; سنڌي شخصيتون: شھزاد جتوئي

28 February, 2022

شھزاد جتوئي

شھزاد جتوئي

زندگيءَ جو ميلو ۽ موت جي رسيس

ناصر مقصود گل قاضي



نيٺ شهزاد جتوئي به جوڙ ڇني ويو!

خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن ملياسين ۽ ڪڏهن وڇڙياسين! شھزاد ۽ منهنجو ماضي اڃا ايترو پراڻو ڪونه ٿيو آهي! ڏئي وٺي ڪي پنجٽيھه سال ئي ته گذريا هوندا! جو پوئتي نھاريان ٿو ته چاچي امداد جتوئيءَ جي اڪيلي پٽ شھزاد، عبدالرحمٰن عارباڻيءَ، رياض جوکئي ۽ پاڻ کي پنهنجي استادَ، سائين سڪندر علي خاصخيليءَ جي آڏو رکيل پھرين ڪلاس جي پھرين بئنچ تي ويٺل ٿو ڏسان. اُتان ئي اسان ٻنھي (شھزاد ۽ منھنجي) پھرين شناسائي، تعليمي سفر سان گڏ، پروان چڙهندي بهترين دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي وڃي. پوءِ ته ننڍپڻ ۾ پڙهايون، چٽاڀيٽيون، مقابلا، هڪ بئنچ تي گڏ ويھندي به تدريسي ڪمن ۾ مخالفت، شرارتون، فنڪشن، هلڪيون ڦُلڪيون لڙايون، ڪِٽيون، ٻَڌيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه! ۽ اهو سلسلو لڳاتار ڏهه سال (پھرين درجي کان مئٽرڪ تائين) هلي ٿو.


خير! هاءِ اسڪول جي زماني ۾ ته اسان ڪافي ميچوئر ٿي ويا هئاسين، پر پرائمريءَ دؤران اسڪول ۾ گڏ وقت گذارڻ، گڏ ٽيوشن پڙهڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسڪول واري مسجد ۾ گڏ نماز پڙهڻ بعد به گڏ رهڻ کان ڪونه ڍاپندا هئاسين ۽ گهر ۾ به سندن گهر جي فون نمبر ۶۱۶ ۽ اسان جي فون نمبر۳۴۱ تي روزانو گهر وارن کان لڪي پيا ڪچھريون ڪندا هئاسين. اسان جون ڳالهيون به ٻاراڻيون ۽ بي معنىٰ...:

”رات مانيءَ ۾ ڇا کاڌو هيئي!؟“

”سڀاڻي اسڪول ڪپڙا ڪھڙا پائي ايندين؟“

”ڇا تو سائين حفيظ جا ڏنل حساب حل ڪيا آهن؟“

”اڄ سائين نثار، رياضَ ۽ وزير کي ڪئين ٿي مار ڏني؟“ وغيره وغيره...

رياض ۽ وزير، پرائمريءَ ۾ اسان جا هم ڪلاسي هوندا هئا، جيڪي پاڻ ۾ ٻئي ڀائر هئا (وزير وفات ڪري ويو آهي.) هُو ٻئي ويچارا نصابي ڪم پوري نه ڪرڻ جي ڪري اڪثر اُستادن جي مار پيا کائيندا هئا ۽ هُو جڏهن به مار کائيندا هئا ته سندن روئڻ جي انداز تي شھزاد ۽ مان کلندا هئاسين ۽ پوءِ ڪيترائي ڏينھن رياض ۽ وزير کي ڏنل سزا تي اسان تبصرا پيا ڪندا هئاسين.

شھزاد ۽ مون ۾ ڪافي هڪ جھڙايون پڻ هيون، جن جي نشاندهي ننڍپڻ ۾ تڏهن ئي هڪٻئي سان ڪندا هئاسين. (۱) شھزاد جو والد صاحب ۽ منھنجو ابو پڻ اسان جيان هڪٻئي جا گھرا دوست هوندا هئا. (۲) شھزاد جو والد صاحب خوراڪ کاتي ۾ آفيسر هو ۽ منهنجو والد صاحب، لاڙڪاڻي شگر مل ۾ آفيسر هو ته اسين چوندا هئاسين: ”اسان ٻنھي جا بابا کاڌن جي ادارن ۾ آفيسر آهن.“ (۳) اسان جي سڄي اسڪول مان شھزاد ۽ مان ٻه اهڙا شاگرد هوندا هئاسين، جن ٽي. وي ۽ ريڊئي جي ٻارڙن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي هئي. (۴) اُنهن ڏينھن ۾ شھزاد کي گهر ۾ ننڍڙو ’ڪِي بورڊ‘ (ساز) هوندو هو ۽ اسان جي گهر ۾ هارمونيم هوندي هئي. شھزاد ۽ منھنجي اندر جو ڪلاڪار ننڍپڻ ۾ تڏهن ئي نڪري نروار ٿي چڪو هو. مون کي هارمونيم وڄائڻ جو شوق پرائمريءَ کان هوندو هو. (مڪمّل سکيا کانپوءِ، جيڪو شوق مان اڄ تائين پورو ڪري رهيو آهيان.) ۽ تڏهن مون کي هارمونيم تي ڪجهه به وڄائڻ نه ايندو هو، پر شھزاد پرائمريءَ ۾ ئي پنھنجي ڪِي بورڊ تي منظور سخيراڻيءَ جا ٻه يا ٽي ڪلام وڄائيندو هو ۽ ڳائيندو هو. کيس اُنهن جي ڌن وڄائڻ ڪنھن سيکاري هئي، مون کي نه تڏهن خبر هئي ۽ نه هاڻي ئي آهي. هو جڏهن منھنجي آڏو ان وقت پنھنجي ڪي بورڊ تي اُهي ڪلام جهونگاريندو ۽ وڄائيندو هو ته مون کي کيس ڏسي رشڪ ايندو هو. اسان ٻنهي کان اسانجو استاد، سائين عبدالستار عبّاسي، ڪلاس ۾ فارغ وقت ۾ ڪلامَ به ٻڌندو هو.

شھزاد جي اندر هڪ سٺو خطاط پڻ موجود هو. سندس اکر ننڍپڻ کان ئي سھڻا هوندا هئا. هو پرائمري شاگرديءَ واري ڪم عمريءَ ۾ ئي پنھنجي اکرن جي اسٽائيل تي ڪافي تجربا ڪندو رهندو هو. اُنهن ڏينھن ۾ پي ٽي ويءَ جي صبح جي نشريات ۾ ’خطاط‘ نالي هڪ سيگمينٽ هلندو هو، جنھن ۾ اردو خطاطي ۽ اُن جي اُصولن جي سکيا ڏني ويندي هئي. اُهو پروگرام شھزاد شوق سان ڏسندو هو. اسان جا ڪيترا ئي (بلڪ سڀئي) هم ڪلاسي اهو چاهيندا هئا ته هُو پنهنجين فيئر ڪاپين جي مک صفحي تي سهڻن اکرن ۾ پنهنجو نالو شھزاد کان لکرائن. هڪ ڀيري ٿيو ڪجهه هيئن جو ٻن ٽن شاگردن کي سندن فيئر ڪاپين تي نالا لکي ڏيڻ بعد شھزاد اعلان ڪندي اهو اُصول رکيو ته هو سھڻي نموني سان صرف نالو لکي ڏيڻ جا ۵۰ پئسه ۽ رنگن سان وڏن اکرن ۾ نالو لکي ڏيڻ جو هڪ روپيو وٺندو. سندس اُهو اُصول صرف ٻه ڏينھن هلڻ ڏنو ويو ۽ اُنهن ٻن ڏينھن ۾ هن ڪافي پئسا ڪمائي ورتا هئا. پوءِ ڪلاس ٽيچر کي ڪلاس ۾ هلندڙ ان ”دڪانداريءَ“ جي خبر پئي ته سندس مداخلت سان شھزاد جو اهو ”ڪاروبار“ بند ٿي ويو. جنهن سان شهزاد به مايوس ٿيو ته اسانجا ٻيا هم ڪلاسي به مايوس ٿي ويا.

شھزاد ۾ ٻي حيرت انگيز خوبي اِها هوندي هئي، جو هو پرائمريءَ جي چوٿين درجي ۾ ئي ڪار ڊرائيو ڪرڻ سکي ويو هو ۽ اڪثر صبح جو اسڪول پاڻ ڪار ڊرائيو ڪري ايندو هو، جيڪا ڪار ساڻس گڏ آيل ڊرائيور واپس ڪاهي ويندو هو.

عملي زندگيءَ ۾ پير پائڻ کانپوءِ شھزاد سان منھنجون صرف ٻه يا ٽي ملاقاتون ئي ٿيون. ساڻس آخري ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ سنڌ ٽي ويءَ پاران موسيقيءَ جي پروگرامَ، ”وئائس آف سنڌ“ جي سليڪشن ٽيم سان گڏ ميزبان طور اسان جي دفتر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ آيو هو. اُن ڏينھن آفيس ٽائيم ۾ مون کي کڙڪ ئي نه پئي ته ڪو منهنجو ننڍپڻ جو يار شھزاد اسان جي آفيس ۾ آيل آهي، پر موڪل وقت جڏهن مان آفيس مان گهر ٿي ويس ته اٿارٽيءَ جي صحن ۾ ڏٺم ته ”وئائس آف سنڌ“ جا ڪيترائي اُميدوار شھزاد کي وڪوڙيو بيٺا هئا. مون سُري وڃي کيس ’شھزاد! ‘ چئي، پنھنجو ساڄو هٿ لوڏي، کيس هڪل ڪئي. بس! پوءِ ته يار کان جھڙوڪر هر شئي وسري وئي... مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائين ۽ پوءِ مختصر ئي صحيح، پر نه ڍاپجندڙ آخري گرم جوشيءَ واري ملاقات ڪري ورتي سين.

اسان جڏهن پنجون درجو پڙهندا هئاسين، تڏهن اسڪول ٽائيم کانپوءِ اسان جي اسڪالرشپ جي امتحان جي ٽيوشن جا ڪلاس پڻ روزانو اسڪول جي عمارت ۾ مغرب جي نماز تائين هلندا هئا. اهڙيءَ طرح صبح جو اُٿڻ کان سانجهيءَ تائين اسان اسڪول جي حوالي هوندا هئاسين. وري جڏهن اسڪالر شپ جا امتحان ويجها ٿيندا هئا، تڏهن جمعي جي موڪل واري ڏينھن تي به اسان جا ڪلاس ورتا ويندا هئا ۽ جمعي ڏينھن به اسان کي اسڪول وڃڻو پوندو هو. اهڙي عالم ۾ جڏهن رسيس ملندي هئي ته اُن رسيس واري ٽائيم کي اسان آزادي ۽ غنيمت سمجهندا هئاسين. اسڪول ۽ اسڪالرشپ ٽيوشن تان موٽ تي شھزاد ۽ مان جڏهن سڀاڻي وري ملڻ جو چئي موڪلائيندا هئاسين ته شھزاد اڪثر مون کي چوندو هو: ”قاضي! موڪلاڻي ڪھڙي! هي جيڪو رات جو پھر گهر ٿا وڃون، اِهو به ته ڄڻ رسيس آهي، سو رسيس ڪري، وري سڀاڻي اسڪول ملنداسين...“

پر اسان جو اُهو يار، جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ رات جي موڪلاڻيءَ کي به رسيس جو نالو ڏئي، وري صبح جو ٻيھر ملندو هو، سو ڪجھه ڏينهن اڳ، ۴ فيبروريءَ تي بنا موڪلاڻيءَ جي هڪ وڏي رسيس تي اُسهي ويو آهي..!!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا