; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

25 February, 2022

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

سنڌ جو نامور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد - (۱ پريل جنم ڏينهن جي مناسبت سان)

صدام جوکيو



علم ذوق انسانن جي سوچ مثبت هوندي آهي، اهڙا انسان هميشه ڪنهن نئي ڪتاب، ڪنهن نئين تحرير ۽ نئين ڄاڻ جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي نظر ايندا آهن. اهڙا محنت ڪش ڪردار هر دور تي پنهنجا مثبت دائمي اثر ڇڏيندا آهن ۽ علمي، ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ذريعي پنهنجو الڳ تشخص، پنهنجي الڳ انفراديت جوڙي وٺندا آهن. عظيمُ الشان انسان جو ڪردار مثالي، عَمَلَ سبق آموز ۽ انداز گفتگو منفرد ٿئي ٿي. اهڙن اُتم انسانن ۾ جديد دور جو نامور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو شامل آهي، جيڪو هڪ با اُصول، علم ذوق، وڏو ڄاڻو ۽ ماهر تعليم شخص آهي. لسانيت، ادبي تنقيد، تاريخ، سنڌي ٻولي، عالمي ادب، ڪلاسيڪل موسيقي، شاعري، نثر، علم عروض ۽ ٻين ڪيترن ئي پاسن جي ڄاڻ تي دسترس رکندڙ پروفيسر انور فگار هڪڙو موجوده وقت جو اهڙو عالم آهي، جنهن جو شمار اعليٰ پايي جي تاريخي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. هن پهرين اپريل ڇنڇر جي ڏينهن سال ۱۹۶۱ع تي شڪارپور جي شهر ۾ محمد صديق هڪڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. ان وقت کيس محمد انور نالو ڏنو ويو، جيڪو اڳتي هلي ادب جي دنيا ۾ انور فگار هڪڙو جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس ڏاڏو ۽ سندس والد علم، ادب ۽ ساڃاهه سان سلهاڙيل رهيا ۽ علم ذوق انسان هئا، وٽن بهترين ذاتي ڪتب خانو پڻ هو. ان جي ڪري لکڻ پڙهڻ جو ماحول ۽ ڪيترا ناياب ڪتاب، رسالا ۽ تحريرون سائين انور فگار صاحب کي ورثي ۾ مليا، ان ماحول ۽ سهولتن جو هن خوب فائدو حاصل ڪيو. 


ان کان علاوه پاڻ تمام وڏين شخصيتن جي صحبت، رهنمائي ۽ سنگت سان سلهاڙيل رهيو. جديد سنڌي شاعري جي سرواڻ شيخ اياز جهڙي شاعر جي گهڻيءَ ويجهڙائپ ۾ رهيو، اهڙي طرح پاڻ محنت، ذهنيت ۽ ڪوششن سان ادب جي دنيا ۾ وڏو ۽ پختو ۽ شاعر، اديب، محقق ۽ نقاد بڻجي پيو. شڪارپور سنڌ جو قديم شهر آهي، جيڪو علم، ادب، هنر، سياست، صحافت ۽ تجارت ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کي به شهر جو اهڙو ماحول مليو جتي علمي ادبي سرگرميون چوٽ تي هيون. هن پرائمري ۽ ثانوي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي، پاڻ پهريائين پرائمري استاد مقرر ٿيو، پڙهائڻ جي دوران بي ايڊ ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول جو استاد بڻيو. ان دوران به محنت سان پڙهندو ۽ اڳتي قدم وڌندو رهيو. پاڻ ايم اي (سنڌي) ۽ پي ايڇ ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي جي مقالي جو عنوان ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ آهي، جنهن جو عرصو ۱۸۷۳ کان ۱۹۷۰ع تائين هو. سندس پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ جي تمام وڏن اديبن ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌ جي رهنمائيءَ هيٺ تڪميل کي پهتي ۽ سندس محنت ۽ تحقيق جي معيار جو اهو فائدو ٿيو جو هن وقت ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ سندس ٿيسس ڪورس ۽ سورس مٽيريل طور پڙهائي وڃي ٿي. جيئن ئي کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ٿي، پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا ۽ پنهنجي علمي لياقتن ۽ تعليمي خدمتن ذريعي سنڌي شعبي ۾ چيئر پرسن جي عهدي تي پهتا، جتي املهه خدمتون سرانجام ڏيندي هن سال رٽائرڊ ٿيو آهي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد طور فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. 

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب يادگار ڪاميٽي جو ميمبر، مهراڻ پبلشر جو ميمبر، ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي جو صدر ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم ناليواري شاعر کيئلداس ”فاني“ جو ڪلام وڏي تحقيق بعد ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ جي عنوان سان گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران ۱۹۹۵ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. پاڻ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو ”سون برابر سڳڙا“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ۱۹۹۷ع ۾ ڇپايو آهي. شيخ اياز جي ڪهاڻين کي ”جي تند برابر توريان“ جي عنوان سان ترتيب ڏنو اٿس. جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ ۱۹۹۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اياز جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيقي ڪتاب ”جنم جنم جي جيت اياز“ ۱۹۹۹ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ“، ”سنڌ جي شهرن جي تاريخ“، ”ادب، سماج ۽ زندگي“، ”سامي ساگر بوند ۾“، ”سنڌي ٻولي بابت مضمون“، ”شيخ اياز ايڪ جائزه“ (اردو ڪتاب)، ”پٽ جون ڳنڍيون ريشم جا ويڙها“ (ڊاڪٽر عبدالقيوم طراز جو ڪلام) مرزا قليچ جو سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب ۽ آغا سليم جي سوانح، علمي ادبي خدمتن تي تازو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي. 

ان کان علاوه به سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، پاڻ تحقيقي جرنل ڪينجهر جو ايڊيٽر به رهيو آهي. محترم انور فگار هڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا وقت به وقت سنڌ جي ادبي ۽ علمي رسالن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن وقت به هو ڪيترن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ، مقدمه ۽ مضمون به لکيا اٿس. ڊاڪٽر انور فگار صاحب شڪاپور جي تاريخ ۽ اُتي جي علمي، ادبي ۽ سرگرم شخصيتن تي تمام گهڻو لکيو آهي، سندس اهڙي ڪم کي ساراهيندي، سنڌ جي عظيم محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي لکيو آهي ته ”محمد انور فگار هڪڙو جو شڪارپور جي لاءِ پيار مثالي آهي. هو شڪارپور ائين گهمائيندو آهي ڄڻ شهر ٺهرايل ئي سندس هجي، محمد انور فگار هڪڙو جڏهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو ته هرهڪ جي اهميت، قابليت، اصليت، شخصيت ۽ قومي خدمت جو نقشو سامهون آڻي ٿو“. پاڻ ڪيترين ئي علمي، ادبي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شامل ٿيندو رهي ٿو، کيس ڪيترائي ايواڊ ۽ اعزاز پڻ حاصل ٿيا آهن. جن ۾ زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪميٽي ايوارڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن. سندس رهنمائيءَ هيٺ ڪيترائي شاگرد ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن ۽ هن وقت به ساڳيو سلسلو جاري آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين نثرنويس به آهي، سندس لکڻين ۾ ٻوليءَ جو انتهائي موهيندڙ ۽ پختو استعمال ملي ٿو. سنڌ ڌرتيءَ سان کيس بي بها محبت آهي، هميشه پنهنجي ڳالهين ۾ سنڌ جي سونهن ۽ شڪاپور جي شان جو ذڪر ڪندو رهي ٿو. سندس گهڻ رخي شخصيت جو هڪ پاسو شاعري به آهي، پاڻ قادرالڪلام شاعر به آهن، شاعري ۾ سندس اسلوب بيان منفرد، ٻولياتي حسناڪي، تشبيهه، ترڪيب ۽ صنعتن جو سهڻو استعمال، وزن جي پختگي ۽ روانيءَ جا رنگ بخوب ڀريل آهن، سندس هڪ نظم جيڪو فرسٽييئر ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ رهندي لکيو هئائين ۽ جنهن ۾ شڪارپور جي حالتن جي چٽي طرح ترجماني ٿيل آهي، اهو پيش ڪجي ٿو.

موضوع شــــــــــــــڪاپور جــو، هڪ انتخاب آهي

هڪ ورق بــــــــــــــــــاب ناهــي، لکڻو ڪتاب آهي

تاريخ سنڌ کــــــــي ڪلــهه هو ناز جنهن شهر تي

اڄ ڇو انهيءَ شــــــــــــــــــهر تي قهري عذاب آهي

ويران محل مــــاڙيون، ســــنسان ٿيون حويليون

آيـــــــــــو شهـــــــــــر ۾ ڪهڙو هي انـــــــقلاب آهي

سهڻي شڪارپور جي، مشهور سونهن صفائي

عالـــــــــــــــــــــم تــــــــمام ۾ ڄــــڻ مثل گلاب آهي

واکاڻ هن شهر جي ڪــــــــنهن کي ڪري ٻڌايان

مـــــــعلوم ســــــــــڀ اوهان کي عاليـــــــجناب آهي

انـــــور ”فــــــــگار“ هـڪڙو، علم و ادب جو خادم

حالــــــت ڏســي شــــهر جي ٿــــــيو اضــطراب آهي.

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱ اپريل ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

(اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)

ساجد رند

محمد انور عرف ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو پهرين اپريل ۱۹۶۱ع تي شڪارپور ۾ محمد صديق جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور مان، ايم. اي (سنڌي ادب ۾) ۽ پي. ايڇ. ڊي (”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“جي موضوع تي) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.

پيشي جي لحاظ کان پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو، ھن وقت پاڻ سنڌي شعبي ۾ چيئرمين طور فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. 

ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مضمون سنڌ جي علمي، ادبي رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.

ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱. سون برابر سڳڙا (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو)

۲. جي تند برابر توريان (شيخ اياز جي ڪھاڻين جي ترتيب)

۳. جنم جنم جي جيت اياز (سيخ اياز جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت تحقيق)

۴. پٽ جيون ڳنڍيون، ريشم ويڙھا (سنڌي ٻولي بابت مضمون)

۵. شڪارپور جي صحافتي تاريخ

۶. سامي ساگر بوند ۾ (شاعر سامي بابت)

۷. شيخ اياز: فن ۽ شخصيت

۸. شڪارپور شھر جو سنڌي ادب ۾ حصو

۹. سمنڊ سمايو بوند (کيئلداس فاني جي شاعري جي سهيڙ)

۱۰. سنڌي ٻوليءَ بابت مضمون ۽ مقالا

۱۱. آغا سليم: شخصيت ۽ فن

 



انور فگار ھڪڙو

يادگيريون - سائينءَ جي شفقت ۾ گهاريل وقت

خيام

ٻئين سال ۾ منھنجي لاءِ سعادتمنديءَ جو سبب بيحد پياري استاد سائين ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو سان ويجھڙائي بڻي. سائينءَ جي ڪري لطيف کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ جو وڌيڪ لڳاءُ پيدا ٿيو. اصل ۾ اھا به مونتي مھرباني منھنجي پياري دوست اختر حفيظ جي ھئي. ھو اسان کان گهڻو اڳ ۾ سائين انور فگار وٽ ايندو ويندو رھندو ھيو. پر اسان ڇو ته اختر سان ئي ملڻ ۾ گهڻي دير ڪئي ھئي، ان ڪري سائين انور سان به دير سان ملي سگهياسين. اختر جي باري ۾ مان اڳ ۾ به لکي آيو آھيان ته ھو ادبي دنيا ۾ پنھنجي سڃاڻ ڪھاڻيءَ ۽ اسڪرين پلي رائٽر طور ڪري چڪو ھيو. ان ڪري سندس ويجهڙائي گهڻن علمي ادبي دوستن رھندي ھئي. ٻيو ته ان زماني ۾ اختر عوامي تحريڪ سان به نظرياتي طور لاڳاپيل ھيو ان ڪري، سندس والد سائين حفيظ صاحب، چاچن ۽ سنگت ساٿ جي ڪري ھن جي مجموعي طور شخصي سڃاڻ اسان کان گهڻو مٿي ھئي. تنھن سبب اسان جي گهڻن پڙھين ڳڙھين ماڻھن سان ملاقات پئي ٿيندي ھئي، جن ۾ سائين حفيط ڪنڀر، عباس شاه، سائين عطا محمد ڀنڀرو، ايوب گل، احسان دانش، سائين علي بابا، سائين عزيز پلي ۽ ٻيا به ڪيترائي ماڻھو شامل ھيا. اختر جي معرفت سائين انور فگار سان ڏيٺ ويٺ وڌي، جيڪا پوءِ اختر جي يونيورسٽي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اڃان به وڌي، ڇو ته اختر جي يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ اسان جي ادبي ڪچھرين وارو سلسلو فقط سائين انور فگار سان ئي جڙيل رھيو. بھرحال، قصو کٽائڻو، سائين انور فگار پنھنجي طبيعت ۾ انتھائي سادو، سٻاجهو، ھميشه لکڻ ۽ پڙھڻ جي ڪم ۾ مصروف رھڻ وارو، لطيف ۽ اياز سان بيپناھ محبت ڪرڻ وارو، وقت سر پنھنجا ڪلاس وٺڻ وارو ۽ ڪلاسن کانپوءِ شاگردن کي وقت ڏيڻ وارو، ھر ڪنھن سان ملڻ وارو، ھمت افزائي ڪرڻ وارو، شاگردن جي ذھني سطح تي لھي ڳالھائڻ ۽ سمجھائڻ وارو استاد ھيو. نظرياتي طور سائين به روحانيت جو قائل ھيو ان ڪري اسان جي ڪچھرين جو مرڪز اڪثر تصوف جا مختلف مڪتبِ فڪر، تجلي، وحت الوجود، وحدت الشھود، ڪشف، فنا، بقا، سخا، فقر، غناءَ، مراقبو، ذڪر، ورد يا وري معروف صوفياءَ جا تذڪرا وغيره رھندا ھيا. اسان جي سنڌ جي اھا بيحد اھم روايت آھي، جيڪا سائين جي ايم سيد ۽ سائين آغا سليم سميت مختلف ليکڪن واضع ڪئي آھي ته سنڌي ماڻھو پنھنجي تاريخ ۾ مذھبي بنيادپرست ناھن رھيا. ھونئن ته سماج فڪري توڙي عملي اوڻائين پوڻاين توڙي ڪسر واڌ جو مجموعو آھي، جنھن جو وھڪرو ھڪ رخو ٿي ئي نه ٿو سگهي. ان ڪري ان تاثر کي مڪمل طور رد نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ تي به ٿورو گهڻو مذھبي بنياد پرستيءَ جو اثر ھر تاريخي دور ۾ پئي رھيو آھي. پر جيڪڏھن سنڌ جي عوامي فڪر جي ڳالھ ڪجي، جنھن ۾ سنڌ جي لوڪ شاعري ۽ سنڌ جي لطيف، سچل، سامي، بيدل ۽ شاھ عنايت سميت وڏن شاعرن جي شاعري اچي ٿي ته، ان ۾ جيڪو سنڌي ماڻھوءَ جو فڪري اولڙو ڏسجي ٿو اھو مذھبي انتھا پسنديءَ جي پاسي ھرگز ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، سواءِ ڪجھ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن جي، جن پنھنجي مخصوص فرقي يا نظريي مطابق شاعري لکي. پر توھان ڏسندئو ته انھن جي شاعريءَ کي سنڌ جي واھڻ وستين ۾ ايتري پزيرائي ملي ئي ڪونه سگهي. جنھن جو مطلب ٿيو ته ھنن يا ته انفرداي طور يا فقط پنھنجي ڪجھ مريدن ۽ چاھيندڙن جي لاءِ اھڙو ڪو قلمي ڪم ڪيو جي نه ته سنڌ جي معلوم تاريخ مان اڪثريتي دورن ۾ عوام مذھبي رواداريءَ ۽ سھپ جي اصولن تي عمل ڪندڙ نظر ايندو. مذھبي ڦڏا فساد جيڪي ٻين قومن جي تاريخ ۾ ملندا، اھي ھرو ڀرو سنڌي قوم منجھ ڪونه ڏسڻ ۾ ايندا. ان سموري لقاءَ ۾ ھڪ ٻي ڳالھ نمايان نطر اچي ٿي سا اھا ته، سنڌ جي اڪثريتي شاعرن جي مٿان تصوف جي فڪر ۽ روايتن جو تمام گھرو اثر نظر ايندو. ان ۾ اھي سرائيڪي واسيب جا شاعر به شامل ڪبا، جيڪي پڻ سنڌ جي ان قديم فڪري روايت جو تسلسل پئي رھيا آھن. وري اڃان به مزي جي ڳالھ اھا آھي، ته انھن مڙني شاعرن مان، وحدت الشھودي تصوف جي رنگ ۾ رنگيل شاعري مڙئي ڪجھ شاعرن جي ملندي. اڪثريتي شاعريءَ ۾ وحدت الوجودي تصوف وارو رنگ ملندو. شاھ عبداللطيف ان فڪر جو تمام وڏو مثال آھي. سچل سرمست ۽ بعد جا صوفي شاعر ته اڃان به بيباڪيءَ سان مذھبي معاملن کان لاتعلقيءَ جو برملا اظھار ڪندي نظر ايندا. ان ڪري، جيئن ته اھي سڀ شاعر پنھنجي پنھنجي دور جي عوام جي ترجماني ڪرڻ وارا شاعر آھن ان ڪري، اھو ڀانئين سگهجي ٿو ته سنڌي سماج ۾ اعتدال پسندي، رواداري ۽ وحدت الوجودي فڪر گهڻو اثر انداز رھيو آھي. خير، اھا منھنجي ذاتي راءِ آھي، جنھن ۾ تمام گهڻي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آھي ۽ اھا مطلق غلط به ٿي سگهي ٿي. پر مون سائين انور فگار سان ڪچھرين جي طويل سلسلي جو ذڪر ڪرڻ لاءِ ان ڳالھ جي تت ڏيڻ ضرورت پئي ڀانئين ته ٻن ذھنن جي وچ ۾ ھم آھنگيءَ جي لاءِ ڪو نه ڪو ھڪجھڙو بنيادي تصور ھجڻ لازمي ھوندو آھي. پر سائين فگار صاحب ۽ اسان جي وچ ۾ کوڙ اھڙيون ھڪجھڙائيون ھيون جنھن جي ڪري آئون سائينءَ سان ويجھو ٿيو ھيس.

سائين فگار صاحب وٽ مونکي پڙھڻ ۽ سکڻ جو لازوال موقعو مليو. ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا سائينءَ جي ذاتي لائبرري توڙي، سينٽرل لائبرريءَ مان سائينءَ جي ذاتي اڪائونٽ ۾ اشو ٿيل مليا. جاويد نامه، ديوانِ حافظ (فارسي اردو) گلستان سعدي، حڪاياتِ رومي، مقاماتِ صوفيه از ابو سعيد ابوالخير، اقبال جون مثنويون ۽ سنڌي ادب جا ڪي ناٽڪ، ناول ۽ خاص طور تي شيخ اياز جي شاعريءَ جا ڪتاب سائين فگار صاحب جي لائبرريءَ مان پڙھيم. ان دور ۾ شيخ اياز جي شاگرديءَ جي دور جو ھڪڙو ڊرامو، ”چئن مدن جو راڳ“ پڻ پڙھيو ھيم، جنھن ۾ ھو چئن مدن، سياري، بھار، انھاري ۽ سرءُ جا ھڪٻئي سان طويل مڪالما ڪرائيندو آھي. ھڪڙي ٻي ڳالھ ھتي مان لکڻ بلڪل به ڪونه وساريندس اھا ته، يونيورسٽيءَ تائين منھنجا ھٿ اکر اھڙا ته ڪچا ۽ جڏا ھيا جو مونکي پاڻ کي پنھنجي ھٿ اکرن سان لکيل تحرير تي شرم ايندو ھيو. پر جڏھن سائين انور فگار جي آفيس ۾ اياز جو مشھور نظم ” اي ڪاش اھو تون ڄاڻين ھا، آزاد ھوا ڇا ٿيندي آ؟“ ٽنگيل ڏٺم ته دل ڇڪ کاڌي ته ڪاش منھنجا به اھڙا موتين جي داڻن جھڙا اکر ھجن ھاٰ! اھي ھٿ اکر سائين فگار صاحب جا ھيا. ھڪ ڀيري ائين ٿيو جو سائين فگار ڪا اسائنمينٽ ڏني. مون لکي جمع ڪرائي ته صحيح پر جنھن ڳالھ جو ڊپ ھيو سو ائين ئي ٿيو. سائينءَ جي پھرين نظر منھجي جڏي لکت تي پئي. مون کي به انتھائي شرمساري محسوس ٿي پر ھاڻي ٻي ڪا واھ به ڪونه ھئي. ان زماني ۾ ڪمپيوٽر ايترا عام ڪونه ٿيا ھيا جو ڪا به تحرير انھن تي ڪمپوز ڪجي. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪمپيوٽر ھيا ۽ اھي به فقط انٽرنيٽ جي چيٽنگ جي لاءِ استعمال ڪندا ھياسين. سنڌي لکت به ڪونه ھئي ڪمپيوٽر ۾. شايد ان پيج ھيو، جيڪو تمام گهڻو مشڪل لڳندو ھيو. سو ھر اسائينمينٽ ھٿ اکرن سان لکي فائل ۾ لڳائي استاد وٽ پيش ڪبي ھئي. سائينءَ جو منھنجا اکر ڏٺا ته چيائين، ”يار احمد تنھنجي رائيٽنگ توکي مارائي وڌو!“ مونکي به لڳو بُلُ سو چٽڻ کان ڪونه مڙيس ۽ چيم ته سائين جي توھان مونکي لکت جا سبق ڏيو ته مان پنھنجي رائيٽنگ بھتر ڪري وٺندس. سائينءَ بنا دير راضپو ڏيکاريو ۽ چيائين ته ايگل پين وٺي اچ ته ھٿ اکرن جي مشق ڪرائيندوسانءِ. ھاڻي ان دور ۾ ايگل پين جو ملڻ محال ھجي. ڪجه ڏينھن جي ڀڄ ڀڄان کان پوءِ نوابشاھ جي ھڪ دڪان تان پراڻي ڪا ايگل پين ملي، سا وٺي اچي سائينءَ جي آفس ۾ سھڙيس ۽ ٻڌايومانس ته سائين مان ايگل پين وٺي آيو آھيان. سائينءَ منھنجي ھٿ ۾ قلم ڏسي ٽھڪ ڏنا ۽ چيو ته معنيٰ مڙڻ وارو ناھين احمد!! پوءِ سائينءَ مونکي لکت جا ڪجھ بنيادي اصول سمجھايا ۽ ٻه ٽي پنا سبق لاءِ به ڏنا. مون پوءِ پنھنجو معمول ٺاھي ڇڏيو ۽ سائينءَ جي ٻڌايل طريقي تي لکڻ شروع ڪيم ۽ اھا باقائدي سائينءَ کان چيڪ ڪرائڻ به شروع ڪيم. ٻن مھينن کن جي مشق کان پوءِ منھنجي رائيٽنگ تمام ڀلي ته نه پر چڱڙي ٿي پئي، جنھن تي مونکي سائينءَ به شاباش ڏني.

سائين فگار سان فقط ڪيمپس ٽائم ۾ نه پر ھاڻي سندس ھاسٽل تي به ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿينديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن سائين فارغ ھوندا ھيا ته شام جو سوسائٽيءَ تائين واڪ ڪرڻ جي لاءِ به ھليا ويندا ھياسين. ٻئين سال جي سنڌي لازمي مضمون دوران جيڪي ڪلاس روم ۾ بحث مباحثا لطيف جي شاعريءَ تي ٿيندا ھيا اھي به ڏاڍو اتساھيندڙ ھوندا ھيا. انھن ڏينھن ۾ سائين انور سڀني شاگردن کان شاھ لطيف جي شاعريءَ جي مختلف پاسن تي پريزنٽيشن وٺندو ھيو.تن ڏينھن ۾ ئي پنھنجي پڙھئي ڳڙھئي دوست علي حسن چانڊئي سان ھڪ ڪلاس ۾ اھو بحث ٿي پيو ته شاعراڻي استعداد ۽ ڏات ۾ لطيف اياز کان وڏو شاعر آھي. جڏھن ته علي حسن جو وري خيال ھيو ته لطيف ھڪڙي دور جو ترجمان شاعر ضرور آھي پر اياز جي شاعريءَ ۾ ھڪ الڳ سڃاڻ آھي ۽ ھو لطيف کان ڪي درجا اڳڀرو بيٺل نظر اچي ٿو. بحث وڃي دليلن ۽ حوالن تائين پھتو. علي حسن پنھنجي بھترين پريزنٽيشن ڏني. ھاڻي مونکي پنھنجي ڳالھ رکڻي ھئي. ان ڪري مون يونيورسٽيءَ کان ھفتو کن موڪل ڪئي ۽ سڌو گهر ھليو آيس. اسانجي گهر ۾ ۱۹۸۰ کان وٺي ۲۰۰۰ تائين جا سڀئي مھراڻ رسالا ۽ نئين زندگيءَ جا تقريبن سڀ شمارا ايندڙ ھيا. انھن سڀني کي کڻندو ويس ۽ شاھ جي شاعريءَ جي متعلق جيترا به مضمون مونکي ملندا ويا اھي پڙھندو ويس ۽ انھن مان مختلف حوالا ۽ مواد پنھنجي پريزنٽيشن جي لاءِ گڏ ڪندو ويس. اھو منھنجو علمي پنڌ جو پھريون باضابطه پورھيو ھيو جنھن تي مونکي اڄ تائين فخر محسوس ٿيندو آھي. انھن لازوال مضمونن ۾ سائين علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي جديد دور جي نوجوان ليکڪن تائين ڪيترن ئي اديبن جا شاھ جي شاعريءَ، فڪر، زندگيءَ، ڏاھپ ۽ ڪلا متعلق ڪي ننڍا ته ڪي وڏا مضمون ھيا. مون کي اھي سڀ پڙھندي ايڏو ته سڪون مليو جو انھن مضمونن جي لڀاءَ جو تاثير اڄ تائين پيو محسوس ڪندو آھيان. جڏھن مون اھي اقتباسات سھيڙيا ته اھو تقريبن ويھن ھٿ سان لکيل صفحن جو مضمون پئي ٺھيو. پر مونکي مضمون لکڻو ڪونه ھيو. مونکي پنھنجي پريزينٽيشن ڏيڻي ھئي. تنھن جي لاءِ مون ان مان چونڊ ڪري ڪافي نقطا پنھنجي ادائيگيءَ جي لاءِ تيار ڪيا ۽ انھن جا حوالا پڻ تيار ڪندو ويس. تنھن ڪري گهٽ ۾ گهٽ به ڪلاڪ جي ڳالھ ٻولھ جيترو مواد ٿي ويو.

ھفتي جي تياريءَ کان پوءِ مون سائين انور کان وقت گهريو ۽ ڪلاس ۾ پريزنٽيشن پيش ڪيم. دوستن ۽ سائين انور منھنجي ايتري ته ھمت افزائي ڪئي جو ايندڙ ٻن سالن ۾ منھنجو علم ۽ فڪر بابت رويو ئي مٽجي ويو ۽ مان پنھنجي علم سان لڳاءَ واري حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿي پيس. پر ان دور ۾ ذھن مذھبي مونجھارن کان مڪمل آزاد نه ھجڻ ڪري مونکان زندگيءَ جون ڪجھ تمام وڏيون غلطيون پڻ ٿيون، جن جو ازالو ممڪن ئي ڪونھي. سڄي عمر ھڪ پاسائون ۽ مذھبي فڪر پڙھڻ جي ڪري ڪميونزم يا ڪميونسٽ لفظن کان ڪراھت ھوندي ھئي، جڏھن ته سچ اھو آھي ته نه ڪا ڪميونزم جي خبر ھئي، نه مارڪس، اينجلز يا لينن جي. فقط ٻڌ تي بيٺل ڄاڻ تي ڪميونزم جي خلاف پيو وڦلبو ھيو. غلطي ڇا ھئي، اھو ھڪڙو اھڙو ارمان آھي جيڪو مان ھاڻي سوچيان ٿو ته رت جا ڳوڙھا روئڻ تي دل چوي ٿي.

ان دور ۾ آدرش رسالو نڪرندو ھيو جيڪو فلاسافي ڊپارٽمينٽ جا استاد، ڪامريڊ عاصم اخوند ۽ ميڊم امر سنڌوءَ وارا ڪامريڊ بخشل ۽ شفقت وارن سان گڏجي ڇپرائيندا ھيا. ايتري علمي بصيرت ته ڪونه ھئي پر پوءِ به اھو ميگزين اختر يا شعيب شاھ وٽ ايندو ھيو ته اسان به مڙئي ٻه چار مضمون پڙھي وٺندا ھياسين. پر جيئن ته ڪميونزم سان خدا ڪارڻي بغض پاليل ھيو، سو انھن ڏينھن ۾ اھو ادراڪ ئي نه ٿي سگهيو ته ڀر پاسي ۾ ڪيڏا وڏا ماڻھو ھيا ۽ انھن ڪيڏو وڏو ڪم پئي ڪيو. لطيف جيئن چيو آھي ته، ”پاڙي ويڄ ھيام، مون توءِ مَ پڇيا، تيلاھين پيامِ، موريسر اکين ۾“. مطلب منھنجي اکين ۾ حق تي سرٽ پيا آھن جو مون پنھنجي پاڙي ۾ ويٺل ويڄن کي ڪڏھن سڃاتو ئي ڪونه، ته ھنن وٽ ڪھڙي مڻيا ھئي. اھا گهڻو، تمام گهڻو دير سان اچي خبر پئي ته ڪامريڊ عاصم جنھن کي اسان ابو رزاق چوندا ھياسين، سو ڪيڏو وڏو ماڻھو ھيو ۽ ھن جا پاڙھيل ماڻھو ڪيڏا نه سھڻا انسان ھيا. ڪاش ان وقت ڪو اکيون کولڻ جو اسپري ھجي ھا ته جيڪر زندگيءَ جا پندرھن سال سجايا ٿي پون ھا. عاصم ته عاصم، پر اسان ڪڏھن شفقت جي صحبت به نه ماڻي سگهياسين جيڪو اسان کان ڏيڍ سميسٽر سينئر ھيو. ھاڻي ته ھٿ ٿا ھڻون پر سچ چوندا آھن ته پنھنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب. ڌڪا ٿاٻا کائي اتي ئي اچي پھتاسين جنھن کان ڊڄندا ھياسين ته ڪميونسٽ نه بڻجي وڃون!! ھاڻي ان ئي آدرش ميگزين، جنھن جو باني سھڻو استاد عاصم ھيو، جنھن جو نالو بعد ۾ مٽائي سماجواد ميگزين رکيو ويو، تنھن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر آھيان. پر اھا ڪيفيت ڪيئن بيان ڪجي، جنھن لاءِ ابن انشا لکيو ھيو ته، ” نا رسائي ڪا جي مين وو ڌڙڪا ڪھان، پر وو ڇوٽا سا الھڙ سا لڙڪا ڪھان!!“.

انور فگار هڪڙو

جنم ڏينهن

امتياز منگي

اڄ هڪ گهايل شهر جي نماڻي نثر نويس، تاريخدان ۽ ڏاهي جو جنم ڏينهن آهي. فگار معنيٰ مجروح. منهنجي خوشنصيبي چئبي جو ۲۰۰۴ ۾ جڏهن مختيارڪار شڪارپور ٿي آيس ته سائين بدر الدين اڄڻ، شڪارپور جي دوستن سائين خليل مورياڻي ۽ نقش ناياب منگي ۽ سائين انور فگار هَڪڙو سان ملايو. انهن ڏينهن کان ساڻس ملاقاتون شڪارپور کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو تائين رهيون.

سندس جنم ۱۹۶۱ آهي مونکي ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو، ٽنڊي باگي جي عظيم تعليمي هستي، محمد صديق مسافر جو تسلسل لڳندو آهي ڇو ته جڏهن محمد صديق ابدي سفر ڏانهن روانو ٿيو ان ئي سال سائين انور فگار جو جنم ٿيو. اسان درسي ڪتاب ۾ محمد صديق مسافر جو بيت پڙهيو هو جيڪو اڄ به ياد آهي.

ويساک جو مهينو، جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا،

ڄڻ آسمان اڇليا ٿي گرم گرم گولا،

گذريو ٿي ڏينهن ڏکيرو، پر رات جو به رولا،

ڪن کي پکا هٿن ۾،. ڪن جا کُڏن کٽولا،

اڀ کي ڏني امانت، ڌرتئ بخار سان جا،

اڀ ڪئي ادا امانت، لڙڪن قطار سان سا،

قدرت ڪشش ٻنهي ۾، ڪئي اهڙي ڪار سا،

ڪثرت ۾ نقطو وحدت، لاٿائين تار سان ڇا،

پوء موج ۾ ''، مسافر ''برسات ڇو نه آڻي؟

سائين انور فگار هَڪڙو شڪارپور جي تاريخ، صحافت لاءِ ايترو ئي ڪم ڪيو جيترو محمد صديق مسافر لاڙ لاءِ ڪيو. سائين انور فگار هَڪڙو جي بيباڪي ۽ جنم ڀومي جي جاگرافي ۽ اهميت ٻڌي اچرج ۾ پئجي ٿا وڃون ته هن جواني ۾ ئي ايتري ڄاڻ ڪيئن حاصل ڪئي، جنهن لاءِ جنم کپن؟

هو جنهن ڪڏهن به سول ايوارڊ لاءِ فارم نه ڀريو نه ئي ڪنهن سرڪاري يا سياسي ڪاموري سان گڏ ڏٺو ويو. سفارشي ڪلچر، ڪلچر کاتي کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. سائين انور فگار هَڪڙو ايوارڊن بدران سيني تي ستم ظريفي جا سڀ سُور سجائي، شڪارپور جي وساريل ورقن کي ميڙي ٿو.  

ڌرتي جي وڏي شاعر شيخ اياز جا براءِ راست انٽرويو ڪري مختلف چينل تي رکڻ ۽ ان تي لکڻ لاءِ ڪو ماهر گهرجي ۽ سائين انور فگار هَڪڙو شيخ اياز جو قرض لاٿو. اهڙي ريت هن کيئل داس فاني جهڙي ورسٽائيل ڪردار تي لکيو. جيڪو ناٽڪن ۽ سنگيت جو سنگم هو. سائين انور فگار هَڪڙو کيئل داس جي روح کي ڀوپال مان ڪڍي راءِ بهادر اوڌوداس سان ملايو.

ڌڻي در دعا آهي ته مالڪ کيس صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري.

 

(امتياز منگي جي فيسبڪ پوسٽ ۱۲ اپريل ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل) 


 

سائين ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

شڪارپور جي شاندار شخصيت

چيتن ميگهواڙ

دوستو! ۲۰۱۴ ۾ منهنجي جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ٿي ۽ جڏهن ڪلاس ۾ پير ڏنم ته سڀ کان پهريون ڪلاس به مون سائين ڊاڪٽر فگار هڪڙي صاحب جو اٽينڊ ڪيو. سائين جڏهن ڪلاس ۾ ليڪچر ڏئي رهيو هو ته سائين جون ڳالهيون منهنجي دل تي ٿر تي ڪنهن برسات جيان وسڻ شروع ٿي ويون. ان وقت منهنجي دل به مون کي گواهي ڏئي رهي هئي ته واقعي چيتن دير سان ئي سهي پر تون هاڻ صحيح جڳهه تي پهتو آهين. ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ آئون رهنمائي ڪريئر ڪائونسگ نه هئڻ ڪري مختلف اسڪولن ۾ ڪاليجن ته ڪيئي ڌڪا کائي چڪو هئس.

سنڌي شعبي ۾ منهنجي ڪافي اُستادن سان ڏيٺ ويٺ ٿي. پر انهن ۾ سائين ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب جي خوشبوءِ ئي ٻي هئي. سائين اسان شاگردن کي اولاد جيان ڀائيندو هو. سائين اڄ به جڏهن مون کان پڇندو آهي ته چيتن! تنهنجو وقت ڪيئن پيو گذري ته مون کي سائين جي شخصيت مان منهنجي بابا موهن وارو ڇهاءُ محسوس ٿيندو آهي. سائين شاگردن کي وڙهندو ضرور هو پر انهن کي پنهنجي هانءُ مان هڪ پل لاءِ به پري نه ڪيو.

شڪارپور جو هجڻ ڪري سائين جي گفتگو جي مٺاس پنهنجي آهي. سائين جي نوڙت اهڙي جو مون سائين کي سنڌي شعبي پاڻ کان به ننڍي ڄمار جي ماڻهن کي علم ادب جي بنياد تي پيرين پئي ملندي ڏٺو. مهمانن جو هميشه دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو هو وري موڪلائڻ مهل ٻه قدم ڀري ٻاهر ڇڏي ايندو هو. سائين جا سنڌي جا اکر به گلابن جي گلن جهڙا خوبصورت آهن. سائين جيڪو شڪاپور لاءِ قلمي پورهيو ڪيو آهي. ان جي واکاڻ رسول بخش پليجي صاحب سائين جي روبرو ڪيئي. شيخ اياز سان سائين جي سمنڊ جيڏي دل آهي. اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز سائين جو ذڪر پنهنجي ڪتابن ۾ڪيو آهي.

آئون جڏهن به سائين جي دور ۾ سائين وٽ ويس. مون کي ڪڏهن به مايوس ڪري نه موٽايو. ايتريقدر جو راشد کي هڪل ڪري چوندو هو. چيتن آيو آهي چانهه ضرور پيار. سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ سينئير پروفيسرن ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم، انور فگار هڪڙي ۽ آزاد قاضي جو مون ناچيز تي وڏو هٿ رهيو.

ڪُرسي جي نشي کان پنهنجي دل ۽ دماغ کي ڪيئن بچائجي؟ اِهو فن ڪو سائين ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي ۽ ڊاڪٽر نور محمد شاهه کان سکي. سنڌي شعبي جا چيئرمين هوندي به گلن جي پَتن جهڙا نازڪ ۽ نفيس نه ته اسان وٽ گوشت ۽ هڏن جو ماڻهو جڏهن ڪنهن عهدي تي ويهندو آهي ته پوءِ اهو لوهه نه پر آئون چوان صفا رُڪ جو ٿيو پوي.

منهنجي پهرين ڪتاب ”يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي“ تي جڏهن سائين کان ٻه اکر لکرائڻ ويس ته سائين مون کي بيٺي پير لکي ڏنا. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مون تي سهيڙيل ”ڪوسو لڳئي نه واءُ“ ڪتاب ڇپيو ته سائين ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي مون کي فون ڪري ڪتاب جي طلب ڪئي. مون سائين کي ڪتاب ڏياري موڪليو. سائين سڄو ڪتاب پڙهي ٻن ڏينهن کان پوءِ پاڻ فون ڪري ڪتاب تي تبصرو ڪيو. چيائين ته” چيتن مون سڄو ڪتاب پڙهيو آهي تو کي ننڍي ڄمار جيڪا  عالمن، اديبن استادن ۽ شاگردن پاران عزت ملي آهي . اها بيشڪ تعريف لائق آهي. ماڻهن کي رٽائرمينٽ کان پوءِ به اها نه ملندي آهي پر تو کي اڀرندي سج ملي آهي. پر هاڻي بابا پاڻ کي ٿورو سنڀالي هلجان مون کي تو تي فخر آهي ته تو منهنجي شهر جي شاهه لطيف هاءِ اسڪول ۾ ليڪچر ڏئي آيو آهين جنهن ۾ آئون پاڻ ڪنهن دور ۾ شاگرد رهيس.“

بهرحال ڪوسو لڳي نه واءُ انهي ڪتاب تي منهنجي دوست سليم چنا به مون کي چيو ته چيتن هاڻي دوستن تو لاءِ سرٽيفيڪٽ ٺاهي صحي ڪري ڇڏي آهي ته ”اهو ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ چيتن لکڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر هاڻي پڙهڻ کان به ويو. وڌيڪ چيائون ته ڳالهه جو مقصد ٿورو ته تنهنجو باب هاڻي بند ٿي ويو آهي خوش هجين. اهي خبرون ٻڌي حالي ته حيراني ضرور ٿي پر آئون به رسول بخش پليجي صاحب، حميد سنڌي صاحب ۽ جامي چانڊيي ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جهڙن آفتاب عالمن جو شاگرد هئس. ڪٿي ٿو پنهنجي زندگي ۾ اونداهه ٿيڻ ڏيان. مالڪ جا ڪرم آهن ايترو لکيو آهي جو هاڻي مون لاءِ ڪتاب ڇپرائڻ مسئلو ٿي ويو آهي. ڪتاب ڪهڙو ڇپرائجي ڪهڙو نه ڇپرائجي؟ 

هڪ ڀيري فهيم نوناري سان گڏجي وڃي شڪاپور شهر ۾ جڏهن ڊاڪٽر انور فگار جي فرزند جي شادي ۾ شرڪت ڪيم ته ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب اچرج مان پڇيو ته ”تون سامارو روڊ مان هتي ڪيئن پُهتين“ مون چيو سائين سِڪ ۽ محبت پنڌ ڪرائي ٿي. سائين ادبي محفلن ۾ گهٽ شرڪت ڪندو آهي. اڄ ڪلهه الائي ڪهڙن خفن ۾ آهي. پر منهنجي دل هينئر به مُرڪي پيو .

منهنجي طرفان سائين کي جنم ڏينهن جون واڌيون.

سامارو روڊ شهر

۱۲ اپريل ۲۰۲۴

صبح جا نو وڳا

 

(چيتن ميگهواڙ جي فيسبڪ پوسٽ ۱۲ اپريل ۲۰۲۴ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا