; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

27 February, 2022

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ

بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ بزرگ سياستدان

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ)



بلوچستان جو مشهور قومپرست سياستدان ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان حوالي سان بلوچستان جي مشهور قومپرست عبدالحئي جي پٽ جو چوڻ آهي ته سندس والد عبدالحئي ڪوئيٽا کان لاهور ويندي حادثي جو شڪار ٿي ويو، مڙهه بهاولپور مان اباڻي علائقي ڀاڳ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي. بزرگ سياستدان ۷۶ورهين جي عبدالحئي بلوچستان جي مشهور قومپرستن سياستدانن ۾ ڳڻيو ويندو هو. سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ قومي اسيمبلي، سينيٽر، بلوچستان نينشل موومينٽ ۽ نيسنل پارٽي سان لاڳاپيل هيو. 


ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي لاڏاڻي تي بلوچستان جي وڏي وزير، سينيٽ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر علي زرداري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ پهرين فيبروري ۱۹۴۶ تي بولان واري علائقي ڀاڳ ۾ ڄائو، هن ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ايم بي بي ايس ڪيو، هو پيشي جي لحاظ سان ڊاڪٽر هو پر گھڻي ڀاڱي سياست ۾ سرگرم رهيو. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات بلوچستان اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کان ڪئي ۽ بي ايس او جو پهريون چيئرمين رهيو، ۱۹۷۰جي عام چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي ٽڪيٽ تان قومي اسميبلي جو ميمبر چونڊيو، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ بلوچستان نيشنل موومينٽ ۽ نيشنل پارٽي سان لاڳاپيل ۽ سينيٽ ميمبر به رهيو. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ڪجهه عرصو اڳ نيشنل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي نالي سان نئين سياسي پارٽي قائم ڪئي هئي. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ قوم پرست سياستدان ۽ سٺو مقرر هو، هن عوامي ۽ سماجي ڌرين ۾ گھڻي پذيرائي حاصل ڪئي، جڏهن ته کيس ۲۰۱۶ ۾ آرٽس ڪونسل پاران جالب امن ايوارڊ به ڏنو ويو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل خبر)


حئي بلوچ

اصولي ۽ نظرياتي سياست جو سونهون

ايڊيٽوريل

ڪجهه ماڻهو ئي مروج ۽ روايتي سياست جي ابتڙ هلڻ جي همت ڪري سگهندا آهن ۽ اهڙي نظام ۾ رهندي به پنهنجي دامن کي بچائي سگهندا آهن، جنهن سياست جي خرابين ۾ اڪثر سياستدان پاڻ ۽ اصول بچائڻ بدران وهڪري ۾ وهي ويندا آهن.جڏهن اصول، رواداري، نظريات تي هلڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بچيا هجن انهي وقت ۾ انهي سفر ۾ رهنمائي جو ڪردار ادا ڪرڻ واري ڪنهن سياسي اڳواڻ جو وڇوڙو ڪيڏو نقصانڪار هوندو  انهي کي اها سياست ڪرڻ ۽ سمجهڻ وارا ئي سمجهي سگهن ٿا.روڊ حادثا هونئن ته ڪو نه ڪو گهر ،ڪو نه ڪو خاندان ۽ ڪونه ڪو ويڙهو ويران ڪري ويندا آهن  پر جڏهن اهڙو ڪو حادثو نظرياتي سياست جو ازالو نه ٿيڻ جهڙو نقصان ڪري وڃي ته انهي جهڙو ڪو حادثو ٿي نه ٿو سگهي.ڪالهه هڪ اهڙو حادثو قومپرست، ترقي پسند ۽ اصولي سياست جي هڪ جرڪندڙ ستاري کي کسڻ جو سبب بڻيو آهي. بلوچ قومپرست اڳواڻ عبدالحئي بلوچ  ڪالهه هڪ روڊ حادثي ۾ پنهنجي هزارين چاهيندڙن کي اڪيلو ڇڏي هن فاني جهان مان موڪلائي ويو آهي .

سڏجڻ ۾ ته هو بلوچ قومپرست اڳواڻ هو پر هو هر انهي ماڻهو جو آواز هو جيڪو ڪٿي به ڪهڙي به شڪل ۾ استحصال ،ظلم ۽ بربريت جو شڪار هو.هو ڪو روايتي سياستدان نه هو جنهن کي سياست ورثي ۾ ملي هجي يا ڪو وڏو واپاري يا جاگيردار هو جيڪو پئسي جي طاقت سان سياست ۾ داخل ٿيو.عبدالحئي بلوچ ڀاڳ ناڙي جي هڪ غريب  خاندان سان واسطو هوندي  شاگردي واري زماني ۾ ۱۹۷۰ ع جي عام چونڊن ۾ خان آف قلات کي شڪست ڏئي سڀني کان ننڍي عمر وارو قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو هو. جيڪو سندس عوام سان لاڳاپي ۽ رشتي جو واضح ثبوت آهي .بلوچ سياست جيڪا گهڻو ڪري قبائلي سرادرن جي چوڌاري ڦري ٿي، اتي هڪ غريب خاندان سان واسطو رکنڊڙ ماڻهو جو سياست ۾ اچڻ ۽ وري پنهنجو مقام ٺاهڻ ايترو ڪو آسان نه هو پر ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي محنت ،مسلسل ڪوششن ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت کيس اهڙو اڳواڻ بڻائي ڇڏيو جنهن جي چوڌاري نوجوان ۽ پيرين اگهاڙا پتنگن وانگر ڦرندا هئا.

هو رڳو بلوچ سياست لاءِ نه پر ملڪي سياست لاءِ به مثال آهي ته جيڪڏهن ماڻهو ايمانداري سان اصولي ۽ نظرياتي ساست لاءِ جاءِ ٺاهڻ چاهي ته پئسي جي گهٽتائي يا ٻيون مجبوريون ڪا به رڪاوٽ بڻجي نه ٿيون سگهن.ملڪ ۾ جمهوري جدوجهد هجي يا مظلوم قومن جي حقن لاءِ تحريڪ يا سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي قبضي خلاف مورچو  سندس آواز نه ڪڏهن ڪمزور ٿيو نه ئي ڪنهن جي دٻاءُ ۾ بند ٿيو . جڏهن ته بلوچ سياست ۽ سنڌ جي سياست کي ڳنڍيندڙ جيڪڏهن ڪجهه ڪردار آهن ته ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ انهن ڪردارن جي  فهرست ۾ اڳيان اڳيان نظر ايندو هو. ڪالهه به هو حيدرآباد ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي ۾ شرڪت کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو ته پنجاب ۾ اهو حادثو پيش آيو جنهن ملڪي سياست کي هڪ نظرياتي، اصول پرست ۽ قومپرست سياستدان کان محروم ڪري ڇڏيو.

اسان سمجهون ٿا ته سندس اوچتي لاڏاڻي سان نه رڳو بلوچ سياست جي هڪ دور جي پڄاڻي ٿي آهي پر ملڪ به هڪ اهڙي سياستدان کان محروم ٿي ويو آهي جنهن جي ايمانداري، شرافت، اصولي پرستي ۽ عوام سان محبت جي شهادت سندس مخالف به ڏيڻ کان  نه ڪيٻائيندا.سندس ڪردار اصولي سياست ڪرڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ سدائين سونهون بڻيل رهندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر حئي بلوچ

بلوچستان جي هڪ عوامي اڳواڻ جو وڇوڙو

ايڊيٽوريل

بلوچستان جو قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر حئي بلوچ ڪالهه يعني ۲۵ فيبروري تي هڪ حادثي ۾ اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، ڊاڪٽر حئي بلوچ ويجهڙائي واري بلوچستان توڙي ملڪي سياست جو هڪ بهادر اڳواڻ هو، سندس شمار اڱرين تي ڳڻڻ جيترن انهن ٿورن ماڻهن مان هو جن بلوچ عوام سان ٿيندڙ هر ڏاڍ تي پنهنجو اثرائتو آواز اٿياريو۽هر ڏکي گهڙي ۾ سنڌ جي قومپرست ڌرين سان به گڏ بيٺل هو. ڊاڪٽر حئي بلوچ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي ابتدا شاگرد سياست سان ڪئي، ملڪ جي ٻين حصن ۽ بلوچستان ۾ هڪ وڏو فرق اهو آهي ته ملڪ جو ايراضي جي لحاظ سان سڀني کان وڏو صوبو هوندي، هر دور حڪومت ۾ ملڪي آئين ۾ڄاڻايل حقن کان مڪمل طور محروم رهيو آهي.جتي هر دور ۾ عوامي جدوجهد جاري رهي آهي، ويجهڙائي ۾ ان جدوجهد جي پراڻي تسلسل کي شاگردن جي جدوجهد پنهنجي شعور سان اڳيان وڌايو آهي، انهن مامرن تي دليل سان ويڙهه ڪندڙن ۾ هن علائقي جي شاگردن جو اهم رول رهيو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب جلال پور پير والا ايم فائيو موٽر وي تي انٽرچينج ڀرسان ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ حياتي وڃائي ويٺو، پوليس موجب حادثي ۾ ڊاڪٽر حئي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا. جن کي تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽر حئي بلوچ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، خانداني ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڊاڪٽر حئي فيصل آباد کان بهاولپور وڃي رهيو هو، ڊاڪٽر جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ڀاڳ ۾ ادا ڪئي ويندي.

ڊاڪٽر حئي بلوچ ضلعي بولان ۾ پهرين فيبروري ۱۹۴۶ع تي ڄائو. هو ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. هن ايم بي بي ايس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي ۽ شاگرد سياست ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هي بي ايس او جو چيئرمين پڻ رهيو. ۱۹۸۸ع وارين چونڊن ۾ بلوچستان نيشنل موومينٽ جي جهنڊي هيٺ بي ايس او جي پراڻن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گڏ ڪري چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ هن جماعت بلوچستان ۾ گڏجي حڪومت پڻ ٺاهي. هو بعد ۾ سينيٽر پڻ رهيو. هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اثر هيٺ پڻ رهيو. ٽن ننڍن صوبن جي قوم پرستن جي ٺهندڙ مختلف اتحادن ۾ پڻ شامل رهيو. هيءُ مشهور سياسي اتحاد ’پونم‘ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو آهي ھو بنيادي طرح وچولي ڪلاس سان تعلق رکندڙ ماڻھو ھو پر ھن بلوچستان جي سخت گير سياسي سماج ۾ ھڪڙي الڳ جاءِ جوڙي ورتي.هو هڪ ئي وقت ننڍن صوبن جي قومن ۽ ترقي پسند ڌرين جو تمام وڏو سگهارو آواز هو.

بلوچستان هڪ اهڙو خطو آهي جتي  قومپرست سياست تي به قبيلائي سردار غالب آهن، ان ماحول ۾ هر دلعزيز اڳواڻ ٿي اڀريو، جمهوري قدرن واري سياست ۾ هن اڳواڻ پنهنجي پاڻ کي مڃرايو . هي بلوچستان سميت ننڍن صوبن جو اهڙو اڳواڻ هو جنهن جي سمورا قومپرست اڳواڻ دل سان عزت ڪندا هئا.

ڊاڪٽر حئي بلوچ پنھجي مزاج ۾ سادو ۽ عوام سان حقيقي طور محبت ڪندڙ ماڻهو هو.هن پنهنجي عوامي جھدوجھد سان عوام کي منظم ڪيو عام ماڻهو کي سياست ۾ شامل ڪيو، سندس اهو عمل ويجهي تاريخ ۾ ياد رکيو  ويندو.

ھن بلوچ قومي تحريڪ جو پيغام سنڌ سميت دنيا جي باشعور ذھنن تائين پھچايو ھو هن جو سنڌ سان به دلي ناتو هو، پاڻ رواني سان سنڌي ڳالهائي سگهندو هو. تازو سنڌي قومپرستن جي ئي هڪ ميڙاڪي ۾ به شريڪ ٿيو هو.

۷۶ ورهين جي ڊاڪٽر حئي بلوچ سياسي سفر بي ايس او کان شروع ڪيو هو، ۲۰۱۸ع ۾ هن پنهنجي نئين پارٽي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي قائم ڪئي. هو کاٻي ڌر سان به لاڳاپيل رهيو ۽ بلوچن جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو، بي اين ايم ۽ نيشنل پارٽي جو به سربراهه رهيو.

بلوچستان هڪ اهڙو علائقو رهيو آهي جتي شروع کان وٺي ڪري ئي سياسي مامرا اڀرندا رهيا آهن،جنهن جو بنياد گهڻو پراڻو آهي، انهي ڪري هتي مزاحمتي سياست جو به هڪ دور رهيو آهي، عوامي جدوجهد کي اها سگهه تڏهن ملي جڏهن بلوچستان ۾ شاگردن جي سياست عام ٿي، هڪ گهڻي پٺتي پيل علائقي ۾ جنهن انداز سان شاگرد سياست پنهنجي جاءِ ٺاهي ان جي لاءِ شاگردن کي پنهنجي جاءَ تي وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي هئي. سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ شاگرد سياست ٿيندي رهي آهي پر جنهن نموني سماج جي باشعور شاگردن پنهنجو پاڻ کي بلوچستان جي عوامي سياست تائين آندو ان جا مثل ٿورڙا ئي ملن ٿا.

بلوچستان ۾ ئي وچولي طبقي جي ڪنهن اڳواڻ کي عوامي مڃتا حاصل ٿئي ان جي لاءِ شاگردن کي به ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجو پاڻ قبول ڪرائڻو پيو هو، عوام جي هر مسئلي تي عوام سان گڏ هئڻ، عملي ميدان مان هٿ نه ڪڍڻ، عام ماڻهون جي ڏکن سورن ۾ انهن جو ڀرجهلو ٿيڻ اهڙا اشوز آهن جنهن سان ئي عوام ان ڌر يا ان ڳواڻ سان گڏ بيهي رهي ٿو، هڪ وچولي طبقي جي جي اڳواڻ جي خوبي اها  به هوندي آهي ته اهو بنا ڪنهن هٻڪ جي عوام جي انهن مسئلن ۾ شامل ٿي ڪري عوام جو حصو ٿي وڃي ٿو. اهڙين خوبين جو ڀنڊار ڊاڪٽر حئي بلوچ کي عوام پنهنجو حقيقي عوامي اڳواڻ تسليم ڪندو هو.

سندس وڇوڙو نه رڳو بلوچستان جي قومپرست سياست جو پر سنڌ توري ملڪي سياست جو هڪ وڏو نقصان آهي. حئي بلوچ بلوچستان جو ڪيس بلوچستان کان ويندي سنڌ تائين ۽ سنڌ کان ويندي اسلام آباد تائين پنهنجي سهگاري آواز سان پيش ڪيو، هڪ انسان هڪ زندگي ۾ جيترو ڪم ڪري سگهي ٿو جي ڊاڪٽر حئي جي جدوجهد جي ڇيد ڪبو ته شايد هن پنهنجي پينگهي کان قبر تائين جي سفر دروان هن پنهنجي وت کان ڪجهه وڌيڪ ئي ڪم ڪيو هوندو، اسان سندس لازوال جدجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جو وڇوڙو

ايڊيٽوريل

بلوچستان جو سينئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ بهاولپور ويجهو روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. هُن خميس جي رات جو ايس ٽي پي جي يومِ مادر وطن جلسي ۾ شرڪت ڪئي هئي، ان کانپوءِ حيدرآباد کان لاهور وڃي رهيو هو ته جمعي ڏينهن بهاولپور ويجهو جلالپور پيروالا ايم فائيو موٽر وي تي انٽرچينج ويجهو سندس گاڏيءَ سان حادثو پيش آيو.

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ سڄي زندگي سرگرم سياست ڪئي. هو ايم اين اي ۽ سينيٽر به رهيو، بلوچستان نيشنل موومينٽ ۽ نيشنل پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو. هن سياست جي شروعات بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن کان ڪئي، اُن جو چيئرمين به رهيو. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن دوران نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي ٿيو. ان کان پوءِ بلوچستان نيشنل موومينٽ ۽ نيشنل پارٽيءَ ۾ شامل رهيو. کيس سينيٽر به چونڊيو ويو. ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ڪجهه عرصو اڳ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نالي سان نئين سياسي جماعت ٺاهي هئي. سنڌ جي قومپرستن سان سندس ويجهڙائي رهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ اڪثر پروگرامن ۾ شامل ٿيندو هو. اِهوئي سبب آهي جو سندس وڇوڙي جتي بلوچستان جي عوام کي ڏکارو ڪيو آهي، اُتي سنڌ جا ماڻهو به غمگين آهن، جو سندن حال ڀائي، اُنهن جي ڏُک درد کي سمجهندڙ ۽ سندن حق ۾ ڳالهائيندڙ هڪ قومپرست اڳواڻ کانئن وڇڙي ويو آهي. ڀلي ته ڀاڳ ناڙيءَ ۾ هُو مٽيءَ جي چادر اوڍي هاڻ هميشه جي ننڊ وڃي سُتو آهي، پر هُن جون ڪيل ڪوششون، سندس پنڌ ۽ محبتون هميشه زنده رهنديون ۽ سندس چاهيندڙ هُن جي کوٽ کي وڏي عرصي تائين محسوس ڪندا رهندا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا