; سنڌي شخصيتون: رستم جتوئي

28 February, 2022

رستم جتوئي

رستم جتوئي

گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ - تنهنجي ياد جي وري آ وير

شهاب الدين جتوئي



دنيا جو وجود آئي کانپوءِ ڪيترا ئي ماڻهون آيا ۽ ويا، پر ڪي اهڙا به شخصيت هن دنيا ۾ پنهنجا نانءُ ڪمائي ويا. جيڪي ڪڏهن به مرڻا ناهن، اهي اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهندا اچن پيا. هڪ ته ادب، اخلاف، پيار، محبت ۽ ٻيون ان جون عوامي، سياسي، سماجي، يونين برادري لاءِ ڏنل قربانيون، خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن هونديون. عظيم انسانن مان کل مکڻو، يار ويس، دوستن جو دوست، رستم جتوئي به هڪ هو. جيڪو وڇڙيو آهي، مگر وسريو ناهي. جيڪي اچانڪ دوست رستم جتوئي (يونين اڳواڻ) ان سان گڏ دوست انور چنو ۽ وزير تاريخ ۾ موجود هئا. جيڪي ٽئي ڏوڪري کان ٽنڊو ڄام ويندي روڊ حادثي ۾ ۳۱ جنوري ۲۰۱۶ع دوران شهيد ٿي ويا هئا. جنهن جي خدمت، قربانين، محبت کان تازو ڪرڻ لاءِ ۳۱ جنوري کي سارنگ يار يونين پاران رائيس ريسرچ انسٽيوٽ ڏوڪري ۾ پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته دوستن جي محتلف آفيسن، هوٽلن، شهرن ڳوٺن ۾ يار ويس رستم جتوئي سان گهاريل گهڙيون ياد اينديون آهن ته کوٽ محسوس ٿيندي آهي. رستم جتوئي ته اسان سان گڏ آهي. ڇو ته ان ڪڏهن به دوستن کي وساريو نه هيو. سهارو ڏيئي هميشه ٻانهن ٻيلي ٿيندو رهيو، ۽ يارن دوستن جا مسئلا حل ڪرڻ توڙي دوستن کي ٺاهڻ ۽ دوستن جي حقن لاءِ انتظاميه توڙي ميڊيا فورم تي آواز اٿاريندي پاڻ ملهايو. ۽ ان جون يادون اندر کي ڪپين ڪورين ٿيون. ان کان سواءِ روشني به اونداهه نظر ايندي محسوس ٿيندي رهي ٿي. جئين ڀٽائي سرڪار چيو ته......!


اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،

ڳلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ پرين، لوءِ ڏٺي نه لهي.

جڏهن ته اسان جي سماج ۾سدائين بهترين ڪردار رکندڙ عظيم انسانن کي ياد رکندا آهيون، ڇو ته ڀلي اهي ڪهڙي شعبي ۾ ڇو نه پنهنجون خدمتون، ڪارناما، قربانيون ڏئي ويا هجن، جيئن ته استاد بخاري چوي ٿو ته...!

جو قوم جيئاري اهو جيئندو رهندو

جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو

مون کي تاريخ تقدير ڏني پڪ آهي

جو سنڌ جيئاري اهو جيئندو رهندو.....!

جڏهن ته زندگي جي سفر سان گڏ محبتن توڙي جدوجهد جو سفر جاري رکڻ دوران عوامي حقن لاءِ جاکوڙ جاري نظر ايندي آهي، ته ڀلي منزل ڪيڏي ڇو نه ڏور هجي حقن خاطر وڪڻ جهڪڻ واريون لالچون سڀ ذهن مان ٿڏي ڇڏيون آهن، ته منزل ضرور ماڻينديون جڏهن ته يونين اڳواڻ رستم ۽ ان جا دوست ويا پر ان جو ٻاريل مشعل راهه کي هموار ڪرڻ لاءِ ان جا دوست ان جون سالگرهيون يا ورسيون ملهائي سدائين ياد کي تازو ڪري رهيا آهن. جيئن شاعر چوي ٿو ته؛

اسان جي مئاسين سفر او ساٿي

ماڻينداسين منزل پنهنجي ڍول ڍاٽي

۽ جڏهن به ماضي ورق کي اٿلائبو آهي ته انسانن جي لازوال خدمتون ڪندڙ عظيم رستم جتوئي جهڙا انسان وساري نه سگهنداسون. شاعر چوي ٿو ته؛

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هجن،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.

جڏهن مڙس مانجهي مهمان جون ڪچهريون ياد اينديون آهن، ۽ سماج کي بگارڻ بدران سڌاڻ لاءِ ۽ ڏنل عظيم قربانيون ياد اينديون آهن، ته اتي رستم جتوئي جهڙي محنتي جاکوڙي محنتي ماڻهن جون يادون جيءَ کي جهوري وجهنديون آهن، ۽ دل ۾ الائي ڇو بي انتها کوٽ محسوس ٿيندي اٿم....! جيئن ته شاعر چوي ٿو ته....!

تو کان ٿيندي ڌار،

کلندي کلندي يار،

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري

هونئن به هن دنيا ۾ انسان اڌارو آيو آهي، هڪ ڏينهن وڃڻو آهي، تنهن ڪري رستم جتوئي ۽ ان جي دوستن وانگر اهڙا ته عظيم انسان بڻجو ۽ بي انتها انسانن جي ڪم اچون، جيئن اسان کي به دوستن وسارڻ بدران دلين ۾ هميشه قيامت کائين ياد رکندا اچن. جيئن ته شاعر چيو آهي ته؛

سپت ڀريا سپريم ڪپت ڪين ڪريو

ٿوري گهڻي ڳالهه تي ماڻهو وڃن مريو

تيسين قرب ڪريو، جيسي جيئرا آهيون جهان ۾.. ..!

No comments:

راءِ ڏيندا