ھادي ڀٽ
ايئن نه مرنداسين او ساٿي!
ايڊووڪيٽ راحب
ملاڻو
معمول موجب ھڪ وڪيل
جي ڊوڙ صبع جو سوير ڪورٽ طرف ھوندي آھي، ڪورٽ روم ھجي، ڪورٽ جي بار ھجي، ھميشه ساڳي
مسڪراھٽ منھن تي سجائي آڌر ڀاءَ ڪندڙ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ھادي ڀٽ به ھميشه لاءِ
اسان کان موڪلائي ويو. ھو پونئرن ۾ ست پٽ ۽ ھڪ نياڻي ڇڏي ويو. ھُن جون سياسي سماجي ادبي خدمتون
ساراھه جوڳيون آهن، ھو ھميشه سماج ۾ امن رواداري جو قائل ھو، ھن جي دل ۾ سنڌ ڌرتيءَ
جو درد سمايل ھو، ھميشه پنھجي ماروئڙن سان ھن محبت ڪئي، ماروئڙن جي حقن لاءِ ھن
جدوجھد ڪئي،.ھن جو سياسي لڳ لاڳاپو پليجو يونيورسٽي سان ھو، ھو رسول بخش پليجو جو
وڏو مداح ھو، سائين ھادي ڀٽ لطيف شناس ھو، لطيف سائين جا بيت برزبان ياد ھوندا
ھئس. وڪيل جي زندگي مصروف ھوندي آھي، پر ھن کي ھر سماجي سرگرمي ۾ اڳواڻي ڪندي ڏٺو،
ھُن جي ماٺيڻي طبيعت صوفي سوچ جي ڪري ھن سان پيار ڪندڙ دوستن ۾ نوجوانن جو به وڏو
حلقو آهي، ھو بيدل سائين جون ھي سيٽون ھميشه چوندو ھو.
اکران دي وچ جوئي اڙيا،
عشق دي چاڙھي مول
نه چڙھيا.
ھو بھادر ھو، پھرين
به دل جي تڪليف ٿي ھُيس، ھن بيماري کي مات ڏئي اسان دوستن سان ڪورٽ جي بار ۾ ساڳيون
ڪچھريون رچايون ھُيون،ھو مايوس نه ھو، چوندو ھو پنھنجي ڌرتي سڀ ڪجھه آهي ماڻھو ان
لاءِ جدوجھد ڪندي ھليو وڃي، پر پرواھ ناھي جيڪڏھن وري زندگي ملندي ساڳي راھ وٺنداسين.
اسين سڀني دوستن لاءِ اتساھه ھو، ھن کان اسين ڪورٽ ۾ به لطيف جا بيت ٻڌندا ھئاسين،
ھي بيت ھميشه ٻڌائيندو ھو.
اک اُلٽي ڌار
ون،ابتو عوام سين،
جي لھوارو لوڪ وھي،
تون اونچو وھه اوڀار.
اڄ سکر ھاءِ ڪورٽ
يا سيشن ڪورٽ اداس آھي، اکيون ان شخص کي ڳولين ٿيون جنھن شخص ۾ ھماليه جبل جيڏو
حوصلو ھو، جنھن شخص وٽ فقط پيار ئي پيار ھو جنھن وٽ نفرت جو ڪو به ڪانسيپٽ نه ھو.
ھن وٽ ھميشه ڳنڍڻ جو فلسفو ھو، سائين ھادي ڀٽ غريب مسڪينن جو ڀرجھلو ھو، ڏاڍ ۽ ظلم
جي خلاف للڪار ھو، ھن جا سياسي سماجي ادبي ۽ قانون جا ڪيترائي شاگرد آھن، ھو قانون
جو وڏو ڄاڻو ھو. پاڻ سپريم ڪورٽ جو انرول وڪيل ھو، ھن جون خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن.
ايڊووڪيٽ ھادي ڀٽ آخري دم تائين سنڌ جي ماروئڙن جي ڀلائي، سماج ۾ مثبت تبديلي لاءِ
پنھنجي جاکوڙ جاري رکي، ھن شروع کان جيڪو سنڌ جي خوشحالي جو خواب ڏٺو، خواب جي ساڀيان
لاءِ جدوجھد جو جيڪو رستو اختيار ڪيو، ان رستي مٿان ھلندو رھيو ڪڏھن به ھار نه مڃيائين
ھن پنھنجي سنڌ سان عشق کي نڀايو
ايمان سلامت ھرڪوئي
منگي،
عشق سلامت ڪوئي.
اڄ سائين ھادي ڀٽ
اسان دوستن وچ ۾ موجود ناھي پر ھن جي جدوجھد، ڪمٽمينٽ، ماٺيڻي طبيعت مشعل راھه آھي
ايئن نه مرنداسين
او ساٿي،
ڪو ٻارڻ ٻاري
وينداسين، ڪا آڳ لڳائي وينداسين.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ھادي ڀٽ
نامياري قانوندان جو وڇوڙو!
ايڊووڪيٽ آغا
صورت
اھا غالباً (۲۰۰۳ع) جي ڳالهه آهي جڏهن منھنجو والد آغا علي
احمد خان پٺاڻ، پاڪستان جي نامياري قانوندان سائين نظام بلوچ سان پريڪٽس ڪندو ھيو،
جيڪو رشتي ۾ منھنجي والد صاحب جو مامو پڻ آهي. شروعاتي مصروف ترين وقت جي ڪري اڪثر
نظام بلوچ جو ڊرائيور اجمل اسان کي اسڪول مان صاحب جي گھر ڇڏيندو ھيو، جتي اسان اڪثر
منجھند جو ساھ پٽيندا ھئاسين ۽ شام جو بابا مون کي پاڻ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن نظام بلوچ
صاحب جي چيمبر ۾ به وٺي ويندو ھيو، پوءِ اتي ٻاھرين ڪمري ۾ سائين جن جا جونيئر
ويھندا ھئا ۽ اي سي جي ھيٺان بابا جي ٽيبل ۽ ڪرسي ھوندي ھئي، جتي ڀرسان مان به
ويھندو ھيس. اسان جي ٺيڪ سامھون ھڪ ٽيبل لڳل ھوندي ھئي، جتي ھادي بخش صاحب ويھندو
ھيو ۽ پنھنجي استاد نظام بلوچ کان ڏنل اسائنمنٽ حل ڪرڻ ۾ مصروف رھندو ھيو. وچ وچ ۾
بابا کي، لطيف سائين ۽ شيخ اياز جا شعر پڻ ٻڌائيندو هيو، جنھن جي جواب ۾ بابا به
پنھنجو ڪم روڪي ڪري، استاد بخاري جا شعر ٻڌائيندو هو. پوءِ محفل مچي پوندي ھئي.
عمر جي ان بي سمجھيءَ واري دور جي ڪري ڳالھ ٺپ سمجھ ۾ ڪونه ايندي ھئي پر من موهيندڙ
ضرور ھوندي ھئي. پوءِ اسان ڳوٺ کان مستقل سکر لڏي اچي ويٺاسين ته اڪثر اسان جي گھر
۾ محفلون لڳنديون ھيون. جنھن ۾ بابا جي ويجھن دوستن قربان علي ملاڻو، ھادي بخش ڀٽ
۽ مرتضي ڪورائي ھوندا ھئا ۽ ھميشه ھادي صاحب ۽ بابا وارن جي وچ ۾ زيرِ بحث موضوعن
۾، لطيف جو فڪر ۽ استاد بخاريءَ جون ڳالهيون، اياز جا رومانوي پھلو ھوندا ھئا ۽
(رسول بخش پليجو صاحب) سان رٿيل ڳالهيون ھونديون ھيون.
مان ھميشه ڪمري جي
در تي بيھي مزو ماڻيندو ھيس ۽ ڳالھين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو ھيس، جتي بابا اڪثر
ھادي صاحب کي مذاق مذاق ۾ چوندو ھيو ته ھادي ڪامريڊي ڪرين ٿو يا ڇڏي ويو آھين؟
ھميشه جواب ھوندو ھيو ته مرڻ گھڙيءَ تائين ڪامريڊي ڪبي ۽ ڪيئن ڇڏبي. انهيءَ قول
سان مرڻ گھڙيءَ تائين ثابت قدم ۽ مستقل مزاج رھيو. پنھنجي عملي سياست جي شروعات
عوامي تحريڪ سان ڪيائين، رسول بخش پليجي جي ويجھن ماڻھن مان ھڪ ھو ۽ مرڻ گھڙيءَ
تائين ساڻس توڙ نڀايائين ۽ رسول بخش پليجي مان متاثر ٿي قانون جي پيشي جي واڳ
ورتائين ۽ پوءِ جلد ئي پنھنجي تحريڪي ساٿي سکر جي نامياري وڪيل نظام بلوچ سان گڏ (۱۹۹۷ع) ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي ۽ مظلومن جو
آواز بڻيو. منھنجو انھن سان آخري چار سال تمام ويجھو ۽ مستقل واسطو رھيو. پوءِ ڪڏهن
پاڻ اسان کي لطيف سائينءَ بابت سمجھايائين ڪڏهن سچل، ڪڏهن سامي، ڪڏھن بيدل سائينءَ
بي باڪي تي ڳالهايائين. سنڌ جا عظيم شاعر ته ٺھيو پر برصغير جي ٻين وڏن شاعرن تي پڻ
سٺو عبور ھوس. ھميشه منظور جھلا جا شعر معنيٰ سان ٻڌائيندو ھيو، اھو ته ٺھيو پر ڪبير
سائين ۽ تلسي داس تي به وڏو عبور ھين. جڏهن به ڊسٽرڪٽ سکر بار ۾ ملندو ھو ڪا نه ڪا
نئين شيءِ ٻڌائيندو هو. ۽ اسان کي به سکڻ لاءِ الاھي ڪجھ ملندو ھو، ۽ ھميشه بار جي
آخري ٽيون نمبر صوفي تي پنھنجي دوستن سائين مدد علي شاهه، علي احمد خان، حاجي رفيق
احمد چاچڙ، امان الله ملڪ، شيوڪ رام واليچا، نويد احمد شاهه، مير احمد چانڊيو،
اعجاز منگي، آصف ڀٽي، سميت ويھندو ھيو. ۽ پاڻ کان ڪجھ جونيئر وڪيل دوستن جيئن بابر
لغاري، قربان علي شر، لالا آصف پٺاڻ ۽ عبدالستار شر ۽ عطيق الرحمان سومري جن سان
به انتھائي شفقت جي نگاھ سان ھوندو ھيو.
جتي ڪڏهن ڪڏهن ھادي
صاحب جي پيار ۽ محبت جي ڪري مون کي به اجازت ملندي ھئي. اسان کي سياست سان شناسي ڪرائڻ
وارو ھادي بخش بٽ ھو، ھميشه مون کي ۽ سرتاج حيدر شر، علي مرتضيٰ ميمڻ کي پاڻ سان گڏ
ويھاري سياسي شعور بخشيندو ھو، جنھن جي بدولت اي بي ڊي لا ڪاليج سکر ۾ سياست جو
بنياد رکيو، ۽ ھميشه اڻ ٿڪ جدوجهد ڪرڻ لاءِ ھمٿايو.
ھادي بخش صاحب
ھميشه چوندو ھو، منزل تي پڄڻ لاءِ منزل ڏانھن ويندڙ ڪٺور رستي تي تن تنھا ھلڻو
پوندو. ۽ پاڻ سڀني کي اڻ ٿڪ جدوجهد ڪرڻي آهي. ھميشه مظلومن جو آواز بڻيو ۽ سماجي ڪمن
۾ ھميشه سرِفھرست رھندو ھو ۽ اسان کي آخري چئن سالن ۾ تمام گھڻو گڏ رکيائون. اڪثر
سماجي پروگرامن ۾ گڏ رھياسين، جنھن ۾ عورت آزادي مارچ، جينڊر بيس وائلنس سيمينار ۽
سياسي شعور ڏيندڙ سيمينار ۾ توڙي جو سياسي سماجي ورڪرن جي ورثن ۾ پڻ گڏ رھياسين.
ھادي بخش صاحب جي زندگيءَ جون آخري چار بھارون زندگيءَ ڀر ياد رھنديون. سائين جن
جي وڇوڙي عزيت رسائي آھي، جنھن جو خال ڪوئي به پورو نه ڪري سگھندو. ھادي صاحب جھڙا
ناميارا قانوندان ۽ عوامي ڪارڪن ۽ پارٽي نظم و ضبطه جا ڄاڻو صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا
آھن.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۵ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
هادي ڀٽ
تو پڄاڻان سکر سوڳوار ۽ سنڌ
اداس آهي
حسين جروار
اهي اوڻويهه سو نوي
يا اوڻانوي جا ڏينهن هئا جڏهن عوامي تحريڪ جي گاڏي کاتي ۾ موجود مرڪزي آفيس تي
هفتي ۾ ڪنهن نه ڪنهن بهاني چڪر پيا لڳندا هئا جتي سڀني برادر محاذن جا ساٿي موجود
هوندا هئا اتي ئي هادي بخش ڀٽ (جيڪو مزدور تحريڪ جو اڳواڻ هو بعد ۾ ان جو صدر پڻ
چونڊيو ويو) سان ڪافي ويجهڙائي ٿي. هادي ڀٽ، انتهائي ڌيمي مزاج وارو انتهائي
ملنسار، نهٺائي، نماڻائي جو مجسمو هو. مون
منجهس جذباتي پڻو، ڪاوڙ، غصو، وڏائي، پاڻ پڏائڻ ڪڏهن به نه ڏٺو، هو ته پاڻ ڪم ڪري ٻين
جي کاتي ۾ ڳڻائي ڇڏيندو هو. مون ڏٺو ته هادي ڪتابن سان ڪافي دلچسپي رکندو هو، ڪتابن
خريد ڪرڻ، ڪتاب پڙهڻ، ساٿين کي ڪتاب ڏيڻ سندس مشغلو هوندو هو.
ان عرصي دوران پاڻ
پليجي صاحب جو سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ ساڻس گڏ وڪالت به ڪندو رهيو ۽ پليجي صاحب جي لکڻين
توڙي علمي ڪم جي رکيل ذميوارين کي پڻ پورو ڪندو رهيو. پاڻ محمد ابراهيم جوئي صاحب
وٽ پڻ ويندو هو ۽ سندس ڪجهه ڪتابن کي سهيڙڻ، توڙي انهن جي ڇپائي وغيره جهڙن ڪمن ۾
مدد ڪندو هو. ڪجهه وقت اهڙو هو جو رڳو اهي
مسودا سندس هٿ ۾ هوندا هئا ۽ هو پليجي صاحب سان ملي، کيس حال احوال ڏئي وري محمد
ابراهيم جوئي صاحب ڏانهن هليو ويندو هو.ان دوران هڪ ٻه دفعو هو مون کي پڻ محمد
ابراهيم جوئي صاحب جي گهر وٺي ويو جتي ڪي شيون جوئي صاحب جي حوالي ڪري وري ڪجهه
شيون اتان کڻي روانو ٿياسين. انهن مان هڪ، اڌ ڪتاب پبلش پڻ ٿيا،آئون ڀانيان ٿو
انهن تي هادي جا نوٽ به لکيل آهن.
هڪ دفعو پليجي صاحب
جي خلاف ڏي سوال، وٺ جواب وارن ليکڪن هڪڙي مهم شروع ڪئي، ٻئي ڏينهن هادي ڀٽ هڪ
شاندار مضمون لکيو جنهن ۾ هن پليجي صاحب خلاف واويلائي نوٽن جا دليلن سان ڀرپور
جواب ڏنا پر ان ۾ استعمال ٿيل ٻولي تي پارٽي جي ڪجهه ساٿين اندر اچي چؤٻول هليو ته
اهڙي ٻولي هادي ڪيئن لکي سگهي ٿو؟ جنهن ڏينهن اهو آرٽيڪل ڇپيو ته هڪ سينئر هاري اڳواڻ هادي جي ان آرٽيڪل تي صبح صبح سان عوامي هائوس
جي آڳر تي بحث مباحثو ڪندو رهيو ته اهو مضمون هادي جو لکيل آهي يا ناهي، آئون ۽ هڪ
اڌ ساٿي ٻيا پڻ موجود هياسين. اصل ۾ هادي جيئن ته وڏي عرصي تائين پليجي صاحب توڙي
محمد ابراهيم جوئي جي نگراني ۽ سرپرستي ۾ سندن ئي لکڻين کي اتارڻ، لکڻ، وري لکڻ،
سنوارڻ، سڌارڻ ۽ فائنل ڪري فيئر ڪرڻ جي ڪمن ۾ مدد پئي ڪئي تنهن ڪم دوران سندس لکڻي
پڻ سڌري تمام شاندار ٿي وئي جيئن ته اهو سڀڪجهه اسان جي سامهون پئي ٿيو ان ڪري ان
کي پرکڻ ڪو ڏکيو عمل ڪونه هو.
پاڻ سکر بار جو
صدر، هاءِ ڪورٽ بار جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. ڪيترن ئي عام ڀلائي جي ڪيسن ۾
قانوني صلاحن ڏيڻ سان گڏ ڪيسن ۾ قانوني مدد پڻ ڪم ڪندو رهيو.مشرف جي زماني ۾ وڪيلن
جي جدوجهد ۾ هر اول دستي طور ڪم ڪندو رهيو ۽ ان دوران گرفتارين کان لڪڻ لاءِ مختلف
جاين تي روپوش ٿي جدوجهد جي اڳواڻي ڪندو رهيو ۽ نيٺ گرفتار پڻ ٿيو هو. ان ڳان اڳ
ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پڻ گرفتار ٿيو هو. پاڻ پئي ٻڌايائين ته هن جو ايم آرڊي ۾
گرفتاري ڏيڻ ۾ پارٽي پاران لسٽ ۾ نالو نه هو پر جيئن ته هو سرگرمي سان ايم آرڊي جي
تحريڪ ۾ سرگرم رهيو تنهن ڪري پوليس سندس گهر تي ڇاپو هنيو ۽ سندس گهر وارن کي
گرفتار ڪري ٿاڻي کڻي ويئي جنهن ڪري هن گرفتاري پيش ڪئي ۽ مارشلا جي قيد پڻ ڪاٽي.
سندس چواڻي انهي
زماني ۾ جيئن پاڻ وڪيلن جو اهم اڳواڻ هو ته هڪ دفعو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس سکر
آيو جيڪو اين آراو وٺي اتي چيف جسٽس ٿي آيو هو سو چوڌري جي بحالي جي مهم ڪافي زورن
تي پئي هلي. جيئن ته هادي ان وقت وڪيلن جو ذميوار اڳواڻ هو تنهن هن ان تقريب ۾ شرڪت
ڪئي ۽ تقرير ڪئي جنهن سبب پارٽي کيس نوٽيس ڪڍيو ۽ هن کي معطل ڪيو، ان بعد هن جا
پليجي صاحب سان تعلقات ته رهيا پر پاڻ پارٽي ۾ سرگرم گهٽ رهيو. ساٿي عوامي تحريڪ جا هجن، قومي عوامي تحريڪ جا
هجن، عوامي جمهوري پارٽي سان سلهاڙيل هجن، هادي جو سڀني سان تعلق هڪجهڙو هو. ان
دوران هو پليجي صاحب سان پڻ ڪيترا ئي دفعا مليو جنهن جا مزيدار احوال هو هميشه ونڊيندو
هو.
هڪ دفعي سکر مان
گذرڻ ٿيو ته پاڻ يڪدم چيائين سکر پريس ڪلب ۾ پروگرام آهي جنهن ۾ صنم ماوري جو پٽ
موسيقي پيش ڪندو، توهان اچو، شريڪ ٿيو، جيتوڻيڪ اسان ڏاڍا ٿڪل هياسين پر هادي جي حڪم
تي پريس ڪلب هليا وياسين جتي ادي عائشه ڌاريجو،
ڊاڪٽر اڪبر نائچ سان پڻ ملاقات ٿي، ٻئي ڏينهن وري سنڌڙي تي ڊنر گڏجي ڪئيسين.
آخري دفعي ڪجهه
مهينا اڳ جڏهن سکر مان گذرڻ ٿيو ته پاڻ ٽي ڏينهن اسان سان گڏ رهيو، ان دوران ساڌ ٻيلي
وٺي هليو، سکر ۾ موجود سکن جي گردواري جو چڪر ڏياريو بعد ۾ رڪ ريلوي اسٽيشن پڻ
گهمايو، ڪچهري جي محفل الڳ. هر دفعي ساڻس تڪرار ٿيندو هو، هادي تو جيڪو مواد لکيو
آهي تنهن کي سهيڙي ڪتاب ڇپرائي. فيبروري ۲۰۲۱ع ۾ هن اهو اعلان ڪيو ته جون يا
جولاءِ ۾ مواد سهيڙي وٺبو، ڪتاب ڇپرائبو. پندرهين ڏينهن، يا مهيني فون تي ڪچهري ٿئي،
هادي مواد، هادي جو جواب، ادا جون يا جولاءِ توکي مواد ڏيندس، مهاڳ لکڻ جي لاءِ،
ادا جون گذري ويو، حاضر ڪريون ٿا.
انهي دوران اسان جي
ساٿي فضا قريشي جو اردو شاعري جو ڪتاب ڇپيو ته پاڻ چيائين سکر ۾ مهورت ڪرائبي.
اسان سمجهيو سادي، سودي مهورت هوندي. تان جو خبر تڏهن پئي جڏهن ٻه، ٽي سو ماڻهو
هئا. بقول ستار زنگيجي جي جيڪو ان پروگرام ۾ موجود هو ته ايترا ماڻهو توڙي ان ڪيٽيگري
جا ماڻهو سکر جي ويجهي ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾
شريڪ نه ٿيا آهن. سائين فنڪار پهچي ويا، گل جوڻيجي ۽ سينگار علي سليم جي هڪ ٻئي
شاگرد، استاد، اردو نظمن جون ڌنون تيار ڪري ورتيون. ماڻهن جي لاءِ ڊنر جو بندوبست ٿي
ويو. مهمانن لاءِ اجرڪن جي بهار لڳي وئي. سکر جي ميڊيا اچي وئي. ممتاز بخاري، ادل
سومرو، اياز گل، ڊاڪٽر عائشه، امر اقبال سميت سکر جي بهترين ۽ نالي وارن اديبن ڪتاب
تي ڳالهايو. اسان رڳو اهو سڀ ڪجهه ڏسندا، ماٺ رهجي وياسين. هادي رڳو ايترو چيو،
ادا حسين جولاءِ ۾ منهنجي ڪتاب جي مهورت اتي ئي ڪنداسين.
گذريل هفتي سُتو
پيو هيس ته صبح جو نوي وڳي ڌاري هادي جي فون وڳي. فون جي رنگ بند هئي، ان ڪري جيئن
اٿيس ته هادي هو. پندرهن، ويهه منٽ ڪچهري ڪئيسين. ڀوڳن جي موڊ ۾ هو سو چيائين يار
تون وڏو استاد آهين، مون چيو ڇو هادي، چئي، تون جواني ۾ بيمار ٿي، يونيورسٽي مان
موچڙا کائي، عشق ڪري، شاديون ڪري هاڻ خوش لڳو ويٺو آهين، اسان اچي پيري ۾ بيمار ٿيا
آهيون. ان ڪري تون وڏو بهترين پلانر آهين. مون هڪدم شهزادي کي فون ڏيندي چيم، هادي ڀٽ سان ڳالهائي، ڏس ڇا پيو چوي. هادي چوي
نه شهزادي کي مان اهو نه چوندم، اهو تون ٻڌائينس ته هادي هيئن ٿو چوي.
بھرحال، شهزادي سان
ڳالهيائين، ان سان مذاق مستيون ڪري پوءِ چئي اسپتال آيو آهيان. پير ۾ مسئلو آهي،
ان ڪري هڪڙي آڱر ڪٽبي، ان جي قرباني ڏبي جيئن وڏي نقصان کان بچجي. بس هاڻي تنهنجي ڪتاب
جو مهاڳ به جلدي توکي ڏبو، منهنجي ڪتاب کي به فائنل ڪبو. بس وقت ڪونهي، آئون دل ۾
خوش ٿيم ته هاڻي هادي سيريس ٿيو آهي، اهو ڪتاب وارو ڪم ڪندو. وري ٻئي ڏينهن فون تي
ڳالهه ٿي چئي ته ادا سرجري اڄ ڪونه ٿيندي، سڀاڻي ٿيندي، ڇو جو ٽيسٽون پيون ٿين. ڊاڪٽرن
کان موڪل ورتي اٿم اياز لطيف اچي پيو آرٽس ڪائونسل سو ان پروگرام ۾ وڃان پيو، ان
کان اڳ دودي چانڊئي کي فون ڪئي اٿم، اهو ابراهيم حيدري ويل آهي، اتان ايندو ته
پريس ڪلب ۾ انهن دوستن سان ملاقات ڪندم. وري ٽي ڏينهن ڪال ٿي، چئي خير آهي، رمضان
(سندس پٽ) گڏ آهي، رڳو پير جي سرجري ٿيندي
۽ بلاڪيج ختم ڪبي.
وري آفيس مان آخري ڪال
ٿي چيائين يار حسين جيڪي پاڻ ڪم کنيا آهن اهي پورا ڪبا، هاڻ انهن ڪمن جي پٺيان
آهيون. انشاءَالله اڄ سرجري ٿيندي، ٽي يا چار ڏينهن هتي رهڻو پوندو پوءِ سکر پهچي
پهريون اهو ئي ڪرڻو آهي. آخر ۾ سندس آواز ۾ هلڪي جهيڻائي محسوس ٿي جيڪا اڳي ڪڏهن به
ڪونه هئي.پهرين فيبروري اڱاري جي نڀاڳي صبح سان واٽسپ تي ستار زنگيجي اها خبر شيئر
ڪئي. سچ پچ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙي ماڻهو جي تعزيت رڳو سندس خاندان سان ڪيئن
ڪجي. جيتوڻيڪ مون همت ڪري سندس پٽن رمضان ۽ رضوان سان فون تي ڳالهايو، ريحانه شيخ
سان ڪافي دير ڳالهايو، جنهن سان دل هلڪي ٿي پر هادي لاءِ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪنهن
سان تعزيت ڪجي ڇو جوهو ته سنڌ هو. سندس پڄاڻان
دنيا ساڳي آهي، سکر ساڳيو آهي، لينس ڊائون پل به ساڳي، سکر خيرپور ۾ کجين جا باغ
به ساڳيا آهن پر سکر جي دل ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن ساٿين جي دل جو محور، معصوم مرڪ
سان سڀني کي موڪري ڀاڪر ۾ ڀري ڇاتي لائيندڙ، دلفريب دوست، سخي دل انسان پنهنجي
حياتي جو در ٻيڪڙي ڌرتي ماءَ ۾ ابدي ننڊ وڃي سُتو. هادي ڀٽ تو پڄاڻان سکرسوڳوار ۽
سنڌ اداس آهي.
بقول رسول بخش
پليجي جي
اوهان جي پڄاڻان....
اڄ به، آءُ ۽ ھي
دنيا،
اھڙا ئي آھيون،
جھڙا اڳ، اوھان جي
ھوندي.
پر ان ھوندي به،
اوھان جي پڄاڻان،
الائي ڇو،
الائي ڪيئن،
الائي ڪيڏي مهل،
ھينئين جي ڪا ٿوڻي
ڊھي پيئي،
وجود جو ڪو اندريون
ھڏ
ڀڄي پيو،
ويرو تار ڏکن، سڄڻ ڀڳي
ھڏ جيئن!
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ھادي ڀٽ
ريحانه شيخ
اڄ ادا هادي جي موت
جي خبر نظير جي ياد کي تازو ڪري ڇڏيو. ٻئي ساڳي پنڌ جا پانڌيئڙا هئا. ادا هادي ڀٽ
سان سچاڻپ ته پراڻي هئي عوامي تحريڪ جي ڪري. اسين جڏهن به سکر رشيد ڀٽي صاحب جي
گهر پارٽي جي ڪمن جي ڪري رهندا هئاسين ته ادا هادي سان ملاقات ٿيندي هئي.
گذريل ٽيهن سالن
تائين عوامي تحريڪ جي ٻين ڪيترن ساٿين جيان هادي صاحب سان به رابطو نه رهيو. نظير
جي وڇوڙي وري ڄڻ ته پراڻن ساٿين سان ملائي ڇڏيو. خانه بدوش ۾ جڏهن نظير جي ياد ۾
ميڙاڪو ٿيو ته ادا هادي سکر مان خاص طور تي اچي ان کي خراج تحسين ڏنو ۽ ائين پراڻو
رشتو وري ڳنڊجي ويو.
تازو ڪجهه مهينا اڳ
مونکي پنهنجي ڪنهن دوست جي هڪ ڪيس لاء رهنمائي گهربل هئي ، مون کيس فون ڪئي، هن نه
رڳو صحيح طرح ٻڌايو پر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاء گهربل ڪاغذ بنائڻ ۾ به مدد ڪئي.
ڪجهه ڏينهن
اڳ اسپتال جي ڊريس ۾ فيس بوڪ تي تصوير ڏسي خيريت پڇڻ لاء فون ڪئي مانس ته چيائين
ادي توهانجي فون ڪرڻ سان دل وڏي ٿي وئي آهي. مان توهانجي سڄي خاندان سان تمام گهڻي
محبت ۽ ان جي عزت ڪندو آهيان. هن جي آواز ۾ جوش ۽ اميد هئي. وري جڏهن هن جي فيس بوڪ تي پوسٽ هڪ گاني سان گڏ
ڏٺي ته اطمينان ٿيو ته ادا ضرور صحتياب ٽيندو.
مونکي خبر آهي ته
ادا هادي هڪ وڪيل، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن
طور ڪيترن ئي ماڻهن جو ڀرجهلو هيو. هو عورتن جي تشدد خلاف جدوجهد ڪندڙ تنظيمن جو
رهنما ۽ مددگار هيو. مون سوچيو هئو ته هاڻي جڏهن به سکر وڃبو ادا هادي سان وڏي ڪچهري
ڪبي پر اها ٿي نه سگهي.!!!
هن ڏتڙيل سماج
۾ ادا هادي جهڙن ماڻهن جي ڪمي کي پورو ڪرڻ
آسان ناهي اهڙا ماڻهو پنهنجي سوچ ۽ عمل جي ڪري هميشه ياد رکيا ويندا. ادا هادي جو ڏک سڄي سنڌ جو گڏيل ڏک آهي.
(ريحانه شيخ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ھادي ڀٽ صاحب
(سائين جي زندگيءَ جو
مختصر پروفائيل)
خالد ٻانڀڻ
توکان ٿيندي ڌار،
کلندي کلندي يار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.
ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ ۳ آڪٽوبر ۱۹۶۱ع تي سکر ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس لاڏاڻو ۶۱ سالن جي عمر ۾ پهرين فيبروري ۲۰۲۲ تي ٿيو، هادي ڀٽ پنهنجي سياست جي شروعات
عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي سان گڏ ڪئي، هن ۷۸-۱۹۷۷ع ۾ سکر جي ڊگري ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ۱۹۸۰ع ۾ ايم آر ڊي واري جدوجھد ۾ هن جو ڀرپور ڪردار
رهيو. ۱۹۸۳ع ۾ لڪس پارڪ ۾ گھيرو ٽوڙي بڙ جي وڻ تي چڙهي اسٽيج طور عوام کي خطاب ڪيو
هو. سندس اهڙي ڪارروائي تي پوليس ۱۹۸۳ع ۾ هن جي گھر تي چڙهائي ڪري گھر ڀاتين کي گرفتار ڪرڻ تي
هن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪيو. جنهن بعد کيس سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، جتي ڪافي
عرصو جيل ۾ گذارڻ بعد آزادي ماڻي. ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ سال ۱۳-۲۰۱۲ع سکر ڊسٽرڪٽ بار جو صدر ۽ بعد ۾ هاءِ ڪورٽ بار جو جنرل
سيڪريٽري رهيو. ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ ناليوارن اديبن شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، جو
پڻ ويجھو ساٿي رهيو. مرحوم هادي ڀٽ سوڳوارن ۾ گھرواري ۷ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سوڳوار ڇڏي آهي. سندس جنازي
نماز رات ۸ وڳي ڊسٽرڪٽ بار جي احاطي ۾ پڙهي ويندي
(خالد ٻانڀڻ جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
هادي تون ياد ايندين ڀاءُ
نثري نظم
غوث پيرزادو
هي امداد ڀٽ جو
ڀاءُ هو
امداد ڀٽ منهنجو ڀاءُ
هو
امداد کي
جوڳي چوندا هياسين
بيرزگاري جي
ڏينهن ۾ گڏجي
ڪراچي جا
روڊ لتاڙيندا
هياسين
ناڪي منشي هياسين
ڪراچي ۾
ضلع ٽيڪس اڳاڙيندڙ
ٺيڪيدار جا منشي
هياسين
جوڳي جو وڏو ڀاء
هادي ڀٽ هو
وڏو وڪيل
وڏو سياستدان
صفا سٻاجهڙو
موئي سوئي کڻي ڪن ۾
وجهه
جوڳي وٽ آيو هو
چيو هيائين
جوئي صاحب جو
ڪتاب ٿو سهيڙيان
جوڳي ادبي سنگت جو
ميمبر به هيو
ته
شاعري به ڪندو هو
اڪثر هادي
حديد ان وٽ ايندو
هو ته
ساڻس ملڻ ٿيندو هو
ڏاڍو نماڻو هو
پنهنجي ذات ۾
اسانکي به
ننڍڙو ڀاء سمجهندو
وري
ڪراچي ڇڏي ويو
ته جوڳي به ڪراچي ڇڏي
ويو
نئين پنڊ سکر ۾
جوڳي جي شادي تي
سندن گهران چڪر لڳائي
آيو هيس
ڪابه وڏائي نه
ڪوبه ڏيکاء نه
ڪهڙي مٽي جا هيا
الائي
جو رڳو پيار ورهائڻ
پي اين
۲۰۰۰۾ جوڳي
به ڇڏي ويو ڪراچي
وري ملياسين ته
نه ملياسين
اوچتو هادي جي لاڏاڻي
جي
خبر ملي ته
روح ئي سراپجي ويو
امداد ياد آيو
جنهن کي سڀني جي
سامهون
ننڍڙن بارن جيان
ڳلن تي ٿفڪيو ڏيندو
هيو
هادي جو وڇوڙو ته
امداد مٿان وڄ ڪيري
ويو آهي
جوڳي تنهنجي ڳڻتي
آهي
ههڙي ڀاء جي وڇوڙي
کي تون
ڪيئن برداشت ڪندو
هوندين
سمجهه ۾ نه ٿو اچي
(غوث پيرزادو جي
فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ھادي ڀٽ
اي جي ظفر قادري
جيئرن لاءِ آهي هي جهان،
گذاري چار ڏينهن خوشين ۽ ڏکن جا،
سدا لاءِ عزيزن دوستن کي ڏئي وڇوڙو،
هليو ويندو هڪ ڏينهن هر انسان.
اوووو... يار هادي ڪالھ
تائين تو اسان کي همٿ ڪرڻ جا دلاسا ڏنا پئي.. اڄ تون پاڻ زندگيءَ لاءِ دردناڪ وڇوڙو
ڏئي موڪلائي وئين.... افسوس!
انتهائي ڏکوئيندڙ
خبر.. سنڌ جو نامور وڪيل سياسي سماجي اڳواڻ پيارو ساٿي هادي ڀٽ هميشه لاءِ وڇڙو ڏئي
ويو، هادي هڪ هردلعزيز ھميشہ کلندڙ پيار ۽ محبتون ورهائيندڙ انسان هو، منهنجو ساڻس
۷۰ جي ڏهاڪي کان دوستي ۽ سياسي ساٿي هجڻ جو تعلق هو، هادي پهرين سنڌي شاگرد
تحريڪ ۽ پوءِ عوامي تحريڪ ۾ اسان سان سرگرمي سان ڪم ڪيو، هادي جي قوم ۽ وطن لاءِ ڪيل
جدوجهد کي هميشہ ياد ڪيو ويندو.
Very sad News. Our friend companion Comrade, political
social worker, well known Lawyer Advocate Hadi Bhatt Passed away and left us
with wet eyes forever, May Allah Almighty keep his departed Soul in eternal
peace and his special blessings, His work will be remembered for long time.
اي جي ظفر قادريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
ھادي ڀٽ
هدايتون ڏيندڙ هادي هليو
ويو
خالد ٻانڀڻ
هو جيڪو هادي هيو،
هدايتون ڏيندو هيو، هن جي هر ادا ۾ سنڌ سمايل هئي، دوستن جو پيار پوري وجود ۾
سمايل هئس. مان جڏهن به هن سان ملندو هيس ته منهنجي چپن تان لطيف سرڪار جي بيت جون
هي سٽون اچارجي وينديون هيون. ته ”جيسين جيارين تيسين هادي رکين حفظ ۾“ ۽ واقعي به
هن ائين ڪري ڏيکاريو. صحافت جي سکر ۾ منهنجي ۲۳ سالن واري عرصي دوران اهڙا ڏينهن
گھٽ ئي هوندا جن ڏينهن ۾ اسان هادي ڀٽ سان نه مليا هونداسين. ويجھڙائيءَ وارن ڏينهن
۾ ته روزانو پراڻي سکر جي ٽانگه اسٽينڊ تي پياري دوست جبار مهر جي فوٽو گرافي واري
دڪان يا سندس شاليمار واري آفيس تي شامون گڏ گذرنديون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون.
انهن ڪچهرين ۾ سياست، صحافت، ادب، شاعري ۽ سوشل ميڊيا تي روزانو ايندڙ نون بحثن جي
حوالي سان ڳالهيون ٿينديون هيون. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ سچو، کرو، منفرد انسان هيو،
هن جو سنڌ سان ۽ لطيف سرڪار جي شعرن سان روحاني عشق هيو، کيس شيخ اياز، ڀٽائي سرڪار،
فيض احمد فيض، ساحر لڌيانوي ۽ احمد فراز جا طويل نظم، بيت، غزل حفظ ٿيل هوندا هئا.
جيڪڏهن ڪائي سٽ غلط به پڙهي ويندا هئاسين ته ان کي درست ڪري وٺندو هو.
ها، مان سنڌ جي
نامياري وڪيل، سياستدان، اديب، عوام دوست، سماجي اڳواڻ مرحوم هادي ڀٽ جي ڳالهه ڪري
رهيو آهيان. هادي ڀٽ جيڪو ڪورٽن جي ڪيسن دوران اڪثر اسان ڏٺو ته غريب، بي پهچ ماڻهو
جڏهن پنهنجي مسئلن جي حل ۽ ڪورٽن جي ڪيسن جي حوالي سان فيس جا پئسا به نه ڀري
سگھند اهئا ته انهن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هيو. هو ڪڏهن به ماٺ ڪري ويهڻ وارو ماڻهو
نه هو. هادي ڀٽ پنهنجي پرين پياري دوست خادم ڏهوٽ سان گڏجي پوري سنڌ جو سيلانين
وانگر سير ڪري تجربا ۽ مشاهدا حاصل ڪيا. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جنهن جي ڪنهن
کي به ڪا خبر ڪانه هئي ته هو ائين موڪلائي هليو ويندو. مون کي چوندو هيو ته خالد
مان چاهيان ٿو منهنجا جيترا مضمون يا شاعري ڇپي آهي يا ڊائرين ۾ محفوظ ٿيل آهي، ان
سان گڏ جيڪي انٽرويو هليا آهن، اهي سڀ سهيڙي پنهنجي زندگيءَ جي آتم ڪهاڻي سان گڏ ڪتاب
جي صورت ۾ آڻي ڇپرايان پر افسوس جو سندس اها خواهش اڌوري رهجي وئي. ڇو ته زندگي ڏاڍي
بيوفا ٿيندي آهي.
هن جو ادب سان تمام
گھرو لڳاءُ ۽ عشق هيو. مون کي هڪ ڀيري عبرت ميگزين جي لاءِ ڏنل انٽرويو ۾ چيو
هيائين ته ”جڏهن مان سياست ۾ نه هيس، جڏهن مان وڪيل نه هيس، تڏهن مان امر جليل جون
ڪهاڻيون ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کي ڏاڍي دلچسپيءَ سان پڙهندو ۽ پسند ڪندو هئس. ادب
اها صنف آهي جيڪا ماڻهن جي زندگيءَ کي وڌيڪ حسين ۽ خوبصورت بڻائي ٿي ۽ جدوجھد ڪرڻ
لاءِ اتساهه ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ادب ذريعي ئي سياست ۾ آيس، سياست جي حوالي سان
هادي ڀٽ شروعات کان وٺي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجو جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو ۽
ساهه جي آخري سڳي ٽُٽڻ تائين سندس نظرياتي، سياسي عشق رسول بخش پليجي جي پارٽي سان
ئي رهيو. هن جي عشق جو مهور سنڌ هئي، جيتوڻيڪ هو هڪ پروفيشنل وڪيل هيو پر سندس گھڻو
وقت جلسن، جلوسن، ٽيليويزنن جي ٽاڪ شوز، ادبي پروگرامن، راڳ رهاڻن، سير سفرن ۾
گذريو، هادي ڀٽ جو وڇوڙو ڏاڍو جيءُ جھوريندڙ ۽ ڏکوئيندڙ آهي. جيتوڻيڪ هن کي وفات ڪئي،
هڪ هفتي کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، مون ۾ همٿ، سگهه نه هئي ته سندس وفات جي فورن
ئي هادي ڀٽ جي حوالي سان ڪجهه لکي سگھان، ڇو ته هو اسان کي ايترو پيار ۽ چاهه ڏيندڙ
هيو، جنهن کي لفظن جي ڪوزي مان بند نٿو ڪري سگھان. هو منهنجي ننڍڙي پٽ محمد ايان
سان جڏهن به ملندو هيو ته ان جي حرڪتن کي ڏسي مسٽر گڙ ٻڙ سڏيندو هو ۽ مون کي منع ڪندو
هيو ته هن کي دڙڪا نه ڏي. هي ڀلي حرڪتون ڪري ڇو ته منهنجو الاهي پيارو محمد ايان
عرف مسٽر گڙ ٻڙ آهي ۽ مون کي سندس حرڪتون وڻنديون آهن. افسوس اهڙا انسان هڪ دفعو وڃڻ
کانپوءِ وري صديون لڳي وينديون آهن، اهڙن ماڻهن جي اچڻ ۾. اسان اڃا ابراهيم سارنگ
چنه جو غم ئي ڪونه ڀلائي سگھيا هئاسين ته مٿان وري هادي ڀٽ جيڪو دل جي عارضي ۽ شگر
جي بيماريءَ سبب ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ آپريشن دوران موڪلائي ويو. سندس مختصر
زندگيءَ جو خاڪو هيئن آهي ته ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ ۳ آڪٽوبر ۱۹۶۱ع تي چڪ لڳ ڳوٺ چيمن
غلام محمد ڀٽ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم نئون پنڊ جي پرائمري اسڪول، مئٽرڪ
گورنمينٽ هاءِ اسڪول مينارا روڊ ۽ انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان حاصل ڪئي.
جڏهن ته سندس لاڏاڻو ۶۱ سالن جي عمر ۾ پهرين فيبروري ۲۰۲۲ تي ٿيو. هادي ڀٽ پنهنجي
سياست جي شروعات عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي سان گڏ ڪئي، ايم آر ڊي واري جدوجھد ۾
هن جو ڀرپور ڪردار رهيو. ۱۹۸۳ع ۾ لڪس پارڪ ۾ گھيرو ٽوڙي بڙ جي وڻ تي چڙهي اسٽيج
طور عوام کي خطاب ڪيو هو. سندس اهڙي ڪارروائي تي پوليس ۱۹۸۳ع ۾ هن جي گھر تي چڙهائي
ڪري گھر ڀاتين کي گرفتار ڪرڻ تي هن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪيو. جنهن بعد کيس سکر
سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، جتي ڪافي عرصو جيل ۾ گذاريو. هن مون کي انٽرويو ۾ ٻڌايو
هو ته جيل جي اندر به اسان ماٺ ڪري ڪونه ويٺاسين، ۴ مارچ جي حوالي سان ۽ ايم آر ڊي
جي تحريڪ جي حوالي سان اتي به پروگرام ڪندا رهندا هئاسين. مطلب ته هو مسلسل جدوجھد
جو نالو هيو. ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ سال ۱۳-۲۰۱۲ع سکر ڊسٽرڪٽ بار جو صدر ۽ بعد ۾ هاءِ ڪورٽ
بار جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ايڊووڪيٽ هادي ڀٽ ناليوارن اديبن شيخ اياز، محمد ابراهيم
جويو جو پڻ ويجھو ساٿي رهيو. مرحوم هادي ڀٽ سوڳوارن ۾ گھرواري ۷ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سوڳوار
ڇڏي آهي.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
هادي ڀٽ جي وڇوڙي جو
گهاءُ
جبار مھر
سُٺا دوست ائين
جلدي جلدي موڪلائي الائي ته ڇو ويندا آهن جن سان من هرپل ملڻ چاهيندو آهي۔ گڏ گهمڻ
ڦرڻ چاهيندو آهي، کلڻ چاهيندو آهي. دل جا حال اوري من هلڪو ڪرڻ چاهيندو آهي. الائي
ته ڇو انهن سان اهڙو ته روح جو رشتو ٿي ويندو آهي جو هو رت جي رشتن کان وڌ پيارا ٿي
وڃن ٿا، جيئن اسان جو پرين پيارو دوست هادي ڀٽ عرف هادن سائين هو. هادن سائين ڪچهرين
جو مور ته هو ئي هو پر دوستن جو ايترو ته هڏ ڏوکي هو جو مثال ڏئي ماڻهو ٿڪجي پوي.
شل نه ڪنهن دوست کي تڪليف ۾ ٻڌي، ڊوڙي اچي پهچي ويندو ۽ وت کان به وڌ ڪوششن ۾ لڳي
ويندو ۽ تڪليف دور ڪري پاڻ پوءِ سک جو ساهه کڻندو. شايد هي پاڻ هڪ غريب گهراڻي ۾
پيدا ٿيو، ڏک ڏسي اڳتي محنتن سان وڌي جڏهن وڻ ٿيو ته هي طبيعتن غريب ئي رهيو، ڪڏهن
به پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهيو ئي ڪونه. هيٺ پَٽَ تي ويهڻ وارو جوان ڪو عيب سمجهي ئي ڪونه.
مان سمجهان پيو ته هادن رڳو منهنجو ويجهو دوست هو، ڏک سک اورڻ مونسان ئي رهيو هو،
پر يار جي تڏي تي خبر پئي ته هي سيلاني يار هر هڪ جو ۽ هزارين دوستن جو ويجهو
دوست، ڀاءُ رهيو هو. اهو مون لاءِ پهريون تڏو هو جتي دوستن کي اوڇگارون ڏيندي ڏٺو
۽ هڪ ٻئي کي حڪم ڌڻي جو چوندي عذرخواهي ڪري رهيا هئا. ايڏو ڏکائيندڙ ماحول هو جو
واٽ ويندو به لڙڪ روڪي ڪونه سگهيو هو. هادي ڀٽ بنيادي طور هڪ عوامي ماڻهو هو. هي شخص
پليجو يونيورسٽي جو اهو شاگرد هو جو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پنهنجي سنڌي قوم کي جاڳائڻ
جا مرندي دم تائين پنڌ ڪندو رهيو؛ جنهن سبب هن کي سموري سنڌ سڃاڻي ٿي ۽ هارين جي
حقن لاءِ هاري تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ رهيو، جنهن جي ڏوه ۾ ڪيترائي دفعا جيلن جي
سلاخن ۾ به رهيو ته ڪونه مڙيو، آخر هادي ڀٽ جي گهر تي ڇاپا هڻي سندس ڀيڻ کي گرفتار
ڪري لاڪپ ڪيو ويو. تڏهن به ڪونه مڙيو. پير پٿون ڪري ڇڏيائين. آخري جملا به سندس اهڙا
ئي هيا جو چوندو هو انهن پيرن سموري سنڌ گهمي آ، هاڻي اهي ئي پير حياتي نيندا. ڇو
جو آخري پهرن ۾ شگر جي ڪري پيرن جي آڱرين ۾ زخم ٿي پيو، جنهن جي آپريشن دوران ئي
هو هميشه لاءِ ابدي ننڊ ۾ هليو ويو. سکر ۾ هن جو جوڙ اسانجي سينيئر دوست ابراهيم
سارنگ سان واه جو لڳندو هو. آئي ڏينهن محفل ۽ اسان جا به ٺٺ، ويٺا محفلن جا مزا وٺون
۽ سکون ويٺا پر سائين ابراهيم سارنگ به ۲۰۱۸ ۾ اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ابدي ننڊ ۾ هليو ويو. جڏهن
ته سائين ابراهيم سارنگ کان پوءِ به محفلون مچنديون رهيون پر کيس وساري ڪونه
سگهياسين. هادي ڀٽ جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل ٿيو ته مان ۽ ڀاءُ خالد ٻانڀڻ
گڏجي مبارڪ ڏيڻ سندس گهر وياسين ته محفل سجائي ڇڏيائين ۽ ڪيترائي پنهنجي مرضيءَ
مطابق گڏ فوٽو ڇڪرايائين ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي عاجزي وارا هٿ ٻڌي به فوٽو ڇڪرايا، جيڪي
پٽن رمضان ۽ رحمان پئي ڇڪيا. توڙي جو ان وقت هن يار جي طبيعت به ٺيڪ ڪانه هئي ۽
رات جي وچين پهر ۾ موڪلايوسين. پيرن جي تڪليف هجڻ جي ڪري ڊاڪٽر جوگر شوز لکي ڏنا
هئس، جيڪي هن بازار مان ورتا ۽ پائي سڌو منهنجي فوٽو شاپ تي آيو. چيائين مري
وياسين، هاڻي رڳو هڪڙي ئي جوگر کي پائبو؛
جيڪو لاهڻ جي ڪري پيو ته ڪونه پيو لهيس. سو پنهنجي پٽ رمضان کي چيائين ته لاهه ته ٿورو
پيرن کي وائکو ڪيان. هن ۾ ته پيرن جو ساهه ٿو منجهي. جوگر لهڻ کانپوءِ پير فرش تي
رکي هڪ وڏو ٿڌو ساهه کڻي چيائين، سڪون اچي ويو يار. جنهن ڏهاڙي ڪراچي وڃي پيو ته
فون ڪيائين ته ڪراچي وڃان پيو، ڊاڪٽر به اها صلاح ڏني آهي ۽ فقير مشتاق مڱريو به
اهو ئي چيو ته ڪراچي ٽراما سينٽر ۾ پيرن جو علاج آ، هڪ ڀيرو اتان معائنو ڪرائي
اچو. سو جيڪا سنگت جي صلاح. سو هڪ ٻن ڏهاڙن ۾ موٽي اچبو، پوءِ ڪچهرا قائم آهن. سو
مون به رواجي چيو ٺيڪ آ سر خير سان ٿي اچو ته پوءِ ڪچهرو هڻنداسين. ڪراچي پهچڻ کان
پوءِ مونسان ۽ ڀاءُ خالد ٻانڀڻ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ چيائين ڊاڪٽرن
چيو آ، پير جي آپريشن ٿيندي، سو دعا ڪيو، سڀاڻ خير سان ٿي وڃي. سو خالد ۽ مون هڪدم
فيس بڪ ٿي وري دعائن لاءِ پوسٽون رکيون. ٺيڪ ۱۰ منٽن کان پوءِ هادي سائينءَ جي مون ڏي فون آئي.
هي يار ڇا ڪيو ٿي، مان ته توهان کي حوال ڏنو ۽ تو پوسٽ به رکي ڇڏي آهي. سائين اياز
گل جي فون آئي، هن سڄڻ پريشان ٿي مونکان خير خيريت جو حوال ورتو. تنهنجي پوسٽ تي ڪيترائي
دوست پريشان ٿي ويا آهن. سو مهرباني ڪري پوسٽ ڊليٽ ڪر جو وڌيڪ دوست پريشان نه ٿين.
مون چيو ٺيڪ آ. جنهن تي ٿورا مڃي فون بند ڪيائين ۽ مون پوسٽ هڊن ڪري ڇڏي. وري ٽئين
ڏينهن فون ڪيم، چيائين آپريشن خيرخيريت سان ٿي وئي، پوءِ سمورن دوستن جو حال احوال
ورتو ۽ مون دوستن لاءِ ٻڌايو ممتازبخاري سان ملاقات ٿي، اوهان لاءِ پڇي پيو ۽ جمال
ناصر سان به ملاقات ٿي، اهو چوي ٿو هاڻي پرهيز ڪيو ۽ هوڏانهن حڪيم زنگيجو به آيو
هو، چوي پيو ته توهان سان ڳالهه ٿي آهي سو بس هاڻي هادي اچي ته هڪڙِي ڀرپور دعوتِ
محفل رکون ٿا. سو مون به ها ۾ ها ملائي آهي. هاڻي اچو ته حڪيم کان اها دعوت ته وٺون
۽ ها امداد ڇڇر فون ڪيو آهي ته مان ڪراچي ۾ رهان ٿو، هادي صاحب جي مڪمل ايڊريس ٻڌايو
ته مان عيادت به ڪري اچان ۽ ڪو ڪم ڪار هجي ته خدمت ڪري اچان. ان کان پوء هن سڀني
دوستن لاءِ مهرباني چئي ۽ امداد ڇڇر لاءِ اڊريس لکرائي ۽ آخر ۾ چيو ته هاڻي ڀلي
پوسٽ رک يار ته مان خيريت سان آهيان ۽ دوست فون ڪري حال حوال ڀلي وٺن. پوءِ مون
اها پوسٽ به رکي. وري چوٿين ڏينهن امداد ڇڇر صاحب جي شام جو فون آئي ته چيائين
هادي صاحب وٽ پهچي ويو آهيان، پر هن کي ته آپريشن ٿيٽر ۾ کڻي ويا آهن هتي هن جو پٽ
رمضان مليو آ. مون چيو آپريشن ته ٿي وئي، وري ڇا جي آپريشن؟ توهان رمضان کي ڏيو ته
مان ڳالهايانس سو رمضان سان ڳالهه ٿي چيائين چاچا ٻي ڄنگه جي آپريشن اٿس، چون ٿا ٻه
ڪلاڪ هلندي. مون چيو ڪله ته هادن اهڙي ڳالهه ڪانه ڪئي. چيائين اها ڳالهه صحيح آ پر
ڪجهه ٽيسٽون رهيل هيون، جن جي اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن چيو جلد ٻي آپريشن ٿيندي. سو
بابا چيو ٺيڪ آ ٻي به ڪري ڇڏيو.
مون امداد صاحب کي
چيو توهان رمضان کان ڪم ڪار پڇي ڀلي في الحال گهر وڃو. سڀان وري اچجو. سو امداد،
رمضان سان ملي گهر هليو ويو. مون کي اڻ تڻ لڳي پئي هئي. مون ۱۰ وڳي هادن جي نمبر تي ڪال ڪئي ته رمضان اٽينڊ
ڪئي. مون پڇيو آپريشن ٿي وئي. چيائين ها چاچا آپريشن ٿي وئي. مون چيو بابا کي ڏي
ته ڳالهه ڪيون. چيائين بابا کي ٿوري ساهه ۾ تڪليف ٿي پئي آهي، سو ڊاڪٽر آيو آهي،
جيئن ئي ٿورو آرام آيس ته ڳالهه ڪرايان ٿو. پوءِ وري مون ۱۱ وڳي فون ڪئي ته اٽينڊ نه ٿي. مون سمجهيو هاڻي
گهڻو ٽائيم ٿي ويو، سو آرام ۾ هوندو، جنهن ڪري سڀاڻ ڳالهائي وٺبو. صبح جو موبائل
تي رنگ وڳي نانءُ ڏٺم حاجي وحيد قريشي. هيلو ڪيم، چيائين هادي صاحب هميشه لاءِ
الوداع ڪري ويو. بس ساهه ئي سڪي ويو. منهنجو يار ائين وڃڻ وارو ته ڪونه هو، اڃان ڪيتريون
ئي ڳالهيون ڪرڻيون هيون. الوداع اي منهنجا محبوب دوست چوڻو پيو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا