; سنڌي شخصيتون: غلام حسين سچاروي

06 February, 2022

غلام حسين سچاروي

غلام حسين سچاروي

سچل کان سُچارويءَ تائين

ارباب نيڪ محمد



ساڳين صفحن تي غلام حسين سچاروي جا ليک ته پاڻ پڙهندا رهون ٿا، اڄ ساڻس هم ڪلامي به ڪري ٿا وٺون. عنوان تي آئون سر تا پا قائم آهيان. موصوف ستن ٻولين عربي، فارسي، اڙدو، سنڌي، ڪاڇي ۽ ڍاٽڪي لهجي وارين ٻولين تي اکر اکر عشق جھڙا شعري مجموعا آڇي چڪو آهي. اڌ صدي دوران همراهه سان علمي ڪچهرين جا سوين موقعا مليا اٿم، هي پورهيت اديب پهرين مئي (مزدورن جي ڏينهن) تي پيدا ٿيو هو. تڏهن نڪا ورهاڱي جي نتيجي ۾ هندستان-پاڪستان آزاد ٿيا هئا، نڪو وري برٽش ايمپائر جي ناجائز قبضي مان ٽين دنيا جا ملڪ سوراج ماڻڻ جھڙا ٿيا هئا. ها، سو سائينءَ کي چوان البت ساڳين ڏينهن ۾ سنڌ ممبئيءَ جي پنجوڙ مان آزادي ضرور ماڻي هئي. “الوحيد” جو سنڌ آزاد نمبر سندس ڪتب خاني ۾ سون جيان سانڍيل آهي. موصوف ڏهاڪو سال برٽش سرڪار جي توسيع پسنداڻي تسلط ۾ گذاريا ته ٻه سال کن هندستان جي بريلي ۽ ميرٺ جھڙين جيلن ۾ ترم ياترائي ڪندي احمد رضا بريلوي ۽ اسماعيل ميرٺي پارن جا شعر پڙهي ڀوڳنائن کي شاعراڻي شهه سان شرمسار به ڪندو رهيو آهي.


ٻڍي خان جو هي ٻالڪ، قسمت سانگي ڪاهوءَ جي دڙي ڏانهن ڪاهي آيو ته ڪاڇو هن جي ڪميت ڪڏائڻ کان محروم رهجي ويو. البت کيس ميرپورخاص ۾ امرت سر جا رهاڪو لطيفان بيگم ۽ عبداللطيف گانڌي وڪيل مدر-فادر ان لا.. طور ميسر ٿيا، جيڪي ضلعي لوڪل بورڊ جي ميٽرنٽي هوم کي هلائڻ لاءِ سندس پيدائش (۱۹۳۷ع) واري سال، اوڀر پنجاب مان لڏي اچي ٿرپارڪر جي ضلعي هيڊڪوارٽر جا مڪين ٿيا هئا. اسڪولي ۽ ڪاليجي تدريسي عمل ۾ ۱۲ سال خدمت سرانجام ڏيڻ کان پوءِ آرمي ايجوڪيشن ڪور ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور ڀرتي ٿيا. ليفٽ ۽ رائيٽ جي مفڪرن کي دل سان پڙهڻ کان پوءِ سندس نظم نثر جو مرڪزي موضوع “اکڙيون ميگھه ملهار، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو” واري لطيفي لائين بڻي. عاشقن کان امام بُوصيري عنقا پکي جيان ڪڏهن به ناهي وسريو. ڪامريڊ سبط الحسن ضيغم پنجابي ٻولي جو درديلو شاعر هو. هن پنجابي شاعرن جو اهو سمورو ڪلام سهيڙڻ جو ڳرو بار پنهنجن ڪلهن تي کنيو جن امام بوصيري جي “قصيدي بُردي شريف” جا ناياب نسخا ترتيب ڏنا هئا.

امام صاحب دنيا جهان جي اميرن ڪبيرن جا قصيدا پيو لکندو هو، اوچتو کيس موذي مرض وڪوڙي ويو. هن آخري نبي سڳوري جي شان ۾ فقيد المثال طويل قصيدو لکيو. کيس مرض مان نجات ملي. اڄ به دنيا جا لکين ڪروڙين عاشق هن سڪ واري سلامن تي مشتمل رسالي کي وظيفي طور جھونگاريندا آهن. اڍائي سؤ صفحن تي اهو محبت نامون، سچاروي صاحب سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ پلٽائي مولودي محفل جو مک مهندار نعت گو بڻيو آهي. حضرت حسان بن ثابت جو هي روحاني ٻالڪو عاشقي جي ميدان ۾، آداب رسول (ﷺ)، معراج النبي ۽ موتي مڻيادار جھڙا هيرا موتي لکي، پنهنجي خرچ تي اشاعت جي زيور سان آراستو ڪري چڪو آهي. ولي محمد وفا پلي کان ڪنهن پڇيو ته؛ نعت بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟ موصوف محبوب سروري جون اهي سٽون اوڌاريون آڻي پنهنجي قلبي ڪيفيت بيان ڪيائين:

وصف ان جي لکڻ وقت ٿا هٿ ڏڪن،

لفظ تعريف جي لئه ڪٿان آڻجن،

استعارا ۽ تشبيهون ناقص لڳن،

ڳالهه يڪراءِ ڪئي ٿي شاعرن،

نعت گوئي جو مشڪل کان مشڪل آ فن،

منهنجي محبوب جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن!

جام ڪوثر ۽ موتي مرجان هجن يا گلزار حبيب ۽ آب ڪوثر، سوز ساز جا نغما هجن يا حضرت موليٰ علي مشڪل ڪشا جي نظامِ حڪومت بابت ريسرچ، سندس ڏهاڪو کن ڪتاب سنڌ جي علمي دنيا ۾ نشانبر رهڻا آهن، پر هن قرآن پاڪ جي تفسير ۽ مولانا جامي جي “لوائح” تي جامع ۽ مانع ريسرچ ڪري ثابت ڪيو آهي ته اڄ به سنڌ ۾ علمي سمنڊ جي سيوا ڪندڙ سرجڻهار موجود آهن. همراهه کي الاهي ساري اڻ تڻ آهي ته ڪيئن به ڪري “اسلامي تصوف” جا سر بستا راز سلڻ وارا اهي جُلد ترت منظر عام تي اچن ۽ ڪو معياري ادارو “لوائح جامي” وارو صوفياڻو پستڪ اشاعت جي مرحلن مان پار ڪري ته پنهنجي پئون ٻارهان ٿي پوندي. چيومانس ته نبي سر شهر جو مظهر لغاري جو پاڙيسري نيڪڻ فقير دلڳر به عبدالرحمان جامي جي پلاٽ تي طبع آزمائي هن ريت ڪري ويو آهي:

ناقصم ناچيزا حقر،

گناهه گار م سرمسار،

نيڪ محمد نام، نادان،

يا محمّد الغياث.

نوي سالن جو هي نوجوان اجھو “باطن” تخلص واري هن شاعر جي جوءِ ۾ تشريف فرما ٿيڻ وارو آهي. هن آفتاب ڄاموٽ جي ساٿ سان “آفتاب ادب” وارو فورم سالها سال تائين متحرڪ رکيو. ڊاڪٽر بلوچ، مظهر صديقي، گل حسن لغاري، در محمد ڀٽي ۽ گل عمراڻي پاران اورنٽيئل لينگويج سان دلچسپي رکندڙ انيڪ دوست لطيف آباد حيدرآباد ۾ تواتر سان شريڪ محفل ٿيندا هئا، سندن موضوع هئا قلندري رنگ ۾ رنگيل پوءِ:

منم عثمان مروندي،

ڪه يار شيخ منصورم،

ملامت مي ڪند خلق،

ومن بر دار مي رقصم،

جھڙين سٽن تي پيا طبع آزمائي ڪندا هئا.

مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي سندس فرزند ارجمند آهي، جمال عبدالناصر جي حڪومت ۾ تعليم کاتي جو وزير نابينو طهٰ حسين نالي وارو اسڪالر قسم جو ماڻهو هو. اسان جي تر جو ڪاٽڪو وريام نوحاڻي به دوڏن کان محروم آهي پر مٿس ستر کن چوريءَ جا ڪيس درج ٿيا، جڏهن ته مصري وزير جي کاتي ۾ ستر کن ڪتاب لکڻ وارو ڪارنامو لکيل آهي. انجمن غلامان قلندر جو باني فقير احمد علي قريشي مرحوم هجي يا تڪبير رسالي جو ايڊيٽر محمد صلاح الدين، ڊاڪٽر اسرار هجي يا ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، مولانا قاسمي هجي يا پير ايراني بزرگ، موصوف پاڪستان جي نامي گرامي محقق ليکڪن ۽ صوفين جي سٿ جو آخري سپاهي آهي، جنهن کي ستن ٻولين تي دسترس سان گڏ حالات حاضره تي به ڪمانڊ حاصل آهي. کيس همڪلامي ڪندي عرض ڪري پيو سگھجي ته اوڀر پاڪستان جي عليحدگي اوهان اکين سان ڏٺي آهي، اوهان مرڪزي وزارت تعليم جا مشير به رهيا آهيو (فارين اسٽوڊنٽس لاءِ) اوهان اعزازي مئجسٽريٽي کان ويندي سنڌي ادبي سنگت، فاران ڪلب انٽرنيشنل، سگا ۽ لطيف سوسائٽي جھڙا ادارا به هلايا آهن، سنڌ اوهان جي تجربن، مشاهدن ۽ وهي واپري وارن مامرن بابت حال احوال ٻڌڻ جي “مُشتاق” آهي.. سچل کان سچاروي تائين هفت زباني مهارت مهراڻ ماٿري جي ماٿي جو جھومر آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



غلام حسين مشتاق سچاروي

نامور اديب غلام حسين ’مشتاق‘ سچارويءَ جو پورو نالو غلام حسين ولد رئيس ٻڍو خان آهي. هي ۱۰ مئي ۱۹۳۷ع تي ڳوٺ شهداد خان برهماڻي، پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، سنڌي فائنل امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ هن سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ايم اي (عربي)، ايم اي (اردو) ۽ ايل ايل بي جون سنَدون حاصل ڪيون. هيءُ عربي، فارسيءَ جو عالم، فاضل آهي. ڏهه سال هاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ استاد رهيو، ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۸ع تائين پاڪستان آرميءَ جي ڪئپٽن جي عهدي تان ميڊيڪل گرانٽ تي رٽائر ٿيو.

انهيءَ دوران فيڊرل ايجوڪيشن منسٽريءَ ۾ اسسٽنٽ ايجوڪيشن ايڊوائيزر ۽ فاريس اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر طور ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪيائين.

ڏهه سال ميرپورخاص ۾ فرسٽ ڪلاس اعزازي مئجسٽريٽ رهيو، انهيءَ دوران سنڌ گريجوئيٽ ميرپورخاص، فاران ڪلب انٽرنيشنل ميرپورخاص، لطيف ڪائونسل، روٽري ڪلب ميرپورخاص، ڊسٽرڪٽ ڊس ايبلڊ ۽ ريهيبليٽيشن سينٽر ميرپورخاص ۽ هلال احمر جهڙن ادارن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو. پبلڪ اسڪول ميرپورخاص جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ڪيترين سماجي تنظيمن جو ميمبر رهيو. ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۸ع تائين روزاني اخبار ’سرواڻ‘ جو چيف ايڊيٽر رهيو. ۱۹۹۰ع کان هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي.

هن جي لکيل ڪتابن ۾: ’جام ڪوثر‘، ’آب ڪوثر‘، ’موتي مڻيادار‘، ’اکـر اکـر عـشـق‘، ’مـوتـي مـرجـان‘، ’گلـزار حبيـب‘، ’سـوز سـاز جا نغمـا‘، ’صحيفه عشق سنڌي‘ شامل آهن. ان کانسواءِ نثر ۾ ’آداب رسول الله صلي الله عليه وسلم‘، ’معراج النبي صلي الله عليه وسلم‘، ’حضرت علي عليه السلام جو نظام حڪومت‘، ’لوائح جامي جو منظوم ۽ نثري ترجمو‘، ’اسلامي تصوف‘ ڪتاب شامل آهن. ان کانسواءِ هي ’انجمن آفتاب ادب حيدرآباد‘ جو جنرل سيڪريٽري به آهي.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)


خوشگوار يادون

غلام حسين مشتاق سچاروي

سنڌ جي سنهري دور جي خوشگوار يادن سان، اڄ مان پنهنجي پڙهندڙن کي شريڪ ڪرڻ گهران ٿو ته جيئن اسان جو باشعور طبقو، ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال ۽ مستقبل کي سنواري سگهي. اردوءَ جي شاعر ته چيو آهي؛

ياد ماضی عذاب هے يا رب،

چھين لے مجھ سے حافظہ ميرا.

پر ڀٽائي گهوٽ، مارئيءَ جي زبان ۾، ماضيءَ جي قيد و بند جي ڏکين ڏينهن کي به سٺن لفظن ۾ ڀيٽا ڏيندي چوي ٿو ته؛

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾.

ماضيءَ جون ڪاميابيون ۽ ڪوتاهيون مستقبل کي اجارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هونديون آهن. ان ڪري انهن کي وسارڻ معنيٰ پنهنجي حال ۽ مستقبل کي ميسارڻ برابر هوندو. فارسي جو شاعر چوي ٿو.

تازه خواہی داشتن گر داغہائے سينه را،

گاہے گاہے باز خواہی قصه پارينه را

جيڪڏهن تون پنهنجي سيني جي سانڍيل سورن کي تازو ڪرڻ گهرين ٿو ته پوءِ تون پنهنجن پراڻن قصن ڪهاڻين ۽ واقعن کي وري وري ياد ڪر. (ترجمو)

علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو. مشتاق گرماني ويسٽ پاڪستان (اڄ جو پاڪستان) جو گورنر ۽ يونيورسٽين جو چانسلر هو. لاهور کان حيدرآباد اچي رهيو هو. سو ڪمشنر حيدرآباد کي چيائين ته هو هن دوري دوران علامه آءِ آءِ قاضي سان به ملڻ گهري ٿو ۽ سندس اها خواهش علامه قاضي تائين پهچائي وڃي. گورنر صاحب سرڪاري مصروفيتن کان فارغ ٿي، ڪمشنر کان پڇيو ته ڇا علامه قاضي صاحب کي اطلاع آهي. ڪمشنر وراڻيو ته هائو مون پاڻ علامه قاضي صاحب کي ٻڌايو پر هو نه آيو آهي. گورنر مشتاق گرماني، ڪمشنر واتان اهڙا لفظ ٻڌي آپي کان ٻاهر ٿي ويو ۽ ڪمشنر کي تنبيهه ڪندي چيائين ته ڇا تو قاضي صاحب کي هت گهرائڻ جو چيو هو؟ گرماني ته علامه آءِ آءِ قاضي جي قدمن ۾ ويهي سعادت حاصل ڪرڻ گهر ٿو. تو هي بيهودگي ڇو ڪئي.؟ هينئر جو هينئر وڃ علامه قاضي صاحب کان معافي وٺ ۽ منهنجي پاران گذارش ڪر ته گرماني ڪهڙي وقت حاضري ڀري.؟

هي هيو سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جو مان، جو سندس چانسلر ۽ گورنر به سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ آتا هئا.

پر ڪالهوڪي ڳالهه به ٻڌو.

سنڌ جي هڪ وڏي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ وزير جو نوجوان پٽ، جيڪو گريجوئيٽ به مس هوندو، سو يونيورسٽي گهمڻ آيو. يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر، سينيئر پروفيسرن ۽ ڊين آف فئڪلٽي سان گڏجي، پنهنجي آفيس کان فرلانگ کن پري حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي بيهي کيس گلن جا هار وڌا، اجرڪ پارايا، استقبال ڪيو ۽ پيادو هن جي پٺيان هلي، کيس پنهنجي آفيس آندو ۽ چون ٿا ته هو وائيس چانسلر جي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ وائيس چانسلر ۽ پروفيسر هن جي سامهون باادب ڪرسين تي براجمان رهيا.

حيدرآباد جي مشهور وڪيل ڀائرن نعمت الله قريشي، احمد قريشي جو بزرگوار ۽ ڪرنل اڪرم قريشي جو والد ايف ڊي قريشي صاحب لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو. قاضي فضل الله سنڌ جو وزير اعليٰ هو. وزيراعليٰ لاڙڪاڻي آيو. اسڪول جو معائنو ڪيو ۽ هاسٽل گهمڻ جي خواهش ڏيکاري. هاسٽل گهمڻ بعد، ايف ڊي قريشي صاحب کي چيائين ته هاسٽل جو فلاڻُو گول ڪمرو خالي ڪرائي، فلاڻي شاگرد کي ڏيو. قريشي صاحب وزير اعليٰ کي چيو ته اهو منهنجو حق مرضي آهي ته مان ڪنهن کي ڪهڙو ڪمرو الاٽ ڪريان. اوهان جي سفارشيءَ کي اهو ڪمرو تيستائين نه ملندو، جيستائين ايف ڊي قريشي هيڊ ماستر آهي. هي هئي هڪ هيڊ ماستر جي خودداري، جنهن وزير اعليٰ جي ناجائز مداخلت کي ٿڏي ڇڏيو. اڄ ته اسان جا وائيس چانسلر ويچارا اسيمبلي ميمبرن ۽ انهن جي رشتيدارن جا دڙڪا کائين ٿا يا گورنر ۽ وزير اعليٰ جي آفيس ۾ پي اي ۽ سيڪشن آفيسرن آڏو انتظار ۾ ويهن ٿا.

ڊاڪٽر غلام حسين جعفري سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد جو پهريون چيئرمين هو. سندس اڪيلو اولاد، هڪ نياڻي ميڊيڪل گروپ انٽر سائنس جو امتحان ڏئي رهي هئي. ٻه چار مارڪن تان ميڊيڪل ۾ وڃڻ کان رهجي پئي. ٻه ٽي ڀيرا ڪوشش ڪيائين، مگر ڪامياب نه ٿي سگهي. سندس والد جيڪو چيئرمين آف بورڊ هو تنهن کيس چيو ته جعفري تنهن جي ڪا به مدد نه ڪندو. جيڪو ڪرڻو اٿئي پاڻ ڪر. آخرڪار هن ميڊيڪل ڇڏي، ايم اي ڪيو. پر اوهان کي معلوم هوندو ته هينئر انهي بورڊ ۾ پئسن تي پوزيشن ۽ گريڊ ملن ٿا.

نه رڳو اهو پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو هڪ نيڪ صورت باريش بزرگ چيئرمين هو جنهن جي مدد سان وڏن آفيسرن جا اسسٽنٽ ڪمشنر جي امتحان ۾ فيل ٿيل پٽ ڪامياب ڏيکاريا ويا ۽ ڪامياب شاگردن کي فيل ڪيو ويو ۽ اڄ به اهو ئي حال آهي.

مون کي ياد آهي ته ۱۹۶۸ع دوران مان ويسٽ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي سپرنٽينڊنٽ جيل جي امتحان ۾ ويٺو هوس. آءِ يو خان، پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين هو. مان سپرنٽينڊنٽ جيل جي ٻن جاين مان هڪ تي ڪامياب ٿيو هوس. فدا محمد خان، ان وقت ويسٽ پاڪستان جو گورنر هو، جنهن پبلڪ سروس ڪميشن ويسٽ پاڪستان جي چيئرمين کي چيو ته (گورنر صاحب) جي ناٺي کي منهنجي جاءِ تي چونڊيو وڃي. مگر آءِ يو خان چيئرمين پبلڪ سروس ڪميشن ويسٽ پاڪستان کيس انڪار ڪري ڇڏيو. مان هن رزلٽ اچڻ کان اڳ آرمي ۾ ڪميشنڊ آفيسر چونڊجي ويو هوس جنهن ڪري آرمي ڇڏي نه سگهيس.

هن کان اڳ، سال ۱۹۶۵ع ۾ مون ايم اي عربي گولڊ ميڊل ۽ سلور ميڊل حاصل ڪري پاس ڪيو هو. ليڪچرار شپ لاءِ حيدرآباد ريجن جي ڊائريڪٽر بي ڪي شيخ صاحب کي روبرو درخواست ڏني. جنهن ان وقت جي آفيس سپرنٽينڊنٽ محمد علي صاحب کي گهرائي چيو ته؛ هن جو آرڊر ڪڍو. محمد علي صاحب وراڻيو ته ٽن ڏينهن ۾ انٽرويو رکيل آهن. هي اميدوار به ان ڏينهن اچي ته پوءِ آرڊر ڪڍنداسون. پر ڊائريڪٽر کيس چيو ته؛ هي فرسٽ ڪلاس فرسٽ گولڊ ميڊلسٽ ۽ سلور ميڊلسٽ آهي. هن کان وڌيڪ ڪو به ڪو نه ايندو. ان ڪري اڄ ئي هن جو آرڊر ڪڍو.

اهو هو ان وقت ميرٽ جو قدر. اڄ ڪلهه ته اسان وٽ پٽيوالو، سپاهي، داروغُو، پرائمري استاد به اٺ ڏهه لک ڏيڻ کانسواءِ نوڪري نٿو وٺي سگهي.

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلئي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

علامه عمر بن محمد دائود پوٽه هڪ نامور اداري طرفان تحقيقي ڪم ڪري رهيو هو. جنهن لاءِ کيس ماهوار معاوضو ڏنو ويندو هو. هڪ ڀيري کيس مهيني جا پئسا موڪليا ويا ته هن اهي پئسا ان ڪري موٽايا ته هن اڌ مهينو پنهنجي ذاتي ڪم تي لڳايو آهي، ان ڪري صرف اڌ مهيني جي رقم ڏني وڃي. اهڙو ساڳيو معاملو علامه آءِ آءِ قاضي کي به پيش آيو. پاڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو پنهنجي ذاتي دوري تي لنڊن ويو ان وقت کيس يونيورسٽي جي انتظاميا سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڪجهه ضروري شيون وٺي اچڻ جو چيو. علامه صاحب اهي شيون لنڊن مان وٺي آيو. يونيورسٽي انتظاميا کيس انهن شين جي قيمت سان گڏ، لنڊن اچڻ وڃڻ جو خرچ ملائي چيڪ موڪليو. علامه صاحب اهو چيڪ يونيورسٽي کي واپس ڪيو ۽ چيائين ته مان ذاتي ڪم سان لنڊن ويو هوس ان ڪري ٽي اي ڊي وغيره منهنجو حق ناهي. رڳو آندل شين جي رقم ورتي، جيڪو صرف خريداري جو ملهه هو.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين.

جيڪي جيءُ جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاھ)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)





غلام حسين سچاروي

سنڌ جو ھيرو به ستار العيوب ڏانھن سڌاريو

ارباب نيڪ محمد

خيرپور ناٿن شاهه جي ڀرسان موجود سچاري ڳوٺ ۾ ٻڍي خان جي گھر ۾ ھي ھيرو ھڪ سئو سال کن اڳ ھن فاني دنيا ۾ نموندار ٿيو، جنھن کي دنيا ڪپتان غلام حسين سچاروي جي نالي سان سڃاتي ٿي. ھن سنڌي، اردو، فارسي، عربي انگريزي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ايتري ته جامع ۽ پختي شاعري ڪئي آهي، جنھن کي سندن فرزند داڪٽر طٰہٰ حسين علي ۽ پروفيسر سعد جھڙا سيبتا ۽ والدين جا فرمانبردار پٽ `ڪليات سچاروي` جي نالي سان ڇپرائڻ ۽ ان املھ مواد کي پي ڊي ايف سميت جديد ٽيڪنالاجي جي ميدانن ۾ متعارف ڪرائين ته ھي شاعر رابندر ناٿ ٽئگور، قاضي نذر الاسلام، حفيظ جالنڌري ۽ فيض احمد فيض سان ڪلھي گس ڪندي نظر ايندو. نيڪن فقير جي ساڻس عقيدت مندي اڌ صديءَ تي ٻڌل آهي.

نصف صدی کا قصہ ہے

دو چار برس کی بات نہیں

ڪپتان صاحب شيخ سعدي شيرازي جي ھن بيت جو ھوبھو عڪس ھو:

تمتع زھر گوشہ ئے یافتم

زخرمن خوشہ ئے یافتم

ھن عربي ۽ فارسي ۾ مستند عالمن کان ديني مدرسن اندر محنت ڪري عبور حاصل ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سميت ايم ايل بي ۽ مولوي, مولوي علم ۽ مولوي فاضل جون ڊگريون امتيازي نمبرن سان ماڻيون. قسمت ھن کي ميرپور خاص کڻي آھي ۽ ھو ايس ايل ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. سندس عقد عبداللطيف گانڌي ايڊووڪيٽ ۽ محترمه لطيفان جي داناء دختر نيڪ اختر سان ٿيو. کيس ٻہ پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. سندس نياڻي سمن مير جي افسوسناڪ حادثي کانپوءِ سندس زندگي جا آخري ڏھ سال شيخ اياز جيان تصوف، روحانيت ۽ علمي تحقيق ڏانھن گامزن رھيا، جنھن ۾ ھن اٺن جلدن تي ڪلام الله شريف جو جامع تفسير لکي سنڌ ۾ فن تفسير جي اندر پنھنجو نالو سونن روپن لفظن ۾ لکرائي ڇڏيو. خاص خوبي ھن تفسير جي اھا آھي ته منجھس سوين بيت مولانا رومي مولانا سعدي، ڀٽ ڌڻي بادشاهه ۽ شاعر مشرق علامه اقبال جا ڪم آندا اٿس. اھڙو تجربو ھاڪاري عالم آغا يعقوب پنھنجي پنجن جلدن تي مشتمل انگريزي تفسير ۾ ڪامل دسترس سان اڄ کان پنجاهه سال اڳ ڪيو ھو. انھيءَ صف ۾ سنڌ جو سرتاج الشعراء حاجي احمد ملاح مرحوم `نور القرآن` جي نالي سان غيرمعمولي محنت ڪري سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ھو، جنھن کي حاجي الھجوڙئي ارباب ڇپرائي بنا مٺائيءَ جي مفت ۾ ورھايو ھو. ارباب صاحب جو ڀائيٽو ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، سچاروي مرحوم جو تلميذ رشيد رھيو آھي.

سال ۱۹۶۸ع ڌاري پاڪ آرمي جي تعليمي شعبي ۾ ڪيپٽن جي رئنڪ تي سرفراز ٿيو ۽ سندس ڊيوٽي مشرقي پاڪستان ۾ لڳي. موصوف ايسٽرن ڪمانڊ جي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل صاحب زادہ يعقوب خان جو تقابل اديان ۾ اتاليق رھيو ۽ سترنھن ٻوليون ڄاڻيندڙ ھن جنرل کي سچاروي صاحب جي استادي ۽ صلاحڪاري تي فخر رھيو. پوءِ ۹۰ ھزار جنگي قيدين سان گڏ سچاروي صاحب به مدراس ۽ ميسور جي جيلن ۾ اذيتون ڀوڳي شملي معاھدي کانپوءِ وطن واپس موٽيو. ھن جون ڊائريون ۽ آتم ڪهاڻيون گڏ ڪجن ته اھا معلومات جوش مليح آبادي جي جڳ پڌري ڪتاب یادوں کی بارات کان به گوءِ کڻي وڃي. ھن جو خاص موضوع سھڻي سردار سان عشق ھو. معراج النبي، آداب رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم امام بوصيري جي `قصيدي بردي شريف` جھڙي منفرد عربي جي مولود شريف کي سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويء جھڙي ٽن سئو ڪتابن جي مصنف پاران جوڙيل عربي نعت شريف جو پڻ سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ سلوڻي ۽ عام فھم ٻوليءَ ۾ منظوم شڪل ۾ پلٽائڻ سميت سندس پندرهن کن ڪتاب قيامت تائين نبي سڳوري جي عاشقن لاءِ خوشگوار خوراڪ فراھم ڪندا رھندا. موصوف ميرپورخاص ۾ ڏھ سال اعزازي ميجسٽريٽ رھيو ۽ ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران حفيظ پيرزادي جھڙي نامياري ليڊر ۽ وفاقي وزير تعليم جو ايڊيوڪيشنل ايڊوائيزر جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر اسرار احمد تڪبير جي ايڊيٽر مولانا صلاح الدين شھيد ۽ سنڌ جي سر موڙ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جھڙن ملڪ گير شھرت يافتہ اسڪالرن کي گھرائي تحقيقي موضوعن تي تقريرون ڪرائيندو هو. سگا جو ميرپورخاص ۾ فائونڊر صدر رهيو ۽ روشن تارا اسڪول کي پنھنجي خرچ سان ھلائيندو ھو. ميرپورخاص ۾ پبلڪ اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ موصوف ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد ھاشم ميمڻ جھڙي ديانتدار آفيسر سان ٻانھن ٻيلي رھيو. مير آچن مرحوم کان ويندي خانصاحب عبدالڪريم پلي تائين ۽ رئيس خير محمد خان ڀرڳڙي کان ويندي قاضي فيض الله ساند تائين سنڌ جي ھڏڏوکي زميندارن کان ٽي سئو ايڪڙ قيمتي زرعي زمين عطيي طور حاصل ڪيائون ۽ سنڌ جي جڳ پڌري اسڪالر ڊاڪٽر وڏل شاهه شھيد جي نگرانيءَ ۾ ڪيمسٽري اندر سنڌ يونيورسٽي مان پھرين ڊاڪٽريٽ حاصل ڪندڙ مشھور تعليمدان ڊاڪٽر شريف ميمڻ کي پي ڊي ۽ پرنسپال مقرر ڪرائي اسڪول جو نالو حيدرآباد ۽ سکر جي پراڻن پبلڪ اسڪولن واري معيار مطابق بيهارڻ ۾ ڪامراني ۽ ڪاميابي حاصل ڪرايائون. سندن فرزند ڊاڪٽر طحہ حسين علي وائيس چانسلر مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي به ھن اسڪول جو ھونھار طالب علم رھيو آھي، جنھن کي چار اکر پڙھائڻ جو شرف نيڪن فقير جي کاتي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. سچاروي صاحب توھان ته ھليا ويا پر توھان جو علمي ۽ سماجي پورھيو صدين تائين سنڌ جي علمي فضا کي معطر ڪندو رھندو.

دل پريم نگر ڏانھن تانگھي،

جٿان دي پينڊي سخت اڙانگي،

نان راھ فريد نان لانگھي،

ھئي پنڌ ٻھون مشڪل دا

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا