شھزاد جتوئي
زندگيءَ جو ميلو ۽ موت
جي رسيس
ناصر مقصود گل
قاضي
نيٺ شهزاد جتوئي به
جوڙ ڇني ويو!
خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن
ملياسين ۽ ڪڏهن وڇڙياسين! شھزاد ۽ منهنجو ماضي اڃا ايترو پراڻو ڪونه ٿيو آهي! ڏئي
وٺي ڪي پنجٽيھه سال ئي ته گذريا هوندا! جو پوئتي نھاريان ٿو ته چاچي امداد جتوئيءَ
جي اڪيلي پٽ شھزاد، عبدالرحمٰن عارباڻيءَ، رياض جوکئي ۽ پاڻ کي پنهنجي استادَ،
سائين سڪندر علي خاصخيليءَ جي آڏو رکيل پھرين ڪلاس جي پھرين بئنچ تي ويٺل ٿو ڏسان.
اُتان ئي اسان ٻنھي (شھزاد ۽ منھنجي) پھرين شناسائي، تعليمي سفر سان گڏ، پروان چڙهندي
بهترين دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ٿي وڃي. پوءِ ته ننڍپڻ ۾ پڙهايون، چٽاڀيٽيون،
مقابلا، هڪ بئنچ تي گڏ ويھندي به تدريسي ڪمن ۾ مخالفت، شرارتون، فنڪشن، هلڪيون ڦُلڪيون
لڙايون، ڪِٽيون، ٻَڌيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه! ۽ اهو سلسلو لڳاتار ڏهه سال (پھرين درجي
کان مئٽرڪ تائين) هلي ٿو.