عالم چنا
سادگي پسند جي قد آور
آکاڻي
ليکڪ: نديم ايف پراچہ
گنيز بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ موجب (۱۹۸۲ کان ۱۹۹۸) تائين پاڪستان جو عالم چنا دنيا جو سڀ کان طويل القامت (ڊگهو) شخص هئو. اطلاعات موجب وفات کان اڳ سندس قد ۷ فوٽ ۷ انچ هئو.
عالم چنه جو تعلق هڪ غريب سنڌي گهراڻي سان هو. گهڻو تعليم يافته نه هو. ان جي گهراڻي جا مرد مشهور صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جا معتقد هئا. ملازم به هئا. شروعاتي ننڍي وڏي مذدوري کان پوءِ عالم چنه زياده وقت اتي ئي سيوهڻ ۾ مزار قلندر تي گذاريو. هن جي ذمي مزار جي ڪجهه حصن جي صفائي ۽ سنڀال هئي. روايتي طور تي صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جو عرس (ميلو) هر سال ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هئو. ميلن تي هر سال سرڪس وارا به پنهنجي انداز سان وڏو تنبو لڳائي ٽڪيٽ رکي زائرين لاءِ دلچسپي جو سامان مهيا ڪندا هئا. جن ۾ انسانن ۽ جانورن جا ڪرتب ناچ راڳ يا مسخري وجهي ماڻهن کي وندرائڻ شامل هئا. اهڙي هڪ سرڪس واري عالم چنه کي ملازمت جي آڇ ڪئي ۱۹۷۸ کان هو سرڪس سان منسلڪ ٿيو. مزار تي هفتي ۾ کيس ۱۵ روپيه ملندا هئا. سرڪس وارن کيس ۱۶۰ روپيه مهيني تي رکيو. اها پيشڪش هن فورًا قبول ڪئي.
ائين عالم چنه
مقامي اسٽار ٿي ويو. سرڪس سان هلندي هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو. ننڍڙي قد جا ٻه جوڪر
ايندا هئا ڪرتب ڪندي عالم چنه جي انٽري ٿيندي هئي. هلندي جوڪرن کي جهٽي ڪلهي تي
ويهاريندو هئو. ائين محسوس ٿيندو هو ته هڪ ديو کان ڀڄڻ جي ڪوشش پيا ڪن. ماڻهو گهڻو
داد ڏيندا هئا. ۱۹۸۱ ۾ هڪ آدم شناس ماڻهو عالم چنه کي سرڪس ۾ ڏٺو. گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي
ايڊيٽر کي خط لکيو. خط سان گڏ ڪجهه تصويرون به موڪليون. ڪجهه مهينن اندر گنيز جا
آفيسر ڪراچي آيا، جتان سيوهڻ پهچي انهن عالم چنه سان ملاقات ڪئي، قد جي ماپ ڪئي جيڪو
ست فوٽ ست انچ هئو ۽ برطانيه پهچي کيس دنيا جو قدآور ترين شخص قرار ڏئي گنيز بوڪ
آف ورلڊ رڪارڊ ۾ نالو درج ڪيو. هي خبر پهرين سنڌي اخبارن ۾ پوءِ اردو ۽ انگريزي
پريس ۾ ڇپي. آخرڪار سرڪاري ٽي وي (پي ٽي
وي) تي رات جو ۹ واري بليٽن ۾ به اها خبر نشر ٿي. اهڙي طرح عالم چنه راتون رات قومي کان
بين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. جتي ويندو هو ميڊيا، نمائنده ۽ تماشائي سندس پيڇو ڪندا
هئا. جنهن انداز ۾ کيس جلدي شهرت ملي ان مان پريشان ٿي هن سرڪس ڇڏي مزار تي اوقاف
جي مستقل ملازمت اختيار ڪئي.
عالم چنه ان وقت به
مزار تي ملازم هئو، جڏهن ۱۹۸۳ ۾ جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف سنڌ ۾ جدوجهد پئي هلي.
هن جدوجهد ۽ مظاهرن
کي چند 'غدارن' جي ڪارستاني قرار ڏيڻ لاءِ ضيا سنڌ صوبي جي اهم جاين جي دوري جو
فيصلو ڪيو. پر سندس هيلي ڪاپٽر جتي به لٿو پئي اتي مسلسل احتجاج، مظاهره، پٿر ۽ لعنتون
پئي مليس. سيپٽمبر ۸۳ کان پوءِ ضياءَ الحق هڪ اهڙي جڳھ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جتي ڪشيدگي عروج تي
هئي. يعني دادو مشيرن چيس ته اتي هو فخر سنڌ عالم چنه سان فوٽو سيشن ڪري.
سيوهڻ ۾ اڌ درجن
پوليس وارا ڪجهه آفيسر خاموشي سان عالم چنه جي گهر پهتا. مزار تي نه ويا ڇو ته
مزار، ضيا مخالف ڪارڪنن جو مرڪز بڻجي چڪو هو. عالم چنه کي ٻڌايو ويو ته پوليس اهلڪار
تنهنجي گهر تي بيٺل آهن، هي غير سياسي ماڻهو پريشان ٿي ويو مزار کان ڪو نه چريو.
ان وچ ۾ هڪ پيغام رسان کيس ٻڌايو ته صدر هٿان کيس ايوارڊ ملڻو آهي. اهو وصول ڪرڻ
لاءِ ڪراچي هلبو. هي گهر طرف آيو آفيسرن سان مليو ۽ هلڻ جي حامي ڀري..... ٻئي ڏينهن
شام جو ڪراچي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
جيئن ئي آفيسر
روانا ٿيا، سنڌي قوم پرستن، گهر وارن ۽ دوستن سان سندس ملاقات ٿي، احوال ٿيا. سڀني
کيس جهليو ته اصل ملاقات نه ڪجو، اسين سڀ سنڌي ضياء جي ظلم جو شڪار آهيون. عالم
چنه ڪلها لوڏي نه وڃڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن حسب دستور مزار تي آيو. شام تائين ٻاهر
نه نڪتو. افسران آيا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳوليندا رهيس، نيٺ مايوس ٿي خالي هٿين ڪراچي
واپس ٿيا.
الائي ڇو ۽ ڇا ضيا
کي ٻڌايو ويو، پر هن مشهور سنڌي سان ضياءَ کي ملڻ جو جنون برقرار رهيو. ۱۹۸۵ ۾ وري کيس عالم چنه سان تصوير ڪڍائڻ جو شوق
جاڳيو. ان وقت تائين عالم چنه هڪ حقيقي اسٽار بڻجي چڪو هو. ٻاهرين ملڪن مان کيس
تقريبن جون دعوتون ملڻ شروع ٿي ويون. هي ساڳي طرح مزار تي ويندو رهيو. مارچ ۸۵ تي کيس سيوهڻ ۾ ملڻ ڪجهه آفيسر آيا (هن
دفعي پوليس وارا نه هئا)، کيس ۲۳ مارچ تي ضياءُ الحق هٿان يوم پاڪستان جي پريڊ تي خصوصي
ايوارڊ وصول ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. ۲۱ مارچ تي ڪراچي پوءِ اتان هوائي سفر ذريعي اسلام آباد
نيو ويو. تقسيم ايوارڊ جي تقريب دوران هزارين ماڻهن سامھون هن ضياءَ کان ايوارڊ
وصول ڪيو. هڪ فوٽو گرافر ان لمحي کي قيد ڪيو.
پاڪستان جي سڀني
نمايان اخبارن برطانيه جي ڊيلي ٽيليگراف به اها خبر ۽ تصوير شايع ڪئي ظاهر آهي ته
ضيا ننڍي قد جو هو. ايوارڊ ملڻ وقت ۾ عالم چنه کي ڪافي جهڪڻو پيو. پر سنڌي پريس
زبردست تبصرو ڪيو ته؛ ”سنڌ هاڻ به ضياء الحق کي ننڍو سمجهي ٿي.“
سال ۱۹۸۸ع ۾ ضياءَ جي موت بعد به، عالم چنه جي شهرت
عروج تي پهتل هئي.
بي نظير ڀٽو ۽ نواز
شريف به سندس مان عزت رکي. سرڪاري خرچ تي يورپ، آمريڪا، خليجي ملڪن جا دورا ڪيائين.
خير سان ۱۹۸۹ ۾ شادي ڪيائين ۽ ۱۹۹۰ ۾ کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
سندس صحت وڌيڪ وزن
هجڻ سبب خراب ٿيڻ شروع ٿي. هو اڪثر شڪايت ڪندو رهندو هئو ته مان عام زندگي ۾ ڏاڍو
خوش هئس. پنهنجي درگاهه جي فقيري ۽ سرڪس جي زندگي جو ذڪر ڪندو رهندو هو. کين ڪافي
قيمتي تحفا به ملندا هئا پر هن مزار جي حاضري نه ڇڏي.
سال ۱۹۹۸ ۾ سندس گڙدا ناڪاره ٿيڻ شروع ٿيا. حڪومت
وقت کيس علاج لاءِ سرڪاري خرچ تي آمريڪا موڪليو. اتي اسپتال ۾ هو ڪوما ۾ هليو ويو
جلد ئي وفات ڪري ويو. ان وقت سندس عمر ۴۵ سال هئي. مرحوم سيوهڻ ۾ مدفون آهي.
عالم چنه جي ۲۷ ساله پٽ کي پنهنجي بابا جي دلي خواهش کي پوري ڪرڻ جو عزم آهي ته
سيوهڻ ۾ هڪ يونيورسٽي هجي. ان لاءِ هو حڪومت وقت، ارباب اختيار کي اپيلون ڪندو رهي
ٿو.
(هي مضمون ڊان
اخبار ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۱۵ تي سنڊي ميگزين
۾ شايع ٿيو.)
(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنييل)
عالم چنو
دنيا ۾ ڊگهي قد وارو شخص
مير حاجن مير
عالم چنو ولد محراب خان چنو ۱۹۵۶ع تي ڳوٺ بچل چنا تعلقو سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو(۱). عالم چنو پهرين هڪ عام شخص هو سندس تعليم به ڪا خاص ڪانه هئي، اوچتو
فطري طور سندس قد وڌي ويو، دنيا جي وڏي قد وارن شخصن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، چنا ذات سيوهڻ
جي قديمي رهاڪو آهي. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي قبضو ڪيو هو، ان وقت چنا ذات وارن
اسلام قبول ڪيو هو.
عالم چني کي دنيا جو سڀ کان ڊگهو
انسان هجڻ جو اعزاز ۱۹۸۵ع ۾
حاصل ٿيو. ان کان اڳ اهو اعزاز بنگلاديش جي شهر ڍاڪا جي رهاڪو (پنٽرا برمن) کي
حاصل هو. جنهن جو قد اٺ فوٽ ٽي انچ هو، جنهن جي وفات کان پوءِ ۷ فوٽ ۸ انچ ڊگهو قد رکندڙ عالم چني کي
دنيا جو سڀ کان ڊگهو انسان قرار ڏنو ويو. (۲)
عالم چني ڊگهي قد سبب عالمي
شهرت ماڻي پر زندگي ۾ کيس ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو. بسن ۽ ويگنن ۾
سفر نه ڪري سگهندو هيو. ۱۹۸۶ع ۾
صدر ضياءَ الحق کيس هڪ ٽويٽا ڪار سوکڙي طور ڏني هئي. پر ان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ اڳين سيٽ
ڪڍڻي پوندي هئس ۽ چيلهه چٻي ڪري ويهڻو پوندو هئس. جنهن ڪري کيس چيلهه ۾ سور پئجي
ويندو هو، تنهن کانسواءِ گاڏي ۾ چڙهڻ لهڻ لاءِ ٻن ماڻهن جي مدد حاصل ڪندو هو. سندس
پيرن ۾ ٻاويهين نمبر جا بوٽ يا چپل پورا ايندا هئا. جيڪي هو خاص آرڊر تي تيار ڪرائيندو
هو. سندس وڳو پندرهن ميٽرن مان تيار ٿيندهو هو. سمهڻ لاءِ هن ڏھ فوٽ ڊگهو پلنگ ٺهرايو
هو. (۳)
پهريائين ٽائون ڪاميٽي سيوهڻ جو
ملازم هو بعد ۾ اوقاف کاتي ۾ ملازم ٿيو. حضرت قلند رلعل شهباز تي اڪثر حاضريون ڏيندو
هيو. ٻهاري به ڏيندو هيو. صفائي به پنهنجي هٿ سان ڪندو هيو. کيس مالي مدد اوقاف
کاتو، ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن، پي آءِ اي، حبيب بئنڪ، حڪومت سنڌ، حڪومت
پاڪستان ۽ ٻين ڪمپنين ۽ ادارن طرفان ڪئي ويندي هئي. عالم چنه ٿوري وقت ۾ سٺي ملڪيت
ٺاهي ۽ سٺي زندگي گذاريندو هيو، ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيائين جن ۾ سعودي عرب، آمريڪا،
برطانيه ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.
عالم چنه پهرين شادي هڪ خوبصورت
پٺاڻي عورت سان ڪئي، پر جلدي ٻنهي وچ ۾ جدائي ٿي ويئي، ۱۹۸۸ع ۾ ٻي شادي سيوهڻ مان نسيم عرف نصيبا نالي عورت سان ڪيائين جنهن مان کيس هڪ
پٽ عابد چنا ڄائو. عالم چنه کي چار ڀائر ۽ پنج ڀينرون هيون، عالم چنو سماجي ڪمن ۾
به حصو وٺندو هيو. سياست ۾ به سيوهڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن پارٽي سان لاڳاپيل هوندو هو.
هڪ ڀيرو ڌاڙيلن طرفان هڪ چٺي
مليس، جنهن ۾ کيس ڳري رقم ڏيڻ لاءِ لکيو ويو هو، پر پاڻ اها ڳري رقم ڏيڻ جي سگهه
ساري نه سگهيو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين سميت ڪراچي وڃي رهڻ لڳو، هر سال، پاڪستان جي
آزادي جو ڏينهن ملهائڻ آمريڪا، ويندو هو. جنهن جو انتظام پاڪستاني سفارخاني طرفان ڪيو
ويندو هو. عالم چنه آمريڪا جي هڪ اشتهاري ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ڳري رقم سان گڏو گڏ
آمريڪا جي ماڻهن ۾ مشهوري ماڻي. عالم چنه جي وزيٽنگ ڪارڊ تي سندس نالي کانپوءِ
گهمندڙ ڦرندڙ سفير، لکيل هوندو هو. پاڻ ڪيترن ئي فلاحي ادارن لاءِ فنڊ گڏ ڪيائين، کيس
سنڌ جي قديم آثارن سان تمام گهڻي محبت هئي، هن جاپان جو دورو ڪري موهن جي دڙي لاءِ
فنڊ گڏ ڪيا ته جيئن پنهنجي شاندار ماضي کي محفوظ رکي سگهون. (۴)
عالم چنو سماجي ڪم ڪندي هڪ وڏي
بلڊنگ سيوهڻ ۾ (سگا) سماجي تنظيم کي ڏني. عالم چني جي گڙدن ۾ خرابي ٿي پئي، حڪومت
طرفان آمريڪا موڪليو ويو، جتي هن ۲
جولاءِ ۱۹۹۸ع تي نيويارڪ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي
حوالي ڪيائين. سندس جسد خاڪي کي سيوهڻ ۾ آڻي شهباز ڪالوني جي مسجد جي احاتي ۾
مدفون ڪيو ويو. شهباز ڪالوني واري مسجد جو بنياد پاڻ رکيو هئائون، ان مسجد ۾ نماز
پڙهندا هئا. هن مقالي لکندڙ به سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هئي.
◼
حوالا
سيوهاڻي خير محمد ٻرڙو، سيوهڻ
صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف ۲۰۰۹ع ص ۴۳۲
وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي
آئيني ۾، “ مرتب سرجڻهار پبليڪيشن دادو ۲۰۱۱ع ص ۲۴۴
وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي
آئيني ۾، “ حوالو اڳ آيل آهي. ص ۲۴۴
وگهيو نياز، ”سيوهڻ تاريخ جي
آئيني ۾، “ حوالو اڳ آيل آهي. ص ۲۴۵
(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم
وال تان ۲ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
‘
No comments:
راءِ ڏيندا