; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

25 February, 2022

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

هاري اڳواڻ جو وڇوڙو

ارشد علي



”روزاني عبرت“ اخبار حيدرآباد جي چيف رپورٽر، سينئر صحافي غلام حسين خاصخيلي ۽ جاني خاصخيليءَ جي حالت به ڪجهه ڏينهن کان مُرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هِن بيت جهڙي آهي ته:

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنھِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ،

ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻان، وَيا وِھائُو نِڪري.


ڇهه ڏينهن اڳ سندن چاچو لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ ڪالهه سندن والد هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پنهنجي حقيقي پنڌ جو راهي ٿيو آهي. صحافت سان واڳيل سڀئي دوست ٻنهي ڀائرن جي اِنهيءَ ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ ڌڻيءَ در دُعا آهي ته مرحومين کي الله تعاليٰ جنت ۾ جايون ڏي. مرحوم محمد رمضان خاصخيلي ھاري ھلچل جي باني ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ويجھو ساٿي ھو. ڪامريڊ ڄام ساقي، مظھر جتوئي، اظھر جتوئيءَ سان ھاري جدوجھد ۾ گڏ رھيو. ولي خان، سائين جي ايم سيد، نواب اڪبر بگٽي، شيخ مجيب رحمان، ذوالفقار ڀٽو، شھيد محترمه بينظير ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، نوابزده نصرالله خان، رسول بخش پليجو ۽ ٻين سياستدانن سان سندس سياسي ملاقاتون رھيون. اُن کان علاوه نوابشاھ ضلعي جي ناميارن سياستدانن سيد امداد شاھ، سيد شبير احمد شاھ سان سياسي طور اتحادي رھيو.

پاڻ ڳوٺ جو چڱو مڙس به ھو. راڄ سميت مختلف برادرين جا فيصلا به ڪندو ھو. وڏيرو شاھنواز جوڻيجو سندس ويجھو دوست رھيو. سنڌ ۾ ڪيترائي فيصلا به ڪيا. ايم آر ڊي تحريڪ جو به حصو رھيو. مطلب ته سندس پوري زندگي جدوجهد ۾ گذري.

هُن پنهنجي اولاد کي به هميشه حق جي پاسي رهڻ جي تلقين ڪئي. هونئن به ڏٺو اِهو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ سان واڳيل هوندا آهن، ڌرتيءَ کي کيڙيندڙ ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن، اُهي پنهنجي نظريي تي هميشه قائم دائم رهندا آهن. سرمائيدارن جيان اُنهن جي موقف ۾ تبديلي ناهي ايندي. اهڙن ڪردارن کي هروڀرو ڪنهن وڏي عهدي جي به ضرورت ناهي هوندي، اُهي ڪنهن غريب جي واهر ڪندي، ڪنهن سان هٿ ونڊائيندي دلي مسرت ماڻيندا آهن ۽ محمد رمضان خاصخيلي اِهوئي ڪجهه پنهنجي زندگيءَ ۾ پرايو.

سندس اُٿي ويٺي سنڌ جي اهم شخصيتن سان هُئي، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور ۾ اعليٰ منصبن تي به رهيا، پر پاڻ ڪنهن به معاملي ۾ اُنهن کان سفارشي ڪم نه ورتو. اهڙين شخصيتن لاءِ دنيا ڀلي ڇا به چئي، پر تاريخ اُنهن کي هميشه پنهنجي سيني ۾ سمائي رکندي آهي ۽ اُهي ايندڙ نسلن لاءِ اُتساهه بڻيل رهندا آهن.

محمد رمضان خاصخيليءَ جو جنم ھاري گھراڻي فقير محمد جمن خاصخيليءَ جي گھر ۾ ۱۹۳۵ع ۾ ٿيو. پاڻ ڪنھن به اسڪول ۾ تعليم حاصل نه ڪيائين، پر تنهن هوندي به کيس ايتري ڄاڻ ضرور هُئي جو پاڻ نه رُڳو پنهنجو نالو لکي سگهندو هو، بلڪ باقاعدگيءَ سان اخبار پڙهندو هو. بي بي سي ريڊيو جون خبرون پڻ پابنديءَ سان ٻُڌندو هو. سڪرنڊ تعلقي جي يونين ڪائونسل ۱۰ ڀورا نيباھو ڀورا جي تڪ تي بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو. اها سندس سياسي ڏاھپ هُئي يا ڪردار جو سندس سامھون بيٺل سمورا اميدوار ھٿ کڻي ويا. پاڻ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنم جيتوڻيڪ نوابشاھ جي ڳوٺ گابر ڏاھري ۾ ورتو پر پوءِ اُتان لڏي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڪنڊو انڙ ۾ رھائش اختيار ڪئي.

گذريل ۱۵ سالن کان حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪيائين. گلستان رحمت حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي واقع چئنل موري ۽ حيدرآباد جي حالي روڊ واري گھر تي زندگيءَ جا آخري ڏينھن گذاريائين. سندس ننڍو ڀاءُ ھاري اڳواڻ گل محمد خاصخيلي ۶ ڏينھن اڳ نوابشاھ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ھو. هُن پنج پٽ صحافي غلام حسين خاصخيلي، صحافي جاني خاصخيلي، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، صدر مبارڪ خاصخيلي، خادم حسين خاصخيلي، ۲ نياڻيون ۽ ھڪ بيواھ پويان سوڳوار ڇڏيا آھن. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيليءَ جي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جي اظھار ۾ سندس وصيت موجب آخري آرامگاھ حيدرآباد جي ڪينٽ قبرستان جي اختيار ڪئي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


رمضان خاصخيلي

هاري اڳواڻ ۽ يادگار تاريخ!

عبداش پنھور

اهو سرد جنگ جو زمانو هو، جڏهن گذريل صدي دوران سنسار ۾ “ڳاڙهو جهنڊو مستي ۾، جهولي پنهنجي هستي ۾” واري نعري جي ريگل چونڪ نوابشاهه کان ريگل چونڪ ڪراچي تائين گونجار رهندي هئي، اهو نعرو حيدر چونڪ حيدرآباد کان ميزان چونڪ ڪوئيٽا ۽ ريگل چونڪ لاهور ۾ اهو ڳاڙهو جهنڊو ظلم ۽ ظالم جي خلاف للڪار بڻيل رهندو هو. سنڌ ۾ جنهن اهو تاءُ تکو ڪيو، تنهن سفر جي سٿ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جا هاري ورڪر وقت جي اڪ جي ڪاٺي رکندي جوڀن موڀي بيان ڪندا هئا ته “ڪڏهن به اهو جهندو جهڪڻ نه ڏينداسين” تنهن ولهار واري ول ۾ هڪڙو مزاحمتي مور ماڻهو رمضان خاصخيلي به شامل هو. ڀليڏنو انڙ جو ساٿي هاري جوڙ رمضان خاصخيلي ۽ ڀليڏنو انڙ ضرور هئا پر ٻنهين جو هاري اڳواڻ وري سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي اڳواڻ خادم چانڊيو هوندو هو، اهو ڊگهو سياسي سفر هو، جنهن ۾ سڪرنڊ جو حڪيم لاکو محمد سليمان جو گهراڻو شهر ۾ سڀني جو سنڀال ڪندڙ پورهيت ڪامريڊ اڳواڻ رهيو آهي. مون هن جوڙ رمضان خاصخيلي، ڀليڏنو انڙ کي لياقت بازار ڪپڙي مارڪيٽ ويجهو برک ڪميونسٽ اڳواڻ سيد رشيد احمد شاهه وٽ گهڻائي ڀيرا هارين جا ڪيس کڻي ايندي ويندي ڏٺو هو.

لفظ وڏيرو ته تمام گهڻو مانوارو سنڌي اکر آهن پر سنڌ جي ظالم زميندارن تنهن لفظ کي سياسي طور خراب ڪري ڇڏيو آهي ته اڀري سڀري سڻڀي هاري مزدور کي چور قرار ڏيئي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سنڌ هاري ڪاميٽي سميت سياسي ڪارڪن ٿيڻ جي ڏوهه ۾ پوليس هٿان تنگ ڪرائڻ جهڙو ڪردار ادا ڪندا رهيا ته اهڙين تنگ حالتن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي هيڻن جو ساٿ ڏيندي هئي، اهڙي سفر ۾ وري برک ڪميونسٽ اڳواڻ سيد رشيد احمد شاهه اڳتي وڏي هارين جا ڪيس کڻندو هو، هي هاري هلچل  جو اهو زمانو هو، جڏهن هاري گيتن جي به گونجار هوندي هئي ته “تيئين ٿيندو هو، جيئن چوندو هئين، اهي ڏينهن وڏيرا کائي ويئين.” سموري سنڌ ۾ منصور ميراڻي سميت هاري هلچل جا شاعر ڳوٺن ۾ تمام وڏو مانڊاڻ مچائي ڇڏيندا هئا. اهو ساڳيو جدوجهد جو زمانو هو، جڏهن هاري ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ پهچي پنهنجي پيغام جي پرچار ڪندا هئا، هاڻ ڪي ماڻهو سوشل ميڊيا کي انهي وکر جو حصو سمجهندا آهن پر اصل ڪم ته زمين تي ٿيندو آهي، روبرو ٿيندو آهي، من جون ڳالهيون ته دليلن ۾ ٿينديون آهن، سوشل ميڊيا تي بحث ڪرڻ ته صفا فضول عمل آهي، ڇوته اسان جو سماج تنهن گهڙي جي گهنٽ کي سمجهو ئي ناهي ته سوشل ميڊيا به ٿيندي آهي؟ سرد جنگ جي زماني ۾ هاري انقلابي آدرشي ڪارڪن ڪيڊر ورڪر عملي طور سماجي بيداري جو ڪم ڪندا هئا، تنهن جهوني جڳت ۾ رمضان خاصخيلي پڻ شامل آهي، سندس موڀي غلام حسين خاصخيلي فون تي اطلاع ڪيو ته “بابا اسان ۾ هاڻ ناهي رهيو.” 

هن وقت غلام حسين خاصخيلي حيدرآباد ۾ روزاني عبرت حيدرآباد جو نه صرف چيف رپورٽر آهي پر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو براڊ ڪاسٽر پڻ آهي، ناميارو اديب صحافي شاعر به آهي پر جڏهن نوي جي ڏهاڪي ۾ هي اسان جي سياسي سفر سٿ ۾ شامل هو، ڪامريڊ ڄام ساقي واري امن لانگ مارچ پيادل پنڌ ۾ سڪرنڊ کان آخري منزل ڪراچي تائين گڏ رهيو، تڏهن روزاني بختور حيدرآباد جي بهاني سان مان هن کي صحافتي انٽري ڪرائي هئي. اڳتي پاڻ پنهنجي محنت سان وڌيو، هاڻ ڪيترن سالن کان حيدرآباد ۾ صحافتي ادارن سان واڳيل آهي. جهونو ڪامريڊ رمضان خاصخيلي تنهن ولهار جي وکريل ول سان واڳيل انمول ڪردار آهي جنهن ڪڏهن به هيڻو نه ڳالهايو، جدوجهد پرعزم سياسي اٽل ارادا ارڏا جذبا ڪيس سنڌ هاري ڪاميٽي جي مول متن مان مليا هئا. بقول غلام حسين خاصخيلي جي گهڻا سال اڳ اسان ڳوٺ ڇڏي آيا آهيون، هاڻ حيدرآباد ۾ رهون ٿا. صحافت ۽ سياست جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو رهندو آهي، ڪٿي نه ڪٿي ماڻهو پاڻ ۾ مليو وڃي، پورهيت گهراڻو پنهنجي فڪري پورهيو به جاري رکيو پيو اچي، ڇوته فڪر جو وکر ڪڏهن پراڻو ناهي ٿيندو.

غلام حسين خاصخيلي صحافتي سفر ۾ پاڻ مڃرايو آهي، اها اصل ۾ سڄي فڪري ڪمائي سنڌ هاري ڪاميٽي جي جهوني ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي آهي، جنهن غربت کي آرپار ڪندي پنهنجي ٻچڙن کي پڙهايو. بهتر صحبت ڏيارڻ جا گس ڏيکاريائين. ڪامياب زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ وک وک جو وکر سنڀال جهڙا سبق ڏنا. اهو اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ۸۷هين ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي حيدرآباد واري رهائش گاھ تي مختصر علالت بعد اسپتال نيئندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، مرحوم محمد رمضان خاصخيلي سڪرنڊ واسي حيدرآباد پريس ڪلب جي ٻن صحافين غلام حسين خاصخيلي ۽ محمد جمن عرف جاني خاصخيلي جو والد هو، ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جوانيءَ جي سياست دوران پنهنجي تڪ ۱۰ نيبائو ڀورا سڪرنڊ مان بنا مقابلي ڪائونسلر به چونڊيو هو، سندس سياسي جدوجهد هارين جي حقن ۽ وڏيرڪي نظام خلاف هئي، جنهن جي ڏوھ ۾ ڀوتارن کيس گرفتار پڻ ڪرايو سندس جنم سڪرنڊ جي ڳوٺ ڪنڊو انڙ ۾ ۱۹۳۵ ڌاري ٿيو، پاڻ توڙي جو اسڪول ڪڏھن به نه ويو هو، جنهن جو کيس آخر تائين ڏک رهيو پر پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري، اهڙا انمول انسان ڪڏهن به مرڻا ناهن هوندا تاريخ ۾ اهي ارڏا انسان پنهنجي ڪردار جي صورت ۾ زنده رهندا آهن، ڇو ته ڳائبو لڇڻ آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي ياد ۾!

غلام حسين خاصخيلي

سنڌ جي ھاري جدوجھد جي تاريخ جتي ٻين ھاري اڳواڻن کي سونھري لفظن سان ياد ڪندي، اتي منھنجي بابا سائين ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيليءَ کي به ياد رکندي. مون جنھن گھر ۾ اک کولي اھو گھر سخاوت جي نالي سان تمام گھڻو مشھور ھو. اسان جو ڏاڏو فقير جمع خان خاصخيلي مالوند هو، جانورن پالڻ جو وڏو شوقين ھو جنھن وٽ ڀلا ڏاند توڙي ٻيا ڀلي نسل جا جانور ھئا. ھر سال الله جي راھ ۾ خيرات ڪندو ھو، ڪڏهن ته سخاوت ڪندي غريبن کي سٺي نسل جا گابا به ڏيندو ھو. ڏاڏا سائينءَ جا ٻه پٽ ھئا، ھڪ منھنجو بابا محمد رمضان خاصخيلي ۽ منھنجو چاچا گل محمد خاصخيلي، جيڪي مال چارڻ سان گڏ ھارپي تي زمين به آباد ڪندا ھئا. ڏاڏا سائينءَ سان گڏ بابا توڙي چاچا به وڏي محنت ڪئي. ھمٿ ۽ محنت سان زمين مقاطي تي وٺي آباد ڪندا رھيا. ڏاڏا سائين جي وڇوڙي بعد پڳ بابا جي مٿي تي آئي.

محمد رمضان خاصخيلي جي محنت سان پاڻ ھاري تحريڪ جو وڏو اڳواڻ ٿيو ۽ ھارين جا مسئلا حل ڪرايا. اڄ بابا سائينءَ جي وڇوڙي کي ۴۰ ڏينھن مڪمل ٿي ويا آهن. سندس وڇوڙي سبب اڃان تائين ڏکايل آھيان. پھريان منھنجو چاچو گل محمد خاصخيلي وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي جيءَ کي جھوري وڌو. بابا محمد رمضان خاصخيلي ھاري ھلچل جي باني ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ويجھو ساٿي ھو. ڪامريڊ ڄام ساقي، مظھر جتوئي، اظھر جتوئي سان ھاري جدوجھد ۾ گڏ رھيو. ولي خان، سائين جي ايم سيد، نواب اڪبر بگٽي، شيخ مجيب رحمان، ذوالفقار ڀٽو، شھيد محترمه بينظير ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، نوابزاده نصرالله خان، رسول بخش پليجو ۽ ٻين سياستدانن سان سندس سياسي ملاقاتون رھيون. نواب شاھ ضلعي جي ناميارن سياستدانن سيد امداد شاھ، سيد شبير احمد شاھ سان سياسي طور اتحاد رھيو، پاڻ ڳوٺ جو چڱو مڙس به ھو. راڄ سميت مختلف برادرين جا فيصلا به ڪندو ھو.

ايم آر ڊي تحريڪ جو به حصو رھيو. مطلب ته سندس پوري زندگي جدوجهد ۾ گذري. هُن پنهنجي اولاد کي به هميشه حق جي پاسي رهڻ جي تلقين ڪئي. هونئن به ڏٺو اِهو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ڌرتيءَ سان واڳيل هوندا آهن، ڌرتيءَ کي کيڙيندڙ ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن، اُهي پنهنجي نظريي تي هميشه قائم دائم رهندا آهن. سرمائيدارن جيان اُنهن جي موقف ۾ تبديلي ناهي ايندي. اهڙن ڪردارن کي هروڀرو ڪنهن وڏي عهدي جي به ضرورت ناهي هوندي، اُهي ڪنهن غريب جي واهر ڪندي، ڪنهن سان هٿ ونڊائيندي دلي مسرت ماڻيندا آهن ۽ محمد رمضان خاصخيلي اِهوئي ڪجهه پنهنجي زندگيءَ ۾ پرايو. سندس اُٿي ويٺي سنڌ جي اهم شخصيتن سان هُئي، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور ۾ اعليٰ منصبن تي به رهيا، پر پاڻ ڪنهن به معاملي ۾ اُنهن کان سفارشي ڪم نه ورتو. اهڙين شخصيتن لاءِ دنيا ڀلي ڇا به چئي، پر تاريخ اُنهن کي هميشه پنهنجي سيني ۾ سمائي رکندي آهي ۽ اُهي ايندڙ نسلن لاءِ اُتساهه بڻيل رهندا آهن.

محمد رمضان خاصخيليءَ جو جنم ھاري گھراڻي فقير محمد جمن خاصخيليءَ جي گھر ۾ ۱۹۳۵ع ۾ ٿيو. پاڻ ڪنھن به اسڪول ۾ تعليم حاصل نه ڪيائين، پر تنهن هوندي به کيس ايتري ڄاڻ ضرور هُئي جو پاڻ نه رُڳو پنهنجو نالو لکي سگهندو هو، بلڪه باقاعدگيءَ سان اخبار پڙهندو هو. بي بي سي ريڊيو جون خبرون پڻ پابنديءَ سان ٻُڌندو هو. سڪرنڊ تعلقي جي يونين ڪائونسل ۱۰ ڀورا نيباھو ڀورا جي تڪ تي بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو. اها سندس سياسي ڏاھپ هُئي يا ڪردار جو سندس سامھون بيٺل سمورا اميدوار ھٿ کڻي ويا. پاڻ بنا مقابلي ڪاميابي حاصل ڪئي. جنم جيتوڻيڪ نوابشاھ جي ڳوٺ گابر ڏاھري ۾ ورتو پر پوءِ اُتان لڏي سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ڪنڊو انڙ ۾ رھائش اختيار ڪئي. گذريل ۱۵ سالن کان حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪيائين. گلستان رحمت حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي واقع چئنل موري ۽ حيدرآباد جي حالي روڊ واري گھر تي زندگيءَ جا آخري ڏينھن گذاريائين. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيليءَ جي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جي اظھار ۾ سندس وصيت موجب آخري آرامگاھ حيدرآباد جي ڪينٽ قبرستان جي اختيار ڪئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

ھاري اڳواڻ ۽ ناميارو سياستدان

غلام حسين خاصخيلي

ھارين جي حقن لاءِ سچائيءَ سان جدوجھد ڪندڙ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي وڇوڙي کي ھڪ سال جو وقت ٿي ويو آهي، وقت پنھنجي رفتار سان پنھنجي منزل ڏانھن تيزيءَ سان اڏام ڪري رھيو آھي، ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي سنڌ جي تاريخي شھر حيدرآباد جي حالي روڊ واري رھائش گاھ تي ڪچھري ڪندي ھارين کان ويندي پاڪستان جي سياسي معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڪچھري ڪرڻ سان گڏ ماضيءَ جي وقت جون يادون ٻڌائيندي بزرگي جي وقت ۾ وقت گذارڻ ۽ نوجوانيءَ جي وقت ۾ جدوجھد ڪندي سچائيءَ سان پنھنجي منزل ڏي ھلڻ بابت ھميشه بھترين نموني سان مختلف بزرگن توڙي سياڻن سچن جا قول ٻڌائيندي چوندو ھو ته، سچ تي اوھان کي ڪاميابي ملندي وقتي طور آزمائش ۽ ڏکيائي پيش اچي سگھي ٿي، ان جو سچائيءَ سان مقابلو ڪندا رھو ته اوھان ڪاميابي سان منزل تي پھچي سگھو ٿا.

ھاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو سچو ساٿي ھو، هن ھارين جي حقن لاءِ پنھنجي جدوجھد جي شروعات پنھنجي اباڻي ضلعي نواب شاھ کان سنڌ ھاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ڪئي، هن نواب شاھ ضلعي ۾ ڪيترن ئي ھارين کي ھاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ڪيو جيڪي ھاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجھد ڪندي سياسي حوالي سان وڏا اڳواڻ ٿي سامھون آيا، ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جدوجھد ڪندي نواب شاھ ضلعي کان سڄي سنڌ ۾ ھارين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندي تحريڪون ھلائيندي سنڌ جي شھرن توڙي ڳوٺن جا سفر ڪيا، سندس اھڙي جدوجھد تي کيس تمام وڏي مڃتا ۽ ڪاميابي ملي، حيدر بخش جتوئي جي ھاري حقن واري جدوجھد ۽ نعري سان ڪيترن ئي ھارين کي سندن حق وٺي ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، سياسي جدوجھد وسيلي جلسن جلوسن ۾ حصو وٺندي سندس مختلف سياسي اھم اڳواڻن سان ويجھڙائپ به ٿي ۽ انھن کي ھارين جي مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ پنھنجو چٽو موقف رکندو ھو، سنڌ جي ھاري جدوجھد جي تاريخ جتي ٻين ھاري اڳواڻن کي سونھري لفظن سان ياد ڪندي اتي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي کي به سونھري لفظن سان ياد رکندي، مون جنھن گھر ۾ اک کولي اھو گھر سخاوت جي نالي سان تمام گھڻو مشھور ھو، اسان جو ڏاڏو فقير جمع خان خاصخيلي صاحب جانورن پالڻ جو وڏو شوقين ھو جنھن وٽ ڀلا ڏاند توڙي ٻيا ڀلي نسل جا جانور ھئا، ھر سال الله جي راھ ۾ وڏي خيرات ڪندو ھو، جڏھن ته سخاوت ڪندي غريبن کي سٺي نسل جا گابا سخاوت طور ڏيندو ھو، منھنجي ڏاڏا سائين جا ۲پٽ ھئا ھڪ منھنجو بابا سائين محمد رمضان خاصخيلي صاحب ۽ منھنجو چاچاسائين گل محمد خاصخيلي صاحب جيڪي مال چارڻ سان گڏ ھارپي تي زمين به آباد ڪندا ھئا، ڏاڏا سائين جمع خان خاصخيلي صاحب جي محنت سان بابا سائين توڙي چاچا سائين به وڏي محنت ڪئي سندن محنت ھمٿ سان زمين مقاطي تي وٺي آباد ڪندا رھيا، اسان جو مرشد درگاھ جھنڊلو بادشاھ آھي ان وٽان سخاوت ڪرڻ تي اسان جي خاندان کي سخي جو لقب به مليل آھي، ڏاڏا سائين کي سخي جمع خان خاصخيلي جي نالي سان سڏيو ويندو ھو، ڏاڏا سائين جي وڇوڙي سان سخي وارو لقب ۽ پڳ بابا سائين جي مٿي تي آئي، بابا سائين ڪامريڊ سخي محمد رمضان خاصخيلي وڏو پٽ ھجڻ ڪري ان تي اھا زميواري آئي جڏھن ته چاچا سائين گل محمد خاصخيلي ننڍو ھئڻ ڪري اھو به ساڻس ساٿ ۾ ھر قدم تي گڏ رھيو، بابا سائين ڪامريڊ سخي محمد رمضان خاصخيلي به ڏاڏا سائين فقير سخي جمع خان خاصخيلي جي نقش قدم تي ھلندي ھر سال الله جي راھ ۾ وڏي خيرات ڪندو ھو ۽ سخاوت جو اھو سلسلو جاري رکيو، بابا سائين محمد رمضان خاصخيلي جي محنت سان پاڻ ھاري تحريڪ جو وڏو اڳواڻ ٿيو ۽ ھارين جا مسئلا حل ڪرايائين، اڄ با با سائين جي وڇوڙي کي ھڪ سال مڪمل ٿي ويو وقت گذرندي خبر ئي نه ٿي پوي الله سائين جي در دعا آھي ته الله تعالي کيس جنت الفردوس ۾ اعلي درجو عطا ڪري.

بابا سائين ڪامريڊ سخي محمد رمضان خاصخيلي صاحب جي وڇوڙي سبب اڃان تائين ڏکايل آھيان سال ۲۰۲۲ع اسان جي خاندان لاءِ وڏو ڏکائيندڙ سال رھيو، ان سال ۾ ۹جنوري ۲۰۲۲ع تي چاچا سائين ھاري اڳواڻ ڪامريڊ گل محمد خاصخيلي وڇڙي ويو، بابا سائين ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي نواب شاھ جي عظيم ڪالوني ۾ ۳ڏينھن تڏي تي پنھنجي ڀاءُ گل محمد خاصخيلي جون تعزيتون وصول ڪيون، جنھن بعد پاڻ نواب شاھ کان حيدرآباد پنھنجي رھائش گاھ گلستان رحمت پھتا ھڪ ڏينھن گلستان رحمت واري رھائش گاھ تي حيدرآباد ۾ آرام ڪرڻ بعد منھنجي ننڍي ڀاءُ کي بابا سائين محمد رمضان خاصخيلي فون وسيلي چيو ته بابا مون کي تنھنجي گھر حالي روڊ حيدرآباد وٺي ھل سندس اھڙي سڏ تي جاني بابا سائين کي پنھنجي گھر وٺي ويو جتي جاني سان بابا سائين جون تمام گھڻيون آخري گھڙين جون يادون ڪچھريون ٿيون. مون سندس حڪم تي دعائون گھري پنھنجي اباڻي قبرستان ۱۰ڀورا تعلقي سڪرنڊ ۾ چاچا سائين گل محمد خاصخيلي ڏاڏاسائين جمع خان خاصخيلي جي مزارن تي حاضري ڀرڻ واريون تصويرون بابا سائين ڏي موڪليم جنھن بعد ٻئي ڏھاڙي مون حيدرآباد پھچڻ جي تياري پئي ڪئي ته ادا سائين جاني خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر پرڪاش مالھي فون وسيلي ۱۵جنوري ۲۰۲۲ع تي اطلاع ڏنو ته بابا سائين ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جو وڇوڙو ٿي ويو آھي اھا خبر منھنجي لاءِ تمام وڏي ڏک واري دلي صدمي واري خبر ھئي بابا سائين ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي آخري ڏينھن ۱۵جنوري ۲۰۲۲ع تي وڇوڙي واري ڏينھن جي صبح ۶وڳي کان ۱۲وڳي تائين جاني ڀاءُ سان تمام گھڻي ڪچھري ڪئي ۽ کيس ڪچھري دؤران اھو چيو ته جاني بابا سائين ھاڻ اسان جو وقت مڪمل ٿي ويو آھي انڪري ھن دنيا ۾ رھڻ وارن سڀني جي پارت ھجئي ۽ منھنجي آخري آرام گاھ حيدرآباد شھر ۾ ڪجو ان جي پارت اٿئي اھو چوندي ڏينھن جي ۱۲وڳي ۱۵جنوري ۲۰۲۲ع تي بابا سائين سڄي سنڌ کان ھميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ حيدرآباد جي ڪينٽ قبرستان ۾ آخري آرام گاھ تي ھميشه لاءِ آرامي ٿي ويا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

هاري اڳواڻ

تحرير: صادق لاکو

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زماني ۾ نوابشاهه سنڌ جي دل سياسي طور تي تمام سرگرم علائقو رهيو. سڪرنڊ ۽ سن عوامي، قومي ۽ جمهوري سياست جا مرڪز رهيا. ان زماني ۾ ضلعي نوابشاهه تعلقي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي جهوني هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهجي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ۱۰ جولاءِ ۱۹۳۵ع ڌاري سڪرنڊ ۽ قاضي احمد جي وچ تي واقع ڳوٺ ڪنڊو خاصخيلي ۾ بزرگ هستي سخي جمع خان خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو. اڃا ٻاروتڻ ۾ ئي هو ته ڪامريڊ جي امڙ حوا به راهه رباني ٿي وئي. امڙ جي وڇوڙي بعد ڪامريڊ جي پرورش ۽ تربيت سندس والد ڪئي.

وقت جو وهڪرو وهندي جڏهن ڪامريڊ جواني ۾ پير پاتو ته پاڻ سياسي ماڻهن جي صحبت ۾ هجڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جو وڏو هجڻ سان گڏ علائقي جي راڄن جا فيصلا ڪرڻ ۾ مهارت رکڻ سبب سياسي سوچ ئي کيس سياست ۾ کڻي وئي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي سياست جي شروعات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان گڏ هاري تحريڪ کان ٿي. ان بعد ضلعي نوابشاهه ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، ايڊووڪيٽ رشيد احمد، ڪامريڊ خادم چانڊيو، ڪامريڊ سارنگ انڙ، ڪامريڊ ڀائي خان انڙ، ڪامريڊ عبداش پنهور، ڪامريڊ تماچي سميت ٻين اهڙن انيڪ ڪردارن هارين جي تحريڪ کي تيز ڪيو.

ان زماني ۾ پارلياماني سياست ۾ نوابشاهه ضلعي اندر اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، سائين امداد محمد شاهه، حاڪم علي زرداري، سيد شبير احمد شاهه، الحاج رسول انڙ سميت ٻيا اهڙا ڪيئي سياسي ڪردار هئا. جن نوابشاهه جي سياست کي ملڪي سياسي هلچل ۾ سرفهرست بيهاري ڇڏيو.

ملڪي تاريخ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊون ٿيون ته ان وقت اولهه پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ زبردست عوامي مقبوليت سان اڀري آيون. شهيد ڀٽو ۽ شيخ مجيب جو سياسي اثر ملڪي سياست تي ڇانيل رهيو. ان زماني ۾ نوابشاهه ۾ سائين جي ايم سيد جو فرزند سائين امداد محمد شاهه شيخ مجيب جو سرگرم عوامي ليگ جو اڳواڻ هو ۽ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي, شيخ مجيب الرحمان ۽ سائين امداد محمد شاهه جو ويجهو سياسي ساٿي هو، جنهن ۱۹۷۰ع ۾ سائين امداد محمد شاهه سان گڏجي شيخ مجيب الرحمان جي اليڪشن مهم زبردست طريقي سان هلائي. جڏهن شيخ مجيب الرحمان نوابشاهه ۾ اليڪشن مهم تي آيو هو ته ان گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پڻ شامل هو. جنهن اليڪشن مهم ۽ سياسي صورتحال بابت شيخ مجيب کي آگاهي ڏني هئي.

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي شيخ مجيب الرحمان، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏجي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي حاصلات لاءِ عوامي ۽ جمهوري واٽ وٺندي سياسي، آئيني ۽ قانوني ويڙهه ڪئي. نوابشاهه ۾ هارين جا مسئلا ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ٿاڻن کان عدالتن تائين کڻي ويندو هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڃي وڏي واڪي هارين سان زميندارن جي ظلم جي ڳالهه ڪري کين قائل ڪندو هو ته خدارا پنهنجي هارين سان انصاف ڪيو. اهڙيون سچيون ۽ ڪڙيون ڳالهيون ڪامورن کي تکيون ضرور لڳنديون هيون پر ڪامريڊ جي انداز ۽ سچ چوڻ جي جرئت انهن جي ضميرن کي جنجهوڙيندي انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي.

ڪامريڊ محمد رمضان سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري. ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سائين امداد محمد شاهه سندس زندگي جا تمام ويجها سياسي دوست ۽ اڳواڻ هئا. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي دلير هاري اڳواڻ هوندو هو. جنهن ڪڏهن به جاگيردارن ۽ وڏيرن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، سدائين انهن سان مهاڏو اٽڪايو، ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي ڳوٺ ڪنڊو خاصخيلي واري اوطاق توڙي سڪرنڊ واري رهائشگاهه تي ڪامريڊ آڌي مانڌي پيا ايندا ويندا هئا، اسان پاڻ ڪامريڊ وٽ ويندا هئاسين ته ڪامريڊ ڪڏهن به آڌي رات کٽ هنڌ بسترو ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ تيار ٿيل جيڪا به دال ماني هوندي هئي اڳيان اچي رکندو هو. اهڙا هئا اهي سچا ۽ کرا ماڻهو. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي زندگي جا آخري ٻه ڏهاڪا هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ گذاريا ۽ حيدرآباد کي پنهنجو مستقل گهر بڻائي ڇڏيو.

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ۱۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ۸۸ سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين کان هميشه لئه وڇڙي ويو. ساهه جي آخري گهڙين تائين به سنڌ جي هارين جي حقن جو ذڪر سندس زبان تي هو.

اڄ ۱۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي ورسيءَ جي پهرين ورسي آهي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي اسان سڀني کان جسماني طور تي جدا ضرور ٿيو آهي پر سندس جدوجهد ۽ ڪردار تاريخ ۾ صدين تائين زندهه رهندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۵ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا