ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو
سندس وڇوڙي تي سنڌ پنهنجي
صدوري پُٽ کان محروم ٿي وئي
رحيم بخش جماڻي
(ملڪ جي نامياري
سياسي شخصيت شهيد الله بخش سومري جو پوٽو ۽ مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو
ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. هن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي ۽ سندس ڪورونا ٽيسٽ به ناڪاري آئي
هئي، پر صحت جي حوالي سان ڪجهه ٻين پيچيدگين جي ڪري هو، هن فاني دنيا مان هميشه
لاءِ هليو ويو. هو نه رڳو هڪ بهترين پيشيواراڻو ڊاڪٽر هو بلڪه هڪ سٺو سياستدان، هڪ
سٺو انسان، بهترين دوست، پنهنجي خاندان جو هڪ منفرد ڀاتي، پنهنجي ڏاڏي جو پيروڪار
۽ مشڪل وقت ۾ هر هڪ جي اميدن تي پورو لهندڙ املهه ماڻهو هو. سندس وڇوڙي جي ڏک ڀري خبر
ٻُڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، ڊڪٽر يونس سومرو واقعي هڪ بهترين ڀاءُ ۽ سڀني دوستن،
مٽن مائٽن، عزيزن ۽ عام ماڻهن جو خيال ڪندڙ هو. سندس وڇوڙو نه صرف سومرو خاندان پر
پوري طبي شعبي جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن، شڪارپور سميت پوري سنڌ جو تمام وڏو نقصان
آهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو سندس روح کي عافيت بخشي، سندس مغفرت ڪري کيس جنت
الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. حديث پاڪ ۾ آهي ته “ڪنهن به وبا ۽ مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري
فوت ٿيندڙ شهيد آهي.” شهيد ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جون خدمتون وسرڻ جوڳيون ناهن ۽ هو
هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.)