سيد عابد علي شاھ
خلقِ خدا جي خدمتگار جون
ساروڻيون
نور سنڌي
ڪوٽڏيجي جي نقوي
سيدن جون علمي، ادبي، سماجي، خلق خدا ۽ اعزاداري جون وڏيون خدمتون آھن. ھن خاندان
۾ ڪيترا ئي شاعر معلم ڊاڪٽر ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۾ اعليٰ عھدن تي رھيا آھن. انھن
مان سيد عابد علي شاھ مرحوم جون مختلف سرڪاري کاتن ۾ رھڻ دوران خلق خدا جون ڪيل
خدمتون اڻ وسرندڙ رھيون آھن. پاڻ سدا بھار شخصيت، ادب دوست، زنده دل شخصيت ۽ غريبن
جو ھمدرد رھيو.
ڪوٽڏيجي جا نقوي
سيد اصل ايران جي شھر شيراز جا آھن، جتي سندن علمي ادبي مذھبي خدمتون مشھور آھن.
ميرن جي دور ۾ شيراز مان ھڪ سيد محمد علي شاھ فاني لڏي ڪوٽڏيجي ۾ اچي آباد ٿيو. جيڪو
خيرپور رياست جي آخري والي مير علي نواز ناز ٽالپر جو استاد به رھيو ۽ پنھنجي دور
جو وڏو عالم معلم فارسي جو وڏو شاعر ھو. اڳتي ھلي ان سيد جي خاندان جا ڪجھ سيد
شيراز مان لڏي، اوچ شريف ۾ اچي ويٺا. جن سان والي رياست مير علي نواز ناز ۽ ان وقت
جي خيرپور رياست جي صدر مير حاجي غلام حسين ٽالپر جيڪو مير حاجي جي نالي سان مشھور
ھو، ان اوچ شريف مان سيد محمد علي شاھ فاني جي خاندان ۽ سيد نجف علي شاھ کي اوچ
شريف مان لڏائي خيرپور رياست وٺي آيو. جتي کيس خيرپور رياست جي مکيه شھر ڪوٽڏيجي ۾
آباد ڪيو. اڳتي ھلي خيرپور رياست جي صدر ۽ والي رياست جي سئوٽ مير حاجي غلام حسين ٽالپر
عرف مير حاجي، ھن نقوي خاندان جي ڪجھ ٻين شخصيتن کي جن ۾ سيد نجف علي شاھ اوچ شريف
مان ڪوٽڏيجي وٺي آيا. کين رھائش لاءِ حويلي کجين جا باغ، زرعي زمين ۽ ٻيون مراعتون
ڏنيون. ڪوٽڏيجي جي امام بارگاھن جو انتظام ۽ عزاداري ھن سيدن جي حوالي ڪئي وئي. ھن
خاندان جي ڪيترن ئي شخصيتن مان مختلف شاعر، ولي الله ۽ معلم عالم ٿي گذريا آھن. جن
مان ھڪ مشھور علمي مذھبي شخصيت ڊاڪٽر محمد علي شاھ به ھڪ ھو. جيڪو ان دور جو وڏو ڊاڪٽر
۽ خلق خدا جي خدمت سان سرشار ھو. پنھنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري اعليٰ عھدن تي
پھچايو. سندس اولاد پنھنجي نالي سان گڏ پنھنجي والد جو نالو روشن ڪيو. سندس اولاد
۾ سيد اڪبر علي شاھ به هو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ ميٿاميٽڪس جو ليڪچرار رھيو. بعد ۾
پاڪستان ايئر فورس ۾ فلائيٽ ليفٽننٽ رھيو. سيد اصغر علي شاھ پاڪستان ايئر فورس ۾ ايئر
ڪموڊور رھيو. سيد عابد علي شاھ مختلف کاتن ۾ سرڪاري عھدن تي رھي، خلق خدا جي خدمت ڪئي.
ھن پنھنجي آفيس جا دروازا عوام لاءِ سدائين کُليل رکيا.
سيد عابد علي شاھ
جو جنم ۵۴ع ڌاري ڪوٽڏيجي ۾، ڊاڪٽر محمد علي شاھ جي گھر ۾ ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم
اباڻي شھر ڪوٽڏيجي ۾ ھائير سيڪينڊري ممتاز ڪاليج خيرپور ميرس ۽ اعليٰ تعليم سنڌ
يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. پاڻ سرڪاري نوڪري جي شروعات منسٽري آف انڊسٽري مان ڪئي.
ان بعد پاڻ مختلف کاتن ۾ رھيو. جن ۾ ڊي جي ايگريڪلچر، آءِ جي رجسٽريشن، بورڊ آف
روينيو جو سيڪريٽري، اي ڊي او روينيو ڪراچي سٽي گورنمينٽ ۽ مختلف ضلعن ڪشمور-
ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ۾ ڊي سي او طور رھيو. مختلف کاتن، اوقاف، فشريز- لائيو
اسٽاڪ، ليبر ۽ ٻين کاتن ۾ پڻ سيڪريٽري رھيو. سال ۲۰۱۴ع ۾ رٽائر ٿيو. ٻه سال آرام ڪيائين.
ان بعد کيس پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.
ھن مفاد پرستي ۽
پنهنجا نوازي واري دور ۾ سيد عابد علي شاھ ايمانداري ۽ ديانتداري سان ملازمت ڪئي.
جنھن به ڪرسي تي ويھاريو ويو، اتي خلقِ خدا جي خدمت ڪئي. آفيس جا در عوام لاءِ
کليل رکيا. عوام جا جائز ڪم بر وقت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھر ماڻھو سان کِلندي ڳالھائيندو
۽ عزت ڪندو ھو. غريبن جو مددگار ۽ ھمدرد رھيو. پنھجي ماتحت اسٽاف سان سدائين
بھترين رويو رکيو. انھن کي اولاد وانگر سمجھندو ھو. جنھن دور ۾ نوڪريون آفيسرن جي
وس ھيون، تڏھن پاڻ مختلف کاتن ۾ بنا سفارش جي وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون
ڏنيون. پبلڪ سروس ڪميشن جو اڍائي سال ميمبر رھڻ دوران به ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون.
جن به کاتن ۾ رھيو، انھن کاتن ۾ ڪافي سڌارا آندائين. کيس مثالي عوام دوست فرض شناس
ايماندار آفيسر سمجهيو ويندو ھو.
جڏھن اوقاف کاتي جو
وزير ھو، تڏھن پاڻ حضرت لال قلندر جي نئين مزار جي ڊزائننگ پاڻ ڪيائين. ايران کان ڪاشيگر
گھرايا. جڏھن ته درگاهه حضرت عبدالله شاھ غازي جي توسيع جي اسڪيم پاڻ جوڙي ۽ پاڻ
ان ڪم جي مسلسل نگراني ڪئي. اوقاف کاتي جي سيڪريٽري طور سندس ڪارڪردگي مثالي رھي،
پاڻ ولين سان عقيدت ۽ محبت ڪندو ھو.
گھمڻ جو به شوقين
هو. دنيا جا سڀئي ملڪ گھميائين. پاڻ زندگي ۾ چوڏھن زواريون ڪيون، ٻه دفعا حج ۽ ڪيترائي
ڀيرا عمره ادا ڪيا. وڏو سماج سڌارڪ ھو. ڪيترن ئي غريبن جي ڳجھي نموني مدد ڪندو ھو.
سندس دوستي به وسيع ھئي ته دستر خوان به وسيع ھو. دوستن مٽن مائٽن سان ڪچھريون ڪندي،
مهمان نوازي ڪندي، کين تحفا به ڏيندو هو. پاڻ محفل جو مور ۽ ڪچھرين جو ڪوڏيو سڏيو
ويندو ھو. ادب، فن، ثقافت، مذھب ۽ سماجيات تي وڏي ڄاڻ رکندڙ ھو.
پاڻ شاھ لطيف جو
عقيدتمند ھو. کيس ڀٽ ڌڻي جي ڪافي شاعري برزباني ياد ھوندي ھئي. جيڪا دوستن کي گھر
وارن اولاد کي معنيٰ سان ٻُڌائيندو ھو يا موقعي جي مناسب سان اھي شعر چوندو ھو.
شاعريءَ سان پڙھڻ جي حد تائين دلچسپي ھوندي ھئس. سندس امڙ به پنھجي دور جي بھترين
شاعره ھئي. امڙ جي پنج تن پاڪ جي شان ۾ ۽ شھداءِ ڪربلا جي ياد ۾ بھترين شاعري ڪيل
آهي. سندس نوحا اڄ به ڪوٽڏيجي جا نوحه خوان وڏي سوز سان پڙھن ٿا.
سيد عابد حسين شاھ
بھترين نوحه خوان ھو. سندس وڏن کي اھو اعزاز حاصل آھي ته ھنن ڪوٽڏيجي جي اعزاداري
کي وڌايو. پاڻ زنده دل، خوش مزاج ۽ خوش اخلاق شخصيت ھو. جڏھن سندس والدين ڀائر ڀينرون
۽ ٻيا عزيز مائٽ وٽس ايندا ھئا ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو. انھن کي خود ماني کارائي،
خوشي محسوس ڪندو هو.
پاڻ صوفي ڪلامن جو
شوقين ھو. کيس سنڌي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، وزير علي شاھ ۽ عابده پروين وڌيڪ
پسند ھئا. کيس وزير علي شاھ جو ڳايل گيت ته ”پکي پرواز ٿي ويندا، حويلي ۾ ھُل نه
رھندو...!“ ڏاڍو وڻندو ھو.
پاڻ موسيقي جو ڄاڻو
ھو. کيس تاريخي اسلامي جنگين جو ۽ سائنسي فڪشن واريون فلمون وڻنديون ھيون، جيڪي
شوق سان ڏسندو ھو.
شاعرن ۾ شاھ لطيف،
سچل سرمست، مرزا غالب، فيض احمد فيض، شيخ اياز، محسن نقوي، ڪيفي عظمي جوش مليحا آبادي
جي شاعري ڏاڍي وڻندي ھئس. ادب سان دلچسپي رکندو ھو. اسلامي، تاريخي ۽ بائيو گرافي
وارا ڪتاب، سندس مطالعي ۾ رھيا. وٽس گھر ۾ ھڪ ھزار کن ڪتابن جي لائبريري اڄ به
موجود آھي. پاڻ قرآن شريف جو عاشق ھو، پنھجي اولاد کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏئي ويو.
اولاد جي بھترين
پروش ڪيائين. اولاد کي گڏ ويھاري دوستاڻي ماحول ۾ ڪچھري ڪندو ھو. کين ڪامياب زندگي،
ڪامياب انسان بنائڻ واريون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو. پاڻ پنھنجي نياڻين کي اعليٰ تعليم
ڏياري ۽ کين تلقين ڪندو ھو ته؛ ”ننڍيون خوشيون جمع ڪريو ته جيئن اوھان کي وڏي خوشي
ملندي. خلق خدا جي خدمت ڪريو، جيڪا افضل عبادت آھي. ڪنھن جي دل نه رنجايو، الله جو
ذڪر ڪندا ڪريو، مالڪ پاران جيڪي اوھان تي مھربانيون آھن، انهن تي شڪر ادا ڪندا ڪريو،
پاڻ ۾ سھپ ڌاريو، صبر ڪريو.“
منھنجون سيد عابد
حسين شاھ سان ٻه ٽي مختصر ملاقاتون ھيون. باقي فون ذريعي رابطو رھندو هوم. سندس
وفات بعد جيڪي به سندس دوست يا دعا سلام وارا مليا، اھي دعوائون ڪن پيا ته سيد
عابد علي شاھ سڀن کان وڌيڪ مون کي ڀائيندو ھو. اھي ڳڻ زنده دل انسان دوست ۾ ھوندا
آھن.
هُن ۶ فيبروري ۲۰۲۱ع
تي ڪورونا وبا سان لڙندي، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڪوٽڏيجي جي تاريخي قبرستان،
زينبين امام بارگاهه واري قبرستان ۾، ڌرتي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا