ڪامريڊ زاهدا شيخ
سنڌ جي “جيني”
ذوالفقار راڄپر
اهو به سنڌ ۽ پاڪستان جي
انقلابي جينئس رسول بخش پليجي جو ئي ڪمال آهي ته هن سنڌ جي انقلابي قومي تحريڪ کي
هڪ اهڙي ساٿياڻي ڏني، جنهن پنهنجي زندگي جي بهار جا ڏينهن سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي آجپي
لاءِ ارپي ڇڏيا، جنهن نه فقط سنڌ جي غليظ جاگيرداري سماج، سنڌ جي موقعي پرست وچئين
ڪلاس جي منافقين ۽ موقعي پرست سياست ۽ سنڌ جي چوگرد رياستي جاسوس ادارن جي گهيري
واري ماحول ۽ انهن جي پگهاردار ايجنٽ سياست بازن، ليکڪن ۽ ماڻهن کي منجهائڻ لاءِ
سوين فڪري ۽ اخلاقي ڪوڙڪيون وڇائيندڙن ترڪتال سازشي ديون جي عورت دشمن ٻهروپين جو
پارٽي جي سياسي انقلابي تربيت ۽ قيادت جي رهنمائي ۾ زبردست مقابلو ڪري سنڌ جي ڪارل
مارڪس رسول بخش پليجي جي “جيني” جو ڪردار ادا ڪيو.جن کي جيني جي زندگي، سياست ۽
ڪارل مارڪس جي ذاتي ۽ سياسي ساٿ بابت خبر هوندي انهن لاءِ ڪامريڊ زاهدا شيخ لاءِ لفظ
جيني اوپرو نه لڳندو.
زاهدا شيخ جي بي وقتائتي وڇوڙي
مون کي ان ماضي طرف ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسڻ لاءِ هڪ انقلابي ماحول پيدا ڪري ڏنو آهي.
ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ان بعد سنڌ مٿان فوجي چڙهائي جي نتيجي ۾ سنڌ اندر جيڪو جمهوريت ۽
انقلاب لاءِ اتساهه پيدا ڪيو آهي، ان سڄي سنڌ سميت قمبر شهر اندر به اهڙا ڪردار
پيدا ڪيا جن سنڌ وطن جي حفاظت لاءِ موجود چالو وڏيرڪي قوم پرستي ۽ نقلي انقلابين
جي ننڍي گروهه جو گهيرو ٽوڙي عالمي انقلابي تحريڪن جي روشني ۾ سائين رسول بخش
پليجي جي نظرياتي ۽ تنظيمي تربيت ۽ هدايتن موجب هڪ نئين سنڌ جي سياسي تحريڪ کي جنم
ڏنو. جنهن ۾ سڀ کان وڏوڪم سنڌ جي عورتن جي طرفان هڪ منظم رٿابندي ۽ سياسي تربيت
سان سياسي انقلابي تنظيم جي جهنڊي هيٺيان گڏ ٿيڻ ۽ سياسي جدوجهد ۾ شريڪ ٿي ملڪي ۽
عالمي سطح تي پاڻ کي مڃائڻ آهي.
سنڌ جي هڪ خاص دور ۾ اختر بلوچ جو
ڪردار پيدا ٿيو هو پر ان جي عمر ٿوري هئي. ان بعد جيجي زرينا بلوچ جو به هڪ اهم
ڪردار رهيو، جنهن جي تخليق پويان به هن جو ور رسول بخش پليجو هو. سنڌ جي ۵ يا ۶ هزار سالن جي تاريخ ۾ عوامي
تحريڪ جو جنم ۽ ان جنم ۾ وري سنڌياڻي تحريڪ جو جنم رسول بخش پليجي جو وڏو ڪارنامو
۽ سماجي سائنس جي وڏي ايجاد آهي. جنهن سنڌ ۾ ممتاز نظاماڻي ۽ زاهدا شيخ جهڙا ڪردار
تخليق ڪيا، ممتاز نظاماڻي ڪالاباغ ديم خلاف سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ۽ ٻين
جدوجهدن جي نتيجي ۾ بيماري ۾ مبتلا ٿي گذاري وئي پر سنڌ مٿان ڊيم جو راڪاس ٽاري
وئي ته ڪامريڊ زاهدا شيخ وري سمورين سياسي جدوجهدن جي ميدان ۾ نه فقط اڳڀري رهي پر
عالمي ۽ مقامي ايجنسين طرفان سنڌ جي انقلابي تحريڪ ان جي اڳواڻ ۽ خاص طور تي سنڌ
جي انقلابي عورت تنظيم ۽ قيادت مٿان ٿيل گهڻ طرفي حملن، سازشن، دشمنن جي پگهار دار
انقلابي صفن ۾ ڇپ هڻي ويٺل ڪوڙن انقلابين ۽ ٻين ٻهروپين طرفان پيدا ڪيل مايوسين ۽
پارٽي مٿان مختلف طرفن کان ٿيل حملن جو پارٽي ۽ ان جي سربراهه جي اڳواڻي ۾ مقابلو
ڪيو ۽ نئين سر سنڌياڻي تحريڪ کي منظم ڪري سنڌ جي جرڳائي نظام جي خاتمي، عورتن جي
قتل، زبردستي شادين سميت ٻين سماجي براين ۽ قومي مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هزارين
سنڌياڻين سان گڏ ميدان تي بيهي دشمن جو مقابلو ڪيو.
سنڌ اندر سنڌياڻي تحريڪ ۽ ان جي
قيادت هميشه دشمن جي اک ۾ ان ڪري ڪنڊي مثل رهي آهي جو اها جمهوري وڏيرن ۽ انهن جي
دوست مخالف ڌر لاءِ به قابل قبول نه رهي آهي. ڪامريڊ زاهدا شيخ کي قمبر کان
لاڙڪاڻي، حيدرآباد، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد تائين پنهنجي سفر ۾ جيڪڏهن ڪجهه
ساٿين ساٿ ڇڏيو ته کيس حسنه راهوجو، مريم گوپانگ، پرهه سومرو ۽ ٻين هزارين سنڌياڻين
جو ساٿ مليو. ڪامريڊ زاهدا شيخ جو ٻيو وڏو ڪارنامو ۽هن جي ڪردار جيني جي ڪردار ۾
تبديل ٿيڻ جو سبب انقلابي رهنما سائين رسول بخش پليجي ۽ هن مٿان هر لڳل الزام ۽ ڏکين گهڙين ۾ ساٿ ڏيڻ آهي، هن
پليجي صاحب جي صحت جي سار سنڀال سان گڏ ان جي سياسي، ادبي تخليقن ۾ مدد ڪرڻ، پليجي
صاحب جي ڪيسن ۾ ان جي فائيلن جي سنڀال ڪرڻ سان گڏ لاڙڪاڻي، ٿر، بر ڪاڇي ۽ ڪوهستان کان
سواءِ ڪلفٽن، ڊفينس، گلستان جوهر، لانڍي سميت اسلام آباد ۽ لاهور تائين ان جي
سياسي سفر ۽ اڪيلائين جي گهڙين ۾ ائين ساٿ ڏنو، جيئن “جيني” ڪارل مارڪس جي نجي
زندگي جي ڏکيائين ۽سياسي جدوجهد ۾ ساٿ نڀائي
پاڻ کي عظيم بنايو هو.
جيني جهڙا ڏک ته زاهدا شيخ جي
زندگي ۾ نه آيا پر سنڌ جي پوئتي پيل زرعي سماج جي گندگين جا ڇنڊا بار بار هن مٿان
اڇلائي سنڌ جي انقلابي عورت تحريڪ کي ختم ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. سائين
رسول بخش پليجي سنڌ کي ممتاز نظاماڻي ۽ زاهدا شيخ جهڙا ڪردار ته تخليق ڪري ڏنا
پراها انهن ۾ به لڪل مڻيا هئي جن انهن کي امر بنائي ڇڏيو. تازو سرڪاري ڪارندن جي
ايجنٽن زاهدا جي شخصيت کي تڪراري بنائڻ ۽ بيماري جي حالت ۾ پليجو صاحب کي اڪيلو
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هن مٿان الزام لڳايا پر هن پليجي صاحب جي صحبت ۾ ورتل تربيت ۽
مطالعي ڪري حوصلو نه هاريو ۽ هن سان گڏ سموري پارٽي گڏ بيٺي هئي. ڪامريڊ زاهدا شيخ
سياسي جدوجهد، تنظيم سازي ۽ پليجي صاحب جي توڙ نڀائڻ واري ساٿ سان گڏ اخبارن،
رسالن ۾ لکڻ سان گڏ سنڌ کي ناياب ترجما به ڏنا. اڄ سنڌ ۾ ڪوڙن سياسي بتن سان گڏ
کوڙ ساريون سول سوسائٽي جو مڊمون به موجود آهن جن مان ڪا به اڃان تائين ممتاز نظاماڻي
پيدا نه ٿي سگهي آهي، اهي عورت جي جدوجهد ۽ ادب ۾ مختلف رنگ ملائي ان مان به
اخبارن ۽ ٽي وي چينلن،ميلن جي رش ۽ ميڻ بتين ٻارڻ جي وندر ۽ ڪجهه ليکڪن جي ساٿ ۽
نام نهاد سوشل ميڊيا جي سهڪار سان سئنيما جي پردي تي هلندڙ فلم جهڙي تفريح وٺي
رهيون آهن. ان ڪري اهي سنڌ جي عورت جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي غلامي جي ڇوٽڪاري
واري سائنسي علاج ۽ تڪليفون ڪرڻ کان آجيون آهن، ڪي وري جاگيردار جرڳائي وڏيرن جي
رحم ڪرم تي اسيمبلين ۾ حڪومتي ۽ حڪومت مخالف ڊرامن ۾ لکيل اسڪرپٽ تي ڊراما ڀري
رهيون آهن اهڙي ٽي پتائي ماحول ۾ ڪامريڊ زاهدا شيخ جي اوچتي وڇوڙي سان سنڌ جي اڪيلي
سر موجود انقلابي تحريڪ تي لازمن ڪجهه اثر پوندو پر هن جيڪا تنظيم، تربيت ۽ سياسي
سائنسي تعليم جو مليل ورثو ڇڏيو آهي، اهو هن جي ساٿين جي قافلي کي اڃان به اڳتي وٺي
ويندو ۽ سنڌ جي عورت جو مرد جي غلامي کان آزاديءَ جو اهو ئي اڪيلو رستو آهي، جنهن
تي هلندي هلندي ڪامريڊ زاهدا شيخ سنڌ ۽ سنڌ جي مظلوم عورتن کان اوچتو وڇڙي وئي.
زاهدا شيخ جو وڇوڙو
هڪ متحرڪ قومي سوچ لاءِ
الميو
ذوالفقار واهوچو
ثابت قدم، نظرياتي ماڻهو ئي رهي
سگهي ٿو، غير نظرياتي ماڻهو هميشه ڦرڻا گرڻا، بي اصول ٿيندا آهن، ا هي رڳو پنهنجي
لاءِ جيئندا آهن، انهن جو ڪو به اصول آدرش نه هوندو آهي، اهي تمام خصيص مقصدن لاءِ
تمام وڏا قومي مفاد به قربان ڪرڻ کي عيب نه سمجهندا آهن، اهڙن ماڻهن جي ان ڪردار
سبب سماج تمام گهڻو ڀوڳي ٿو، سنڌ ۾ هن وقت جاگيرداراڻي ۽ پيراڻي سياست پنهنجي عروج تي آهي، جنهن جي رويي سبب
سماج آدرشي طور تي تمام گهڻو هيڻو ٿيو آهي، هر طرف مايوسي آهي، ڀڃ ڊاھ آهي، ڪرپشن،
اقرباپروري، پنهنجي نوازي سڄي سماج کي مرڻينگ ڪري وڌو آهي، جنهن سان ٿو ڳالهائجي
اهو دردن جو نوحو شروع ڪري ٿو ڇڏي، ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ ڏوکولين جو ديس آهي، جتي درد.
پيڙا، غير سنجيدگي، لاپروهي ۽ نڌڻڪائي اسان جو مقدر آهي، ڪنهن ڪنهن محل ماڻهو اهو
ٿو سمجهي ته هنن حالتن مان جان ڇٽڻي ئي ناهي، اسان تباهي جي آخري حد تي پهچي چڪا
آهيون، جيئن ڪينسر جو مريض آخري مرحلي ۾ هوندو آهي ان تي ڪا دوا اثر نه ڪندي آهي، ائين
سنڌ جي سياست جو منطر نظر اچي ٿو، اهڙن حالتن ۾ به اسان جڏهن اک ڦيرائون ٿا ته ڪيترا
ئي اڻ موٽ ڪردار نطر اچن ٿا، جن جي جدوجهد، قرباني، ڪم ڏسي ماڻهو نراسائي مان نڪري اميد جي رستي تي اچي
وڃي ٿو، روشني نظر اچي ٿي، جيئن ڀٽائي چيو
“جت نه پکي پير تت ٽمڪي باهڙي، ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کير ري”، يعني جت
پکي جو پير نظر ان اچي، اهڙي اڻانگي سفر، منزل تي به اوهان کي ٻاھ ٻرندي نظر اچي
ته پڪ سمجهو اهو ڪم ڪنهن کاهوڙي جو آهي، اتي ڪو عاشق ويٺل آهي، اتي ڪو دردن جو
درمان ڪندڙ ويڄ پهتل آهي.
اسان کي به سنڌ جي سياست جي ٻاٽ
اونداهي ۾ جيڪو روشني جو ڪرڻو نظر اچي ٿو، اهو ڪرڻو ڀيڻ زاهد شيخ جي شڪل ۾ نظر ٿو، جنهن جو تعلق هڪ وچولي طبقي
جي خاندان سان هجي، ان علائقي سان جتي نياڻيون روز بنا سبب ڪٺيون وڃن ٿيون، جن جي
قتل سان ڪو انصاف نه ٿيندو هجي، جتي عورت جانور کان به ويل حالتن ۾ زندگي گهاريندڙ
هجن، ان علائقائي مان نڪري اچي، ان سماج دشمن رسمن، ريتن ۽ رواجن کي للڪاري، اٿي
بيهي، ثابت قدم رهي، ساھ جي آخري هڏڪي تائين سمورن انساني حقن کان وانجهيل ماڻهن
جي لاءِ جاکوڙ سان سلهاڙيل هجي. اهو ڪردار فقط ادي زاهدا شيخ ئي سرانجام ڏنو ۽ اهو
ثابت ڪيو ته نظرياتي انسان ڪڏهن به کٽي نٿو سگهي، جهڪي نٿو سگهي، هٿيار ڦٽا نٿو
ڪري سگهي، پنهنجي سگھه سان مسلسل ويڙھ ڪرڻ ئي ان جو بنيادي آدرش آهي، ان تي سورنهن
آنا سچ ثابت ٿي، اڪثر وچولي طبقي جون پڙهيل عورتون اهو چاهينديون آهن ته اهي سکيون
ستابيون هجن، انهن وٽ گاڏي هجي، بنگلو هجي، پيسا هجن، نوڪر چاڪر هجن، زيور هجن، ميڪ
اپ هجي، نوان وڳا هجي، هو پنهنجي ڪلاس جي ٻين عورتن کان وڌيڪ هارسينگار ڪيل هجي ۽
سندس زندگي آسائٽن سان ٽمٽار هجي، پر هن نياڻي بلڪل ان جي ابٽڙ اهڙو رستو اختيار ڪيو، جتي لطيف
چيو ڪنڊا مون پيرن توڙي لک لڳن، آگر آگوٺي
نه مڙي ڇپون پير ڇنن، ويندي ڏانهن پيرن جتي جات نه پيان.
سنڌ تي جڏهن ڏکيو وقت آيو، هي
نياڻي پيرين پنڌ نڪري پوندي هئي، سکر کان ڪراچي، لانگ مارچ، ڀٽ شاھ کان ڪراچي لانگ
مارچ، ٺل کان ڪراچي لانگ مارچ، اسلام ڪوٽ کان ڪراچي لانگ مارچ هي سدائين سفر
۾ پير پٿون، حوصلا همليا جبل جيڏا، ڀيرن کي
سنڀالڻ، انهن جي تربيت ڪرڻ، انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ، بسترن جو بندوبست
ڪرڻ، ائين لڳندو هو ڄڻ هو سڀن جي ماءُ آهي، اهڙو ڪو به ماڻهو مون نه ڏٺو جنهن سان
هن ڪا ڄاڻي واڻي بي واجبي ڪئي هجي، هر ڪنهن سان پاٻوھ سان ملندڙ، هر ڪو ان کي
پنهنجي هر ڀاتياڻي سمجهندو.
سندس ڪمھلي وفات سبب هر باشعور،
وطن دوست، عوام دوست، پيڙهيل طبقن سان تعلق رکندڙ مرد توڙي عورت اهو ٿو سمجهي ته
سندس گھر جو ڀاتي وڇڙيو آهي، ڀلي ان جو ڪهڙي به سياسي، سماجي فڪر سان تعلق هجي، ان
جي وڇوڙي کي هو پنهنجو وڇوڙو سمجهي ٿو اهو سڀ تڏهن ٿيو آهي جو هن نياڻي پاڻ کي
ثابت قدم ثابت ڪيو. سندس پارٽي تي ڪيترا ئي ڏکيا ڏينهن آيا، پارٽي ٽٽي، ساٿي الڳ
ٿيا، پر هن پنهنجي اندر ڪو به ڦيرو نه آندو هن جنهن شيءِ، واٽ، گس کي بهتر سمجهو
ان تي ڄمي بيٺي رهي، هن کي ڪنهن به طوفان، زلزلي نه لوڏيون، ڪنهن تمهت، طعني به هن
جي قدم کي نه لوڏي سگهيو، اڏي ارادن جي پختگي، مون ٻئي ڪنهن ۾ نه ڏٺي، مان هن
سٻاجهي نياڻي کي پنهنجي ننڍ پڻ کان سڃاڻيان ٿو مون هن کي پهريون ڀيرو سنڌ دوست
اڳواڻ ڊاڪٽر قاضي غفار جي گھر ڏٺو، تڏهن مان معصوم ٻار هيس، هاڻ پنهنجي جواني ۾ به ان سان منهنجي آخري ملاقات گذريل مهيني ڊسمبر ۾
حيدر آباد ۾ سندس رهائشگاھ ڊي ٽين پليجو
هائوس ٿي، مان اتي پليجي صاحب جي عيادت لاءِ ويل هيس، ادي زاهدا شيخ پارٽي جي
مرڪزي اجلاس ۾ ويٺل هئي.
ڀيڻ زاهدا شيخ جو موت رڳو ان جي
پارٽي، ساٿين، گھر ڀاتين جو نقصان ناهي، اهو سنڌ جي اجتمائي ساڃاھ جو نقصان ٿيو
آهي، هڪ اهڙي برجستي قومي ڪارڪن، اڳواڻ، پڙهيل، پڪي پختي ماڻهو کان سنڌ محروم ٿي
آهي، جنهن جو نقصان قومي نقصان آهي، هڪ پختو انسان پيدا ٿيڻ ۾ سال لڳن ٿا، خاص ڪري
اسان جهڙين ملڪن، خطن، علائقن ۾ ته اهڙن ماڻهن جو ڏڪر آهي، ڳوليا نٿا لڀن، جيڪي
چند آهن، اهي اسان کان تيزي سان وڇڙي رهيا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ چگن انسانن جي
کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، مون محترم رسول بخش
پليجي کي ڪڏهن به هيڻو نه ڏٺو آهي، فاضل جڏهن شهيد ٿيو هو ته پليجي صاحب پنهنجو ڳاٽ
ان ڪري اوچو رکيو هو ته جيئن دشمن اهو نه سمجهي ته هو اڪيلو ٿيو آهي، ڪمزور ٿيو
آهي، هيڻو ٿيو آهي، هن اهو درد پنهنجي سيني ۾ سمائي، هڪ جبل وانگر ٿي بيٺو، فاضل
جي شهادت رسول بخش پليجي جهڙي جبل ۾ ڏار وڏو پر اهو هن ليکاءُ نه ڏنو، ممتاز نظاڻي
جي وفات هن جي چيلھه کي ضرب هنيئن، اڄ سندس ساٿياڻي زاهدا شيخ جي وچوڙي تي هو مڪمل
طور تي پاڻ کي هڪ وفادار ساٿي کان محروم سمجهي ٿو، پهريون ڀيرو مون رسول بخش پليجي
جهڙي مضبوط ارادن جي شخص کي اکين ۾ پاڻي ڏٺو، جھينڻي آواز ۾ اهو چوندي ٻڌو ته سندس
وفات، اوچتي وڇوڙي سبب پنهنجي مالڪي ڪندڙ ساٿي کان محرم ٿيو آهيان، اهو درد جو اظهار
ٻڌائي ٿو ته هو پاڻ کي هاڻ عملي طرح هيڻو محسوس ڪر ي رهيو آهي،هي جبل جهڙوارادو رکندڙ
انسان جا اهي لفظ ته مان مالڪي مان محروم ٿيو آهيان، اهي ڪي معمولي لفظ ناهن، هو
هڪ پختي ساٿياڻي کان محروم ٿيو آهي، پڪ سان سڄي سنڌ هڪ باوقار سياسي اڳواڻ کان
محروم ٿي آهي، ادي زاهدا شيخ لطيف جي هن شعر تي مڪمل طور تي پورو لهي ٿي،
سڌائتي سڀ کان بک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي جنبش ڪانهي
جاءَ
مون سي هلي سا جا جيءُ مٺو نه
ڪري،
هن بلڪل اهوثابت ڪيو ته ساھ جي
آخري گهڙي تائين هو پنهنجي نظريي، فڪر ۽ سوچ تي قائم رهي، هڪ پل به هن سنڌ جي
مسئلن کان غفلت ۾ نه گذاريو، سدائين ميدان تي نظر آئي. لکڻ، پڙهڻ، تقريرون،
جدوجهدون ڪندي رکي سنڌ هڪ حلالي نياڻي کان
محروم ٿي آهي، اهو ڏک سنڌ جي هر باشعور انسان محروم پيو ڪري.
ادي زاهدا
سندس جدوجهد کي سرخ سلام
منان چانڊيو
۶ جنوري
تي عوامي تحريڪ جي يونٽ گاجي کهاوڙ پاران عوامي مچ ڪچهري جو پروگرام هلي رهيو هيو
ته،عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ فيس بوڪ تان پوسٽ هلائي ته سنڌياڻي تحريڪ
جي مرڪزي سينٽرل ڪاميٽي جي ميمبر ۽جاکوڙي ڪردار ادي زاهدا شيخ دل جي دوري پوڻ سبب
وفات ڪري وئي،اهڙي ڏکوئيندڙ خبر ملڻ شرط پروگرام ختم ڪري سڀڪو پنهنجن گهرن ڏانهن روانو
ٿي ويو.
ادي زاهدا جي اوچتو وفات جي خبر
پوڻ سان هڪ طرف منهنجي دل کي گهرو صدمو پهتو ته وري ٻئي پاسي ۱۹۸۰ع واري ڏھاڪي جو عوامي تحريڪ جو نظرياتي، فڪري، تنظيمي ۽ فولادي ضابطن وارو
عروج ياد آيو، جڏھن لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ عوامي تحريڪ ۽ ان جي برادر محاذن
جهڙوڪ سنڌي هاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سجاڳ
ٻار تحريڪ جو تنظيمي وجود ۽ڍانچو موجود هيو، جتي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ذهني
فڪري ڄاڻ ۽ سمجهھ موجب نظرياتي، سياسي، قومي، عوامي ۽ جمهوري پروگرام ۽منشور کي
زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مردن ٻارن ۽عورتن تائين تمام سهڻي سادي
نموني ۽ مثالن سان پهچائي پنهنجي شعور، سنجيدگي ۽ تنظيمي ذميواري جو ثبوت ڏيندا
رهيا، ان وقت جي هڪ بهترين ڏاهي ۽ ليکڪ علي احمد بروهي، تنهن وقت هڪ سنڌي اخبار ۾
آرٽيڪل لکندي، چيو ته جيڪڏھن ڪو نوجوان، ٻالڪ، مزدور، هاري، توهان سان سنجيده
دليلن ۽ادب احترام سان گفتگو ڪندو هجي،ته پڪ سمجهو ته اهي عوامي تحريڪ ۽ ان جي
برادر محاذن سان تعلق رکندڙ هوندا.
پاڻ ڳالھ پئي ڪئي ادي زاهده شيخ
جي اوچتي وفات جي ته هن قنبر شھر جي هڪ وڏي واپاري بخشل خان شيخ جي گهر۾ جنم ورتو.
هن ۱۹۷۸ع دوران اٺين درجي جي شاگردياڻي
وارن ڏينهن ۾ گرلس هاءِاسڪول قنبر طرفان يوم غيرت جي نالي سان احتجاجي تحريڪ جي
اڳواڻي ڪئي. واضع رهي ته ان وقت سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي شيرين سومرو سان ميجر
ڪفايت پاران ڏاڍائي جو افسوسناڪ واقعو ٿيو هيو، ان واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ يوم غيرت
جي نالي سان وڏا احتجاجي مظاهرا ٿيا هئا. چوڻ جو مطلب ته ادي زاهدا شيخ ٻالڪ پڻي
کان ئي، سنڌ، سنڌي قوم ۽ عوام جي جائز حقن مائٽ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ رهي، اڳتي
هلي هن سنڌياڻي تحريڪ ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪري ڪالاباغ ڊئم سنڌ ۾ ڌارين جي
آبادگاري فوجي جنرل شاهي پنجاب ۽ وفاق جي سنڌ ۽ سنڌي قوم دشمني ٻٽي مڪاني نظام، ايم
ڪيو ايم پاران سنڌ جي ورهاست واري سنڌ دشمن حرڪت کان سواءِ ڀوتارڪي سسٽم توڙي
ڪاروڪاري واري عورت دشمن، عمل خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي هر احتجاجي سڏ
۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جهڙي نظرياتي ۽ بهادر تنظيم جي ٽي ڀيرا مرڪزي
صدر رهي ۽ ان کان علاوه عوامي تحريڪ جي سينٽرل ڪاميٽي جي به ميمبر رهي.
اڄ جڏھن ادي زاهده شيخ اسان کان موڪلائي وئي آھي ته اسان سڀني با شعور ۽ باضمير سنڌ واسين کي دلي صدمو رسيو آھي،۽ اهو به ضرور ٿيندو ته هن جي وڇوڙي کان پوءِ عوامي تحريڪ ۽سنڌياڻي تحريڪ ۾ هڪ نظرياتي پرعزم ۽باوقار عورت جي ڪمي محسوس ٿيندي، آخر ۾ مان اهو ٻڌائيندو هلان ته اسان جڏھن مرحومه جي آخري رسمن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر اعجاز شيخ جي لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني واري گهر وڇايل تڏي تي پهتا سين ته عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل توڙي شھر واسي سون جي تعداد ۾ ڏکايل چهري سان ويٺل نظر آيا ۽هر اک آلي هئي،جڏھن هن جو جنازو هن جي اباڻي قبرستان قنبر طرف کڄيو پئي ويوته عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي پوري ڪيبينيٽ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ڪارڪن گاڏين جي هڪ قافلي جي صورت۾ قنبر پهتاجتي هن کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ کان پوءِ عوامي تحريڪ جي قيادت کيس سرخ سلام پيش ڪندي هن جي نقش قدم تي هلڻ جو وچن ورجايو، ۽ قبر جي سيرانديءَ وٽان عوامي تحريڪ جو وڏو جهنڊو ڦڙڪائيندي کيس هميشه لاءِ الوداع ڪيو، ها اسان کي جتي ادي جي وڇوڙي جو ڏک آھي اتي اهو پڻ افسوس ٿئي ٿو ته جنهن قنبر ضلعي مان عوامي جدوجهد، عقل شعور بيداري جو ڄڻ ته هڪڙو سلو ڦٽي وڻ ٿيو هيو، اهو ضلعو اڄ غليظ ڀوتارڪي ڪلچر ۾ وڪوڙجي ويو آھي.
ادي زاهده
سنڌ جي سورمي
غلام علي زئور
سڌ جي ڌرتي جنھن عظيم صوفي،
بزرگ، شاعر، اديب، اعليٰ سياستدان، سورميون ۽ لطيف جهڙيون هستيون پيدا ڪيون آھن.
ان مان هڪ هستي عورتن جي ڪردار مان ۽ لطيف جي ڳايل سورمين هڪ مثال ادي “زاهده شيخ”
جو به آهي. سنڌ ڪيترن عظيم ماڻھن جنم ورتا آھن جنهن سنڌ جي مظلوم قوم خاطر جدوجهد ڪئي.
ظالم ۽ جابرن خلاف آواز اٿاريو، جئين لطيف سائين پنهنجين سورمين مارئي، سسئي ۽ ٻين
کي ڳايو آھي. سنڌ ۾ ڪيترن بهادر عورتن جنم ورتا آهن. پر سنڌ جي هڪ عظيم سورمي جنهن
پنهنجي سموري زندگي سنڌ جي مظلوم عوام خاطر ارپي ڇڏي جنهن هميشه سنڌ جي مظلوم عورتن ۽ سنڌي عوام سان ٿيندڙ ظلم
خلاف بهادري واري جدوجهد ڪئي جيڪا نه وسرندڙ آهي اها سنڌ جي عظيم سورمي ادي” زاهدا
شيخ” آهي. جنهن هڪ بهادر ۽ دلير عورت جيان عظيم جدوجهد ڪئي. ادي زاهدا شيخ کي مون
پهريون دفعو عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪانفرس حيدرآباد ۾ ۱۶ آڪٽوبر ۲۰۱۶ع تي ڏٺو، جتي
هو سڀني ڀينرن سان خوشي مان ملي رهي هئي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن سڄي سنڌ مان ڪهي
آيل ڀينرون هن جون ويجهيون عزيز هجن، جڏهن اسان ۵ فيبروري ۲۰۱۷ع تي اسلام ڪوٽ ڪراچي
تائين نڪتل لانگ مارچ واري شروعاتي ڏينهن
نڪتاسون پئي ته اتي به ادي زاهدا شيخ اڳواڻي ۾ شامل هئي. ادي زاهده ارادي جي پختي،
دلير، بهادر ۽ همت نه هاريندڙ ڏسڻ ۾ آئي، اهڙين شخصتين جي لاء ئي ته شاه سائين
فرمايو آهي ته:
“ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نيهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
تنهين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري”
ادي زاهدا شيخ تي لکيل اخباري
آرٽيڪل ۽ رسالن ۾ به هن تي ڪجھ پڙھيو، ته وڪيلن جي جدوجهد ٿي هجي، ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ نڪتو هجي، يا سکر ۽ ڀٽ
شاه کان لانگ مارچ نڪتا هجن انهن ۾ به ادي زاهده شيخ بهادري سان اڳواڻي ۾ شامل رهي،
ڪالا باغ ڊيم جهڙي سنڌ دشمن منصوبي لاء به ادي زاهدا شيخ جدوجهد جي اڳواڻي ۾ رهي.
هن بهادري ۽ ثابت قدمي سان سنڌ جي ٻرندڙ
مسئلن تي هر جدوجهد جي هر رستي تي سڀني کان اڳيان خطرناڪ موڙن تي بهادري سان اڳواڻي
ڪئي. ادي زاهدا شيخ جيڪا هڪ سُکي ستابي گهراڻي جي هئي پر هن ٺاٺ ٺانگر واري زندگي
کي ترڪ ڪري سادگي واري زندگي گذارڻ پسند ڪئي. هن پورهيت، مزدور طبقي، مظلوم عورتن،
سنڌ جي گندين رسمن جهڙوڪ: ڪاروڪاري، سڱ چٽي، ننڍپڻ جي شادي ۽ زوري جي شادين جهڙن
رسمن جي خلاف جدوجهد ڪئي، عورتن جي حقن لاء هميشه آواز بلند ڪيو ۽ جدوجهد ۾ رهي. اڄ
هو اسان سان جسماني طور گڏ نه آهي پر هو هميشه زنده رهندي سندس بهادري واري ڪيل
جدوجهد ۽ سندس نظرياتي پختگي تي اسان کي فخر آهي، سندس عظيم جدوجهد ۽ بهادري واري
اڳواڻي تي آئون کيس سلام پيش ڪريان ٿو.
“ماهوار ڪاپڙي” مارچ ۲۰۱۸ع واري
پرچي ۾ شايع ٿيل ويچار.
No comments:
راءِ ڏيندا