; سنڌي شخصيتون: عمر گل ٻرڙو

28 February, 2022

عمر گل ٻرڙو

عمر گل ٻرڙو

هڪ سماجي شخصيت ۽ آدرشي انسان

گلشن چانڊيو



سنڌ جي سرزمين ڀاڳ ۽ بخت واري آهي جنهن پنهنجي ڪک مان ڪيترائي انمول انسان پيدا ڪيا آهن جيڪي هن ڌرتي تي انسانيت جو درد رکن ٿا ۽ انساني خوبين سان سرشار آهن، اهڙن آدرشي انسانن منجهه عمر گل ٻرڙو به هڪ آهي جنهن کي قدرت ڏات به ڏني آهي ته ڏانءُ به ڏنو آهي پاڻ باهمت، بافضيلت، باڪردار ۽ علم دوست انسان آهي جنهن لاءِ ايئن لکجي ته هو هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ڇو محمد عمر ٻرڙو تخلص عمر گل ٻرڙو جو تعلق قمبر شهر ضلعي قمبر شهدادڪوٽ سنڌ سان آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر حڪيم غلام صديق ٻرڙو جي گهر ۾ پهرين فيبروري ۱۹۸۲ع تي ڳوٺ بگو دڙو، تعلقو قبو سعيد خان ۾ جنم ورتو ۽ پاڻ شروعاتي پرائمري تعليم قمبر جي مين پرائمري اسڪول ۾ ورتي جنهن کانپوءِ ميٽرڪ قمبر هاءِ اسڪول ۽ انٽرميڊيئيٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر مان ڪيائين جنهن کانپوءِ گريجوئيٽ ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين ۽ گريجوئيٽ ڪرڻ کانپوءِ پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائين ۽ هن جي داخلا پنهنجي مرضي ۽ خواهش مطابق پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ٿي جتان هن ماسٽر پبلڪ ايڊمن ۾ ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ رهندو هو جتي هو پڙهڻ سان گڏوگڏ ٻارن کي ٽيوشن به پڙهائيندو هو ۽ يونيورسٽي مان تعليم پرائڻ کانپوءِ هن حيدرآباد ۾ نيشنل ۽ ملٽي نيشنل اين جي اوز ۾ گهڻو عرصو ڪم ڪيو جتي هن کي مختلف ادارن ۽ پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ گڏوگڏ وڪالت ۾ به دخلا ورتي ۽ هن وڪالت جي ڊگري به حيدرآباد جي سنڌ لا ڪاليج مان ڪئي جڏهن ته عمر گل ٻرڙو پنهنجي خيالن جو اظھارڪندي چيو ته مان اياز لطيف پليجو جي صحبت ۾ رهندي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي،  رسول بخش پليجو صاحب هن جي آئيڊيل شخصيتن ۾ شمار ٿين ٿا جنهن کان هو گهڻو متاثرٿيو، پاڻ تمام گهڻو محنتي ماڻھو ۽ سماجي ڪمن ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو آهي، هن ايل ايل بي ڪرڻ کانپوءِ وري ايم فل جو تحقيقي ڪم پنهنجي هٿن ۾ کنيو جنهن لاءِ ھن سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي.


جنهن مان ظاهر ٿيو ته هن کي اڳتي وڌڻ ۽ منزل تي پهچڻ جي جستجو هئي ۽ هو مسلسل محنت سان پڙهندو رهيو ۽ مختلف آرگنائيزيشن ۾ ڪم ڪندو رهيو جڏهن ته هن نيشنل، انٽرنيشنل ۽ يونائٽيڊ نيشن جي ادارن ۾ به ڪم ڪيو ۽ فلاحي ادارن سان گڏجي ڪيترا ئي ڪم ڪيا.

مون مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ هن کان ڪجهه سوال پڇيا ته اوهان نه صرف سماجي ورڪر آهيو پر ان سان گڏوگڏ وڪيل به آهيو ۽ ڇا اوهان وڪالت مان مطمئن آهيو ته هن چيو ته وڪالت هڪ تمام سٺو پيشو آهي ۽ اسانجو ڪم ئي مظلومن جو ساٿ ڏيڻ ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي ڇو ته وڪالت صرف پئسي ڪمائڻ جو نالو ناهي پر ظالمن سان مهاڏو اٽڪائڻو آهي ۽ قانوني طريقي سان دليلن سان رد ڪرڻو ھوندو آهي ته جيئن ڪنهن مظلوم کي انصاف وٺي ڏجي ۽ هن چيو ته مان ڪيترن ئي غريبن جا ڪيس مفت ۾ به کڻندو آهيان ۽ انهن کي انصاف وٺي ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان. هن کي انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۽ بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ايوارڊ به ملندا رهيا آهن ۽ يوٿ افيئر اسپورٽ ڊپارٽمينٽ، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ طرفان انساني همدردي ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ايوارڊ ماڻيا جيڪي هن جي ڪارڪردگي جو چٽو آئينو آهن، هن جو چوڻ آهي ته جڏهن اسين اين جي اوز جي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين ته انساني حقن جي حوالي سان هندن جي ڌرمشالائن تي حملن ڪرائڻ ۽ هندن جي مقدس جڳهين کي نقصان رسائڻ جي انساني همدردي جي ناتي انتهاپسندي جهڙن عنصرن جي مذمت ڪئي جنهن لاءِ هن کي مذھبي تنظيمن طرفان ڌمڪيون به مليون ته انساني حقن لاءِ ڪم ڪيو پر هندن لاءِ حمايت نه ڏيکاريو، جنهن کي هن رد ڪندي انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪيو ۽ سول سوسائٽي جي مدد سان هندن سان يڪجهتي ڏيکاري،  هونئن پاڻ مذھبي خيال جا ماڻھو به آهن ۽ دنيا جي مذھبن جو قدر ۽ احترام ڪندا آهن ڇو ته دنيا جي ڪنهن به مذھب ۽ فرقي ۾ انتهاپسندي ناهي ۽ نه ئي دنيا جا مذھب ۽ مسلڪ اهڙي نفرت جو درس ڏين ٿا ڇو ته هن ڌرتيءَ تي جيڪي به انسان رهن ٿا انهن جا مذھب، ريتون، رسمون، سوچون، خيال مختلف آهن پر انسانيت جو قدر ڪرڻ اسانجي مٿان فرض بڻجي ٿو

جڏهن ته عمر گل ٻرڙو شاگردي واري زماني ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم رهيو. هو سپاف سان وابسته رهيو، هن کي سياست سان به تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ چوندو آهي ته سياست هڪ عظيم پيشو آهي پر سياست جو اصل مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي. سياست جي ذريعي انسانيت جي خدمت ڪري سگهجي ٿي جيڪا حقيقت آهي پر اسان وٽ سياستدانن سياست کي پنهنجي ميراث سمجهي سياست کي موروثي سمجهي پنهجي خاندان تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سياست جو مقصد ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ اوسر لاءِ ڪم ڪرڻ آهي پر اسان وٽ پارٽين جو منشور عوام کي ڪولاڀ نه ڏئي سگهيو آهي جڏهن مون هن کان پڇيو ته اوهانجي پسنديده شخصيت ڪهڙي آهي ته هن چيو ته منهجي پسنديده شخصيت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه آهي ۽ محترمه واقعي هن ملڪ جي سياستدانن ۾ مقبول اڳواڻ آهي جيڪا ملڪ جي ماڻھن جي پسنديده ليڊر هئي ۽ ان ۾ قائدانه صلاحيتون هيون.

عمر گل ٻرڙو سماجي ڪارڪن ۽ وڪالت جي پيشي کان علاوه ادب سان به شوق رکي ٿو ۽ گل ڦل ٻاراڻي ميگزين ۾ به لکندو هو ۽ ٻالڪ ادب ۾ به سرگرم رهيو جنهن لاءِ هن کي ايوارڊ به مليو ۽ پاڻ اين جي اوز جي طرفان آمريڪا جو ٽوئر به ڪري آيو آهي جتي هن آمريڪا جي ڪجهه رياستن جي وزٽ ڪئي ۽ اتي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ ۽ ٽوپيون انگريزن کي سوکڙي طور ڏنيون ۽ سنڌ جي نمائندگي ڪئي، عمر گل ٻرڙو پنهنجي شهر جي سياسي ۽سماجي ڪمن به اڳڀرو هوندو آهي ۽ هو طبيعت ۾ صوفي مزاج ماڻھو ۽ انسانيت سان بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ ذات پات جي محبت ڪندو آهي ۽ هو اين جي اوز جي شعبي ۾ پڻ سٺي ساک ۽ سڃاڻپ رکي ٿو. ان کان علاوه پنهنجي وڪالت کي به ٽائيم ڏئي ٿو ۽ بار ايسوسيئشن جي اليڪشنن ۾ به متحرڪ هوندو آهي. جڏهن ته هو پيپلز لائير فورم جو به ميمبر آهي ۽ يوٿ افيئر ڪاميٽي طرفان ضلعي قمبر جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هو نوجوانن لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ سماجي ڪمن ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، اسان وٽ سماج جي اندر وڏو ٽيلينٽ موجود آهي جنهن کي پذيرائي ملڻ کپي ۽اهڙا نوجوان اسان جو سرمايو آهن جيڪي مختلف قابليتون ۽ ذهانتون رکن ٿا. مون کي اهڙن سنڌ جي نوجوانن تي فخر آهي جيڪي هن ملڪ جونالو روشن ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهن ٿا۔ عمر گل ٻرڙو کي سنڌ جي شعور ۽ ساڃاهه طرفان کوڙ ساريون مبارڪون، محبتون ۽ نيڪ تمنائون ڏجن ٿيون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۴ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا