; سنڌي شخصيتون: رضوان عمراڻي

27 February, 2022

رضوان عمراڻي

رضوان عمراڻي

چاليھ هزارن کان مٿي پينٽنگس ٺاهيندڙ عظيم آرٽسٽ

انور ابڙو



محترم رضوان عمراڻي صاحب جيتوڻيڪ هن وقت 84 سالن جي عمر ۾ هلي ٿو، تڏهن به چوي ٿو: ”جسم ڀل نٻل ٿي ويو هجي، پر منهنجو دماغ اهڙو ئي جوان آهي، جهڙو جوانيءَ ۾ هئو. مان اُن، جوانيءَ واري جذبي سان اڄ به پينٽنگس ٺاهڻ جو ڪم ڪريان ٿو. مان اهو سڀڪجهه وجداني عقل سان ڪيان ٿو... اڄ به صبح جو چار پينٽنگس ٺاهيون اٿم.“ اهي ڳالهيون ڪرڻ وقت سندس لهجي ۾ ڪا به لرزش نه هئي، پر ان مان فخر ۽ اعتماد ظاهر پئي ٿيو.


پنهنجي فليٽ کي ”آرٽ گهر“ بڻائي رڳو پينٽنگس سان ئي پاڻ کي ريجهائي رکندڙ هن عظيم مصور پنهنجي ڳالهائڻ واري روايتي انداز کي برقرار رکندي چيو ته: ”مان نه پئسي لاءِ پينٽگس ٿو ٺاهيان ۽ نه ڪنهن ٻئي لاءِ... بس پاڻ لاءِ ٺاهيان ٿو، ۽ هاڻي اُهي جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجون لڳن ٿيون ته، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي.“

”مون هينئر تائين ۴۰ هزارن کان مٿي پينٽنگس ٺاهيون آهن...“ ائين چئي، اُٿي هلي، هي پنهنجون پينٽنگس ڏيکاريندو ويو، جيڪي فليٽ ۾ هر جاءِ تي پيل هيون: بيڊ تي، المارين ۾ بريف ڪيسز ۾، ڪرسين  تي ۽ ٽيبلس تي - ديوارون به پينٽنگس سان سجايل هيون.

پر ان وقت سائين رضوان عمراڻيءَ جي لهجي ۾ هلڪي تلخي ڀرجي آئي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ کانئس ايوارڊس بابت سوال ڪيو ته،” چيائين: ”مون کي جيڪڏهن ڪو ايوارڊ مليو به، تڏهن به اهو نه وٺندس.“ هِن کي پنهنجي نظرانداز ٿيڻ تي ڏک به هئو ته، ڪاوڙ به هئي. ”لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڪمشنر صاحب مقرر ٿي آيو، چيو ويو ته اديب آهي، پر نه هُن ڪڏهن منهنجي مڌر آرٽ گيلريءَ جو دورو ڪيو ۽ نه ڪنهن تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. لاڙڪاڻي آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ آرٽ گيلري کولي ويئي، پر اُتي به منهنجو ڪو ذڪر ئي نه ڪيو ويو.“ موجوده دور ۾ سنڌ جي هن هڪ عظيم آرٽسٽ کان پنهنجو درد، نه چاهيندي به اظهارجي ويو.

سائين رضوان عمراڻيءَ چيو ته: ”ڪنهن وقت منهنجي دل چوندي آهي ته پنهنجون چونڊ هڪ سئو پينٽنگس کڻي وڃي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪري چوان ته، اچي ڀيٽيو انهن آرٽسٽن جون پينٽنگس منهنجين هِنن پينٽنگس سان، جن کي اوهان وڏا وڏا انعام ڏيندا ٿا رهو.“

سائين رضوان جي اها ڳالهه ٻڌي مون سوچيو: ”ماڻهو واقعي سچ چوندا آهن ته، اسان پنهنجن تخليقڪارن جو جيئري قدر ناهيون ڪندا.“ پر اها ڳالهه به ٻڌايائين ته:”مون کي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ چيو هئو ته:’اوهان کي جيڪو ڪجهه کپي ته ٻڌايو،‘ ته مون کين چيو هئو: ’مون کي ڪجهه به نه کپي. اوهان منهنجي پينٽنگس جي نمائش ۾ شرڪت ڪئي، اها ئي مون لاءِ وڏي ۽ اهم ڳالهه آهي.‘“ هي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران ايتري همت افزائي ۽ عزت بخشڻ تي بيحد خوش هئو.

سائين رضوان وٽ عورت جو رڳو هڪڙو ئي روپ- ماءُ وارو آهي، ۽ هي ان جا مختلف عڪس ٺاهيندو رهي ٿو. ”عورت مون لاءِ ماءُ آهي،“  هڪ مرحلي تي چيائين.

”سائين، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان چوڪ جي ڀرسان اوهان جيڪا ’مڌر آرٽ گيلري‘ قائم ڪئي هئي، ان جو ڇا ٿيو؟“

”اها بند ٿي ويئي، سڀ پينٽنگس هِتي کڻي آيو آهيان،“ سائين رضوان عمراڻيءَ ائين چئي وڌيڪ ٻڌايو ته:”مون پنهنجي امڙ جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ سندن ياد ۾ انڪري ’مڌر آرٽ گيلري‘ قائم ڪئي هئي ته، متان وقت پوڻ سان مان امڙ جي ياد ۾ اوتري شدت سان ڪجهه نه ڪري سگهان، سو اها گيلري امڙ جي ياد ۾ چار سال اڳ ۾، ٽيچنگ واري ملازمت تان رٽائرمينٽ وٺي، پنهنجي پينشن جي پئسن، گهرواريءَ جي کپايل سون ۽ ڪجهه ٻين پئسن مان ٺهرائي هئي...“

مون ڏٺو، اها ڳالهه ڪندي سندس چهري ۽ اکين ۾ سندس پينٽنگس جي گهرن رنگن جهڙو درد لهي آيو.

لاڙڪاڻي شهر ۾ قائم سنڌ جي ان شاندار آرٽ گيلريءَ جي بند ٿيڻ جو ٻڌي مون کي به ڏاڍو افسوس ٿيو، انڪري به ته، جڏهن ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ سائين رضوان صاحب اها قائم ڪئي هئي، تڏهن سڀ کان اول مون ان جون تصويرون ڪڍيون هيون ۽ ان تي هڪ مضمون لکيو هئو، جيڪو ڊان ۾ شايع ٿيو هئو. اهڙي ڳالهه سائينءَ پاڻ ڇنڇر ۱۲ فيبروريءَ تي، پنهنجي جنم ڏينهن جي موقعي تي محمد علي پٺاڻ سان به فون تي ڪئي هئي، ۽  جڏهن محمد علي پٺاڻ مون کي ٻڌايو ته:’سائين رضوان توکي ياد ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته، سڀ کان پهريان مون تي انور لکيو هيو،‘ ته سندس اها ڳالهه ٻڌي مون اڳيان سائين رضوان صاحب، قربان سنديلو صاحب، رزاق مهر صاحب، جج عبدالحميد ابڙو صاحب، انهن سان گڏ توڙي الڳ الڳ لاڙڪاڻي، ڏوڪري توڙي ڪراچيءَ ۾ ساڻس ٿيل ڪچهريون، سندس ڳالهيون ۽ ٽهڪ ياد اچي ويا... مون محمد علي پٺاڻ صاحب کي چيو ته:”سڀاڻي سائينءَ ڏي هلنداسين.“

پوءِ آچر، ۱۳ فيبروريءَ تي محمد علي پٺاڻ ۽ منهنجو ننڍڙو عنيق، سائينءَ سان ملڻ لاءِ سندس بحريه ٽائون واري فليٽ تي وياسين. سائين رضوان جي پٽ تاشفين رستي مان اسان کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ کڻي هلي سائين رضوان سان ملايو. تاشفين به بهترين پينٽنگس ٺاهي ٿو. سندس پينٽنگس ڏسي اطمينان ٿيو ته، سائين رضوان جي آرٽ ورڪ کي هڪ تسلسل ملي ويو آهي.

رضوان عمراڻي صاحب ع. ق شيخ ۽ حليم بروهيءَ کي وڏو تخليقڪار سمجهي ٿو ۽ علي بابا جي لاءِ مرڪي چوي ٿو ته:”هو اڌ اداڪاري ڪندو هئو، اڌ صحيح هوندو هئو.“

”علي بابا سان حيدرآباد جي جبيس هوٽل تي منهنجون ڪجهه ڪچهريون ٿيل هيون. هڪ ڀيري منهنجي سامهون آيو ته ائين گذري ويو ڄڻ سڃاڻي ئي نه پيو... ٻئي ڀيري مون کيس ڏٺو ته پٺيان وڃي قميص مان وٺي مڌ پيتل ماڻهوءَ جي لهجي ۾ ساڻس ڳالهائڻ لڳس ته، هو پريشان ٿي ويو ۽ چيائين: ’ماڻهن جي سامهون خواري ٿي ٿئي... ڇڏ هاڻي...‘ ته مون آهستي کيس چيو:’هل ته هلي ڪٿي چانهه پيئون.“

هاڻي ڪنڊائتو ٿي ويٺل سائين رضوان جو اڪيلو جهان، رنگ، برش، ڪينواس ۽ پنهنجي پٽ تاشفين ۽ نياڻين جو اولاد آهي....

اسان جو هيءُ عظيم آرٽسٽ اسان جي ادب ۽ آرٽ وارن ادارن جي نظرن کان هن وقت اوجهل آهي. نه ڪير کيس ڪنهن ادبي ميلي ۾ سڏي سندس پينٽنگس جي نمائش رکي ٿو، نه ڪا آرٽ ڪائونسل سندس تصويرن جي نمائش ڪرائي ٿي. ايستائين جو سندس اباڻي شهر لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل به نه.... ۽ مان ذاتي طور سمجهان ٿو، هاڻي ان جي کيس پرواهه به ناهي. هي ته پنهنجي آرٽ ورڪ کي پنهنجي زندگيءَ جو سرمايو سمجهي ٿو، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح هي دنيا ۽ آرٽ سان پيار ڪندڙن تائين پهچائيندو رهي ٿو.

سائين رضوان جون پيٽنگس ته ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن جون ٽائٽل به بڻجي چڪيون آهن. هي ادب ۽ آرٽ کي هڪٻئي کان الڳ نٿو ڪري، پر انهن کي ساڳئي ڪيفيت جا الڳ اظهار سمجهي ٿو. تڏهن ئي ته هن جو دنيا جو ادب به پڙهيل آهي ته ننڍي کنڊ، پاڪستان توڙي سنڌي ادب به پڙهيل آهي، پر شاعريءَ ۾ جون ايليا کيس ڪجهه وڌيڪ پسند آهي. هي پاڻ به اردو ادب جو استاد رهيو آهي، تنهن ڪري ڳالهائڻ وقت به، ڳالهه ڳالهه ۾ ادبي حوالا ۽ واقعا هِن کان لاشعوري طور تي شامل ٿي ٿي ويا.

۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي کان پينٽنگس وارو تخليقي ڪم ڪندڙ، تعليم ۽ تدريس دوران، ڪولاب جيئل، ٺري ميرواهه، لاڙڪاڻي، ڏوڪري، جنگشاهي، جهمپير ۽ ٻين شهرن ۾ بيشمار روشن خيال شاگرد پيدا ڪندڙ هي عظيم استاد ۽ عظيم آرٽسٽ رنگن جو پنهنجو رڌم کڻي اهي عڪس چِٽي ٿو، جيڪي جڏهن اسان ڏسون ٿا ته، دنيا جي عظيم آرٽسٽ ليکيا ويندڙ آرٽسٽن کان ڪنهن به صورت ۾ هي گهٽ نظر نٿو اچي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي پرچي ڪاوش دنيا ۾ ۲۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا