نشتر ناٿن شاهي
سندس لاڏاڻي تي
حميد شڪيل چانڊيو
ڀٽائي جي ڀلاري ڀونءَ ۽ لعل شھباز جي ننگري اڻڳڻين مخلص، انسان دوست، اديبن، فنڪارن، ليکڪن، ادبي لڏي سان وابسطگي رکندڙ ڀلوڙ ماڻھن سميت شاعرن سان ڀري پئي آھي سنڌ امڙ جي سيني مان جنم وٺندڙ شاعرن کي به خدا طرفان ڏات مليل آھي جيڪي لفظ لفظ کي ڳولي ڪري موتين مالها وانگي ان کي پوئي سٽن کي سٽڻ جا گر ڄاڻي انهن کي سهيڙي پنهنجي پرستارن کي پڙھڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا جيڪي پنهنجو درد،پيڙائون، ڏک ڏمر،خوشي غم، پيار محبت انسانيت،رشتن ناتن تي لکڻيون لکي هر عام خاص ماڻھن،شھرن توڙي دنيا جي مختلف ملڪن تائين نياپو پهچائن ٿا.