ويراڳ جا ورلاپ سمهڻ نه ڏيندا هئا ۽ جن راڳڻين ۾ نه رڳو
راڳ ۽ ويراڳ جون نديون وهنديون هيون، پر اتي صفت ۽ ساراهه سان صبوح به ڪر کڻندا
هئا.
ننڍي کنڊ جي اها وڏي
خوشنصيبي آھي، جو ان جيترا وڍ ورهاڱن، جنگين ۽ قتلن جا سٺا آھن ته اتي ڏکويل روحن
راڳ ۽ ويراڳ سان به پاڻ ريجهايو آھي، ۽ زخمي زندگي جي ڦٽن تي مرحم به رکيو آھي، ۽
اهو ئي راڳ ۽ ويراڳ سدابهار آوازن جي ڪلا آھي، ان ڪلا نه رڳو سنڌ جي سورمين ۽ ڏاتارن
کي پنهنجي امرتا بخشي آھي، پر انهن لوڪ داستانن جي عمر به وڌائي آھي.
چارڻ تنهنجي چنگ جو
آھم عجب ايءُ،
ھڻين اڀو هٿن سين،
جيئرو رکي جيءُ،
رات به منهنجو
ريءُ، ڪاٽيو تو ڪماچ سين.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
لتا منگيشڪر
“موت سان فوت سپنا نه ٿا
ٿي سگهن”
امتياز دانش
گذريل سال ۲۰۲۲ جي ۶ فيبروريءَ تي نمونيا، بخار ۽ ڪورونا
سان ڪيترن ئي ڏينهن کان جهيڙيندي پاڪ-هند جي ليجنڊري گائيڪا لتا منگيشڪر پنهنجي
زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي. سندس وڇوڙي تي رڳو موسيقيءَ جي دنيا تي سوڳ طاري نه هو
پر هر اهو ماڻهو به سوڳ ۾ ورتل هو، جيڪو پنهنجيءَ دل ۾ درد رکي ٿو. هر ماڻهوءَ جي
سندس هن ڪلام جهڙي ڪيفيت هئي.
دل ہوم ہوم کرے گھبرائے
هوءَ برِصغير جي اها خوشنصيب
گائيڪا هئي، جنهن جو ٻن صدين تائين نه رڳو عشق جي روڳ ۾ ورتل دلين تي راڄ رهيو پر
پنهنجي من موهيندڙ آواز جي ڪري الائي ڪيترن نسلن جي دلين جي ترجمان به رهي. پاڪ _
هند جو اهڙو ڪهڙو ماڻهو نه آهي، جنهن لتا کي نه ٻڌو هجي؟ هوءَ جُڳ کان موسيقيءَ
سان چاهه رکندڙ ماڻهن جي دل ۾ وسندي پئي اچي. برصغير جي تاريخ تي نظر وڌي وڃي ته
خطي ۾ نه پهرين لتا جهڙي گائيڪا پيدا ٿي آهي ۽ نه وري کانئس پوءِ اهڙي گلوڪارا
پيدا ٿيندي. هوءِ ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع ڌاري ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ پنهنجي دور جي مشهور گلوڪار
۽ اداڪار دينا ناٿ جي گهر ۾ ڄائي. تنهنڪري ننڍپڻ کان ئي سندس ڪنن ۾ ساز، سُر ۽
آواز ٻُريو. هوءَ سمجهه ڀري ٿي ته سندس موسيقيءَ ڏانهن لاڙو ٿيو. هن شروع ۾
موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي پتا کان ورتي. پوءِ مختلف استادن کان سکيا ورتي. هن ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو هڪ ميراٺي فلم ۾ ڳايو ۽ پوءِ قسمت مٿس مهربان
رهي. هن شروع ۾ فلمي دنيا جا وڏا چڪر ڪاٽيا پر سنهڙو آواز هجڻ ڪري ڪنهن به موسيقار
کيس ڪم نه ڏنو. هن موسيقارن جي اهڙي رويي تي ڪڏهن به همت نه هاري ۽ اڃا به وڌيڪ
محنت ڪئي. ڀارت جي فلمي دنيا ۾ هڪ اهڙو به دور آيو جو هر فلم لتا جي آواز کان اڌوري
سمجهي ٿي وئي. لتا جي ڪويل جهڙي آواز فلمن کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. فلمي دنيا ۾ ۱۹۷۴ع کان ۱۹۹۱ع تائين سڀ کان وڌيڪ گانا هن ريڪارڊ
ڪرايا، جنهنڪري سندس نالو گينيز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو.
قدرت لتا جي آواز ۾ ٻيجل جي چنگ
جهڙو اهڙو ته موهه رکيو هو جو جيڪو به سندس آواز ٻڌندو هو، اهو ان تي موهجي پوندو
هو. ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڀارت جي مشهور
فلم “ مغلِ اعظم” ۾ لتا “ پیار کیا تو ڈرنا کیا “ ڪلام ڳايو ته ريتن ۽ رسمن
جي چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ڇوڪرين ۾ جرئت ۽ همت پيدا ٿي ۽ هندستان ۾ الائي ڪيتريون ڇوڪريون
اهو ڪلام ٻڌي پنهنجي گهرن مان پنهنجي پريمين سان نڪري ويون.
لتا ۱۹۴۰ع کان ۲۰۰۰ع تائين ڀرپور ڳايو. عمر وڌڻ ڪري
هن ڳائڻ گهٽ ڪري ڇڏيو پر ڇڏيو نه. هوءَ ۲۰۱۵ع تائين پنهنجي مڌر آواز وسيلي ماڻهن جي دلين کي موهيندي رهي. هن نئين
صديءَ ۾ فلم “ محبتیں “ ۾ “ ہم کو ہم سے چُرالو” ۽ “کبھی خوشی کبھی غم “ ۾ ڪلام ڳايو پوءِ ڪنهن به
فلم ۾ نه ڳايو. هن رڳو اردو ۾ نه ڳايو پر ٻين ٻولين جهڙوڪ سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، گجراتي
۽ ميراٺيءَ ۾ به ڳايو. سنڌيءَ ۾ ڳايل سندس “ منهنجا سپرين” ۽ ٻيا اهڙا ڪلام اڄ به
مشهور آهن. هن پنهنجي سڄي ڄمار موسيقيءَ کي ارپي ڇڏي. موسيقي سندس عشق هئي. جنون
هئي. سُرُور هئي. ڪل ڪائنات هئي. جنهنڪري هن پنهنجو گهر به نه وسايو. يعني شادي به
نه ڪئي. هوءَ موسيقيءَ جي مامري ۾ حساس به هئي ته سخت به. جڏهن محمد رفيع کي بنهه
سادو هجڻ ڪري فلم جا مالڪ تمام گهٽ معاوضو ڏيندا هئا ته ان تي لتا جا ساڻس اختلاف ٿي
پيا ۽ اهي آخر تائين برقرار رهيا ۽ هن رفيع جي مقابلي ۾ ڪشور، طلعت ۽ ٻين فنڪارن
کي اڳيان آندو. لتا جي ان ڳالهه کي ناڪاري انداز ۾ نه سمجهيو وڃي. هن چاهيو پئي ته
گلوڪارن جو قدر ٿئي. هو جيتري محنت ڪن ٿا کين ايترو معاوضو ڏنو وڃي ته جيئن سندن
زندگيءَ جو چرخو صحيح نموني هلي سگهي ۽ کين ڏکئي وقت ۾ ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻو نه
پوي. اهڙيءَ ريت موسيقيءَ جي مامري تي لتا جا پنهنجي گلوڪارا ڀيڻ آشا ڀوسلي سان به
اختلاف رهيا.
لتا اردو جي تمام خوبصورت شاعرن
ساحر لڌيانوي، گلزار ۽ ٻين جي شاعري ڳائي ان کي موسيقيءَ جي دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيو.
اهڙيءَ ريت هندستان جي وڏن موسيقارن نوشاد، ايس ڊي برمن، آي آر رحمان ۽ ٻين جي
خوبصورت ڌنن کي پنهنجو خوبصورت آواز ڏنو. انهن خوبين سان لتا جي ڪلامن کي هڪ اها
به خوبي حاصل آهي ته سندس ڪلامن تي هندستان جي مڌو بالا کان ويندي جيا پرادا، ريکا
کان ويندي سري ديوي ۽ ماڌوري کان ويندي ڪاجل تائين اڪثر وڏين اداڪارائن پرفارمنس ڪري
پنهنجا چَپَ چَوريا ۽ محمد رفيع کان ويندي سونو نگم تائين سندس دور جي وڏن فنڪارن
ساڻس گڏ ڳايو. هن هر طرح جي موسيقي ڳائي. هن لوڪ موسيقي ۾ به ڳايو ته ڪلاسيڪل ۽
نيم ڪلاسيڪل ۾ به ڳايو. هن غزل به ڳايا ته نعمتون به چيون. هوءَ موسيقيءَ ۾ هر فن
مولا هئي. هن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ مهدي حسن لاءِ چيو هو ته هو جڏهن ڳائيندو آهي ته
سندس ڳلَي ۾ ڀڳوان ڳالهائيندو آهي پر سچ اهو به آهي ته هوءَ جڏهن سُر ڇيڙيندي هئي
ته سندس آواز ۾ سڄي خدائي لهي ايندي هئي. سندس آواز نه ماکيءَ جي لار هجي. ستار
هجي. موکيءَ جي مڌ جو خمار هجي. سُرُور هجي. جيڪو ٻڌڻ واري کي الائي ڪهڙي دنيا ۾ کڻي
وڃي.سچ ۾ هوءَ سُرن جي ديوي هئي.
ننڍي کنڊ جي مهان گائيڪا لتا کي
موسيقيءَ جي دنيا ۾ ان شخصيت متعارف ڪرايو، جنهن ميڊم نورجهان کي متعارف ڪرايو ۽
اها شخصيت هئي ماسٽر غلام حيدر جي، جنهن جي ڪاوشن سان لتا اڳتي نڪري آئي ۽ ايترو
ته اڳتي نڪري آئي جو سُر ۽ ساز تي سندس ڇاپ ڇانئجي وئي. لتا کانپوءِ موسيقيءَ جي
دنيا ۾ آيل گلوڪارن نه رڳو سندس اثر ورتو پر سندس ڳايل ڪلامن کي ڳائي پنهنجي هڪ الڳ
سڃاڻپ به پيدا ڪئي.
هونئن ته لتا پنهنجي فني سفر ۾
چار ڀيرا ۱۹۵۹، ۱۹۶۳، ۱۹۶۶ع ۽ ۱۹۷۰ع ۾ فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيو پر سندس خدمتن عيوض ڀارت جو سڀ کان وڏو سول
ايوارڊ “ڀارت رتنا”، “پدم ڀوشن”، “پدما وي
ڀوشن”، “مهاراشٽر” ۽ “اين ٽي آر نيشنل” ايوارڊ مليو. هن لاءِ سڀ کان وڏو ايوارڊ ماڻهن
جو پيار هو، جيڪو کيس هر دور ۽ هر نسل جي ماڻهوءَ کان مليو. ان حوالي سان هن هڪ
تقريب ۾ چيو هو ته “ميوزڪ منهنجي زندگي آهي. ان جي ڪري ئي مون کي سڀ ڪجهه مليو.
نانءُ مليو. سڃاڻپ ملي. شهرت ملي. عزت ملي. اڄ هر هنڌ ماڻهو مون کي سڃاڻين ٿا. مون
کي اهڙا ڪيترائي خط ايندا رهن ٿا، جن ۾ لکيل هوندو آهي ته اسين اوهان سان ملڻ
چاهيون ٿا. اوهان کي ڏسڻ چاهيون ٿا. اوهان جي قدمن کي ڇهڻ چاهيون ٿا. مون کي اڄ ڏينهن
تائين جيڪو ڪجهه مليو آهي، اهو ماڻهن جو پيار آهي. انسان کي زندگيءَ ۾ پيار ملي، ان
کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي.”
لتا هڪ جينيئس گلوڪارا هئي. آخر
تائين پنهنجي فن سان مخلص رهي. شيخ اياز صحيح چيو هو ته “موت سان فوت سپنا نه ٿا ٿي
سگهن، جيئن ماڻهو مرن تيئن ماڻهو مچن.” لتا موسيقيءَ جي جيتري خدمت ڪئي، ان جي
بدلي ۾ جيڪو کيس زندگيءَ ۾ پيار مليو، اهو کيس مئي پڃاڻان به ملندو رهندو ۽ هوءَ
سرُ ۽ ساز جي دنيا ۾ سندائين امر رهندي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا