; سنڌي شخصيتون: شيخ عزيز

14 October, 2018

شيخ عزيز

شيخ عزيز
صحافت جو استاد، شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو.
ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو، ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري، سينيئر صحافي کي اڄ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه سينيئر صحافي شيخ عزيز پنهنجي گھر وارن سان گڏجي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ دل جو دورو پيو. جنهن بعد هنگامي بنيادن تي کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪراچي جي اسپتال نيو ويو. جتي سندس فوري طور تي دل جو آپريشن ڪيو ويو هو. ڪالهه صبح جو سوير سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي پئي، جنهن سبب هُو هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. شيخ عزيز کي اڄ منجھند جو ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سندس لاڏاڻي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادي، اقبال ملاح، سب ايڊيٽر جاويد بوزدار، سارنگ زين چانڊئي، رياض ابڙي، اي پي پي جي عبدالله سروهي، ڪرم علي شاهه ڪرم ۽ ٻين عزيز جي پٽ طارق عزيز شيخ سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. کاٻي ڌُر جي صحافين ۾ شمار ٿيندڙ صحافي شيخ عزيز پونيئرن ۾ بيواھ، ۲ پُٽ ۽ ۲ نياڻيون ڇڏيون آهن.


گڏ ڪيل تفصيلن موجب؛ شيخ عزيز صحافت جي شروعات سنڌي  اخبار کان ڪئي. جنهن بعد هُو ڪراچي ۾ وڏو عرصو انگريزي اخبار روزاني ڊان سان سلهاڙيل رهيو. سندس قلم جمهوري تحريڪن خاص طور تي ايم آر ڊي دوران اتساهه جو سبب بڻيو. مرحوم شيخ عزيز ڪيترن ئي انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. هن لاتعداد ڪالم پڻ لکيا. سنڌي توڙي پرڏيهي موسيقي بابت پڻ کيس وڏي ڄاڻ هئي. موسيقي جي موضوع تي سندس هڪ ڪتاب پڻ آهي. ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سينئر صحافي شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته؛ مرحوم شيخ عزيز هڪ پروفيشنل صحافي ۽ همه گير شخصيت جو مالڪ هو. سياست، ادب ۽ صحافت ۾ سندس خدمتون ايندڙ نسل لاءِ وڏو سرمايو آهن. دعا آهي ته الله تعالي مرحوم جي مغفرت فرمائي، سندس درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر جي توفيق ڏئي.
وڏي وزير پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته؛ شيخ عزيز جون خدمتون سدائين صحافتي تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون. هوڏانهن تعليم ۽ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه پڻ شيخ عزيز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.




آهه! شيخ عزيز جو لاڏاڻو!..
سنڌ جو ناميارو صحافي شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪالهه سپر هاءِ وي تي نوري آباد وٽ دل جو دورو پيو، فوري علاج لاءِ حيدرآباد نيو ويو پر اُتي علاج جون مناسب سهولتون نه هجڻ ڪري کيس فوري طور آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي سندس دل جي اينجيوپلاسي ٿي، اينجيوپلاسيءَ بعد سندس طبعيت ۾ سڌارو اچڻ لڳو پر ڏينهن گذرڻ دوران اوچتو ئي اوچتو سندس دل هلڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، رب الڪريم کيس پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي. شيخ عزيز ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، سندس جنم ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي حيدرآباد ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد جي هڪ خوش پوش ۽ تعليم يافته خاندان ۾ ٿيو هو.
ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جي شعبي ۾ جيڪي نامياريون شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن ۾ ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز نمايان حيثيت رکي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ شيخ محمد اسماعيل ادب ۽ سنڌ جي قديم آثارن جو ماهر هيو ۽ ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان جو پروڊيوسر هيو، ٻنهي ڀائرن جي تربيت جو مٿس انتهائي گهرو اثر هو پر شيخ صاحب پاڻ به ذهني طور تي سڄاڻ ۽ سجاڳ انسان هيو، سندن طبعيت ۾ ننڍي هوندي کان ئي علم، ادب ۽ آرٽ طرف لاڙو نمايان هوندو هو  جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي، ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب طرف به سندس لڳاءُ والهانا هيو.
شيخ عزيز پنهنجي شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، هُن عملي صحافت لاءِ پنهنجي تعليم ٿامس ڪاليج آف جنرنلزم لنڊن مان صحافت ۾ ڊپلوما حاصل ڪري مڪمل ڪئي، ان بعد پنهنجي عملي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين.، ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جي شوق ڪري کيس ان وقت سنڌ جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو مليو، ان وقت اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب هيو، شيخ عزيز صاحب پهريان سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون پر عملي صحافت جي شروعات هُن پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ئي حيدرآباد مان روزاني عبرت، روزاني سنڌ نيوز ۽ روزاني ڪاروان ۾ ڪم ڪري ڪيو، بعد ۾ هُن روزاني حُريت، روزاني جنگ ۽ هفتيوار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو. هُن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچي ۾ پنهنجيون صحافتي ذميواريون سرانجام ڏيندي گذاريو ان بعد هُن انگريزي اخبار روزاني ڊان ۾ نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، روزاني ڊان ۾ هُن پنهنجي زندگيءَ جو تمام وڏو عرصو ڪم ڪيو تان جو ۲۰۰۸ع ۾ رٽائر ڪيائين، هُو روزاني ڊان سان ۱۹۸۹ع کان منسلڪ ٿيو هو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڪم ڪندو رهيو، رٽائر ٿيڻ بعد به هو روزاني ڊان ۾ لکندو رهيو.
مرحوم ۽ مغفور شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ ۾ عملي صحافت سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوزپيپرز سوسائٽيءَ جو جج پڻ رهيو، هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هُن ڪيئي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگ ڊم آف سنڌ، ڀٽو- ميموريز ۽ ريمبرينس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ اوليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافت نالي ڪتاب شامل آهن. شيخ عزيز صاحب هڪ عميق ۽ گهري نظر رکندڙ صحافيءَ سان گڏ موسيقيءَ جي وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو. شيخ عزيز سنڌي ادبي بورڊ جو وائس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو.  سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ جيڪي به شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن مان شيخ عزيز جو نالو سڀني کان مٿاهون آهي جو هو هڪ صحافي هوندي ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ هڪ جامع ادارو هو، جنهن سنڌي صحافت جي شروعاتي ايام ڪاريءَ ۾ ڪيئي سنڌي اخبارن جا نه صرف بنياد رکيا پر انهن کي ڏينهن رات جاکوڙ ڪري ادارن جي صورت ڏني، ڪيئي اخباري ادارن جي قيام ۽ نه فقط بنيادي ڪردار ادا ڪيائين پر ان سان گڏ ڪيئي صحافين جي تربيت پڻ ڪيائين جيڪي اڳتي هلي صحافتي ۽ قومي زندگيءَ جي اعلى معيار کي رسيا.
شيخ عزيز صاحب جو لاڏاڻو اسين سمجهو ٿا ته نه صرف سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏي ڏک جو سبب بڻيو آهي پر ان سان گڏو گڏ سندس لاڏاڻو پوري سنڌي سماج لاءِ انتهائي ڏک ۽ افسوس جو سبب پڻ بنيو آهي، سماج ۾ هر انسان جو پنهنجو پنهنجو ڪردار، اهميت ۽ اثر هوندو آهي، سماج ۾ هر انسان جي پنهنجي سوچ ۽ فڪر هوندو آهي جنهن تحت ئي ان جي زندگي گذرندي آهي، پر اهي انسان جيڪي پنهنجي عملي زندگيءَ جي عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن سماج تي پنهنجو اثر ڇڏي وڃن ٿا، سماج جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي کي ڪو نئون موڙ، ڪا نيئن زندگي، ڪو نئن فڪر يا عمل ڏئي وڃن ٿا، ۽ سندن اهڙين ئي ڪوششن ڪري سماج ترقيءَ جي هڪ وک اڳتي وڌائي ٿو ته سمجهبو ته ان ماڻهوءَ جو هن دنيا ۾ اچڻ سڪارتو ٿيو، نه ته هر روز لکين انسان جنم وٺن ٿا ۽ لکين مرن ٿا، سڀني کي نه ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي انهن جي لاڏاڻي تي ڪو سمورو سماج ڏکوئتو ٿئي ٿو، سماج فقط انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿو ۽ انهن جي وڇڙي وڃڻ تي ڏک ۽ الم ڪري ٿو جيڪي سماج جا اڏيندڙ ٿين ٿا.
شيخ عزيز صاحب سنڌي سماج جي انهن اڻ ڳڻين شخصيتن ۾ شامل آهي جن جي ڪوششن سان سنڌي سماج، سماجن جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪو مان ۽ مرتبو ڳڻائي سگهي ٿو، اهو درست آهي ته سماجن کي ادارا جوڙيندا آهن، پر اهو به غلط ناهي ته ادارن کي وري شخصيتون جوڙينديون آهن، جيڪي قومن کي جوڙيندا ۽ جياريندا آهن. شيخ عزيز صاحب جو شمار اهڙن ئي انسانن ۾ ٿئي ٿو جن قومن ۽ سماجن جي تعمير ڪرڻ لاءِ ڪيئي ادارن کي جنم ڏنو، شيخ عزيز صاحب هميشه سنڌي سماج جي ساڃاهه، شعور ۽ فڪر ۾ جيئرو رهندو. سنڌ کي وري به ڪنهن ٻئي شيخ عزيز جي سخت ضرورت آهي.

ايڊيٽوريل، ڏيھاڙي عوامي آواز، سومر ۸ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع، ۲۷ محرم الحرام ۱۴۴۰ هه




شيخ عزيز
سڀني جو عزيز
مير اعظم علي ٽالپر
هن جو پورو نالو شيخ عبدالعزيز هو، پر هو اخباري دنيا ۾ شيخ عزيز جي نالي سان مشهور هو، هن جو جنم حيدرآباد ۾ ۱۹۳۸ع دوران ٿيو پر سندس جواني کان هر ڳالهه ۾ سڃاڻپ اخبارون ۽ صحافت جو ميدان آهي. منهنجي سڃاڻپ ۽ واقفيت سائين شيخ عزيز سان (تاريخ ياد نه آهي) غالبن ۱۹۶۹ع کان ان وقت ٿي هئي، جڏهن کان عبرت ۾ اچڻ وڃڻ ۽ لکڻ جو سلسلو ٻارن جي صفحي ٻارڙن جي ٻاريءَ کان شروع ڪيو هو. ان بعد عبرت جي فلمي صفحي ۽ ان بعد فلم ايڊيشن ۾ لکندي ملاقاتون ٿينديون هيون. سائين شيخ عزيز جن سنڊي ايڊيشن لاءِ به مضمون لکيا، جنهن ۾ خاص ڪري آچر ۲ ڊسمبر ۱۹۷۳ع وارو آرٽيڪل ”ڊبلن جو اغوا“ بهتر هو، شيخ عزيز تي عبرت اخبار لاءِ فلمي صفحو ڪڍڻ لاءِ سائين شهزادي گلفام کي آماده ڪيو هو ۽ ان بعد شهزادي گلفام جو عبرت جو فلمي صفحو فلم ايڊيشن بڻجي ويو ۽ عبرت جي واکاڻ لاهور ۽ ڪراچي فلم انڊسٽري تائين ٿيڻ لڳي هئي. شيخ عزيز کي مَلهه راند سان ڏاڍي دلچسپي هئي، ان لاءِ هو اڪثر محرم سان ملي ملهه ڪرائڻ ۽ ان تي لکڻ پسند ڪندو هو، ان ڪري شير سنڌ مير بحر ۽ ملهه تي عبرت ۾ گهڻو ڪجهه وقت به وقت شايع ٿيندو رهندو هو. ان سلسلي ۾ پروانو ڀٽي به ملهه راند سان شوق رکندو هو.
شيخ عزيز عبرت اخبار ۾ ان وقت ڪم ڪيو، جڏهن ڪنهن اخبار کي مواد پهچائڻ لاءِ اڄ جهڙي آسان ٽيڪنالاجي واري سهولت ميسر نه هئي، مواد لاءِ ٽپال يا هٿ سان پهچائڻ جو رستو هو.
ان جي باوجود شيخ عزيز عبرت اخبار ۾ ۷۰ع جي ڏهاڪي ۾ شاندار صحافت ڪندي اخبار کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڇو ته هي هڪ طرف ايماندار صحافت ڪندڙ هو ته ٻئي طرف نواڻ پسند هو، ان زماني ۾ اخبار کي خبرون ا پ پ (سرڪاري ايجنسي) ڏيندي هئي، پر شيخ عزيز ٿامس ڪاليجه لنڊن مان ڊپلوما واري تجربي ۽ علم کي سنڌي صحافت ۾ ڪم آندو. حالانڪه شيخ صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سرڪاري نوڪري کي اوليت نه ڏني ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جيئن ڪاروان ۾ ۱۹۵۸ع ان بعد عبرت ۾ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽر به ڪم ڪيو ۽ ايڊيشن جو انچارج هو. انکانسواءِ اسسٽنٽ پرنٽر طور به ڪم ڪيو.
شيخ عزيز ۱۹۷۶ع کان سنڌ نيوز جو ايڊيٽر ٿيو، جتي راقم کي به گڏ وٺي ويو ۽ فلم ايڊيشن شروع ڪيو، هن سنڌي اردو ڊڪشنري لاءِ حڪومت پاران هلندڙ اسڪيم ۾ لغت لاءِ ڪم ڪيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ فوڪ نور ڪليڪشن پروجيڪٽ ۾ ۱۹۵۷ع کان ۱۹۶۰ع تائين مشغول رهيو. هن بطور اعزازي استاد سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاس ورتا.
ڪي ٿورا ماڻهو قدرتي ڏات جو ڀرپور اظهار ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن ۾ شيخ صاحب جو نانءُ نمايان آهي. هُن نه فقط افسانا لکيا، پر صحافت بابت به خوب لکيو. اُن کان علاوه سفرنامو پڻ لکيو. شيخ عزيز جي مختلف ڪتابن ۾ بهترين ڪتاب پراسرار ڪهاڻيون آهي، جيتوڻيڪ سندس ٻين ڪتابن ۾ مختصر ڪهاڻيون، عمل صحافت، مون لينن جو ڏيهه ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين.
شيخ عزيز کي موسيقي جي فن سان به شوق هو ۽ هن هڪ ڪتاب سنڌ جي ساز ”چنگ“ تي تحرير ڪيو آهي، جيڪو سنڌ ثقافت کاتي وٽ اٺن مهينن کان امانت پيل آهي، خبر نه آهي اهو ڪتاب ڪڏهن ڇپبو؟ ان لاءِ سائين سردار شاهه وزير ثقافت کي جلدي ”چارڻ چوريو چنگ“ چورڻ ۽ شيخ عزيز جو اهو چنگ تي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي.
بهرحال اڳ عبرت ۾ سڀني جو عزيز هوندو هو شيخ عزيز، جيڪو آخر ۾ جنگ اردو، ان بعد حريت ۽ آخر ۾ ڊان ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ خوب نالو ڪمايو. ”جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي“ ۽ سدائين صحافت جي ميدان ۾ بطور استاد سندس نالو زنده رهندو. ڇو ته هو سڀني جو عزيز هو ۽ عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندي به بيمار هو کيس روزانا انجيڪشن لڳندي هئي ۽ سندس ڀاءُ شيخ ابراهيم ڪراچي ريڊيو تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد جلدي گذاري ويو هو.


شيخ عزيز
صحافت جو هڪ اصولي باب پورو ٿيو
زرار پيرزادو
هلندڙ سال ۲۰۱۸ ۾ جيڪي تمام وڏيون شخصيتون لاڏاڻو ڪري ويون آهن تن مان شيخ عزيز صاحب به هڪ آهي.
ڄام ساقي، منو ڀائي، رسول بخش پليجو، عاصمه جهانگير، عبدالحڪيم ارشد ۽ هاڻي شيخ عزيز پنهنجن پنهنجن شعبن جا ليجنڊ هيا. ليجنڊ اسان انهن کي چوندا آهيون جن پنهنجي شعبي کي نئون لاڙو، نئون دور ڏنو هجي.
شيخ عزيز صاحب هونئن ته گهڻ رخي شخصيت هيا، ادب، سياست، تاريخ ۽ موسيقي سندن لکڻين جا وڏا حوالا هيا پر ”صحافت“ ۾ سندن قد ڪاٺ ”استاد“ ۽ رول ماڊل وارو هو.
هو انهن صحافين مان هڪ هو جن جي صحافت کي ڏسي ڪيترن ماڻهن ”صحافت“ کي پيشي ۽ ڪيريئر طور استعمال ڪيو. هو پنهنجي جوهر ۾ ”صحافتي ادارو“ هجي ۽ ان سنڌي صحافت تي هڪ ڪتاب به لکيو جنهن کي نصابي حيثيت مليل آهي.
هو رڳو سنڌي صحافين جو ئي رول ماڊل نه هو پر انگريزي ۽ اردو ميڊيا جي صحافين جو پڻ استاد هو. شيخ عزيز صاحب کان متاثر ٿي سندس گهر مان به هڪ صحافي ۽ محقق پيدا ٿيو، جنهن جو نالو آهي ”طارق عزيز شيخ“.
طارق جنهن جي سڃاڻپ جو پهريون ۽ وڏو حوالو سندس والد ”شيخ عزيز“ هو، سو هاڻي شيخ عزيز جي ورثي جو وارث بڻجي آڏو آيو آهي ۽ شيخ عزيز کيس پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهو ورثو سنڀالڻ جو ڏانءُ اڻ سڌي طرح يعني روڊل ماڊل بڻجي سيکاري ويو ۽ شيخ عزيز صاحب کيس پنهنجي ان علمي، ادبي، صحافتي ۽ تحقيق واري دڳ تي هلندي به ڏٺو.
”صحافت“ جي جيڪڏهن ڪا اخلاقيات آهي ڪو اصول ۽ نظريو آهي ته اها شيخ عزيز جي صحافت هئي. خبر ڪئين لکجي، فيچر ڪيئن لکجي، ايڊيٽوريل، ڪالم ڪيئن لکجي، شيخ عزيز صاحب وٽ سڀ ڏانءُ ۽ ”قالب“ موجود هيا.
شيخ عزيز صاحب جو انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ يادگار ڪم سندن لکيل پروفائيل هيا، جيڪي هو لاڏاڻو ڪري ويل شخصيتن تي فوري طور اخباري ضرورت موجب لکندو هو.
شيخ عزيز صاحب ۲۰۰۸ع ۾ اهو ڪم جتي ڇڏيو سو وري ڪير به اونئن نه ڪري سگهيو. شيخ عزيز صاحب جي انهن لکيل پروفائيلن تي ٻڌل ڪتاب ڇپجي سگهجي ٿو.
جيئن انور پيرزادو صاحب جو ڊان اخبار ۾ هليل سلسلو ”سنڌي پريس ڊائجسٽ“ جنهن جو هو بانيڪار هو سو وري ان معيار جو ڪير نه لکي سگهيو ۽ هاڻي اهو بند ٿي چڪو آهي.
ڪالهه ڊان اخبار ۾ اسان جي سنڌي صحافي امتياز عليءَ جو شيخ عزيز صاحب جي لاڏاڻي تي لکيل پروفائيل ڏسي شيخ عزيز صاحب ياد اچي ويو، جنهن جي زمين ۾ ئي امتياز اهو پروفائيل لکيو.
شيخ عزيز صاحب جو جنم ويهين صديءَ ۾ ٿيو هو ۽ ان ايڪويهين صدي جي ۱۸هين سال ۾ لاڏاڻو ڪيو آهي.ايئن هن ۲۰هين صدي جي صحافتي قدرن ۽ اخلاقيات کي ۲۱هين صدي ۾ منتقل ڪيو آهي.
صحافي ٿيڻ ته سولو آهي پر صحافتي اصولن، نظرين ۽ ان جي اخلاقيات تي هلڻ ڏکيو آهي.
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته شيخ عزيز صاحب جي شڪل ۾ اصولي، نظرياتي ۽ اخلاقي صحافت جو هڪ باب پورو ٿي تاريخ ۾ درج ٿي ويو آهي.


شيخ عزيز جي مرتئي تي لکيل
تاريخ جو ھڪ پَنو
نصير اعجاز
ستٽيھه سال اڳ ۱۹۸۱ جي ابتدائي مھينن مان ڪو ھڪ مھينو ھو جڏھن ڪراچيءَ ۾ سنڌ اطلاعات کاتي جي آفيس ٻاھران مرحوم خان محمد پنھور ملي ويو ۽ ملندي ئي چيائين: ”ويھه ڪار ۾ ته خيرپور ھلون، سچل جي ميلي ۾. ھيءَ ڪار ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ موڪلي آھي ته جيئن ڪراچيءَ مان ڪجھه دوستن کي ادبي ڪانفرنس لاءِ وٺي اچان.“ مان تن ڏينھن ۾ ھيس ته واندو جو ھلالِ پاڪستان اخبار مان ۳۵ ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف ھلچل ھلائڻ تي مان به نوڪري وڃائي ويٺو ھئس، پر نه گھر وارن کي ڪو اطلاع، نه ڪو اضافي لٽو ڪپڙو، سو گھڻو ئي نٽايم پر دوست جي زور آڏو ھڪ نه ھلي. ڪار ۾ چڙھي پھرين ته اورنگي ٽائون وڃي ڪجھه ڪپڙا کنيم جنھن کانپوءِ ڪار ناظم آباد واري پاسي ھلڻ لڳي ته تڏھن خان محمد پنھور ٻڌايو ته شيخ عزيز به اسان جو ھمسفر ھوندو.
شيخ عزيز سان ڪجھه ورھين کان نيازمندي ھئي، پر ساڻس سفر ۽ ڪچھريءَ جو اھو پھريون موقعو ھو. سفر ڊگھو ھو پر اسان ٽئي ڪچھريءَ جا ڪوڏيا، سو سفر جي ڊيگھه جي خبر ئي ڪا نه پئي، پر ان سفر جي خاص ڳالھه ھئي سنگيت بابت شيخ عزيز جي ڄاڻ. سندس ئي پسند تي ڪار ۾ استاد منظور علي خان جا ڪلام ھلڻ شروع ٿيا ته ھن اسان کي ھر راڳ ۽ سُر بابت به ٻڌائڻ شروع ڪيو. استاد منظور علي خان جو ھڪ ڪلام ته اھڙو ھو جنھن کي ٻُڌڻ سان اسان روحاني طور ڄڻ ته ڪنھن ريگستان ۾ اُٺن جي قافلن سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئاسين جتي رات جي سانت ۾ رُڳو اُٺن جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽَلين وڄڻ جا آواز گونججي رھيا ھئا ـ شيخ عزيز جي فرمائش تي اھو ڪلام ورجائي ھلايو ويو ۽ پوءِ اسان اھو سمورو وقت ان راڳ جي سحر ۾ گُم رھياسين. انھيءَ ڏينھن خبر پئي ته شيخ عزيز رُڳو صحافي ڪونه ھو پر کيس سنگيت جي علم تي به دسترس حاصل ھئي. ان يادگار سفر کانپوءِ اسان جون ٻيون به گھڻيون ئي ڪچھريون ٿيون جيڪي رات جو دير تائين مڌ ماٽيون خالي ٿيڻ تائين جاري رھنديون ھيون.
شيخ عزيز مون کان گھڻو سينئر، بلڪ منھنجي سينئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو جنھن ۾ سينئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن ۱۹۳۸ ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو ڄڻ ته اکين ڏٺو شاھد ھو. سال ۱۹۶۰ واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دوران کيس ۱۹۶۸ ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي. حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا جڏھن ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶ ۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته ۱۹۷۴ ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ شيخ عزيز صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو.
جڏھن ۱۹۸۱ ۾ اسان گڏ سچل واري ادبي ڪانفرنس لاءِ سفر ڪيو، تنھن کان ڪجھ ورھيه اڳ ئي شيخ عزيز حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچيءَ منتقل ٿي چُڪو ھو جتي ھن اردو اخبارن حُريت ۽ جنگ ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ۱۹۸۹ کان انگريزي اخبار ڊان ۾ صحافت شروع ڪيائين جتان ۲۰۰۸ م رٽائر ٿيو پر پوءِ به ھن ڊان لاءِ لکڻ جاري رکيو ـ وڏي ڄمار ھوندي به ھو ماٺ ڪري ڪونه ويٺو ۽ ايتري قدر جو گھر ۾ ھوندي به ھُو ڪم ڪندو رھيو ـ
شيخ عزيز جا ڪيترا ئي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ پوليٽيڪل ھسٽري آف پاڪستان Political History of Pakistan اِلسٽرٽيڊ ھسٽاريڪل اٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌIllustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh  ڀُٽو- ميمائرس اينڊ رميمبرنسBhutto – Memoirs and Remembrance ، ھسٽري آف سنڌي لٽريچرHistory of Sindhi Literature  ۽ دي اوريجن اينڊ اِوولوشن آف سنڌي ميوزڪThe Origin and Evolution of Sindhi Music  شامل آھن.
صحافتي دنياط ۾ سندس قدآور شخصيت ھجڻ ڪري کيس اھو اعزاز به حاصل رھيو ته ۱۹۹۸ کان ۲۰۰۴ تائين کيس آل پاڪستان نيوزپيپرس سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي جج طور طور به مقرر ڪيو ويو جڏھن ته حياتيءَ جي آخري ورھين ۾ ھن سنڌي ادبي بورڊ جي وائيس چيئرمن جو عھدو به سنڀاليو ـ
شيخ عزيز پنھنجي سنگت ۾ اينسائڪلوپيڊيا طور مشھور ھو ـ ڪھڙو به موضوع ھجي، وٽس ڄاڻ جو خزانو ھوندو ھو. مٿي ذڪر ڪيل سندس ڪتاب ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آھن، پر جيڪڏھن ڊان توڙي ٻين اخبارن ۾ ڇپيل مختلف شخصيتن تي لکيل خاڪن، ملڪي ۽ عالمي صورتحال توڙي ادب ۽ ثقافت تي مضمون گڏ ڪري ڇپرايا وڃن ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي ويندا. شيخ عزيز پنھنجي حياتيءَ جي آخري ڪجھ ورھين ۾ نھايت ئي اھم ڪم شروع ڪيو ھو ۽ اھو ھو پاڪستان جي سياسي تاريخ تي ڊان ۾ سندس مضمون جيڪي ھُو A leaf From History جي عنوان سان لکندو ھو. انھن مضمونن ۾ صدر غلام اسحاق خان ھٿان محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو، پاڪستان ۽ دولتِ مشترڪه، بينظير ڀٽو حڪومت خلاف سازشون، وفاقي شريعت عدالت پاران زرعي سُڌارن کي غير اسلامي قرار ڏيڻ، سنڌ ۾ نسلي فساد، سياچن تڪرار، اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراھه حميد گل جون سياسي سرگرميون، بينظير حڪومت کي ڊاھڻ ۾ حميد گل ۽ اسلامي جمھوري اتحاد جو ڪردار، پاڪستان جو ائٽمي پروگرام، سياست ۾ ڪوڙ، بينظير حڪومت دوران سينيٽ ۾ پ پ پ جي شڪست، جھاز جي حادثي ۾ آمر جنرل ضياءَ جي موت بعد ملڪ جي صورتحال ۾ آيل تبديليون، انھيءَ کان اڳ ۱۹۸۵ ۾ جنرل ضياءَ جون ڪرايل غيرسياسي چونڊون، محمد خان جوڻيجي جو وزيراعظم ٿيڻ ۽ پوءِ ضياءَ ھٿان ئي برطرف ٿيڻ، اوجھڙي ڪئمپ وارا ڌماڪا، ملڪ ۾ ٺھندڙ سياسي اتحادن پٺيان لڪل ڪھاڻيون ۽ اھڙا ٻيا انيڪ موضوع شامل آھن جن کي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته ملڪ جي سياسي حالتن ۽ انھن پٺيان لڪل عوامل تي شيخ عزيز جي ڪيتري ڳُوڙھي نظر ھئي. منھنجي خيال ۾ پاڪستان جي سياسي تاريخ تي جيترو ڳُوڙھي نظر سان شيخ عزيز لکيو آھي، شايد ئي ٻئي ڪنھن لکيو ھجي. جيڪڏھن سندس اھي تحريرون ڪتابي شڪل ۾ اچي وڃن ته ھڪ وڏو اھم تاريخي دستاويز ثابت ٿيندو جيڪو موجوده توڙي ايندڙ وقت جي سياست جي شاگردن لاءِ مطالعي جوڳو ھوندو.
شيخ عزيز سان منھنجي آخري ملاقات ڪجھه مھينا اڳ اسان جي ھڪ ٻئي دوست يوسف شاھين جي آفيس ۾ ٿي ھئي جتي ھو ڪڏھن ڪڏھن ساڻس ڪچھريءَ لاءِ ايندو ھو. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته تاريخ جا پنا لکندي لکندي شيخ عزيز پاڻ به تاريخ جو ھڪ پنو ٿي ويندو ۽ پوئتي ھڪ وڏو خال ڇڏي ويندو.


شيخ عزيز
هڪ بيباڪ قلمڪار
درِشھوار مرزا
ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي صحافت جيڪي ذھين شخصيتون پيدا ڪيون، ناميارو صحافي، قلمڪار ۽ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ، شيخ عزيز انھن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. پاڻ ٽنڊو آغا علي آباد حيدرآباد ۾ ماني مڇي واري تعليم يافته خاندان ۾ جنم ورتو. ھڪ اھڙي گھر ۾ جتي وڏي ڀاءُ جي صورت ۾ ھڪ پاسي ادب ۽ سنڌي آّثار قديمه جي ماھر شيخ محمد اسماعيل جي تربيت ته ٻي پاسي، سندن ٻيو ڀاءُ شيخ محمد ابراھيم ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر ھئا. اھڙي ئي تربيت سبب شيخ عزيز ادب ۽ صحافت ۾ به نالو ڪڍيو.
ننڊي ڄمار ۾ ئي نه فقط شيخ عزيز صاحب جو لاڙو صحافت ڏانھن ھئو پر گڏو گڏ سنڌ جي تاريخ، ننڍي کنڊ جي موسيقي ڊراما، ٿيٽر ۽ شاھڪار ڪلاسيڪل ادب سان والھانه لڳاءُ پيدا ٿي ويو. شيخ عزيز صاحب اڃان نو عمرئي ھئا، ته لکڻ پڙھڻ جي شوق سبب کين ان وقت جي سڀ کان وڏي اخبار روزاني”عبرت“ ۾ شموليت جو موقعو ملي ويو. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي صحافت ۾ ھن اخبار جي ڀل ڀلان ھئي ۽ ان جا مالڪ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جھڙا ناميار انسان ھئا، اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب ھئا، شيخ غزيز صاحب ان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ۽ پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون.
پاڻ ڇا ڪاڻ ته نوجوان، نئين ذھن جا مالڪ ۽ دنيا جي جديد اخبار نويسي جو گھرو مطالعو ڪندڙ ھئا ان ڪري نھايت جلد سنڌ ۾ جديد طرز جي صحافت متعارف ڪرائڻ ۾ پاڻ ملھائيندا رھيا. ان دوران ستر واري ڏھاڪي ۾ قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي سليم اڪبر، گاڏي کاته حيدرآباد مان ”سنڌ نيوز“ اخبار جاري ڪئي ته شيخ عزيز کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيوويو، شيخ عزيز صاحب نھايت ٿوري وقت اندر پنھجي جونيئر ساٿين سھيل سانگيءَ ۽ امداد چانڊيي جي محنتن سان ھن اخبار کي سڄي سنڌ ۾ مقبول اخبار بنايو. پاڻ ان اخبار ۾ لاءِ فقط وقتائتا اداريه لکيا، پر سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ به زبردست آواز اٿاريندا رھيا، ھي دور دنيا ۾ جديد صحافت جو دور ٿي اڀري رھيو ھئو ۽ صحافت جي فروغ لاءِ پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ صحافت جي سلسلي جا شعبه قائم ٿي چڪا ھئا، ھن جو مقصد ھئو ته نوجوانن کي عملي صحافت سان گڏ جديد صحافت جا آداب به پڙھايا وڃن. ان ڏس ۾ شيخ عزيز سنڌ جو اھو پھريون سڄاڻ صحافي ثابت ٿيو جنھن سنڌ ۽ صحافت سان دلچسپي رکندڙ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ڪتاب تحرير ڪيو.
جڏهن ۱۹۷۸ ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ان جي لاءِ خان محمد پنھور کي شعبي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ شيخ عزيز صاحب سنڌ يونيورسٽي اخبار لاءِ خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن شعبي لاءِ وزيٽنگ پروفيسر جون خدمتون سر انجام ڏيندا رھيا. ۱۹۷۸ ڌاري شروع ٿيندڙ ان شعبي ۾ ھي به سندن ئي تربيت جو اثر ھئو جو سنڌ کي جيڪي تربيت يافته صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر ۽ انفرميشن آفيسر ميسر ٿيا انھن ۾ ڪجھ نمايان نالا آھن؛ آغا رفيق، سريش ماکيجاڻي، آفتاب پٺاڻ، محترما رعنا ٽالپر ۽ نصير مرزا شيخ عزيز صاحب جي تربيت ھيٺ رھي چڱو نالو ڪڍيو، سنڌ نيوز اخبار جي بند ٿيڻ بعد شيخ عزيز صاحب ڪراچي شفٽ ٿيا ۽ روزاني جنگ اخبار جي ثقافت صفحي ۽ پوءِ مڊويڪ جنگ ميگزين جا انچارج ٿيا. اتي سندن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ظاھر ٿيو ته پاڻ پھريون ڀيرو اردو ۾ سنڌ جي ثقافت، لوڪ ڪھاڻين، سنڌ جي موسيقي ۽ فنڪارن جي باري ۾ زبردست مضمون ۽ فيچر لکيا. سندن اھي سڀ تحريرون ڪنھن ڪتاب ۾ مرتب ٿيڻ لاءِ اڃا منتظر آھي.
جنگ اخبار کان پوءِ شيخ صاحب روزاني ڊان اخبار سان وابسته ٿيا ۽ سنڌي، اردو کان پوءِ انگريزي صحافت ۾ به پنھجو پاڻ مڃرايائون ان اخبار لاءِ سندن وڏو ڪم ھو به ھئو ته پاڻ سنڌ جي تاريخ بابت شاندار مضمون لکيا، گڏوگڏ سنڌ جي نامور علمي ادبي ۽ فني شخصيتن جا خاڪ انگريزي ۾ لکيا، ان کان پھرين ڪنھن به سنڌي صحافي اھڙي خدمت نه ڪئي ھئي. شيخ صاحب جي بي بھا علمي ادبي ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتن آڌار، کين ڪجھ وقت لاءِ سنڌي ادبي بورڊ اداري ۾ وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ انگريزي لکي چڪا آھن زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سيئر ڪري چڪا آھن، سڀ کان اول ته پاڻ لنڊن ويا جتان ۱۹۶۵ ڌاري پاڻ جرنلزم جي سنڌ حاصل ڪيائون.
پاڻ ڀارت، سعودي عرب، آمريڪا، جاپان، ٿائيلينڊ، سنگاپور، سريلنڪا، ڪوريا، جرمني، فرانس، ايران، عراق ملڪ گھمي چڪا آھن. روس جي سياحت بعد، شاندار سفرنامو لکيائون. “مون لينن جو ڏيھه ڏٺو” شيخ عزيز صاحب بلاشبه سنڌ جي اھڙي معتبر ۽ نامور ھستي آھن. جن جي ذڪر کان سنڌي صحافت جي تاريخ اڌوري ھوندي.




شيخ عزيز ڪڏهن به نه وسرندو

حميده گهانگهرو

اهي ماڻهو جن جو حوصلو هماليا کان به اوچو پهاڙ کان به مضبوط ڪارونجهر جي قيمتي هيرن وانگر سندن سوچ فڪر ۾ ادبي سرمايو سانڍيل هو، انهيءَ اهم قطار مان هڪ هو شيخ عزيز.

شيخ عزيز ڪير نه سڃاڻي ۽ جيڪڏهن ڪير اهو چوي ته شيخ صاحب کي نه سڃاڻيون ته سمجهو انهن صحافت، ادب، آرٽ جي سڃاڻپ کان انڪار ڪيو. شيخ عزيز صحافت جو سرمايو آهي، جنهن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ پنهنجي فرض ادا ڪرڻ کان سواءِ ڪيترن صحافين کي آگاهي ڏني ۽ لکڻ جي فن ۾ ماهر ڪيو.

شيخ عزيز بغير موڪلاڻيءَ جي وڇڙي ويو ڪن انسانن جي وڇوڙي جي اچانڪ خبر پوي ته موت کي به ميار ڏيڻ تي دل چوندي. اي موت تون ايڏو جلد ڇو آئين، ڪن ماڻهن جون زندگيون اهڙيون قيمتي هونديون آهن جن جي جيئڻ لاءِ هميشه دعائون گهربيون، شيخ عزيز به انهن مان هڪ هو. صحافت، علم، ادب، آرٽ سڀني جو سنگم. شيخ عزيز پهريون دفعو ڏسو ته بلڪل نه محسوس ٿيندو ته هي ماڻهو ايڏو نرم نازڪ ۽ دل ۾ ٻين جي محبتن جذبن کي سانڍڻ وارو سچو کرو بيباڪ صحافي اديب، دانشور ۽ سڀ کان وڌيڪ نظرياتي سوچ جو ارڏو انسان، ڪڏهن به آڻ نه مڃڻ بلڪل صاف گو مصلحت ۽ خود پسنديءَ کان هزارين ميل ڏور رهڻ وارو، محفل جي مجموعي ۾ خوش رهڻ پسند ڪندو هو. هي تمام حساس دل به هو .

مون کي ياد آهي نذير عباسي سان شادي ٿئي پئي، نذير هول ٽائمر ڪامريڊ هئو، هن وٽ سامان وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا ۽ سهيل سانگي، شيخ عزيز، قاضي سليم ريشم گلي وٺي وڃي ڪجهه پائڻ جا ڪپڙا سامان ۽ بيگ وٺي نذير کي ڏني ته کڻي وڃ، هو ڪامريڊ به هو ته ڪامريڊن جو خيال به ڪندو هو. سندس صحافتي سفر ته عبرت اخبار کان شروع ٿيو، پر جڏهن سنڌ نيوز شايع ٿيڻ لڳي ته سندس صحافتي ڪردار ڪافي نکرجي سامهون آيو ۽ خاص طور سنڌي پڙهندڙ سندس لکڻين کي ساراهيندا هئا. ايڊيٽوريل پڙهڻ جهڙا هئا، سندس لکڻين جي ڏات دل کي ڇهي ڄڻ ماڻهوءَ جي حساس جذبن سان ڳالهائيندو هو، سنڌ نيوز اخبار شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ نيوز جي ٽيم قاضي سليم، شيخ عزيز، سهيل سانگي پوري سنڌ جو دورو ڪيو، ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ڪچهريون ڪيون. اخبارن جو معيار تمام بلند ٿيڻ لڳو، قاضي سليم ۽ شيخ عزيز سهيل سانگيءَ کان دير سان واندا ٿي اسان جي گهر آيا، امان کي چيائون ته ڪامريڊ جي گهر واري امڙ جي هٿ جي چانهن پيئنداسون. سيءُ به تمام گهڻو هو، پنهنجائپ وارو خلوص ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

سنڌ نيوز جي اعزازي ڪاپي اسان جي گهر ايندي هئي ۽ اسين سڀ ڀينر ڀائر ڏاڍي شوق سان پڙهندا هئاسين. سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪاليج جي مطالبي ۽ احتجاج دوران هاءِ اسڪول جا شاگرد گرفتار ڪيا ويا جن ۾ مان ادي زبيده ۽ منهنجو بابا به انهيءَ ڏوهه ۾ گرفتار ڪيا وياسين ته ڪاليج لاءِ احتجاج ڇو ڪيو. بابا کي نواب شاهه جيل ۽ اسان ٻنهي ڀينرن کي نارا جيل ۾ رکيو ويو. بيگم نسيم ولي خان بيان ڏنو ته ڇا پاڪستان ڪنهن چئن پلرن تي بيٺل آهي جنهن کي اسڪول جون ننڍيون شاگردياڻيون ڪيرائي ڇڏين ها. مون کي ياد آهي ته آزادي کان پوءِ جڏهن اسين حيدرآباد گاڏي کاتي ٽريڊ يونين آفيس آيوسين ته شيخ عزيز صاحب ۽ قاصي سليم خاص طور همت حوصلي تي داد ڏيڻ آيا. قاضي سليم ۽ شيخ عزيز ۾ ڪا وڏائي نه هئي يا وري اهو سوچڻ ته مزدورن جي آفيس ۾ ماني ڪيئن کائون.

نذير عباسي، تاج مري مزدور اڳواڻ بشير ڀائي حيدر چوڪ تان پڪوڙا ماني ۽ نهاري گهرائي جيڪا اسان سڀني گڏجي کاڌي ۽ پوءِ قاضي سليم کي سنڌ آبزرور لاءِ ڪجهه تاثرات وٺڻا هئا، ان کان پوءِ جيل جون ڳالهيون ڪندي مون شيخ عزيز صاحب کي ٻڌايو ته ڪنڊيارو شنوائي کان پوءِ ٻيهر نارا جيل وٺي پيا وڃن ته جيل جي ماڙي تي تلاشي ورتي ويندي آهي، مون وٽ شيخ صاحب جو ڪتاب هو، جيل سپرينٽڊنٽ کي اعتراض ٿيو ته توهان جيل اندر هي ڪتاب نٿا کڻي وڃي سگهو. جيلر حئي قريشي هيو، تنهن چيو هي ڳاڙها ڪتاب آهن جيل ۾ اجازت ناهي.مون هڪدم ڪتاب جو ٽائٽل پنو ڦاڙيو جنهن تي ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ ۽ چيو ته هاڻي ته ڳاڙهو ڪتاب ناهي. حئي قريشيءَ کي منهنجي ان سياڻپ ۽ جرئت تي حيراني ٿي ۽ هلڪي مسڪراهٽ ۾ چيائين خير آ هاڻي ڦاٽل پراڻو ڪتاب ٿي ويو. در اصل آزاد ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته حيي قريشي ڪنهن زماني ۾ شاگرد يونين ۾ به رهيو هو.

بهرحال هنن جي نظر ۾ هي ڦاٽل ڪتاب جيل ۾اسان جي ٽٽندڙ اعتماد ۽ مايوسي کان بچائڻ لاءِ ڏاڍو قيمتي ۽ ڪارگر ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ جو هن ۾ ۱۹۱۷ع بالشويڪ انقلاب کان پوءِ جون سڄون حقيقي حالتون ۽ منظر هئو.
شيخ عزيز صاحب هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته مون ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي هارين جي حالتن کي ڏسڻ چاهيو ته ڏاڍي خوشي ٿي اتان جو هاري به بلڪل خوشحال آهي ۽ هر هلائڻ، لاباري جي تڪليف واري صورتحال ناهي بلڪه ٽريڪٽر ۽ ٿريشر استعمال ڪري هاري محنت کي سولو ڪري ڇڏيو آهي. شايد اهو ئي سبب هئو جو اسان وٽ سستي قيمت ۾ روسي ٽريڪٽر ۽ ٿريشر عام وڪامجڻ لڳو پر هتان جي آبهوا جي ڪري شايد هي مشينري ايترو ڪامياب نه وئي.
ان کان پوءِ هڪ جاءِ تي لکيو اٿائين ته ”آئون تاشقند گهمڻ ويس ۽ سوچيم ته ڀلا هتي ڪميونسٽ انقلاب آيل آهي، مسلمانن جا ڪهڙا حال هوندا، مون کي مسجدون بلڪل صاف سٿريون خوبصورت نظر آيون، ڪنهن به مذهب جي ڪا توهين ناهي، هر ماڻهو پنهنجي آزاديءَ سان رهي ٿو. ڪامريڊ لينن جو نظريو ڪنهن مذهب جي خلاف ناهي پر طبقاتي فرسوده نظام جي خلاف ۽ انساني بنيادن تي هر ڪنهن کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. مان ڏاڍو خوش ٿي مسجد ۾ اندر داخل ٿيس وضو ڪرڻ ويٺس ته نلڪي جي ٽوٽي غائب هئي، خير وري ٻاهر آيس ته دروازي تي ماڻهو شور پيا ڪن. ڪو ماڻهومنهنجي نئين جتي کڻي پراڻي جتي رکي ويو هو. مون سوچيو ته واهه، مسلمان جتي به هوندو حسب عادت نلڪي جي ٽوٽي ۽ جتي چورائڻ واري رسم کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو“. شيخ صاحب بلڪل سچ ۽ کرو سچ لکيو آهي جنهن جاءِ تي تنقيد هئي تنقيد به ڪئي آهي جنهن جاءِ تي بالشويڪ انقلاب جا سٺا اثر هئا اهي به بيان ڪيا آهن.
مون کي حيرت ان ڳالهه تي آهي ته آخر هن ۾ ڳاڙهي ڪتاب واري ڪهڙي نشاني هئي؟ ها جيڪڏهن ڳاڙهي ڪتاب جي نشاندهي هئي ته اهو هڪ انقلابي ڏيهه جي اکين ڏٺل احوال هو، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين هضم نٿو ٿي سگهي. شيخ اياز چيو آهي ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ سو شيخ عزيز جهڙا بي باڪ ڪردار سچ لکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندا هئا. توڻي جو کڻي انهيءَ ادب تي به ۱۴۴ جو قلم لاڳو ڪري اديب گرفتار ۽ ادب اسٽورن حوالي ڪيو ويندو هو پر اها خبر نه هين ته قلم ۽ سچو اديب ڪڏهن به قيد ناهي ٿيندو.
شيخ عزيز به ڪڏهن قلم ۽ سوچ کي قيد ڪرڻ نه ڏنو بلڪه ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سچائي ايمانداري ۽ بيباڪيءَ جي سوچ کي پاڻ وٽ قيد ڪيو، اڄ هو اسان کان وڇڙي ويو آهي پر سندس علمي ڪتابن جو ذخيرو يادن جو در کولي هڪ هڪ کي سڏ ڏينديون ان وقت سڀني کي شيخ عزيز وڇڙيل نه پر محفل جو مور ٿي اڳيان ايندو. اهڙا ماڻهو ڪڏهن به ناهن وڇڙندا جن جي تاريخ قلم سان لکيل هجي. هي ڪنهن هڪ ڏينهن تي ديڳ جو ڀت کارائي ڪٺو ڪري ياد نه ڪيو ويندو پر جڏهن به صحافت، علم، ادب آرٽ، فن جو ذڪر ٿيندو ته شيخ عزيز زنده نظر ايندو.



شيخ عزيز جي نانءُ
مهتاب اڪبر راشدي
ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪنهن پنهنجي ويجهي ترين وڇڙيل ويل لاءِ لکڻ، سچ ته هي آهي ته ادا عزيز شيخ تي لکڻ لاءِ دل سان گڏ اکين کي به سمجهائڻو پئي پيو. جتي دل ڀرجي پئي آئي، اتي اکيون لڙڪ هارڻ لاءِ تيار پئي ٿيون. يادگيرين جو هڪ هجوم آهي، جنهن اندر ۾ هڪ آنڌ مانڌ مچائي ڇڏي آهي. حيدرآباد جو مٺڙو شهر ۽ شهر جو مشهور حيدر چوڪ گاڏي کاتي جي دل، ڪنڊ تي اسان جو گهر، جنهن جي ٻي ڪنڊ تي عبرت اخبار ڏانهن ويندڙ گهٽي جنهن جي ڪنڊ تي وري ڪلو پڪوڙائي ويهندو هو، ان جي پڪوڙن جو مٽ ته ڪٿي به ڪو نه لڀيو اٿم، شايد ننڍپڻ يا عمر جي اوائلي دور جا سڀ ذائقا ذهن ۾ دائمي رهجي ويندا آهن، بلڪه ايئن جيئن پراڻا تعلق، سڃاڻپون ۽ دوستيون به وقت گذرڻ سان گهريون ٿينديون وينديون آهن ۽ اهو تعلق اڳتي هلي ٻئي نسل تائين منتقل ٿي ويندو آهي.
ادا عزيز سان به اسان جو اهڙو ئي تعلق هو، اندازو ئي ڪو نه ٿيندو هو ته ادي زيب شيخ جو ڀاءُ ادا اسماعيل شيخ جهڙي ٻوليءَ جي ماهر ۽ محقق ۽ ابراهيم شيخ براڊ ڪاسٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مشهور پروڊيوسر جو ننڍو ڀاءُ ۽ ڪڪي (زمرد) جو مامو عزيز شيخ پاڻ کان عمر ۾ گهڻو گهٽ، مهر، مهتاب ۽ آفتاب سان انهن جي ذهني سطح تائين لهي کين وڏيون وڏيون ڳالهيون سولائيءَ سان ڪيئن سمجهائي ويندو هو؟ صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو، ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا، ماما ڀاڻيجا ۽ ڀاڻيجيون، ڀينرون ۽ ڀائر ۽ ڀاڄايون، هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا هوندا هئا. سندن سک به گڏ هئا، ڏک به، ڪنهن گهٽ وڌائي جي خبر ته اوڙي پاڙي تائين به نه پڄندي هئي. ها البته اوڙي پاڙي وارا کين پنهنجو سمجهي ٿوري ٿڪي تي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڀاءُ تائين پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا ۽ اڳيان به شيخ خاندان انهن جي مسئلي کي پنهنجو سمجهي حل ڪرڻ ۾ جنبي ويندو هو.
ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا، سندن ساٿ نه رڳو پيشي جي حد تائين هو بلڪ سندن تعلق ڪم کان وٺي خاندانن تائين پهتل هو، جيڪو اڄ به هڪ نسل کان ٻئي ۽ ٽئين تائين منتقل ٿي چڪو آهي.
اسان جي گهر ۾ ادي زيب شيخ، جيڪا ان خاندان جي وڏ-ور نياڻي هئي ۽ پنهنجن ڀائرن جي ساٿ سان علمي ۽ ادبي ذوق رکندي هئي، سا سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ اخبار ۾ عورتن جو صفحو سنڀاليندي هئي. اسان جي گهر ۾ سڀ کان وڌ اچڻ وڃڻ، ادي زيب، ڪڪي (زمرد) ۽ ادا عزيز شيخ جو ئي ٿيندو هيو.
منهنجو مٺڙو ڀاءُ آفتاب اسان جي ته اکين جو ٺار هوندو ئي هو پر ادا عزيز شيخ جو به دل گهريو هو، بلڪل پنهنجي اولاد وانگر، آفتاب جي بي وقت وڇوڙي تي هو ڪيترو دل گرفتار هو، تنهن جو احوال حميده (ادا عزيز جي گهرواري) اڄ به ٻڌائيندي روئي پوندي آهي.
مان ادا عزيز شيخ جون ڳالهيون ڪندي پنهنجي ذاتي تعلق ۾ هن جي پيشيوراڻي مهارت کي وسارڻ نه چاهيندس. شيخ عزيز  بلاشبه سنڌي صحافت جو وڏو بلڪه صف اول ۾ رکڻ جهڙو نالو آهي، هن جي پنهنجي پيشي سان محبت ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا پنهنجا پيمانا وضح ڪيل هئا، سهيل سانگيءَ جهڙو سينيئر صحافي به شيخ عزيز کي پنهنجو رول ماڊل تصور ڪري ٿو. هو ان کي چنڊ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن اهڙن صحافين ۾ شمار ٿو ڪري، جيڪي پنهنجي دور ۾ دنيا ۾ رائج جديد صحافتي رجحانن کان مڪمل واقفيت رکندو هو. صحافت هن لاءِ رڳو ڊيسڪ تي ويهي رپورٽون ۽ ايڊيٽوريل لکڻ جو نانءُ ڪو نه هو، بلڪ هن جو چوڻ اهو هو ته ”هڪ سٺي صحافيءَ لاءِ (ان وقت جي ضرورت مطابق) هٿ سان اکر جوڙڻ ”پليٽ ٺاهڻ“ ۽ فلم ٺاهڻ جي طريقي ڪار کان واقفيت تمام ضروري هئي، ڇو ته ان زماني ۾ اڃا پري پري تائين ڪمپيوٽر جو نالو نشان ئي ڪو نه هو ۽ اخبارون مٿي ٻڌايل طريقي ڪار ڄاڻڻ سان ئي ڇپائيءَ جي مرحلن مان گذرنديون هيون. هن وٽ صحافت جي ڊگري ته ڪو نه هئي پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن ”ماس ڪميونيڪيشن“ جو شعبو کليو ته اتي شيخ عزيز ”مهمان استاد“ طور ليڪچر ڏيندو رهيو.
اهو ۱۹۷۰ع وارو ڏهاڪو هو ۽ ان ئي زماني ۾ هن صحافت تي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هنن جي نصاب ۾ اڄ به شامل آهي. شيخ عزيز وٽ رڳو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ جو ذاتي تجربو ئي نه هو بلڪه هن ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت جي ڊپلوما به حاصل ڪئي هئي.
زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو هن حيدرآباد ۾ گذاريو، اٽڪل ٽيهه سال هن سنڌي صحافت کي ڏنا، عبرت اخبار ۾ هن گهڻو عرصو صرف ڪيو، اتي هن جا نائب ۽ هن جي سرپرستي ۾ ڪم ڪرڻ وارا اڄ ”سينيئر صحافي“ بڻجي چڪا آهن. هن جو مزاج ارڏو ضرور هو پر اوترو ئي هو سڀني جو مددگار به هو، ڪم سيکارڻ ۽ راهه ڏيکارڻ ۾ دل جو ڪشادو ۽ هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار، عجيب ڳالهه هئي ته هن جو شوق رڳو صحافت تائين ته محدود هيو ئي نه. هو سنڌ جي انهن عاشقن مان هو جيڪي سنڌ.. سنڌ جا نعرا هڻڻ بجاءِ عملي ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. هن جي ڄاڻ رڳو صحافت سان لاڳاپيل نه هئي پر هن جي سوچ ۽ شوق جي اڏام سنڌ، پاڪستان ۽ بين الاقوامي معاملن تائين پهتل هئي. سنڌ ۾ ٿيندڙ هر ميلي ۾ وڃڻ ۽ ملاکڙي ڏسڻ جو شوق هو. ملهه جا داءَ پيچ ته ڪو شيخ عزيز کان پڇي. ملهه وڙهندڙ ڪهڙو پهلوان مشهور آهي ۽ ڇو آهي ان جا سبب به ادا عزيز کي معلوم هئا، هن جا انداز ڪي ورلي ئي صحيح نه نڪرندا هوندا، سنڌ جي پراڻن ۽ اصلوڪن سازن متعلق معلومات جو به هن وٽ وڏو ذخيرو هو. هن سال ئي جون، جولاءِ ڌاري مون کي فون تي ٻڌايائين ته سنڌ جي سازن متعلق هڪ ڪتاب لکيو اٿم، ان جو ڇا ڪجي؟ مون کيس چيو ته ڪنهن سان ڳالهايان ٿي.
ادا مدد علي سنڌي ان سلسلي ۾ مدد ڪئي ۽ مهرباني ڪري ادا عزيز شيخ جي گهر وڃي کانئس مسودو وٺي آيو. ڇو ته ان مهل حڪومت جو مدو پورو پئي ٿيو ان ڪري ڪتاب ته ڇپجي نه سگهين. اميد اٿم ته ثقافت کاتو، شيخ عزيز کي مان ڏيندي اهو ڪتاب ضرور ڇپرائيندو.
شيخ عزيز جي دسترس رڳو سنڌ سان متعلق معاملن تي ئي نه هئي پر پاڪستان جي تاريخ ۽ سياست ۽ بين الاقوامي معاملات ئي به هن جي گهري نظر هئي اسان وٽ اهڙي قابليت ۽ اهليت رکندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي رهجي ويا آهن. سنڌي اخبارن ۽ صحافت سان سلهاڙيل صحافي ته پنهنجي ئي برادريءَ کان بمشڪل داد وصول ڪري سگهندا آهن، ڇو ته اڄ ڪلهه صحافي ٿيڻ بنهه سولو آهي ۽ اهڙن صحافين لاءِ صحافتي آداب، قدر ۽ عام هئڻ ضروري نه ٿو سمجهيو وڃي.شيخ عزيز جي سامهون پنهنجي اڳئين نسل جا باوقار صحافي به هئا ته سندس هم عصر پڻ. هن سڀني جي تجربن مان به سکيو ۽ پاڻ پورهيو ڪري پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ هڪ مثال بڻجي ويو.
سياسي معاملن تي هن جا متوازن تجزين ۽ اڻ ڌري صحافت جي پيڙهه وڌي، پاڪستان جي سياسي تاريخ تي سندس ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ کي اسان جي ملڪي تاريخ جو انتهائي مستند ڪتاب چئي سگهجي ٿو. ان ڪتاب جي پهرين جلد جي مهاڳ ۾ شيخ صاحب انهن ڳالهين کي به واضح ڪيو آهي. جيڪي پاڪستان جي تاريخ کي اڻ ڌريو، ايماندارانه طريقي سان لکڻ ۾ رڪاوٽ بڻيا رهيا. هن جي خيال مطابق ”تاريخ نويسيءَ جي جديد نظريي جهڙيءَ طرح قومن ۾ شعور پيدا ڪيو آهي، سو اسان ۾ ناپيد آهي، اسان اڃا تائين بادشاهن جي فتوحات جي ڳالهين کي پڙهي پاڻ کي تاريخ جا شاگرد چورايون ٿا، يا وري چچ نامي جهڙي ڪتاب کي تاريخ جو هڪ وڏو ماخذ سمجهي ان کي ساراهڻ ۾ لڳا پيا آهيون. اسان جا ڏاها مورخ اڃا تائين سنڌ جي ڪا مستند تاريخ مرتب ڪري نه سگهيا آهيون. سنڌ ڇا پوري ملڪ جا تاريخي ماخذات اڃا تائين مستشرقين جي حوالن تي رکيا ويٺا آهن. حد ته اها آهي ته سنڌيءَ جي صوتيات تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اسان کي يورپي ۽ آمريڪي اسڪالرس جي رهنمائي وٺڻي ٿي پئي“. شيخ عزيز صاحب جو هي ڪتاب پاڪستان جي وجود کان وٺي مشرقي پاڪستان جي ”بنگلا ديش ٿي وڃڻ تائين جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي محرڪات درج آهن، جن جي ڪري هي ملڪ نه حقيقي جمهوريت کان آشنا ٿي سگهيو ۽ نه ئي وري ملڪ سان محبت ڪرڻ وارا بي لوث عناصر ان جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهيا.
شيخ عزيز کي خون ۾ ذهانت سان گڏ محنت جي سُتي به پيل هئي، هن کي هو پنهنجي پيشي سان جنون جي حد تائين عشق هو، ان ۾ وري سندس مطالعي جي ذوق وڌيڪ گهرائي ۽ مستند معلومات قلمبند ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪئي ان کان علاوه سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو ۽ انگريزي زبانن تي عبور مٿس سنڌي کان علاوه اردو ۽ انگريزي اخبارن جا دروازا به کولي ڇڏيا. پنهنجي صحافي زندگي جو سفر حيدرآباد کان شروع ڪرڻ واري شيخ عزيز ۱۹۵۷ع کان وٺي ۱۹۸۰ع تائين انهي ٿڌڙين هوائن واري شهر کي ارپيا ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آيو ته روزناما ”جنگ“ جي ميگزين کي به سنواريائين ته ۱۹۸۷ع ۾ ”حريت“ جي نيوز ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين. ۱۹۹۰ع ڌاري انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ سب ايڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع ۾ اتان ايڊيشن انچارج طور رٽائر ٿيو. ڊان اخبار ۾ هن جا سنڌ جي معتبر ماڻهن تي لکيل خاڪا، نهايت مستند ۽ ادبي تاريخي اهميت جا حامل آهن.
۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين شيخ صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۾ وائيس چيئرمين طور به ڪم ڪيو، اهو منصب شايد سندس پيشه وراڻا زندگيءَ جو آخري منصب هو. هن جي صحافتي خدمتن جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف طور ۲۰۰۱ع ۾ هن کي ترقي پسند ادبي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ۲۰۰۰ع ۾ صحافت ۾ ايڪسلنس ايوارڊ به کيس ڏنو ويو. هو حيدرآباد پريس ڪلب جو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع تائين صدر پڻ رهيو، ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين.
هن جي قلم مان ڪيترائي ڪتاب تحرير ٿيا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن، پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان. ڀٽو ميمورائيس اينڊ رميمبرينسز. سنڌي ادب جي تاريخ ۽ سنڌي موسيقي جي ابتدا ۽ ارتقا.
سندس لکيل ڪتابن جي عنوان مان ئي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته هو متنوع موضوعات تي طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي. اسان ان کي رڳو صحافت تائين محدود نه ٿا رکي سگهون. تاريخ، ادب، موسيقي، ثقافت، سياست ۽ صحافت هن جا موضوع رهيا آهن، اسان هن کي سندس من گهرئي پيشي صحافت جو ناميارو ۽ صف اول جو صحافي تسليم ڪندي، کيس مورخ ۽ ناميارو اديب تسليم ڪرڻ کان به انڪار نه ٿا ڪري سگهون.
پنهنجي ٻن لائق پٽن طارق ۽ خرم ۽ قابل نياڻين ڊاڪٽر شهلا ۽ منيزه جو ناميارو پيءُ ان لحاظ کان خوش قسمت هو ته هن خوددار شخص ڏاڍي عزت ۽ مان سان پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم يافتا ٿيندي ۽ سٺا عهدا ماڻيندي ۽ خوشگوار ازدواجي زندگي گذاريندي اکين سان ڏٺو، سندس بيماريءَ ۾ سندس خاندان پاران ثقافت کاتي کي ”سار نه لهڻ“ جو ڏوراپو به نه ڏنو ويو. هو جيتري وڏي انا وارو خوددار، باعزت ۽ معتبر ماڻهو هو ۽ اوترو ئي شان مان سان هيءَ دنيا به ڇڏيائين ۽ ساڳي طرح عزت ۽ شان سان پنهنجي سادي پر شاندار زندگي به گذاريائين.

سندس شادي به ياد اٿم، جڏهن هڪ ڀولي ڀالي گهٽ عمر واري متوسط گهراڻي جي ڇوڪري حميده سندس زندگي ۾ آئي، جنهن کي هن اڳتي پڙهڻ لاءِ همٿايو ۽ هوءَ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري ڪراچيءَ جي هڪ ڪاليج مان پروفيسر ٿي رٽائر ٿي. حميده جو شيخ عزيز جهڙي ارڏي شخص سان زندگي گذارڻ، سندس ٻارن کي سٺي تربيت ڏيڻ، سندس خاندان ۽ دوستن سان ناتا رکڻ ۽ نڀائڻ وري هڪ ٻي ڪهاڻي آهي. حميده ته ادا عزيز تي بس اڪن ڇڪن ۽ گهور ويندي رهي آهي. عشق ڇا ٿيندو آهي ۽ ڏکين حالتن ۾ محبوب سان هم قدم ٿي زندگي ڪيئن گذاربي آهي، حميده عزيز شيخ ان جو جيئرو جاڳندو مثال آهي، اهو ئي سبب آهي جو ادا عزيز پنهنجي ڪتاب ”تقسيم کان تقسيم تائين“ جو انتساب سندس نالي ڪندي لکيو آهي ”حميده جي نالي جنهن مون جهڙي اڻ گهڙيي ڪاٺ مان مجسمو ٺاهڻ لاءِ سڄي ڄمار ڳاري ڇڏي“ حميده لاءِ ته باقي زندگيءَ جو سفر اڻانگو ٿيندو پر منهنجو ارڏو البيلو ۽ مٺڙو ادا عزيز شيخ پنهنجو وارو وڄائي ويو. منهنجي ڀاءُ آفتاب کي هنج ۾ ويهاري آڱر پڪڙي هلائڻ ۽ عبرت اخبار جي دفتر ۾ ادا جاني (پير مظهر) سان ڪچهريون ڪندي کيس زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کان واقف ڪندو رهيو. آفتاب جي دنيا مان اوچتو لڏي وڃڻ تي هو به اوترو ئي لڇيو هيو جيترو اسان پئي تڙپياسين. پر زندگي اهائي آهي، آخر فنا! ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن لاءِ بس... جدائي، امتحان ۽ آزمائش! ادا عزيز توهان وڇڙي ته ويا آهيو پر ياد ڏاڍا ايندئو.



شيخ عزيز
پروفائيل
طارق عزيز شيخ
پورو نالو، عبدالعزيز شيخ
ادبي نالو، شيخ عزيز
ولادت جي تاريخ، ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ابتدائي تعليم، حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان پرائي، صحافتي ذميواري نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان ۱۹۶۸ع ۾ صحافت ۾ گريجوئيشن ڪيائين.
صحافتي سفر جي شروعات،  ۱۹۵۷ع کان روزانه “ڪاروان” حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي.
روزانه عبرت حيدرآباد، سب
ايڊيٽر، ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۱
روزانه عبرت حيدرآباد، سينيئر سب ايڊيٽر، ۱۹۶۱ع کان ۱۹۶۵ع
روزانه عبرت حيدرآباد، اسسٽنٽ ايڊيٽر، ۱۹۶۵ع  کان ۱۹۷۵ع
روزانه عبرت حيدرآباد، اسسثنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۶ع
هفتيوار سنڌ آبزرور (انگريزي)، حيدرآباد،  ايڊيٽر، ۱۹۷۶ع  کان ۱۹۸۰ع
روزانه سنڌ نيوز، حيدرآباد، ايڊيٽر، ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۰ع
روزانه جنگ (اردو) ڪراچي، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۲ع
روزانه حريت(اردو) ڪراچي، ميگزين ايڊيٽر، ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۷ع
روزانه حريت(اردو) ڪراچي، نيوز ايڊيٽر، ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع
روزانه ڊان(انگريزي) ڪراچي، سينيئرسب ايڊيٽر، ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۰ع
روزانه ڊان(انگريزي) ڪراچي، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر، ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ع
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، وائس چئرمين، ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۰ع
سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيا، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن.
سندس هڪ مقالو “عالمي غلامي” جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو.
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع  کان ۱۹۸۰ع تائين وزٽنگ پروفيسر رهيو. 
تحقيق جي حوالي سان شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “تحقيق جو طريقه ڪار”  جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ “تحقيق ڪيئن ڪجي” جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “ شاھ لطيف تي تحقيق” جي عنوان سان ٿيل  ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو.
وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران  ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقي  تي لکيل مقالو “دي ٽريڊيشز گوز آن “  اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾  هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو.
پاڪستان جوپهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو.
اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع ۾ “سنڊي عبرت” جي نالي سان شيوع ڪيو، هي سنڌ جو مقبول ترين هفتيوار ميگزين هو.
اردو اخبار جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر طور “مهراڻ رنگ” جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون.
سندس لکيل ڪتاب هي آهن.
۱ . سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون(سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع
۲ . الحمرا جا داستان(ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع
۳ . نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل،  ۱۹۶۴ع
۴ . عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان
۵ . مون لينن جو ڏيھ ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۶ع
۶ . ملھ،  سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع
۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزي ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع
۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع
۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزي ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع
۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع
۱۱.  سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) سنڌ جي تاريخ ۲۰۰۹ع
۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) سنڌ جي تاريخ ۲۰۰۹ع
۱۳. ميوزيڪل نوٽس ( انگريزي) موسيقي تي مقالا، ۲۰۰۹ع
 ۱۴. ڀُٽي کان ضياء تائين، (سياسي تاريخ ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع
۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي ) ۲۰۱۲ع
۱۶. کيرٿر ، انگريزي، ايڊيٽنگ، ۲۰۰۶ع
۱۷. ائن السٽريٽڊ ائٽلس آف سومرا رولس ان سنڌ،(انگريزي) ايم ايڇ پنهور، ايڊيٽنگ،  ۲۰۰۴ع
۱۸. ننڍ کنڊ ۾ ڊرامي تاريخ، (ايڊيٽنگ) ۲۰۰۷ع
۱۹. راڳ ساگر، مهاڳ، ۲۰۰۴ع
۲۰. ڀٽو، يادگيريون،  (ترجمو) ۱۹۹۳ع
ايندڙ ڪتابن ۾ “دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)” ۽   “چنگ” (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) شامل آهن.
اولاد ۾ ٻه پٽ، ٻه ڌيئرون
وفات، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع،
آخري آرامگاھ، پهلوان ڳوٺ، ڪراچي.


مان جوئي آهيان سوئي آهيان
طارق عزيز شيخ
ٻالڪپڻيءَ واري ڄمار ۾ ياد اٿم ته اسان جي گهر جو هڪڙو ڪمرو اهم هوندو هو جنهن ۾ عام جام طريقي سان نه وڃي سگهندا هئاسين ۽ اهو ڪمرو منهنجي والد جو هو. هن جو لائيف اسٽائيل پنهنجو هو. پڙھڻ لکڻ کان سواء هر ڪم جو ٽائيم ٽيبل مقرر هو. نيرن صبح ساڍي ستين وڳي، ڏينهن جي ماني منجهند هڪ وڳي ۽ رات جي ماني عام طور تي دير سان. ماني تمام ٿوري کائيندو هو پر مخصوص کاڌو هوندو هو جنهن ۾ سلاد ۽ آچار لازمي هوندو هو. موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ميزڪ لائبريري ٺاهيل هئس جنهن ۾  سڄي دنيا جي ميوزڪ جي ڪليڪشن موجود هئي، خاص طور تي پڪي راڳ جي اهڙي چونڊ گڏ ڪيل هئس جو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي.
گهر ۾ شروع کان وٺي اخبارن جا ڍڳ ڏسندا هئاسين. عام طور تي گهرن ۾ اخبار پڙھڻ کان پوء رديءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبي آهي پر اسان وٽ اخبار تاريخ گذري وڃڻ بعد به پيل رهندي هئي جيستائين بابا ان جي خبرن ۽ آرٽيڪلز کي ڪٽي ڇانٽي فائيل ۾ نه لڳائيندو هو. اهي فائيل سبجيڪٽ وائيز سنڌ، ملھ، ملڪي سياست، عالمي سياست، شخصيتون،  ثقافت، موسيقي، زراعت، ڪرائيم، تاريخ، ادب، ماڳ مڪان ۽ ڪيترا ئي الڳ الڳ موضوع جا ٺاهيندو هو.
هن جي زندگي صحافت سان عشق ۾ گذري آهي، هو سنڌي اخبارن جو حليو درست ڪرڻ لاء ڪن اخبارن جي مالڪن کي پڻ صلاحون ڏيندو هو۽ فڪرمند رهندو هو. سنڌي اخبارن جي سٺين خبرن، مضمونن ۽ اشوز کي ساراهيندو به تمام گهڻو هو پر ساڳئي وقت انهن جي لي آئوٽ کان وٺي ايڊيٽوريل پيج تي روز تنقيد به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اڃا به هڪ اهڙي سٺي اخبار جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا مڪمل هجي.
دنيا جي سمورن ملڪن جي سياست ۽ ملڪي حالتن کان مڪمل باخبر رهندڙ بابا جو مزاج اڄ اسان جي گهر جي روايت بڻيل آهي، سمورا گهر ڀاتي هر ڪلاڪ وارين خبرن کان آگاه رهن ٿا.
منهنجي والد صاحب جا هزارن جي انگ ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي  سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ آهن، انهن کي وقت سر گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو آهي. 
۷  آڪٽوبر ۲۰۱۸ تي سندس لاڏاڻو ٿيو، ان کان پوء سندس شيلف مان مڪمل ڪتاب مليو جيڪا هن جي آتم ڪهاڻي هئي. هي ڪتاب “دارون ۽ ڪارون” جي نالي سان لکيل آتم ڪهاڻي آهي جيڪا هن ۲۰۱۱ع ۾ لکي پوري ڪئي.  هيءَ آتم ڪهاڻي عام ليکڪن جي آتم ڪهاڻيءَ کان قطعي تبديل آهي جيئن ڪو ليکڪ پنهنجي ٻالڪپڻي کان زندگيءَ جي شام ٿيڻ تائين فقط پنهنجي ذات تائين محدود هوندو آهي، هيءَ آتم ڪهاڻي انهن عام رواجي انداز کان بنھ تبديل آهي. ڪجھ عرصي ۾ هي ڪتاب منظر عام تي اچي ويندو.
بابا جي هر تحرير جو انداز هونئن به منفرد رهيو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ زماني کي ڪيئن ڏٺو سو بيان ٿيل آهي. بابا ملڪ جي نمبر ون رهندڙ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن عبرت، سنڌ نيوز، جنگ، حريت ۽ ڊان ۾ هميشه ڪي پوسٽن تي رهيو پرڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو نه کنيائين نه وري ڪو فائدو ورتائين، اهو اسان کي فخر آهي. هو نه ڪڏهن بليڪ ميل ٿيو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن کي بليڪ ميل ڪيائين. هو بي باڪ ليکڪ هو، سچ لکڻ ۾ دير نه ڪندو هو ڀلي اهڙي سچ چوڻ سان ڪو ڪاوڙجي وڃي يا پاڻ کنڀجي وڃي. هن آخر تائين قلم ۾ ڪوڙ جي مس ڪونه ڀري. مونکي سچل سرمست جي هوبهو هن سٽ مثل لڳو “ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان سوئي آهيان.


شيخ عزيز
عالمي سطح جو صحافي هو
قاضي اسد عابد
شيخ عزيز سنڌ جي علم، ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جو اهم اڳواڻ هو. هن پنهنجي سڄي زندگي صحافت ۽ سنڌ جي عوام لاء جدوجهد ۾ گذاري. بلاشڪ شيخ صاحب جو شمار سنڌ جي انهن شخصيتن ۾ ڪري سگهجي ٿو جيڪي ملڪ ۽ عالمي سطح تي ڀيٽي سگهجن ٿيون. شيخ صاحب کي اهو اعزاز به حاصل هو ته هن کي راڳ جو ۽ راڳ جي استعمال ٿيندڙ اوزارن بابت مڪمل دسترس حاصل هئي. سنڌي صحافت هجي يا انگريزي ۽ اردو، هو هڪ ئي وقت انهيءَ کيتر ۾ نه فقط اهم مقام رکندڙ هو پر رهنما ڪردار ادا ڪيائين. شيخ صاحب جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي جنهن جو پورائو ڪيترن ئي سالن تائين به نه ٿي سگهندو. رب سائين شيخ عزيز کي جنت ۾ جاء ڏيندو ۽ سندس پونيرن ۽ سڄي سنڌ جي نوجوانن کي سندس نقش قدم تي هلڻ جي توفيق ڏيندو، آمين.


شيخ عزيز
انسائيڪلوپيڊيا جهڙو شخص
يوسف شاهين
شيخ عزيز ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو. هن زندگيءَ ۾ آرام گهٽ ۽ ڪم گهڻو ڪيو. شيخ صاحب زندگي گذارڻ ۾  به اصول رکيو.
سنڌ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو لنڊن مان صحافت ۾ ٽرينڊ ٿي آيو هو. هن  مون کي برسات مئگزين ڊزائين ڪري ڏنو هو. سندس ٽائيم لائين پرفيڪٽ هوندي هئي. سٺ ستر جي ڏهاڪي ۾ هن ايتري محنت ڪئي جو ان وقت جي صحافين ۾ پاڻ مڃائي ويو.
مون جيڪو ڪجھ لکيو آهي ان کان پهرين شيخ عزيز کان پڇيو آهي، هن صحافت ۾ به رهبري ڪئي آهي ۽ باقي ڪجھ لکڻ ۾ به رهبري ڪئي آهي، ان جو ڪريڊٽ سڄو سارو شيخ صاحب کي ٿو وڃي. آئون اهو ڪريڊٽ ٻئي ڪنهن کي ڏيڻ لاء تيار ناهيان، نه شيخ اياز، پليجو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست منهنجي ويجها رهيا آهن، توڙي جي ايم سيد به منهنجو دوست رهيو جيتوڻيڪ اهو ڄمار ۾ مون کان ڪافي وڏو هو پر تعلق همعصرن جهڙو رهيو.
شيخ عزيز کي مون شروع کان آخر تائين هڪڙي طريقي ۾  ڏٺو، هن ماڻهو هميشه ڪم ڪرڻ تي زور ڀريو. چوندو رهندو هو زندگي ٿوري آهي ڪم وڌيڪ آهي. منهنجي شيخ صاحب سان ايتري نيازمندي هئي جو سندس اندر جون ڳالهيون پڇندوهومانس. هن پنجويھ ڇويھ ڪتاب لکيا پر ڪنهن ڪتاب کي به ڪنهن ماڻهوء لاء ڊيڊيڪيٽ ڪيائين فقط هڪڙو ڪتاب تقسيم کان تقسيم وارو پنهنجي گهر واريءَ جي نالي ڪيائين اهو انهي ڪري جو چيائين مون جهڙي اڻ گهڙئي ڪاٺ کي سڄي عمر برداشت ڪيائين.
مون شيخ صاحب ۾ هڪڙي خوبي اها به ڏٺي ته هو لالچي ڪونه هو، ٻيا ڪيترائي ماڻهو زماني جا ڏٺاسين ۽ سڃاتاسين. زندگيءَ جا لاها چاڙها سڀني تي اچن ٿا پر شيخ عزيز صابرين انسان هو. تمام وڏو ماڻهو هو.
هن کي مون ڏٺو ته اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ جتي  ڌارين جي اجاراداري هوندي هئي اتي هن پنهنجي ڄاڻ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪمانڊ ڪئي. انهن ادارن ۾ ويهي قلم ذريعي اڪيلي سر سنڌ جو ڪيس وڙهيائين.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون شخص ڏٺو جنهن کي ڪير ٽوڙي نه سگهيو، نه ته ماڻهو وڪامجندي ويرم ڪونهي. زندگيءَ جي پريشانين ۾ به کيس پريشان نه ڏٺم.
مون جڏهن برسات اخبار پئي ڪڍي ان سڄي کي شيخ صاحب سيٽ ڪري ڏنو. ان جو ايڊيٽر شيخ اياز هو. هو سنڌ جا مسئلا سمجهندو هو، سنڌي ماڻهوء جي نفسيات کان واقف هو. مون کيس مڃيو ته هو ذهانت ۾ واقعي اڳتي هو، هو انسائيڪلو پيڊيا جهڙو شخص هو جنهن کان هر موضوع جو سوال ڪري معلومات وٺي سگهبي هئي. هو هر ڪنهن جي ڄاڻ رکندو هو “دي ٽربيوٽ” سندس ڪتاب ان جو وڏو ثبوت آهي. شيخ عزيز تي اسان کي تمام گهڻو لکڻ کپي، هن جي زندگيءَ جا ڪيئي رخ آهن مٿس ٿورو لکيو ويو آهي.


شيخ عزيز
سنڌ جو ڏاهو ۽ عظيم انسان
پير مظهرالحق
منهنجو شيخ عزيز سان واسطو تڏهن کان وٺي رهيو جڏهن مان اڃا مس سورهن ورهين جو هوندس. مان عبرت اخبار ۾ هن وٽ صحافت سکڻ آيو هئس. شيخ صاحب مون کي صحافت سيکارڻ سان گڏوگڏ منهنجين صلاحيتن کي سڃاتو ۽ اهي اڀارڻ ۾ به مدد ڪيائين. هن مون کي اهو  احساس ڏياريو ته مون ۾ صحافت کان وڌيڪ معاشري جي ڀلائي وارن ڪمن ڪارين جو جذبو آهي، انهي ڪري مون سياسي ۽ سماجي طور ڪاميابيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو.
شيخ صاحب مون کي عبرت اخبار ۾ ٻارن جي هفتيوار صفحي ٻارن جي ٻاريءَ جو انچارج بڻايو ۽ ان کان پوء مان “ماما موجي” جي نالي سان سڃاتو ويس. شيخ صاحب  هن صفحي کي وڌيڪ دلچسپ بنائڻ لاء سهڻيون صلاحون ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ هن مون کي ٻارن جو ميلو لڳائڻ جو به مشورو ڏنو هو ۽ مون ائين ئي ڪيو ميلو ڪامياب ٿيو ۽ پوء هر سال اهو سنڌ ٻالڪ ميلو لڳندو رهيو جيستائين مان عبرت ۾ هئس.
منهنجي نظر ۾ شيخ عزيز سنڌ جو ڏاهو، منفرد ليکڪ ۽ عظيم  شخص هو. جڏهن مان سنڌي ادبي بورڊ جو چئرمين هئس ته مون هن کي وائس چئرمين بنايو ۽ مٿس اعتماد ڪري پنهنجا سمورا اختيار هن کي ڏئي ڇڏيا هئا جيڪا ڳالھ بورڊ آف گورنرس جي منظوري سان ٿي هئي. مون کي يقين هو ته هو پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني نڀائيندو ۽ اهو هن ثابت ڪيو. شيخ عزيز وڏو ذهين انسان هو هن کان سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي پريس کي بهتر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ورتي هئي.


شيخ عزيز
صحافت جي اداري مثل شخصيت
امداد علي اوڍو
هي ڳالهه جنوري ۱۹۷۴ جي آهي جڏهن مان هڪ رات حيدرآباد ۾ سليم قاضي جو مهمان ٿي رهيس، پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو وڏو وزير هيو. بنگله ديش کان ۲ لک بهارين کي پاڪستان قبوليو هيو. سنڌين کي خدشو هو ته اهي سڀ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا. بهارين خلاف سنڌ يونيورسٽي ۾ سمورين شاگرد تنظيمن جي گڏيل اتحاد هيٺ زبردست تحريڪ هلي. تحريڪ جي اڳواڻي ڪرڻ جي پاداش ۾ مونکي سنڌ يونيورسٽي مان پنجن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، (ان دور ۾ سيد غلام مصظفيٰ شاهه وائيس چانسلر هيو) ڊفينس پاڪستان رولز (ڊي پي آر) ۽ ۱۳ ڊي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا. روپوشي دوران منهنجي غير موجودگي ۾ ۲۰ آڪٽوبر ۱۹۷۳ ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي ڪنوينشن جيڪب آباد ٿيو جنهن ۾ مونکي صدر ۽ شهيد نذير عباسي کي جنرل سيڪريٽري، نائب صدر خيرمحمد جوڻو ۽ آصفه رضوي، جوائنٽ سيڪريٽري سهيل سانگي کي يڪراءِ چونڊيو ويو. مرڪزي صدر جي حيثيت ۾ خدا بخش جمالي جي فرضي نالي ۾ سموري سنڌ ۾ انڊر گرائونڊ سرگرميون جاري رکيون. ان سلسلي ۾ ان وقت  پوسٽ ڪارڊ وسيلي برانچ کي آگاه ڪيو ويندو هيو، خط جي عبارت خفيه هوندي هئي جنهن ۾ لکيو ويندو هيو ته مولوي صاحب فلاڻي تاريخ تي توهان جي شهر جي فلاڻي مسجد پهچندو جتان توهان هن سان ملاقات ڪندا. ائين حيدرآباد جي دوستن کي به منهنجي دوري جي پروگرام کان پوسٽ ڪارڊ لکي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن مان مقرر تاريخ تي ٻڌايل مسجد وٽ پهتس ته مونکي وٺڻ وار ڪير به نه هيو. مان ڪافي انتظار کان پوءِ سليم قاضي کي فون ڪري آگاه ڪيو، هو اچي مونکي پنهنجي گھر وٺي ويو. (سيلم قاضي ايس اين ايس ايف  جي ٿنڪ ٽينڪ جو ميمبر هيو) هن جي گھر تي ترسڻ دوران تقريبن سموري رات ڪچهري ٿي، ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته هو سنجيدگي سان سنڌ دوست روزاني اخبار ڪڍڻ لاءِ پلاننگ ڪري رهيو آهي ان حوالي سان هو صحافت جي شروعات انگريزي ويڪلي ميگ “سنڌ آبزرور” سان ڪري رهيو آهي. ان جو ايڊيٽر به  شيخ عزيز کي مقرر ڪري چڪو آهي. جيڪو اڳتي هلي روزاني اخبار “سنڌ نيوز” جو به پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. صبح جو ناشتي جي ٽِبل تي قاضي سليم جي والد قاضي اڪبر سان به ڪچهري ٿي. (نوٽ بهارين خلاف هلايل تحريڪ جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻن لکن جي بجاءِ ۵۰ هزار بهاري اچي سگھيا، ذوالفقارعلي ڀٽي  سنڌ ۾ شاگردن جي هلندڙ تحريڪ سبب باقي ڏيڊ لک بهاري وٺڻ کان انڪار ڪيو)
۱۴ مارچ ۱۹۷۶ تي سليم قاضي جو خط پهتو ته مئي مهيني جي پهرين هفتي کان روزاني سنڌ نيوز ڪڍي رهيا آهيون جنهن ۾ توهان کي هر اها شيءَ ملندي جنهن جي سنڌي اخبارن ۾ کوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. هن اخبار ۾ اسين سنڌ جي اڀرندڙ مسئلن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کڻڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي نئين نسل جي امنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن اخبار ۾ ممتاز سياسي اڳواڻن جا تبصرا، انٽرويو، ٻارڙن، عورتن، شاگردن جا صفحا، ادبي ايڊيشن، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي خاص مضمون هوندا. ان سلسلي ۾ اسين سنڌ جي دوستن سان ملڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا آهيون، جيڪب آباد به اچبو وڌيڪ روبرو ڪچهري ڪبي.
۳۰ مارچ ۱۹۷۶ تي سليم قاضي، شيخ عزيز، اخبار جو سول ايجنٽ ۽ باقي سنگت جيڪب آباد پهتي ۽ اخبار متعلق تفصيلي ڪچهري ٿي. شيخ عزيز سان هي پهرين ملاقات هئي. اخبار بابت هو جيڪب آباد جي سنگت کي تفصيل ٻڌائي رهيو هو. مونکي ياد آهي ته سماج ۾ صحتمند تبديلي لاءِ سگھاري صحافت بابت دليلن سان دوستن ڪچهري ڪري رهيو هيو. هن جي ڳالهين ۾ سچائي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور هيو.
شيخ عزيز جي ڪچهري کان سنگت ڏاڍو متاثر ٿي، شيخ عزيز جي اسرار تي مون سنڌ نيوز ضلعي جيڪب آباد جي نمائندي قبول ڪئي. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي جيڪا سنگت هئي ان مان اڪثر نمائندا مقرر ڪيا ويا، جيئن نواب شاه لاءِ صالح بلو، خيرپور لاءِ غلام قادر ميراڻي (منصور ميراڻي) وغيره. سنڌ نيوز کي جاري ڪرڻ لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان تياريون جاري هيون. جرمني مان جديد پرنٽنگ جون مشينو گھرايون ويون. جرمن انجنيئر مشينون فٽ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ترسيل هيو. مشينن جي فٽنگ کان پوءِ قاضي سليم جرمن انجنيئر کي حيدرآباد کان ڪراچي ايئر پورٽ جرمني روانو ڪرڻ لاءِ پئي ويو ته سنڌ هاءِ وي تي حادثي دوران قاضي سليم اسان کان هميشه لاءِ وچڙي ويو، هي نقصان قاضي فيملي سان گڏ کاٻي ڌر جو به ٿيو ۽ سنڌ هڪ لائق ۽ صحافت وسيلي سنڌ جي تقدير بدلائڻ واري نوجوان کان محروم ٿي وئي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن قاضي سليم ۽ شيخ عزيز جي رهنمائي ۾ سنڌ نيوز نڪري ها ته اسانکي عوامي آواز ڪڍڻ جي ضرورت ڪونه ٿئي ها. منهنجي هت هي سموري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جديد صحافت ۾ شيخ عزيز جي جيڪا اهميت هئي اها سليم قاضي پرکي ورتي ۽ جديد صحافت وسيلي سنڌ ۾ جيڪا تبديلي آڻي سگھجي ٿي ان لاءِ هن شيخ عزيز جو انتخاب ڪيو.
سليم قاضي جي خواب جي پورائي لاءِ ۽ واقعي سنڌ ۾ جديد صحافت جي حوالي سان هڪ اهڙي اخبار جي ضروت هئي. ان مقصد جي پورائي لاءِ مون ۱۹۸۸ جي آخر ۾ ڪراچي مان روزاني عوامي آواز جو ڊڪلريشن حاصل ڪيو ۽ جنوري ۱۹۸۹ کان تجرباتي بنيادن تي اخبار پنهنجي گھران لياري مان شروع ڪئي ڇهن مهينن جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ دوستن جي مدد سان مون  جولاءِ ۱۹۸۹ ۾ باقائدگي سان پهرين ڪميوٽرائيز اخبار ڪراچي مان جاري ڪئي. اخبار جي شروعات ۾ مون شيخ عزيز سان ڪافي ملاقاتون ڪيون ۽ هن جي مفيد صلاحن سان اخبار جاري ڪئي. اهڙي طرح عوامي آواز علم، ادب ۽ صحافت جي اهم ساٿين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏائي شروعات ڪئي انهن ۾ انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي، عبدالرحمان نقاش، محمد خان سولنگي، صالح بلو، منصور ميراڻي، فتح چند ڪارڙا سميت  سموري سنڌ ۾ ايس اين ايس ايف جي دوستن ٽيم جنهن اخبار کي پنهنجي ڪاوشن ۽ محنتن سان ڪاميابين جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. سنڌ جي هي واحد اخبار هئي جيڪا بنا سرمائي جي شروع ڪئي وئي ( ان بابت تفصيل مون پنهنجي ڪتاب جل مشعل جل ۾ ڏني آهي )
مون جڏهن عوامي آواز اخبار ڪڍي ته شيخ عزيز کي به اڳواڻي لاءِ سٿ ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪئي هئي پر شيخ صاحب معذرت ڪئي ۽  پر پنهنجي طرفان مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو هيو ۽ اڪثر شيخ صاحب  کان رهنمائي حاصل ڪندو رهندو هيس. شيخ صاحب عوامي آواز جي ڪاميابي کي هڪ معجزي کان گھٽ نه سمجهندو هيو.
شيخ عزيز جديد صحافت ۾ گريجوئيشن ٽامس ڪاليج آف جرنلزم انگلينڊ مان حاصل ڪيائون. نئين نسل جي ڄاڻ ۽ تربيت لاءِ صحافت جي تعليم لاءِ ڪتاب “عملي صحافت ۱۹۷۵ ۽ ٻيو چاپو ۱۹۷۸ ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڇاپو واڌو بابن سان  ۾ ۱۹۹۵ع آيو. پاڻ صحافت سان گڏ ادب جي کيتر ۾ به وڏو ڪم ڪيائون. هن ڪافي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ ليک لکيا.  ڪتابن  ۾ مون لينن جو ڏيهه ڏٺو (سفر نامو ۱۹۷۵) سنڌ جا پراسرار داستان،  سنڌ جي تاريخ ۽ انگريزي ۾ A History of Sindhi Literature شامل آهن.
شيخ عزيز عملي صحافت جي ابتدا ۱۹۵۷ ۾ روزاني اخبار ڪاروان سان ڪيائون، روزاني عبرت ۾ سب ايديٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ايڊيتر طور ڪم ڪيائون. روزاني سنڌ نيوز جو پايو وجهندڙ ايڊيٽر  ۱۹۷۶ کان ۱۹۸۰. روزاني جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر ۱۹۸۰ کان ۱۹۸۲ ميگزين ايڊيتر روزاني حريت ۱۹۸۲ کان ۱۹۸۷ ۽ نيوز ايڊيٽر حريت ۱۹۸۷ کان ۱۹۸۹. سب ايڊيٽر ڊان ۱۹۹۰ کان ۱۹۹۳. ڊان جو ڊيلي ايڊيشن ۽ شفٽ انچارج ۱۹۹۳ کان آخر تائين. پاڻ صحافت جي شعبي ۾ عملي تعليم وزيٽنگ پروفيسر طورڊپارٽمنٽ آف جنرنلزم سنڌ يونيورسٽي ۱۹۷۸ کان ۱۹۸۰ ڏنائون. شيخ عزيز ۾ اها خوبي يا صلاحيت هئي جو صحافت ۾ هن کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هيو. هن جون اردو توڙي انگريزي ۾ لکيل مواد کي ڏسبو ته سندس صلاحيتن تي فخر ٿيندو. موقعي جو فاعدو وٺندي اها گذارش ڪندس ته شيخ عزيز جي اڻ چپيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکيل ايڊيٽوريل، آرٽيڪل ۽ ٻي مواد کي محفوظ ڪجي ان سلسلي ۾ سنڌ ثقافت کاتي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌالاجي ۽ سنڌيڪا کي اڳتي اچڻ گھرجي. شيخ عزيز پنهنجي زندگي ۾ جيڪو سرمايو ٺاهيو اهو ان جو علمي پورهيو ۽ ذخيرو آهي ان کي هر صورت ۾ محفوظ ڪرڻ گھرجي. هي هڪ تاريخ آهي ۽ هي سنڌ جو آئيندو آهي ۽ اسانجي نئين نسل جي اڳتي وک وڌائڻ جو ذريعو به آهي.


شيخ عزيز
سنڌ جو اثاثو
شوڪت حسين شورو
شيخ عزيز سنڌ جي صحافين  ۾ ھڪ يگاني حيثيت رکندڙ ھو. جيتوڻيڪ صحافت ھن جو روزگار ھو، پر ھو فقط ھڪ صحافي ڪونہ ھو بلڪہ گھڻ رخي، غير معمولي شخصيت ھو. ھن کي ٻين علمن تي عبور حاصل ھو، جن ۾ موسيقي، ادب، تحقيق، تاريخ، ثقافت، آثار قديمہ شامل آھن. انھن علمن جي مختلف موضوعن تي سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ لکيل سندس مضمون توڙي ڪتاب مستند ۽ معياري ھجڻ سبب مڃتا ماڻي چڪا آھن. ھن وٽ ڄاڻ جو ھڪ وڏو خزانو ھو جيڪو سنڌ جي لاء ڪنھن عاليشان اثاثي کان گھٽ نہ ھو. ان ڪري ئي ھن جي لاڏاڻي جو نقصان ڪنھن بہ ريت ڀرجڻ جو ڪونھي.


منهنجو آئيڊيل استاد
نصير مرزا
شيخ عزيز صاحب منهنجو آئيڊيل ۽ محبوب استاد هئو. مون سندن نقش قدمن تي هلي منزل ماڻي. هي سندن ئي تربيت ۽ سکيا جو نتيجو آهي جو آئون، ريڊيو پاڪستان جو ريجنل ڊائريڪٽر ۽ قلم ڌڻي بڻجي ويس. مون ساڻن بي پناه پيار ڪيو ۽ جيڪا مسلسل شفقت ڏيندا رهيا ان بنياد تي چوندو رهندو آهيان؛ آئون ٻئي جنم ۾ به شيخ عزيز جو ئي شاگرد ٿيڻ پسند ڪندس.

ستين ۷ آڪٽوبر جو ڏينهن منهنجي لاء شديد صدمي جو سبب بڻيو. مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جي شعبي جوسندن لاڏائو شاگرد هئس. مولا سندن بخشش فرمائيندو.





شيخ عزيز
جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار
همسفر گاڏهي
۸۰ع جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال جڏهن اڃا مونکي مُڇن جي ساوَل به مَس هئي تڏهن حيدرآباد جي ٽنڊو آغا کان واقف ٿيس- ٿيو ايئن جو ۸۸ع - ۸۹ع ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڀاءُ بشير احمد چيچ مان وٺي ڪراچي گهمائڻ آيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجي شناسائي شيخ عزيز جي موڀي پُٽ طارق عزيز سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي اهڙي ته گهاٽي سنگت ۾ تبديل ٿي وئي جو اسان هڪٻئي جا گهرڀاتي ٿي وياسين. طارق وارن جو ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پڻ گهر آهي. حيدرآباد ايندي ويندي منهنجو ٿاڪ وڃي طارق وارن جو گهر بڻيو. ٽنڊو آغا دراصل آغا اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو ايران جي شهر اصفهان ۾ لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو، آغا اسماعيل شاهه منهنجي نهايت دلبر دوست آغا ڪرم علي شاهه جي وڏڙن مان هڪ هو. ٽنڊو آغا جيڪو پنهنجي دور جي قدآور، علم ۽ ادب دوست شخصيتن جو آستان رهيو آهي. خاص طور تي ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، احسن ڪربلائي، ابن حيات پنهور، مشتاق مغل، منظور مراد، آغا عبدالعلي شاهه، لسانيات، علم، ادب ۽ موسيقي جو ڄاڻو شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب جو بنيادي تعلق به ٽنڊي آغا سان ئي هو. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ته جام هيون پر پهريون ڀيرو علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت سان واڳيل بزرگ مهربانن سان منهنجون ملاقاتون هتي ئي ٿيون. شيخ محمد اسماعيل، شيخ عزيز جو وڏو ڀاءُ هو. ساڻس ٽنڊي آغا ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون. چاچا شيخ عزيز سان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٻنهي هنڌن تي وقفي وقفي سان قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ کانئس سکڻ جو موقعو پيو ملندو هو.
شيخ عزيز گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پوءِ ورهاڱي وقت سندس وڏڙا اچي ٽنڊي آغا ۾ آباد ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات به اُتان ئي “عبرت” اخبار کان ڪئي جنهن جي آفيس تڏهن به گاڏي کاتي ۾ هئي ۽ هاڻي به اُتي ئي آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي صحافت ۾ پير پاتو، پوءِ اسڪالر شپ تي انگلينڊ به ويو پر آخر تائين صحافت سان خوب نڀايائين. هو هڪ ڪميٽيڊ، کرو ۽ ترقي پسند صحافي هو. ان ڪري جتي به رهيو اوچي ڳاٽ سان رهيو. ترقي پسند خيال رکڻ سبب پورهيتن سان کيس خاص اُنسيت رهي، پوءِ اهي پورهيت اخبار جا هجن يا فيڪٽرين جا. هن اڳتي هلي کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪامريڊ سليم قاضي جي اخبار سنڌو ۾ پڻ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. ڪيترائي ترقي پسند فڪر سان واڳيل سياسي ڪارڪن سهيل سانگي، سيف ٻنوي، صالح بلو، منصور ميراڻي، جاويد مرزا ۽ ٻيا ساڻس ساٿ ۾ رهيا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شيخ عزيز سندن فڪري ۽ صحافتي استاد هيو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جديد سنڌي صحافت جا بانيڪار انور پيرزادو ۽ ف-م لاشاري آهن، يقيني طور تي انهن ٻنهي سرموڙ صحافين جو جديد سنڌي صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. اهي ٻئي محترم صحافي منهنجا ته صحافتي استاد به رهيا، ف – م لاشاري بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ۽ کري صحافي هجڻ جي حوالي سان شهرت رکندو هو ته انور پيرزادو هڪ ڪميٽيڊ ۽ پروفيشنل صحافي طور سڃاتو ويندو هو. حقيقت ۾ هر ماڻهو جو پنهنجو قلمي ۽ علمي پورهيو هجي ٿو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. باقي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيخ عزيز سنڌي صحافت جو بانيڪار هو. هن پراڻ پسند سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نه رڳو اهو پر هن پروفيشنلزم کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس اردو ۽ انگريزي صحافت ڏانهن منتقلي کان پوءِ جيڪي به صحافي آيا اُنهن اُن جدت ۽ پروفيشنلزم کي اڳتي وڌايو. شيخ عزيز جي صحافتي پورهئي کي مانُ ڏيندي ناميارو صحافي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: “اهو درست ناهي ته جديد سنڌي صحافت جو دور سوويت يونين ٽٽڻ سان يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ شروع ٿيو جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شوق ۽ جنون ۾ سنڌي اخبارن جو رخ ڪيو. منهنجي خيال ۾ جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار شيخ عزيز ئي سمجهيو ويندو، جنهن جي اصل شروعات سليم قاضي جي خواب کان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ جي ڪجهه باغين ۽ بي چين روحن کي سليم اڪبر قاضي پنهنجي اخبار جي آفيس جي هڪ ئي ڇت هيٺان شيخ عزيز جي ادارت ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جاءِ جي ويجهو جتي گاڏي کاتي وارو ٽانگا اسٽينڊ هو.”
شيخ عزيز جنگ اخبار جي “مهراڻ رنگ” ايڊيشن سنڀالڻ کان وٺي مختلف اردو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي انگريزي اخبار “ڊان” تائين ڪميٽيڊ صحافت ڪئي، هميشه سچ جي پاسي بيٺو رهيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن سڄي سنڌ جهاڳي، ان تحريڪ دوران ماڻهن سان ٿيندڙ بيداد ۽ ظلم کي رپورٽ ڪيو، 83ع ۽ 86ع جي “ڊان” جا اهي پرچا يقيني طور تي يادگار آهن جن ۾ شيخ عزيز تاريخ وار واقعا رپورٽ ڪندو رهيو هو. هن اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي عوام  سان ٿيل ظلم ۽ بيداد جي حوالي سان اکين ڏٺي احوال تي ٻڌل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو نهايت اهم دستاويز آهي پر بنا نالي جي ڇپيل آهي. مون سندس حال حيات هوندي کانئس جڏهن ان جو سبب پڇيو تڏهن سندس جواب ڪجهه هن ريت هو: “دراصل ايم آر ڊي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ مون کي “ڊان” وارن موڪليو هو، ان لحاظ کان اهو مواد ان اداري جي ملڪيت آهي، ان ڪارڻ مون نالو ناهي ڏنو.” شيخ عزيز صاحب جو اهو پروفيشنل عذر پنهنجي جاءِ تي ليڪن منهنجي خيال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اها واقعاتي تاريخ ڏاڍي اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ئي نالي سان ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن ڪو پبلشر همت ڪري ته مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي.
شيخ عزيز جو سنڌي علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو. هن “عملي صحافت” نالي ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ماس اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو پڻ وڃي ٿو، جنهن جا هينئر تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، اهو ڪتاب  ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ سونهون رهندو. ان کانسواءِ “تقسيم کان تقسيم تائين” پاڪستان جي سياسي صورتحال جي پسمنظر ۾ لکيائين. ان جو ٻيون ڀاڱو “ڀٽي کان ضيا تائين” جي عنوان هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته انهيءَ سيريز جو ٽيون ڪتاب “آمريت کان آمريت تائين” اڻ ڇپيل آهي. “ملهه سنڌ جي قومي راند” “مون لينن جو ڏيهه ڏٺو” روس جو سفر نامو، “نقش لطيف” The Tribute، موسيقيءَ تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين، هن سندس آٽو بايو گرافي به مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا اڻ ڇپيل آهي، سندس آخري علمي پورهيو “چنگ” ساز تي لکيل ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. نهايت ٻاجهاري ۽ نماڻي هن شخص منهنجي ڪتاب “سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو” جي ٻئي ايڊيشن جو مهاڳ پڻ لکيو جيڪو ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ترت توهان جي هٿن ۾ هوندو.
شيخ عزيز “ڊان” اخبار ۾ ڊگهي عرصي تائين نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو هو. اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ غير سرگرم ٿي ڪا ڪُنڊ وٺي ويهي رهندا آهن پر شيخ عزيز صاحب مختلف ماڻهو هو. هو آخري لمحي تائين قلم ۽ ڪاغذ سان سلهاڙيل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به فنڪار، ڪلاڪار، سياسي اڳواڻ يا علمي، شخص، لسانيات جي ماهر جي لاڏاڻي تي “ڊان” ۾ کين ٽريبوٽ پيش ڪرڻ جو سلسلو هُن آخر تائين جاري رکيو. سنڌ جو واحد صحافي هو جنهن جو ڌاڙيلن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، جيڪو اڄ به سندس لائبريري ۾ محفوط آهي. سندس لائبريري هڪ علمي خزانو آهي جنهن ۾ موسيقي، آرٽ، سياست، لسانيات، لطيفيات تي نه رڳو علمي نسخا بلڪه آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ پڻ وڏو خزانو موجود آهي. ان ڪري علمي ۽ ادبي سرڪاري ادارن کي ڍنگرن تي اٽو هارڻ بدران هڪ اهڙي علمي، ادبي، ڏاهي صحافي جي علمي پورهئي کي يڪجا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن مان ايندڙ ڪيئي نسل فيضياب ٿي سگهن ٿا. انهي سلسلي ۾ لاڳاپيل علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي گهربل سهڪار پڻ مهيا ڪيو ويندو.
شيخ عزيز سنڌ جو جيڏو وڏو صحافي ۽ لکاري هو ان جي جيڪڏهن علاج ۾ ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد هو اڄ به اسان جي ساٿ جي سرواڻي ڪندو هجي ها. ليڪن ٿيو ان جي ابتڙ، نوري آباد ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ جڏهن کيس NICVD حيدرآباد نيو ويو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا، مجبور ٿي کيس NICVD جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي ايمرجنسي ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ايئن پوءِ کيس آغا خان نيو ويو، دل جي خطرناڪ دوري پوڻ کان پوءِ مريض جا ڇهه ڪلاڪ ضايع ڪيا ويا، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته شايد سندس حياتي بچي پوي ها. جيتوڻيڪ NICVD ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اشتهارن جي حد تائين ته واهه واهه لڳي پئي آهي پر عملي صورتحال اها آهي ته جناح ۾ دل جا مريض فوٽ پاٿ تي پيا آهن، کين داخلا به نٿي ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به انسان جي زندگي لاپرواهي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهڻ کان بچي سگهي.

بهرحال شيخ عزيز پنهنجي دور جو غير معمولي، ڪميٽيڊ صحافي ۽ ليکڪ هو، سندس علمي، صحافتي ۽ فڪري پورهيو ورهين تائين ياد رهندو ۽ نئين نسل لاءِ سونهون رهندو.



شيخ عزيز
سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت
نور سنڌي
آئون اڃان جڏھن ۹ درجي جو شاگرد ھئس ته صحافت جو شوق ٿيو. صحافتي زندگي جو آغاز ته عاجز منگي جي معرفت ٽه روزه الفقراءُ سانگھڙ کان ڪيو ان بعد جڏھن روزنامه اخبار ۾ ڪم ڪرڻ جو. شوق ٿيو ته آئون عبرت پھتس ۽ اخبار جي مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد سان ملاقات ڪئي پاڻ ڏاڍي شفقت سان مليو حال احوال ورتو ۽ پاڻ مونکي اھو مشورو ڏنو ته بابا ھي عمر اوھان جي تعليم حاصل ڪرڻ جي آھي صحافت، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪجان ان بعد آئون ان دور ۾ حيدرآباد ۾ ريشم گلي وٽان روزنامه سنڌ نيوز پھتس ان وقٿ سنڌ نيوز جو ايڊيٽر مشھور صحافي شيخ عزيز ھو. آئون جڏھن ان سان مليس ته ڏاڍي پاٻوھ سان مليو ۽ حال احوال ورتو ان بعد پاڻ به قاضي عبدالمجيد عابد صاحب واري ڳالھ ڪئي جڏھن دل جي خواھش پوري نه ٿي ته آئون روئاڻڪو ٿي ويس منھنجي اھا حالت ڏسي اندر جو آواز محدوس ڪندي  شيخ عزيز مونکي پنھنجي ڪنھن وڏي وانگر سمجھايو ليڪن مونکي ان وقت صحافت جو جنون ذھن تي سوار ھو منھنجي اھا حالت ڏسي مون کي چيو اوھان پنھنجي ڳوٺ ملدسي جون خبرون ڀلي موڪليو اوھان سمجھو سنڌ نيوز جا اعزازي نمائينده آھيو. اھو دور شايد ۷۸ع جو ھو ان بعد ملدسي مان جيڪي خبرون موڪليندو ھئس اھي شايع ٿينديون ھيون جڏھن ته مون نه صرف ملدسي ۽ آسپاس پر تعلقي شھدادپور ھالا جي ڳوٺن تي ”سنڌڙي تنھنجا شھر وسن ڳوٺ وسن“ جي سري ھيٺ مختلف ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال حل طلب مسئلن تي مضمون موڪلڻ شروع ڪيا جيڪي باقاعده شايع ٿيڻ لڳا.جنھن جي شيخ عزيز نه صرف ساراھ ڪندو هو پر اصلاح به ڪندو هو. هن پاڻ ھڪ دفعي  چيو نور ھن عمر ۾ تنهنجا ليک پڙھي اندازو ٿئي ٿو ته اڳتي ھلي تون سٺو صحافي سٺو ليکڪ ثابٿ ٿي سگھين ٿو آئون جڏھن ساڻس ملندو ھئس ته ادب وچان کين دعا لاءِ چوندو ھئس پاڻ مرڪي چوندا ھئا الله سائين توکي زندگي ۾ ڪاميابيون عطا ڪري. چند سالن بعد ۾ جڏھن پاڻ سنڌ نيوز مان ڇڏي جنگ ۾ ويو ته آئون به سنڌ نيوز کي ڇڏي روزنامه آفتاب حيدرآباد جو رپورٽر وڃي ٿئس.
شيخ عزيز ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع ۾ حيدرآباد جي مشھور علائقي گاڏي کاتي ۾ ھڪ استاد ھڪ علمي شخصيت احمد شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو. احمد شيخ ملڪ جي آزادي واري جدوجھد ۾ به حصو ورتو ۽ قائد اعظم جو مداح هو. شيخ عزيز، مشھور اديب، لطيف جي پارکو، آثار قديمه جو ماھر ۽ پ ٽ الف جي باني اڳواڻ شيخ محمد اسماعيل ۽ ريڊيو پاڪستان جي نامياري پروڊيوسر شيخ محمد ابراھيم جو ڀاءُ ھو. انھن جي تربيت ۾ رھڻ ڪري ننڍي ھوندي کان علم ادب موسيقي سان سندس چاھ رھيو. پاڻ تعليم پرائمري تعليم گاڏي کاتي جي ھڪ پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ نورمحمد ھاء اسڪول حيدرآباد مان ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ ٽاپ پوزيشن اچڻ ڪري، اسڪالرشپ تي پڙھڻ لاءِ پرڏيھ مان  صحافت ۾ ڊپلوما جي ڊگري لنڊن جي ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان حاصل ڪئي. شاگردي دور کان صحافت ۾ اچي مثالي صحافي بنجڻ جو شوق رکندو ھو. پاڻ صحافت جي شروعات روزانه ڪاروان حيدرآباد ۾ تقريبن ۵۷ع ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي، جڏھن ته روزنامه عبرت جي ايڊيٽر شيخ علي محمد ھن کي عبرت ۾ بحيثيت سب ايڊيٽر آندو. بھترين ڪارڪردگي ڪري ايڊيشن انچارج ٿيو ان بعد اسسٽنٽ ايڊيٽر رھيو تقريبن ۷۶ع ۾ عبرت کي خئرباد ڪري  انگريزي اخبار ھفتيوار سنڌَ آبزرور حيدآباد جو ايڊيٽر ٿيو. ۷۷ع ۾ روزنامه سنڌ نيوز حيدرآباد جو پهريون ايڊيٽر ٿيو، ۸۰ع ۾ جنگ اخبار ۾َ سب ايڊيٽر ٿي ويو جتي مختلف حيثيث ۾َ ڪم ڪيو. بعد ۾ جنگ  ميگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو. ۸۲ع ۾ روزنامه حريت ۾ ميگزين ايڊيٽر ٿيو. ۸۹ع ۾ ملڪ جي مشھور انگريزي اخبار روزنامه ڊان ۾ سب ايڊيٽر ٿيو. بعد ۾ ڊان ۾ ايڊيشن انچارج ٿيو ۽ ڊان مان ئي پنجٽيھ سال ڪم ڪرڻ بعد رٽائيرڊ ٿيو پر ان بعد به ھڪ ڪالمسٽ ۽ فيچر رائيٽر طور ڊان لاءِ مستقل طور آرٽيڪل لکندو رھيو. شيخ عزيز بھترين صحافي ليکڪ موسيقي جو ڄاڻو ھو، سندس لکڻين ۾ وڏي ڄاڻ ھوندي ھئي. پاڻ ھر موضوع تي سياست، شخصيات، سماجيات، لطيفيات، ادب، فن، ثقافت، تاريخ، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل موسيقي، سنڌ جا ساز، ماڳ مڪان، ھنر ۽  ھنر مندن، ملھ پهلوانن، ڌاڙيلن کان وٺي ھر موضوع تي لکيو. جئين لطيف سائين عام طبقي ۽ مثالي ڪردارن کي پنھنجي شاعري ۾ آڻي امر بنائي ڇڏيو اھڙي ريت شيخ عزيز به سنڌ جي عام ۽ منفرد ڪردارن تي لکي انھن کي امر بنائي ڇڏيو. ھن اهڙن موضوعن کي وڌيڪ ترجيح ڏني جن تي تمام گھٽ يا بلڪل نه لکيو ويو آھي سندس فنڪارن سگھڙن سازيندن، ھنر مندن سان محبت به ھوندي ھئي، ھن جن موضوعن جن ڪردارن تي لکيو انھن تي لکڻ ايترو آسان نه ھو اھي موضوع ٽيبل اسٽوري وانگر نه ھئا، اھو تحقيقي ڪم ھو ان لاءِ شيخ عزيز محنت ڪئي قلم ذريعي سندس پورهيو شاندار رھيو. ھن مختلف اردو، سنڌي، انگريزي اخبارن ۾ ھزارين ڪالم، فيچر، آرٽيڪل لکيا، سيمينارن ۾ مقالا پڙھيا، ريڊيو ٽي وي جا اسڪرپٽ لکيا، خاص طور ڊان ۾ ادب، فن، ثقافت، تاريخ منفرد پُراسرار ڪردارن تي لکي ان بابت دنيا کي ڄاڻ ڏني.
شيخ عزيز جو اھو ڪردار به سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو ته ھن ملڪ جي جمھوري تحريڪن خاص طور ايم آرڊي تحريڪ ۾ ھڪ صحافي ليکڪ طور قلم ذريعي شاندار ڪردار ادا ڪيو. پاڻ حيدرآباد پريس ڪلب، يونين آف جنرلسٽس جو صدر، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جو جج، سنڌ يونيورسٽي ۾ قائم مرزا قليچ بيگ چيئر جو بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رھيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي صحافت واري شعبي ۾ ڪافي وقت وزٽنگ پروفيسر به رهيو. شيخ عزيز جو اھو به ڪردار رھيو ته ھن سنڌ ۾ بھتر صحافي پئدا ڪيا. ھن صحافين کي تربيت به ڏني. شيخ عزيز کي سنڌ جي تاريخ ڊراما ٿيٽر، موسيقي، ڪلاسيڪل ادب پراسرار ۽ منفرد ڪردارن، آرٽ سان شوق رھيو. پاڻ حساس طبيت جو هو، هر معاملي تي گھري نظر رکندو ھو. جڏھن ڪراچي ۾ جنگ کان وٺي ڊان ۾ رھيو ته گھڻو ڪري جڏھن به ڪراچي وڃڻ ٿيندو ھو ته ڪوشش رھندي ھئي ته وٽن حاضري ڀرجي، ڪجھ سکجي. سندس شھدادپور جي سياسي شخصيت فقير محمد بخش خاصخيلي سان دوستي ھوندي ھئي ڪافي دفعا وٽس شھدادپور به آيا ڪراچي واري فليٽ تي به ايندا ھئا اتي به ساڻن ملاقاتون رھيون.
پاڻ ھيڏي پائي جو صحافي ليکڪ ھئڻ جي باوجود سادو انسان ھو، سندس ڳالھائيڻ جو انداز منفرد ھوندو ھو مختصر پر بھترين ڳالھائيندو ھو، سندس ادب ۽ صحافت ۾ خدمتن عيوض ڪافي ايوارڊ مليا جن ۾ ٻين ايوارڊ کان سواءِ ايڪسيلنس ايوارڊ آف جرنلزم ۲۰۰۰ع،  لٽريسي ايوارڊ ۲۰۰۱ع به آھن.
پاڻ ۲۰۱۱ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چئرمئن به رھيو. پاڻ صحافت، سياست، سماجيات، علم، ادب، تاريخ سميت منفرد ڪردارن ۽ ٻئن موضوع تي تقريبن ۲۵ کان وڌيڪ انگريزي اردو ۽ سنڌي ۾ ڪتاب لکيا جن ۾ ٻئن ڪتابن کان سواءِ سنڌ جون پراسرار ڪھاڻيون، الحمرا جا داستان،  عملي صحافت، مون لينن جو ڏيھ ڏٺو، تقسيم کان تقسيم تائين، کير ٿر، سنڌ جي تاريخ، سنڌي موسيقي، ننڍي کنڊ جي ڊرامن جي تاريخ، ڀٽو جون يادگيريون، ڀٽو کان ضياء تائين، پاڪستان جي سياسي تاريخ، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن جڏھن ته اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو تعداد ڇڏي ويا آھن.
سنڌ جي مشھور ساز چنگ تي لکيل ڪتاب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇپائڻ لاءِ ثقافت کاتي کي ڏنو، اميد ته اھو ڪتاب ثقافت کاتو جلد ڇپائي پڌرو ڪندو.
شيخ عزيز نه صرف موسيقي مان وڏي ڄاڻ رکندو ھو، پر پاڻ ستار وڄائڻ جي مهارت پڻ هوندي هئس. جڏھن موڊ ۾ ھوندو ھو ته خود به جھونگاريندو ھو سندن وڌيڪ پسند جي فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، روشن آرا بيگم، اقبال بانو، استاد امانت علي خان، فريده خانم، بسم الله خان شھنائي نواز، ذاڪر طبلي نواز ھئا. استاد منظور علي خان سان سندس ھجت پڻ ھوندي ھئي. پاڻ جڏھن سٺي موڊ ۾ ھوندا ھئا ته استاد منظور علي خان جو ڪلام ”ويندس يار مري او مري، تنھنجي درد فراق ۾“ ڳائيندو ھو.
شيخ عزيز ڪچھرين جو ڪوڏيو ھوندو ھو، جڏھن ڪنھن به موضوع تي ڳالھائيندو ھو ته ٻڌندڙن ۾ خاموشي ڇائنجي ويندي ھئي. لطيف سائين سان وڏي عقيدت رکندو ھو. لطيف سائين جي فڪر تي جڏھن فلسفانه انداز بجاء سادن لفظن ۾ ڳالھائيندو ھو ته اديب دانشور مفڪر حيران ٿي ويندا ھئا. ھن ڀٽ ڌڻي جي راڳ تي تحقيقي مقالا به لکيا  لطيف جي راڳ تي وڏي تحقيق ڪئي، ڪيترا ئي غير ملڪي اسڪالر محقق جيڪي لطيف سائين جي تحقيق ڪندا ھئا اھي شيخ عزيز سان ملي رھنمائي ۽ ڄاڻ وٺندا ھئا مشھور اسڪالر محقق خاتون پي لنگ جڏھن سنڌ اچي لطيف سائين جي فڪر ڪلام تي ڪم ڪيو ته ھي ڪيترا ئي ڀيرا شيخ عزيز سان ملي ھئي. ان پنھنجي مقالي لطيف جو راڳ تي لکيل مقالي ۾ اھڙو ذڪر ڪيو آھي.
پاڻ ۶ آڪٽوبر تي ڪراچي کان حيدرآباد گھر وارن سان گڏ شادي جي ھڪ تقريب ۾ وڃي رھيو ھو رستي ۾ کيس دل ۾ سور ٿيو. فوري طبي امداد لاءِ حيدرآباد جي اين آئي سي وي ڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتان کيس فائدو نه ٿيو ته ڪراچي موڪليو ويو جتي آغا خان اسپتال ۾ سندس دل جو آپريشن ٿيو ۽ سندس صحت سڌري رھي ھئي ليڪن وري سندس طبيت اچانڪ خراب ٿي وئي ۽ پاڻ ۷ آڪٽوبر تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. کيس پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو. سندس فرزند طارق عزيز شيخ صحافي ۽ ليکڪ آھي والد جي تربيت ڪري بھترين لکي ٿو. شيخ عزيز سنڌ جي ادب فن ثقافت تاريخ صحافت سماجيات جو ھڪ اثاثو ھو سندس مختلف شعبن ۾ ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ ۽ قابل تعريف آھن.
(روزاني سوڀ حيدرآباد، ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع)


شيخ عزيز
صحافت جو روشن ستارو
جاويد مرزا
منجهند جا تقريبن ۱۲ ٿيا هئا ته طارق عزيز جو فون آيو ته بابا گذاري ويو آهي. ڇا ٿيو چاچا کي مون پريشاني مان پڇيو. حيدرآباد ۾ ڪٿي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو رستي ۾ طبيعت خراب ٿي پئي پوءِ حيدرآباد سول اسپتال ۾ خرم وٺي ويو پر اُتي طبيعت بهتر نه ٿي، اُن کانپوءِ آغا خان اسپتال ڪراچي وٺي آياسين ۽ اُتي پاڻ دم ڌڻي حوالي ڪيو. طارق ٻڌايو ته آئون فورن پنهنجي گهرواري گُلبدن سان گاڏي ۾ ڪراچي روانو ٿيس، رستي ۾ مون طارق سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته شهلا (چاچا جي وڏي نياڻي) لنڊن ۾ آهي، هو ٻئي ڏينهن ڪراچي پهچندي، اُن ڪري تدفين ٻئي ڏينهن ٿيندي. گاڏي هلندي رهي ۽ آئون سوچيندو رهيس اها شخصيت اسان کان اڄ جدا ٿي وئي آهي، جيڪو سنڌي انگريزي توڙي اردو صحافت ۾ وڏو نالو هو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ نمايان ڪاميابيون ماڻي چڪا آهن، چاچا عزيز جي وڏي ڀاءُ چاچا شيخ محمد اسماعيل سان منهنجي والد ممتاز مرزا سان دوستي نه پر برادري وارو رشتو هو، مطلب ته اسان جو هڪڙو ئي ڪٽنب هو، جڏهن چاچا عزيز جي فيملي گاڏي کاتي کان اسان جي پاڙي ٽنڊو آغا ۾ لڏي آئي ته منهنجو سندس گهر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ رهندو هو، چاچا عزيز اُن وقت عبرت اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، ٻڌائيندو هو ته آفيس ۾ گهڻو ڪم هوندو آهي، چاچا عزيز پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندو هو، ڪمپوزنگ جي ڪم کان وٺي ڇپائي تائي هر ڪم جو ڄاڻو هو، هو پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ ذميواري سان ڪندو هو، جيستائين ڪم مڪمل نه ٿيندو هو تيستائين ويٺو رهندو هو، پوءِ ڀلي هن کي رات ڇو نه ٿي ويندي هئي پر هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري پوءِ ايندو هو، ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو هو، صرف پنهنجي ڪم سان سچو هوندو هو، جيڪا ڳالهه دل ۾ هوندي هئس اها چئي ڏيندو هو، چاهي ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، هو اُن جي پرواهه نه ڪندو هو، هن جو رويو ساڻس ڪم ڪندڙن سان تمام سٺو هوندو هو پر جيڪڏهن ڪنهن غلطي ڪئي ته سختي سان سمجهائيندو هو، جيئن اهو اڳتي اهڙي ڪابه غلطي نه ڪري. چاچا عزيز يارن جو يار هو، سندس آفيس ۾ ڪيترائي دوست ايندا رهندا هئا ۽ ڪڏهن به اُنهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو هو ۽ جيڪو به ڪم هوندو اهو ڪرائي ڏيندو هو، چاچا عزيز راڳ جو ڄاڻو هو، هو بانسري وڄائيندو هو ته دل چاهيندي هئي ته ويٺو ٻڌجي، هو ٻيا ساز به وڄائي ڄاڻندو هو. ملهه جو شوقين هوندو هو، مشهور پهلوان سندس آفيس ۾ ايندا رهندا هئا، پاڻ ملاکڙا ڏسڻ لاءِ به ويندو هو ۽ ملهه پهلوانن جي هر ممڪن مدد ڪندو رهندو هو. اوچتو چاچا عزيز سخت بيمار ٿي پيو، کيس قلعي تي آپا امينه اشرف (قاضي محمد اڪبر صاحب جي صاحبزادي) جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس اهليه چاچي حميده ۽ آئون ساڻس گڏ هئاسين، چاچا جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي ۽ پاڻ تمام ڪمزور ٿي ويا هئا پر پاڻ همت نه هاري ۽ بهادري سان ان بيماري جو مقابلو ڪيو ۽ صحتياب ٿي گهر آيو. چاچا عزيز ڪافي وقت اسپتال ۾ رهيو، قاضي محمد اڪبر سندس عيادت ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتال ۾ ايندا رهندا هئا. چاچي حميده چاچا عزيز جي هر ڏکي ۽ سکي مرحلي ۾ گڏ هوندي هئي، خاص طور تي چاچا کي وقت تي دوا ڏيڻ، سندن ڪپڙن، کاڌي پيتي جو خيال رکڻ ۽ لکڻ دوران چاچا کي پرسڪون ماحول مهيا ڪرڻ، مطلب ته سندس هر قسم جو خيال رکندي هئي. ايتري قدر جو تقريبن ۾ به چاچا سان گڏ گڏ هوندي هئي، چاچا آفيس ۾ هوندو ته چاچي وقت تي پاڻ دوائون کڻي ويندي هئي ۽ کيس کارائيندي هئي. چاچي جي عظمت کي سلام هجي جو هن پاڻ کي پوئتي رکي چاچا جي وڏي خدمت ڪئي، چاچا کي ڪامياب شخصيت بڻائڻ ۾ به چاچي جو وڏو ڪردار يهو، ڌڻي تعاليٰ کيس پنهنجي ٻارن طارق، خرم، شهلا ۽ مونا سان هميشه خوش ۽ آباد رکي. جڏهن چاچا جي طبيعت ڪجهه ٺيڪ ٿي ته روزانه سنڌ نيوز جو افتتاح ٿيو، قاضي محمد اڪبر ان وقت جي وڏي وزير رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي کان افتتاح ڪرايو، چاچا عزيز اُن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، آئون ساڻس گڏ ايندو هئس ۽ سندس کاڌي پيتي ۽ دوائن جو خيال رکڻ منهنجي ذميواري هوندي هئي، جو چاچي مون کي سمجهائيندي هئي ته ڪهڙي دوا ڪهڙي وقت ڏيڻي آهي، چاچا عزيز جي نگراني ۾ مون صحافت جي تربيت ورتي، پاڻ منهنجو رهنما ۽ اُستاد هو، ڪجهه وقت کانپوءِ اخبار جون حالتون صحيح نه رهيون ۽ پوءِ چاچا حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو ويو ۽ آخري عمر تائين اُتي ئي رهيو، پاڻ روزانه جنگ ۾ آخر ۾ روزانه ڊان سان وابسته رهيو، جتي هن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سندس ڪتاب ۽ لکڻيون اڄ به نمايان حيثيت رکن ٿيون، جيڪي هميشه کيس زندهه رکنديون، پاڻ اسان کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو آهي پر پنهنجي لکڻين ۾ اسان وٽ هميشه زندهه رهندو.






شيخ عزيز جو وڇوڙو
منفرد جنهن جو صحافت ۾ مقام،
سو حوالو ڄڻ اڌورو ٿي ويو،
”شيخ صاحب“ جي وڇوڙي ساڻ ڄڻ

نظرئي جو دور پورو ٿي ويو. (ياسر قاضي)





ڀلوڙ صحافي شيخ عزيز جي ياد ۾
محمد حيات بلوچ
شيخ عزيز جو نالو مون ستين درجي ۾ انگريزي ۾ ٻُڌو هو، اسڪول مان واپسي تي اڪثر هوٽل يا دڪان تي ويٺل ماڻهو سڏي چوندا هئا ته بابا هي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ، ان زماني ۾ معلومات جو ذريعو واحد اخبار هوندي هئي، ريڊيو عام نه ٿيو هو، ٽي وي جو ته نالو نشان ئي نه هو، اخبار به گهڻو ڪري ”عبرت“ هوندي هئي ۽ ان ۾ اڪثر شيخ عزيز جي نالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا، اتفاق سان اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون هيڊ ماستر بدلي ٿي آيو، نالو هئس شيخ عزيز، شاعر به هو، مشاعرن ۾ ترنم سان پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، سوچيم شاعر سان گڏ اديب به هوندو ۽ اهو ئي اخبار وارو شيخ عزيز ٿي سگهي ٿو، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري روزگار جي تلاش شروع ڪئي، نصيب ۾ شايد روزگار به عبرت اخبار ۾ ئي لکيل هو، سو وڃي اتي پهتس، سو هاڻ عبرت ۾ حقيقي شيخ عزيز وٽ اچي پڳس، تعليم هن جي به مئٽرڪ منهنجي به مئٽرڪ پر انگريزي جي حوالي سان اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو، هو انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. ڳالهائيندو آئون به هوس پر يس ۽ نو جي حد تائين، ڪيڏي مهل زبان مان جي به نڪري ويندو هو، شيخ عزيز انگريزي مان سنڌي ۾ رواني سان ترجمو ڪري ويندو هو، ترجمو آئون به ڪري ويندو هوس پر ڳيتون ڏئي ڏئي، پوءِ به درستي عزيز صاحب کي ئي ڪرڻي پوندي هئي، حالانڪه مئٽرڪ ۾ انگريزي جيڪا مون پڙهي عزيز صاحب به اها پڙهي يعني انگريزي زبان جي ابي شيڪسپيئر جي فائيو ٽيلس آف شيڪسپيئر، دي ٽيمپيسٽ، مچ اڊو ابائوٽ نٿنگ، ونٽرس ٽيل، ايز يو لائڪ اٽ وغيره، لڳي ٿو ته عزيز صاحب اها انگريزي هينئن سان هنڊائڻ تحت پڙهي ۽ مون امتحان پاس ڪرڻ لاءِ، جيئن ته محسوس ٿيو ته اخباري نوڪري يا ڊيوٽي ۾ انگريزي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻيون خبرون انگريزي مان ترجمو ڪرڻيون پونديون هيون، ان ڪري مون وڃي سچل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شيخ عزيز کي به چيوسون تون به مٿي داخلا وٺ، چيائين تعليم کاتي ۾ جاهل ويٺا آهن، مون کي پنهنجو وقت برباد ناهي ڪرڻو، پوءِ خبر نه آهي ڇا ٿيس جو وڃي داخلا ورتائين، ميڊيم انگريزي کنيائين، اسان کي پڪ هئي ته امتحان ۾ شروعاتي نمبرن ۾ نه به آيو ته به فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور پاس ٿيندو، کيس به اها پڪ هئي، نتيجو آيو نمبر سيڪنڊ ڪلاس ۾ هو، اسان تي ڪاوڙجي پيو چيائين ته مون توهان کي چيو هو نه ته هتي جاهل ويٺا آهن، اهي منهنجي انگريزي سمجهي ئي ڪونه سگهيا، بس ائين ئي مارڪون ڏيندا ويا، اڳتي هو ڪونه پڙهيو پر سندس لکيل ڪتاب اڄ به ايم اي جرنلزم جي شاگردن لاءِ مشعل راهه بنيل آهي، خدا جي ڪرڻي جو برطانيه جي هڪ اخباري اداري سان تعلق رکندڙ فرم کيس ڊپلوما لاءِ اسڪالرشپ آڇي ۽ هو لنڊن روانو ٿي ويو، هوائي اڏي تي اسان کيس رخصت ڪيو، ڪورس ٽن مهينن جو هو يا ڇهن مهينن جو شيخ عزيز اتان پنهنجي انگريزي وڌيڪ سون بنائي واپس پهتو، اداري ۾ ڊيوٽي دوران سينيئر يا جونيئر جو تفاوت نه هوندو هو، هڪٻئي سان کِل مذاق هوندي هئي ۽ ڪم به پيو ڪبو هو، ائين هڪڙي ڏينهن ٽپال ۾ منهنجي لاءِ هڪ ايئر ميل لفافو آيو، کوليم جيڪو منهنجي ڪلاس فيلو الطاف شيخ موڪليو هو، الطاف شيخ انگريزي جا چار درجا مون سان گڏ پڙهيا، پوءِ وڌيڪ تعليم هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ حاصل ڪئي، اتان فارغ ٿي اهو مرچنٽ نيوي سان منسلڪ ٿي ويو، شايد کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون وارو ڄٽ ڪلاس ميٽ صحافي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خوش به ٿيو ۽ خط ۾ الائي ڇا ڇا تفصيل لکي موڪليائين، مون اهو خط پڙهي کيسي ۾ ٿي وڌو ته سامهون ويٺل شيخ عزيز چيو ڪهڙي ملڪ مان خط آيو اٿئي، چيومانس ته منهنجي ڪلاس ميٽ الطاف شيخ خط موڪليو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿس اهو مون کي به سمجهه ۾ نٿو اچي، عزيز مون کي چيو خط مون کي ڏي ڏسان، مون خط ڏنو مانس پڙهي چيائين ته هي ته زبردست سفرنامو آهي اهو پاڻ اخبار ۾ شايع ڪنداسين، اهو ئي هو منهنجي ۽ هُن جي سوچ جو فرق! عبرت ۾ سنڊي ايڊيشن الڳ نڪرندو هو جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون شايع ڪبيون هيون، الطاف شيخ جو سفرنامو به ان ۾ شايع ڪيو ويو، الطاف کي به شايد اطلاع مليو ته عبرت ۾ تنهنجو سفرنامو شروع ٿي ويو آهي پوءِ هو ائين سفرناما موڪليندو رهيو، اسان شايع ڪندا رهياسين، سندس سفرنامن جو پهريون ڪتاب عبرت ۾ شايع ٿيل سفرنامن جو مجموعو هو، هاڻ ته الطاف سفرنامن جي ذري گهٽ سينچري اچي مڪمل ڪئي آهي، اسڪول مان هڪٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ الطاف سان ڏهه ٻارنهن سال پهرين فقط هڪ ڀيرو عبرت آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، ڪئميرا هٿ ۾ هئس، همراهه به گڏ هئس، ڏاڍا فوٽو گڏ ڪڍرايائين، چيائين حيات تنهنجا ته وار اڄ به گهاٽا آهن، آئون ته صفا گنجو ٿي ويو آهيان.
شيخ صاحب کي پهريون فرزند ٿيو، نالو رکيائينس طارق، اسان کي چيائين منهنجو پٽ طارق اڳتي هلي فوج جو سربراهه ٿيندو، خدا جي ڪرڻي طارق فوجي ته نه بڻيو پر هوش سنڀالڻ سان قلم هٿ ۾ کنيائين، آرٽيڪل لکيائين، محنت ڪري ڪتاب لکيائين، پيءُ وٽ آيو، چيائين ڪتاب لکيو اٿم ڇپرائي ڏي، شيخ عزيز ٺپ جواب ڏنائينس ته تون ڄاڻ تنهنجو ڪتاب ڄاڻي، طارق همٿ نه هاري ڪتاب ڇپرائي ورتائين، هاڻ معاملو آيو رونمائي تقريب جو، دل ۾ سوچيائين بابا جا وڏا وڏا اديب دوست آهن، انهن کي فون ڪندو ته هو خوشي سان اچي شريڪ ٿيندا، نالن جي لسٽ کڻي پنهنجي والد وٽ آيو، چيائينس ته انهن کي فون اوهان ڪريو ڪارڊ آئون ٿو موڪليان ته جيئن تقريب شاندار ٿي وڃي، شيخ عزيز جو ساڳيو جواب ته بابا آئون ڪنهن کي به فون ڪونه ڪندس تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ٽائيم هوندو ته تقريب ۾ شرڪت ضرور ڪندس. بهرحال رونمائي تقريب ٿي ۽ وڏي پئماني تي، شيخ عزيز جو مقصد اهو ئي هو ته جيڪڏهن آئون ڪا مدد ڪندوسانس ته هن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿي نه سگهندي ۽ هميشه ٻين جي مشورن تي ڀاڙيندو رهندو، اهڙو ئي سلسلو مون سان به ٿيو عبرت اخبار ۾ ڪجهه تبديليون آيون، ايڊيٽر شيخ علي محمد اداري کان الڳ ٿي ويو، سينيئر ٽي هئا، شيخ عزيز، خيرمحمد کوکر، مقبول صديقي، مالڪ فيصلو ڪري ڪونه سگهيا، ٽنهي جو نالو ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هلندو هو، اهو سلسلو شايد سال ٻه هليو نيٺ مالڪن کي ڪنهن کي نه ڪنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻو ئي پيو، مقابلي ۾ ٻه ڄڻا هئا ٻنهي پنهنجو حق پئي سمجهيو اهي هئا شيخ عزيز ۽ خيرمحمد کوکر، قاضي سعيد اڪبر جو لاڙو شيخ عزيز ڏانهن هو جڏهن ته سندس والد قاضي محمد اڪبر جي چوائس خيرمحمد کوکر هئي، سو خيرمحمد کوکر نئون ايڊيٽر ٿي ويو، بهرحال کيس انهيءَ تي راضي ڪيو ويو ته جيسين ڪو نئون نيوز ايڊيٽر مقرر ٿئي تيسين ايڊيٽر واري ذميواري سان گڏ هو رات جو نيوز ايڊيٽر جا فرض به سرانجام ڏئي، ڪجهه وقت اهو سلسلو جاري رهيو، اڳتي هلي خيرمحمد کوکر رات واري ڊيوٽي کان جواب ڏئي ڇڏيو، مجبوري ۾ شيخ عزيز کي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پئجي وئي، رات جي ڊيوٽي ۾ جيئن آئون خيرمحمد کوکر جو اسسٽنٽ هيس تيئن شيخ عزيز جو به اسسٽنٽ رهيس، شيخ عزيز مون کي هيڪانديون خبرون ترجمي ۽ ٺاهڻ لاءِ ڏيندو هو، ويهن پنجويهن ڏينهن کان پوءِ شيخ عزيز مون کي چيو ابا ڪرسي سنڀال مون نه ڪئي، چيائين پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪر، ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي ۽ تون بلڪل ذميواري سنڀالي سگهين ٿو، مون به بسم الله ڪئي ۽ پوءِ وري پوئتي مڙي نه ڏٺو، ايڊيٽر نه ٿيڻ جي باوجود شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي سان سچو رهيو، ايڊيشن به پاڻ ئي ڪڍندو هو، ان دوران قاضي خاندان جو هڪ نوجوان فرد قاضي سليم اڪبر اخباري دنيا ۾ آيو، انگريزي اخبار آبزرور شروع ڪيائين ۽ ڪو وقت شام جي اخبار طور نڪرندڙ سنڌ نيوز اخبار کي روزاني اخبار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو پروگرام جوڙيائين، شيخ عزيز کي پاڻ ڏانهن وٺي ويو، سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پريس لاءِ مشينري اچي وئي، آفيس قائم ٿي وئي قدرت خدا جي قاضي محمد اڪبر جو هي نوجوان فرزند قاضي سليم اڪبر سپر هاءِ وي تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، بهرحال شيخ عزيز پنهنجو وچن نڀايو اخبار مارڪيٽ ۾ آندي، افتتاحي تقريب ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي شريڪ ٿيو، جيئن ته اصل دلچسپي رکندڙ فرد هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري باقي ٻين جي دلچسپي آهستي آهستي گهٽجندي وئي، اهڙي طرح شيخ عزيز به اداري کي خيرباد چئي ڪراچي منتقل ٿي ويو، هيري جي ڄاڻ جوهري کي هوندي آهي سو جيئن ئي شيخ عزيز ڪراچي ۾ سيٽل ٿيو ماتري کيس پنهنجي اخبار حريت ۾ ڇڪي ويو ايڊيشن سندس حوالي ٿيا ان ۾ به هن سنڌ کي ئي اوليت ڏني، مير خليل الرحمان ڪنهن به اردو اخبار کي پاڻ کان وڌڻ ڪونه ڏيندو هو، هي جو حريت سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ته هڪدم شيخ عزيز کي ڇڪي پاڻ ڏانهن جنگ گروپ ۾ کڻي آيو، اتي به هن پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو، ڪجهه وقت کان پوءِ حميد هارون به ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي اخبار ڊان ۾ وٺي ويو، اها ان جي آخري اخبار هئي، وچ ۾ پير مظهرالحق وزير تعليم جي حيثيت ۾ شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پروانو ڀٽي کي به ان ئي اداري ۾ نوڪري ڏنائين، شيخ عزيز صحافت جي ٽنهي شعبن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پاڻ مڃايو ۽ پنهنجو نالو ڪڍيو، سنڌي هو سنڌ سان محبت هيس، سنڌ جي ريتن رسمن کي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن جي زينت بنايائين.
بهرحال، شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندو هو، تصور اهو ئي هوندو هو ته ڄڻ هو ڪو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي، بيماري ۾ به موڪل نه ڪندو هو، هي مثال هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نٿو سگهي ته شيخ عزيز جي امڙ گذاري وئي، قبرستان ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي امڙ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قبرستان کان سڌو عبرت آفيس ۾ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺو، اهو هو شيخ عزيز، جيڪو ورلي ملندو.






شیخ عزیز
ہمہ گیر شخصیت
رفیق شیخ
استاد محترم، اڑتیس سال پہلے کا منظر سندھ یونیورسٹی شعبہ صحافت اور آج کا منظرحیدرآباد پریس کلب کا بالائی ہال، اڑتیس سال پہلے استاد محترم شعبہ صحافت کے کلاس روم میں لیکچر دے رہے ہیں اور آج حیدرآباد پریس کلب کے ہال میں استاد محترم کی تصویر پھولوں کے درمیاں ہے اور ان سے محبت کرنے والے اور عقیدت رکھنے والے ان کی شخصیت پراظہار خیال کررہے ہیں۔ مہیش کمار نے یہ اڑتیس سال ایک فلم کی مانند بندآنکھوں سے دماغ کے پردے پر چلا دیے کچھ کثر باقی رہی تو آغارفیق اور نصیرمرزانےپوری کردی۔پیرمظہر،مجاہد بریلوی، قاضی خادم، ظہیر احمد نے کچھ اور مناظرسے پردہ اٹھایا۔ اس کے باوجود اس فلم کے کئی مناظر اوجھل رہے۔ واقعی استاد محترم شیخ عزیزکی شخصیت کے کئی پہلو ہنوزاوجھل ہیں جتنے بڑے وہ صحافی تھے استاد تھے سیاسی، سماجی اور ثقافتی دانشور تھے،موسیقار تھے، مصنف تھے اس قدر ہم انھیں خراج عقئدت پیش نہیں کر سکے۔
کثرالجہتی شخصیت کے مالک شیخ عزیزتقریباّ اسّی برس کی عمر میں گزشتہ اکتوبر میں جہان فانی سے کوچ کر گئے نصف زندگی انھوں نے اپنے آبائی شہر حیدرآباد اور نصف زندگی کراچی میں گزاری۔ جنم لیا حیدرآباد میں اور دفن ہوئے کراچی میں۔ یہ اس بات کی علامت بھی ہے کہ شیخ عزیز نے دیہی سندھ سے علمی، صحافتی، ثقافتی اور تحریر سے رشتے کاجو سفرشروع کیا تھا وہ شہری سندھ تک کسی تعصب اور غرض کے بغیرانجام کو پہنچا اور ثبوت کے طور دہی سندھ کے وجود کوشہری سندھ کے حوالے کرگئے۔ حیدرآباد کی صحافتی برادری کہ کچھ دوستوں نے انھیں خراج عقیدت پیش کرنے کے لیے حیدرآباد پریس کلب میں ،،شیخ عزیز تعزیتی ریفرنس،، رکھا حیدرآباد پریس کلب کے سابق صدر سینئر صحافی مہیش کمارنے اپنے دوستوں فاروق سومرو،امدادچانڈیواور دیگر کے ساتھ صحافی دوست گروپ کے پلیٹ فارم سے اس تعزیتی ریفرنس کا انعقاد کیا،ریفرنس میں حیدرآباد سے جہاں ان کے دوست احباب شاگرد شریک ہوئےوہیں کراچی سے سینئر صحافی اور اینکر مجاہد بریلوی جن کا شیخ عزیز کے ساتھ برسوں کا تعلق رہا جی این مغل حیدرآباد اور کراچی میں شیخ صاحب ساتھی رہے، سابق صدر کراچی پریس کلب طاہرحسن خان جنھیں شیخ عزیز کے ساتھ ایک کمرے میں ساتھ کام کرنے کا اعزاز حاصل رہا ہے اور میں،جو دو فیض حاصل کرنے والوں شامل رہا یعنی سندھ یونیورسٹی کے جرنلزم ڈیپارٹمنٹ میں شیخ عزیز سے باقاعدہ صحافت کی تعلیم حاصل کی اور کراچی میں عملی صحافت کے دورمیں ان سے راہنمائی لیتا رہا پیر مظہرالحق گزشتہ تیس سال سے پارلیمانی سیاست کا اہم کردار رہے کئی انتخابات جیتے صوبے کے وزیربنے انھوں نے بھی اپنی عملی زندگی صحافت سے شروع کی اور شیخ عزیز کے بستہ بند شاگرد بنے۔وہ بھی ناسازی طبع کے باوجود استاد محترم کو خراج عقیدت پیش کرنے پہنچے۔سینئر صحافی اور حیدرآباد پریس کلب کے سابق سیکریٹری ظہیر احمد، سینئر صحافی اور سابق سیکریٹری حفیظ عابد ،سینئرصحافی فاروق سومرو،صحافی اور انسانی حقوق کے سرگرم راہنما امداد چانڈیو نے بھی اپنے سینئر ساتھی اور استاد کو اپنی یادوں کے حوالے خراج عقیدت پیش کیا آغا رفیق جو سندھ یونیورسٹی ماس کمیونیکشن ڈیپارٹمنٹ کے چئرمین رہے اور نصیرمرزا جوریڈیوپاکستان کے ریجنل ڈائریکٹر رہے، میری طرح شیخ صاحب کے یونیورسٹی میں شاگرد تھے یہ ان شاگردوں میں تھے بقول آغا رفیق جنھیں شیخ صاحب کے اس کمرے تک رسائی حاصل تھی جہاں ان کے بچے بھی نہیں جاسکتے تھے یعنی چہیتے،لاڈلے ۔۔ان کا کہنا تھا کہ شیخ صاحب نے انھیں جو تعلیم دی جس طرح تربیت کی اس کے نتیجے میں ان سمیت شیخ صاحب کے کئی شاگرد جس بھی پروفیشن میں گئے اس کی ٹاپ پوزیشن تک پہنچے پروفیسر قاضی خادم حسین جوسندھ یونیورسٹی کے سندھی شعبہ کے استاد ہونے کے ساتھ صحافت سےبھی دہائیوں سے وابستہ رہے انھوں نے بھی اپنے ساتھی کو دل کی گہرائیوں سے خران تحسین پیش کیا۔تعزیتی ریفرنس میں شیخ عزیز کے صاحبزادگان طارق عزیز شیخ اور خرم شیخ بھی شریک تھے جنھوں نے اپنے والد کے ساتھ گزری یادوں کو حاضرین کے ساتھ شئرکیا،۔شیخ عزیز تاریخ،سیاست،صحافت اورموسیقی کی کئی کتابوں کے مصنف ہونے کے ساتھ ساتھ ایک متحرک عملی صحافی بھی رہے َ۔انّیس سوپچاس کی دہائی کے آخر میں سندھی صحافت سے آغاز کیا روزنامہ عبرت اور سندہ نیوز حیدرآباد سے طویل عرصہ وابستہ رہے پھر روزنامہ جنگ کراچی بعد ازاں روزنامہ حرّیت کراچی سے وابستہ ہوکراردوصحافت میں نام کمایا ڈیلی ڈان کراچی سے بھی وابستگی آخری دم تک رہی یوں انگریزی صحافت میں بھی نمایاں مقام حاصل کیا۔شیخ عزیز حیدرآباد پریس کلب کے سیکریٹری بھی رہے سندھی ادبی ہورڈ کے بھی وائس چئرمین رہے۔شیخ عزیز تمام عمر ایک متحرک صحافی کے طور پر کام کرتے رہے ۔حیدرآباد کے صحافیوں نے انھیں خراج عقیدت پیش کرنے کے لیےتعزیتی ریفرنس کے ساتھ ساتھ شیخ عزیز ایوارڈ کا اجرا بھی کیا یہ ایوارڈ ہر سال جونئر،سینئر صحفیوں کو دیے جائیں گے۔شیخ عزیز کو خراج عقیدت پیش کرنے لیے حیدرآباد پریس کلب اس ہال کو جہاں تعزیتی ریفرنس ہوا شیخ عزیز کے نام سے منسوب کردیا جائے۔


شيخ عزيز
گھڻ پاسائي شخصيت
سرويچ حيدر اوڍو
صحافي دوست گروپ پاران پريس ڪلب حيدرآباد ۾ جديد صحافت جي بانيڪار ۽ موسقي جي ڄاڻو شيخ عزيز جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس ٿي گذريو. انهي موقعي تي شيخ عزيز جي گھڻگھرن، دوستن ۽ ان شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آيل مهمانن جي آجيان ڪندي سنڌ ايڪسپريس جي ايڊيٽر فاروق سومرو چيو ته هي اڄوڪو ميڙاڪو صحافتي ڏاهي، هڪ وڏي اسڪالر شيخ عزيز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اسان گڏ ٿيا آهيون. شيخ عزيز صحافت کي ترقي پسند رخ ڏنو. شيخ صاحب ۱۹۶۳ ۽ ۱۹۶۶ ۾ پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر رهيو ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو به صدر رهيو. صحافي سنگت فيصلو ڪيو آهي ته هن سال وانگر هر سال شيخ عزيز ايوارڊ ڏنا ويندا جيئن ان جي يادگيري به رهي ۽ ايوارڊ ماڻيندڙ شيخ صاحب جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي به ڪوشش ڪن. هن سال لائيف اچيومنٽ ايوارڊ سينيئر صحافي جي اين مغل کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ جن ٻين کي اڄوڪي پروگرام ۾ ايوارڊ ڏنا ويندا انهن ۾ سنڌ ايڪسپريس جي سينيئر رپورٽر اسحاق مڱريو، ڊان گروپ سان واڳيل صحافي محمد حسين خان، جنگ جي رپورٽر محمد قاسم هاليپوٽو، ڪاوش جي رپورٽر عظمت ڪنڀر، ابتڪ ٽي وي جي رپورٽر حفيظ مگسي، ۽ ايڪسپريس جو رپورٽر دانش نفيس شامل آهن. ان موقعي تي شيخ عزيز جي فرزند طارق شيخ عزيز چيو ته شيخ عزيز نه صرف اسانجو پر سڄي سنڌي صحافت جو اثاثو هيو، هو پنهنجي شخصيت ۾ ادارو هيو، صبح کان رات تائين جستجو ۾ هوندو هيو ته نيوز جي دنيا ۾ ڇا پيو هلي. هن کان توهان ڪنهن به وقت ڪهڙي به موضوع تي ڳالهارائي يا لکرائي سگھو ٿا. هن کي موسقي سان وڏو لڳاءٌ هيو. هن ۱۹۶۲ ۾ عبرت ميگزين جو بنياد رکيو. هن صحافت جي ابتدا ۱۹۵۶ ۾ ڪئي ۽ ۱۹۵۸ ۾ عبرت جوائن ڪيائين ۽ ۱۹۷۶ تائين عبرت سان واڳيل رهيو. عبرت ۾ نيوز، ميگزين ۽ ايڊيٽوريل پيج سميت هر شعبي ۾ جديديت روشناس ڪرايائون. هن جي شاگردن صحافت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. پاڻ جڏهن روزاني جنگ جوائن ڪيائون ته مهراڻ رنگ جي نالي سان صفحو شروع ڪيائون جنهن ۾ سنڌ جا سمورا رنگ شامل هوندا هيا. اهڙي طرح جنگ جي معرفت سنڌ جي هر پهلو کي اجاگر ڪيائون. اڳتي هلي روزاني ڊان جوائين ڪيائون. اتي سنڌ بابت ڪالم لکندا هيا. اهڙي طرح جنگ ۽ ڊان معرفت سموري دنيا ۾ سنڌي ڪلچر، ٻولي ۽ تاريخ بابت ڄاڻ ڏنائون بقول يوسف شاهين جي ته شيخ عزيز علم جو انسائيڪلوپيڊيا هيا. هن جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل جھجھي انگ ۾ يادگار ۽ تاريخي مواد اسان وٽ پيل آهي. روزاني مهراڻ جي ايڊيٽر فقير منٺار مڱريو چيو ته شيخ عزيز سنڌي ٻولي ۽ صحافت جي جيڪا خدمت ڪئي آهي مان ان تي کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. روزاني ڌرتي جي ايڊيٽر ظهير ميراڻي چيو ته شيخ عزيز جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. منهنجي صحافت جي ابتدائي ڏينهن ۾ جڏهن شيخ صاحب سان ملاقات ٿي ته مان ان کان ڏاڍو متاثر ٿيس. عوامي آواز ۽ سنڌ سجاڳ ميگزين لاءِ شيخ صاحب کان انٽرويو وٺڻ واري ٽيم ۾ مان به شامل هيس. شيخ صاحب سنڌي صحافت سان گڏ اردو ۽ انگريزي ۾ به وڏو نالو ڪمايو، پاڻ سنڌي قوم جو اثاثو آهن. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي انچارج امداد چانڊيو تقرير ڪندي چيو ته منهنجي زندگي جو ڳچ حصو سياست ۾ گذريو ۽ ايترو ئي وري استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون مان خوشنصيب آهيان ته مون صحافت جي ابتدا شيخ عزيز جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار سان ڪئي. ان زماني ۾ مون شيخ صاحب جي پائي جو يا ان جو مٽ ڪو صحافي ڪونه ڏٺو. هو وڏو پڙهيل لکيل ماڻهو هيو. هن اسان کي سيکاريو ته عملن صحافت ڪيئن ڪبي آهي هن صحافت کي ڊرائينگ روم مان ڪڍي عوام تائين پهچايو.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته با صلاحيت صحافي پيدا ڪريون جيڪي شيخ عزيز جي نقش قدم تي هلن. روزاني سنڌ جي ايڊيٽر ڪامريڊ مهيش ڪمار چيو ته مان جڏهن ساٿي ٻارڙا سنگت جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هيس ته ان وقت شيخ عزيز مون سان ملڻ ڳوٺ آيو هيو. ۲۰۱۰ ۾ جڏهن مان حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر ٿيس ته شيخ صاحب اڪثر ڪلب ايندو هيو ان جي صلاحن سان اسان پريس ڪلب ۾ هڪ فارمولي تحت ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. شيخ صاحب اڪثر چوندو هيو ته صحافي کي پروفيشنل هجڻ گھرجي تڏهن ئي ايمانداري سان اڻڌري صحافت ڪري سگھجي ٿي. هن چيو ته مان پنهنجي طرفان منهنجي نياڻي برکا جي نالي تي قائم پبليڪيشن پاران شيخ صاحب جو هڪ ڪتاب شايع ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ ڪلچر کاتي سميت ٻين اشاعتي ادارن کي اپيل ڪندس ته شيخ صاحب جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي وارو اهم ۽ سانڊڻ جهڙو مواد پيل آهي ان کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ ڪتاب شايع ڪيا وڃن. شيخ عزيز جي شاگرد آغا رفيق چيو ته شيخ صاحب اسانکي ٻه شيون سيکاريون ته هڪڙا اهي هوندا آهن جيڪي پئسي جي ڪڍ مرندا آهن. ٻيا اهي هوندا آهن جيڪي مقصد لاءِ مرندا آهن. هن صحافت جو بنيادي اصول سيکاريو ته صحافت هڪ مشن آهي صحافت ڌنڌو ناهي هوندو. اسان جڏهن اخبار جي آفيس ۾ ڪم ڪندا هياسون ته اسان کي خبرون ٺاهڻ لاءِ ملنديون هيون ته هن جي نصيحت هوندي هئي ته پنهنجي ضمير موجب ڪم ڪيو، جيڪا شي سمجهو ته جائز ۽ حق تي آهي پوءِ ان تي بهجي وڃو، ان تي ڪمپرومائيز نه ڪريو، ڪنهن جو به خيال نه ڪيو، اهائي اصولن واري صحافت آهي ۽ توهان تاريخدان آهيو ان ڪري اهو ڪجهه لکو جيڪو توهان جو ضمير چوي ٿو ڇو ته جڏهن تحقيق ٿيندي ته توهان جون لکيل شيون رفرنس طور ڪم اينديون ان ڪري سچ لکو ۽ ان تي بيهي رهو. پروفيسر ذوالفقار قريشي چيو ته منهنجو خاندان ستن پيڙهين کان گائڪي سان واڳيل رهيو آهي. مون شيخ عزيز جي صحبت کان گھڻو ڪجهه سکيو هن مونکي وائي ۽ ڪافي ۾ فرق سمجهايو ۽ ڌنون ڪيئن خوبصورت بنائي سگھجن ٿيون اهو به مون شيخ صاحب کان سکيو. سماج سڌارڪ اڳواڻ سليمان جي ابڙي چيو ته شيخ عزيز صحافت ۾ نوان گس ۽ موڙ ڏنا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسان اسلام آباد ۾ ڪچهري ۾ ويٺل هياسون اتي آغا سليم ٻڌايو ته شيخ عزيز جا سنڌي موسقي ۽ ڪلچر بابت ڊان اخبار ۾ اهڙا ته تحقيقي ۽ معلوماتي ليک اچن ٿا اسان ان مان ڪافي پرايون ٿا ۽ اهي اسان جي وڏي ڪم جا ثابت ٿين ٿا. ان ان وقت شيخ عزيز جي شخصيت بابت معلوم ٿيو ته هو ڪيڏو نه وڏو ماڻهو هيو. هن جو اهو ڪارائتو مواد شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ گھرجي جيئن ان مان اسان جو نئون نسل مستفيض ٿي سگھي. رفيق شيخ چيو ته ۳۸ سالن جون يادون تازيون ٿي ويون آهن شيخ صاحب جيترو وڏو صحافي هيو اوترو ئي سٺو دوست هوندو هيو. هو پنهنجي آمدني جو وڏو حصو دوستن تي ۽ ڪچهرين ۾ خرچ ڪندو هيو. جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ هوندو هيو ته سڄو ڏينهن چانهه پيٽيس جو سلسلو پيو هلندو هيو. سينيئر صحافي جي اين مغل چيو ته شيخ عزيز صحافت جو وڏو اثاثو هيو. هن چيو ته جيڪا صحافت اخلاقيات تي مبني ناهي ان کي صحافت نٿو سمجهان. شيخ عزيز صحافتي اصولن جي سهڻي نموني پاسداري ڪئي. قاضي خادم چيو ته شيخ عزيز جي پائي جا ماڻهو مون گھٽ ڏٺا آهن. بيباڪ صحافي، دوستن جو دوست، پڙهڻ ۽ موسقي جو شوقين. هن ڪلچر، تاريخ ۽ ميوزڪ تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ گھڻو لکيو. هن جي اها خوبي هئي ته هو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي هڪ جهڙو عبور رکندو هيو. هن ٽنهي ٻولين جي وڏين اخبارن ۾ ڪم ڪيو. هن پريس ڪلب انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته هن هال جو نالو شيخ عزيز هال رکيو وڃي. اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو ته شيخ عزيز اصولن واري صحافت ڪئي، پاڻ خوددار شخصيت جو مالڪ هيو. هن زندگي ۾ مسلسل نواڻ ۽ تحقيق تي ڪم ڪيو. هن صحافي دوست گروپ جي دوستن کي سارهايو جو انهن شيخ صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هي پروگرام رکيو آهي. هن چيو ته اسان مرده قوم آهيون جيئري شيخ صاحب کي خراج پيش ڪيو وڃي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. هن چيو ته شيخ صاحب ۾ جيتريون خوبيون ۽ صلاحيتون هيون هو اوترو ئي نوڙت ۽ سادگي سان زندگي گذاريندو هيو. انهي موقعي تي عبدالحفيظ عابد، ظهير احمد جن تقريرون ڪيون.پروگرام جي آخر ۾ تقريب ۾ آيل مهمانن شيخ صاحب جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا ڏني. اهڙي طرح سنڌ جي هن انمول هيري کي ڀيٽا ڏيڻ وارو پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. مان هڪ دفعو صحافي دوست گروپ جي دوستن کي واڌايون ڏيندس جو انهن شيخ عزيز کي ياد ڪيو ۽ ان کي ڀيٽا پيش ڪئي. اهڙي طرح اها ڪوشش جاري رهڻ گھرجي. صحافت جي ميدان ۾ کوڙ سارا ڪردار موجود آهن جن اصولن جي صحافت ڪئي. اهو ضروري به آهي ته اسان جي نئين نسل کي صحافت جي کيتر ۾ ڪم ڪندڙن جي زندگين بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگھي.




شيخ عزيز
صحافت، ادب ۽ موسيقيءَ جو پارکو
رمضان نومڙيو
۲۰۱۸ع جو سال ان حوالي سان انتهائي ڳرو آهي جو هن سال سنڌ ۽ ملڪ جون اهم شخصيتون اسان کان وڇڙي ويون، سال جي شروع ٿيندي ئي انساني حقن جي علمبردار ۽ مسڪينن ۽ غريبن جو آواز عاصمه جهانگير اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن خبر پڻ هن ملڪ جي پوئتي پيل غريب عوام کي وڏو ڌچڪو پهچايو، سنڌ جي حوالي سان سينيئر سياستدان ۽ سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ ملهائيندڙ رسول بخش پليجي جو وڇوڙو به سنڌ جي لاءِ وڏو الميو آهي، جنهن جي وڇوڙي سنڌ جي حقن جي سياست ۽ ڊيمن خلاف اٿندڙ آواز کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، اڄ جيڪڏهن پليجو صاحب زندهه هجي ها ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ چيف جسٽس جي ڊيمن خلاف هلندڙ مهم کي چڱي ريت جواب ڏي ها، ڇاڪاڻ ته هو هڪ ناميارو ۽ سينيئر وڪيل به هو، جيڪو وڌيڪ قانون کي ڄاڻندڙ هو ۽ سنڌؤ درياهه جو جهڙي نموني هو ڪيس وڙهيو، اهو اڄ ٻيو ڪو نه وڙهي سگهي ها، ساڳئي طرح سنڌ جي هڪ ٻئي به قومپرست شخصيت ۽ سنڌ جي سياست ۽ جمهوريت جو موڙ ڄام ساقي به هن ئي سال لاڏاڻو ڪري سنڌ کي ننڌڻڪو ڪري ويو.
۰۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي به سنڌ لاءِ ڄڻ ته هڪ خبر آسماني بجلي ٿي ڪري، جڏهن سنڌ جو سينيئر ترين صحافي، دانشور ۽ اديب سائين شيخ عزيز لاڏاڻو ڪري ويو، شيخ صاحب جديد صحافت جو ته ابو سڏجي ٿو پر سندس قلم جهڙيءَ طرح جمهوريت، استعماري قوتن ۽ آمرن خلاف جنگ جوٽي ان جو مثال ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڪجهه سال اڳ منهنجو انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، اتي منهنجي دوست زوار مرزا مون کي چيو ته مون سان گڏ هل ته توکي شيخ صاحب سان ملائي اچان، جيئن ته آئون نئين ٽهي جو صحافي هئس ۽ مون کي شيخ صاحب کي ”ڊان“ اخبار ۾ لکيل مضمونن ۽ خبرن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو ۽ ساڻس ملاقات لاءِ تڪڙا تڪڙا پير ڀري سندس ڪمري ۾ پهتاسين، شيخ صاحب ڪمپيوٽر تي پنهنجي ڪنهن خبر يا مضمون جي ڪمپوزنگ ۾ مصروف هو ۽ مون کي ڏسي ڪمپيوٽر تي سندس هٿ بيهي رهيا، پاڻ اٿي تمام پاٻوهه سان مون سان مليو ۽ مون کيس چيو ته آئون حيدرآباد مان آيو آهيان ۽ توهان جي فرزند طارق عزيز شيخ جو ڪلاس فيلو به رهيو آهيان ۽ صحافت سان به وابسطا آهيان، شيخ صاحب مون کي نهايت ئي کل جهڙي انداز ۾ ڀليڪار چئي ۽ ڪجهه گهڙيون ساڻس ڪچهري به ڪئي، مون سندس ڳالهين مان ائين محسوس ڪيو ته هي پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ ماڻهو آهي ۽ سندس ڳالهين ۽ سندس سوچ مان اندازو لڳايم ته هي انتهائي وڏو ماڻهو آهي، بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ وري به منهنجي دوست طارق عزيز سان ملڻ دوران گهر ۾ ساڻس هڪ ٻه دفعا ملاقات به ٿي، ان ۾ به شيخ صاحب مون سان ملي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، پر هڪ خاص ڳالهه جيڪا مون شيخ صاحب ۾ نوٽ ڪئي سا اها ته هو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته مشغول ۽ مصروف هوندو هو جو هڪ ته گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ گهڻو وقت پنهنجي ڪم طرف ڌيان ڏيندو هو.
تازو شيخ صاحب جون ڪيتريون ئي قسطون مون ”ڊان“ جي سنڊي پيج ۾ لڳاتار پڙهي وڏي معلومات حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي عروج ۽ زوال کي نهايت ئي ناول واري طريقي سان لکيو ۽ سمجھايو، سندس ان ڪالم ۾ جنرل ضياءَ الحق جون ارهه زورايون، مارشل لا جون ڪاريون راتيون ۽ ظلم نهايت ئي تسلسل سان پڙهڻ لاءِ مليا، شيخ صاحب ان سڄي ڪهاڻيءَ کي (الف) کان (ي) تائين اهڙي ته نموني قسط وار سمجھايو جو نه رڳو هن ملڪ جو سياسي شعور رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ماضي جي سياسي صورتحال کان واقف ٿيو پر اڄ جي شاگرد طبقي کي به ان جي ڪالم وڏي معلومات حاصل ٿي. ان کانسواءِ شيخ صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست، سماجيات، علم، ادب ۽ موسيقيءَ جي سوين موضوعن تي به هزارين مضمون پڻ لکيا ۽ ان سان گڏ هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ پوليٽيڪل هسٽري آف پاڪستان، هسٽاريڪلر ايٽلس آف سومرا ڪنگڊم آف سنڌ، ڀُٽو- ميموريز ۽ ريمبرنس، اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر، اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ سميت عملي صحافي نالي ڪتاب شامل آهن، شيخ عزيز صاحب هڪ گهري نظر رکندڙ صحافي سان گڏ موسيقي جو وسيع ڄاڻ پڻ رکندو هو، شيخ صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين پڻ مقرر ٿيو، مرحوم حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر، حيدرآباد يونين آف جرنلس جو صدر ۽ آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائيٽيءَ جو جج پڻ رهيو، ۰۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع ۾ حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو آغا علي آباد ۾ جنم وٺندڙ شيخ عزيز صاحب ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي ۷۹ سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وسري ويو، شيخ صاحب نه رڳو اخبار ڊان پر روزاني حريت، روزاني جنگ ۽ هفتي وار آبزرور ۾ پڻ ڪم ڪيو، هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ جو ڳچ عرصو روزاني جنگ ڪراچيءَ ۾ به پنهنجيون صحافي ذميواريون سر انجام ڏيندي گذاريون، بعد ۾ ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ع تائين هو ڊان سان منسلڪ رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيو، ان کانپوءِ به شيخ صاحب آخري گهڙيءَ تائين ڊان ۾ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ڪم ڪندو رهيو ۽ آخري دم تائين ڊان سان ئي سندس قلم بند ٿيو، اسان لاءِ شيخ صاحب مشعلِ راهه آهي، جنهن سنڌي صحافت ۽ هڪ سنڌي صحافي هجڻ جي ناتي جيڪي صحافت جا وڏا پنڌ ڪيا، اهي شايد شيخ صاحب جي ئي ورثي ۾ آيا، سندس صحافتي، ادبي ۽ موسيقي لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي


روزاني سوڀ، ۱۵ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع




شيخ عزيز

سنڌ جو املھ موتي - سنڌ جي ارڏي صحافي کي ٻي ورسيءَ تي ڀيٽا

مھيش ڪمار

سنڌي صحافت کي جدت بخشيندڙ شيخ عزيز اسان کان هڪ سال اڳ وڇڙي ويو. سندس صحافتي ڪم فقط سنڌي اخبارن لاءِ يادگار ناهي، بلڪه اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ به سندس خدمتون هميشه ياد رکڻ جهڙيون آهن. شيخ عزيز جي قابليت انهيءَ ڳالھ مان پرکي سگهجي ٿي ته جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ پرڏيھ مان جرنلزم جي ڊگري حاصل ڪري آيو هو، تڏهن سنڌ جو هي پهريون صحافي هو جيڪو پرڏيھ مان مڪمل تعليم ۽ تربيت وٺي آيو هو. هن جي سچائي اها هئي جو ان زماني ۾ کيس ملڪ جي وڏي انگريزي اخبار ۽ پرڏيهي ريڊيو جي نيوز سيڪشن مان آڇون اچڻ باوجود پاڻ جديد عالمي صحافتي تجربا سنڌي اخبار لاءِ استعمال ڪيائين ۽ سنڌي اخبار ’عبرت‘ کي صحافت جي عالمي انداز ۾ ٺاهيائين.

شيخ عزيز پنهنجي زندگيءَ جو وڌيڪ وقت صحافت کي ڏنو. ڌارين ٻولين جي اخبارن ۾ جڏهن ميگزين ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، ايڊيشن انچارج ۽ ايڊيٽر جهڙن عهدن تي رهيو تڏهن سمورن ڪارڪنن نيوز ڊيسڪ، رپورٽرن ۽ ٽيڪنيڪل عملي کي هر ڏينهن ايمرجنسيءَ واري حالت جيان ڪم ۾ جنبيل رکيائين. وقتائتو ۽ ٻرندڙ اشو وائکو ڪرڻ هن جو مقصد رهيو. نئين ڏينهن سان نئون جذبو کڻي منجهند کان اڌ رات تائين بهتر کان بهتر ڪري، وڌيڪ معلوماتي مواد شامل ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ رهندو هو. ايستائين ڪم ۾ مصروف رهندو هو جيستائين ڪاپي ڊائون نه ٿئي. سندس هر اخبار ۾ گذاريل وقت ڪامياب ترين رهيو ۽ تڏهن اها اخبار سڀ کان وڌيڪ سرڪيوليشن واري اخبار رهي. عبرت، جنگ، حريت ۽ ڊان اخبارن جي مٿي چڙھڻ ۾ شيخ عزيز جو به هٿ رهيو. هن سدائين سنڌ جي حق ۾ ڪيس کي اڳتي وڌايو. عوامي، سياسي، تاريخي توڙي ثقافتي حوالي سان پاڻ هزارين مضمون پڻ لکيائين. اها گهٽ ماڻهن ۾ خدائي ڏات رهي آهي ته جنهن ڏينهن ڪو وڏو واقعو رونما ٿيو آهي انهيءَ ڏينهن انهيءَ واقعي يا گذاري ويل اهم شخصيت تي بر وقت مضمون اچي وڃي. اها خوبي شيخ عزيز ۾ هئي.

شيخ عزيز سنڌ جو سرمايو هو. هن جي لکڻين سان ايوانن کان وٺي مختلف کاتن ۾ هلچل مچي ويندي هئي. سنڌي صحافت جي ھن روشن ستاري کي سدائين سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. اسان شيخ عزيز جي ڪيل صحافتي خدمتن کي ڪڏهن به نه وسارينداسين ۽ سندس ياد ۾ پروگرام ڪرائي ڀيٽا پيش ڪندا رهنداسين. شيخ صاحب صحافت سان نڀايو ۽ اسان اڄ اهو وچن ٿا ڪريون ته سنڌ جي صحافين کي سندس تعليمات مان فيضياب ڪندا رهنداسين. سنڌ جي حوالي سان پرڏيھ انگريزي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي نمائيندگي ڪندڙ شيخ عزيز هو. هن عالمي سطح تي سنڌ جي تاريخ، علم، ادب، ثقافت ۽ سياست کي پنهنجي قلم جي طاقت سان بيان ڪيو.

شيخ عزيز سنڌي صحافت جي استاد صحافي طور مڃيو ويندو هو. هن جا تربيت ورتل ڪيترا ئي اخباري ڪارڪن پنهنجي وقت جا ڪامياب صحافي بڻيا. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نالي وارين شخصيتن ۾ سندس لائق شاگرد ڪامياب نظر آيا. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جرنلزم شعبي جو وزيٽنگ پروفيسر پڻ رهيو ۽ سندس صحافتي ٽيڪنڪ تي لکيل ڪتاب ’عملي صحافت‘ آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جو به پهريون صحافتي ٽيڪنڪ جو ڪتاب آهي، يونيورسٽين ۾ ڪورس جو حصو بڻيل آهي. هيءُ ڪتاب عالمي انداز ۾ ائين لکيل آهي جو صحافت جي وضاحت، تاريخ، ڄاڻ، طريقو ۽ صحافتي قانون قاعدا سادي انداز ۾ ڏنل آهن. جرنلزم جي جنھن شاگرد ’عملي صحافت‘ ڪتاب نه پڙھيو ڄڻ صحافت جي ٿيوريءَ کان رهجي ويو.

شيخ عزيز جا باقي ڪتاب پڻ سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ سياسي، تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل آهن، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اسان شيخ عزيز جي ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به نه ٿا وساري سگهون. انگريزي ۽ اردو صحافتي دنيا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. سندس حياتيءَ جو سڄو احوال "دارون ۽ ڪارون" آتم ڪھاڻيءَ ۾ ملي ٿو جيڪو سندس وفات بعد ڪتاب شايع ٿيو. هن جي تحريرن ۾ سندس وجود محسوس ڪريون ٿا. انهيءَ حوالي سان هو هميشه اسان سان گڏ رهندو. شيخ صاحب نظرياتي فڪر ۽ فهم رکندڙ شخص هو. سندس نظرئي موجب اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ سنڌ کي ساڻ رکيو آهي ۽ سنڌ به پنهنجي سپوت کي ڪڏهن نه وساريندي.

شيخ صاحب جي وڇوڙي کان پوءِ سندس ياد ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪيترا ئي مضمون لکيا ويا، جيڪي سندس فرزند طارق عزيز شيخ سهيڙيا آهن ۽ "يادون ۽ ڳالھيون" جي سري ھيٺ آهي. شيخ عزيز جي يادن تي ٻڌل ھيءُ مجموعو ساڻس محبت ۽ عقيدت جو ثبوت آهي.

سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز، فيچرز، تحقيقي مقالا ۽ اڻ ڳڻيا ايڊيٽوريلز لکيائين، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو ”عالمي غلاميءَ“ جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين، تڏهوڪي وائس چانسلر شيخ اياز جي چوڻ تي وزٽنگ پروفيسر رهيو. ان ڏس ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي صحافت پڙھائڻ جي نوعيت سان "عملي صحافت" ڪتاب لکيائين جيڪو اڄ تائين ڪورس جو حصو آهي. سندن ڪيترن ئي شاگردن مستقبل ۾ ميڊيا جي دنيا ۾ شھرت ماڻي. ڪجھه شاگرد سندن ايترو ويجھو ٿي ويا جو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين انھن لاء نھايت شفقت ۽ عزت سان ذڪر ڪندو ھو، تن ۾ نصير مرزا، آغا رفيق ۽ ڪرم الاهي چنا شامل آھن.

تحقيق جي حوالي سان شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ ”تحقيق جو طريقه ڪار“ جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ ”شاھه لطيف تي تحقيق“ جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو.

وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل مقالو ”دي ٽريڊيشز گوز آن“ اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو.

پاڪستان جو پهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ ”اوبيچيوري“ (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي شخصيتن کي خاص طور تي ڀيٽا پيش ڪيائين.

سندس لکيل ڪتاب هي آهن.

۱. سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع

۲. الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع

۳. نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، ۱۹۶۴ع

۴. عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان.

۵. مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۴ع

۶. ملھه، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع

۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع

۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع

۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع

۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع

۱۱. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) تاريخ ۲۰۰۹ع

۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) تاريخ ۲۰۰۹ع

۱۳. ميوزيڪل نوٽس (انگريزي) موسيقيءَ تي مقالا، ۲۰۰۹ع

۱۴. ڀُٽي کان ضياءَ تائين، (سياسي تاريخ، ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع

۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي ) ۲۰۱۲ع

سندس وفات کان پوءِ

۱۶. ”دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)“ ۲۰۱۹ع ۾ شايع ٿيو.

 جڏهن ته ايندڙ ڪتابن ۾ ”چنگ“ (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) ۽ شيديز آف سنڌ (شيدين جي نسل جي تاريخ تي انگريزي ۾ ڪتاب) شامل آهن.

بابا جا هزارن جي انگ ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ آهن، انهن کي وقت سر گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو ارادو آهي. ان ڏس ۾ مانوارو دوست ھمسفر گاڏھي پڻ مددگار بڻيل آهي.

صحافت، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ رکندڙ سنڌ جي ھن عظيم شخصيت پنھنجي حياتيءَ جون اسي بھارون ڏسڻ کان پوءِ، ۶ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي دل جي دوري پوڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ ۷ آڪٽوبر تي آچر ڏينهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندن آخري آرامگاهه ڪراچي جي پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ آهي.

 

(روزاني سنڌ حيدرآباد - اربع ۰۷ آڪٽوبر ۲۰۲۰)


 

شيخ عزيز

ڀلوڙ صحافي - پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان

محمد حيات بلوچ

شيخ عزيز جو نالو مون ستين درجي ۾ انگريزيءَ ۾ ٻُڌو هو، اسڪول مان واپسيءَ تي اڪثر هوٽل يا دڪان تي ويٺل ماڻهو سڏي چوندا هئا ته بابا هي اخبار ته پڙهي ٻڌاءِ، ان زماني ۾ معلومات جو ذريعو واحد اخبار هوندي هئي، ريڊيو عام نه ٿيو هو، ٽي وي جو ته نالو نشان ئي نه هو، اخبار به گهڻو ڪري “عبرت” هوندي هئي ۽ ان ۾ اڪثر شيخ عزيز جي نالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا، اتفاق سان اسان جي اسڪول ۾ هڪ نئون هيڊ ماستر بدلي ٿي آيو، نالو هئس شيخ عزيز، شاعر به هو، مشاعرن ۾ ترنم سان پنهنجا شعر ٻڌائيندو هو، سوچيم شاعر سان گڏ اديب به هوندو ۽ اهو ئي اخبار وارو شيخ عزيز ٿي سگهي ٿو، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري روزگار جي تلاش شروع ڪئي، نصيب ۾ شايد روزگار به عبرت اخبار ۾ ئي لکيل هو، سو وڃي اتي پهتس، سو هاڻ عبرت ۾ حقيقي شيخ عزيز وٽ اچي پُڳس، تعليم هن جي به مئٽرڪ منهنجي به مئٽرڪ پر انگريزيءَ جي حوالي سان اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق هو، هو انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. ڳالهائيندو آئون به هوس پر يس ۽ نو جي حد تائين، ڪيڏي مهل زبان مان جي به نڪري ويندو هو، شيخ عزيز انگريزي مان سنڌي ۾ رواني سان ترجمو ڪري ويندو هو، ترجمو آئون به ڪري ويندو هوس پر ڳيتون ڏئي ڏئي، پوءِ به درستي عزيز صاحب کي ئي ڪرڻي پوندي هئي، حالانڪه مئٽرڪ ۾ انگريزي جيڪا مون پڙهي عزيز صاحب به اها پڙهي يعني انگريزي زبان جي ابي شيڪسپيئر جي فائيو ٽيلس آف شيڪسپيئر، دي ٽيمپيسٽ، مچ اڊو ابائوٽ نٿنگ، ونٽرس ٽيل، ايز يو لائڪ اٽ وغيره، لڳي ٿو ته عزيز صاحب اها انگريزي هينئن سان هنڊائڻ تحت پڙهي ۽ مون امتحان پاس ڪرڻ لاءِ، جيئن ته محسوس ٿيو ته اخباري نوڪري يا ڊيوٽي ۾ انگريزي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته گهڻيون خبرون انگريزي مان ترجمو ڪرڻيون پونديون هيون، ان ڪري مون وڃي سچل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ شيخ عزيز کي به چيوسون تون به مٿي داخلا وٺ، چيائين تعليم کاتي ۾ جاهل ويٺا آهن، مون کي پنهنجو وقت برباد ناهي ڪرڻو، پوءِ خبر نه آهي ڇا ٿيس جو وڃي داخلا ورتائين، ميڊيم انگريزي کنيائين. اسان کي پڪ هئي ته امتحان ۾ شروعاتي نمبرن ۾ نه به آيو ته به فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور پاس ٿيندو، کيس به اها پڪ هئي، نتيجو آيو نمبر سيڪنڊ ڪلاس ۾ هو، اسان تي ڪاوڙجي پيو چيائين ته مون توهان کي چيو هو نه ته هتي جاهل ويٺا آهن، اهي منهنجي انگريزي سمجهي ئي ڪونه سگهيا، بس ائين ئي مارڪون ڏيندا ويا، اڳتي هو ڪونه پڙهيو پر سندس لکيل ڪتاب اڄ به ايم اي جرنلزم جي شاگردن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي، خدا جي ڪرڻي جو برطانيه جي هڪ اخباري اداري سان تعلق رکندڙ فرم کيس ڊپلوما لاءِ اسڪالرشپ آڇي ۽ هو لنڊن روانو ٿي ويو، هوائي اڏي تي اسان کيس رخصت ڪيو، ڪورس ٽن مهينن جو هو يا ڇهن مهينن جو شيخ عزيز اتان پنهنجي انگريزي وڌيڪ سون بنائي واپس پهتو، اداري ۾ ڊيوٽي دوران سينيئر يا جونيئر جو تفاوت نه هوندو هو، هڪٻئي سان کِل مذاق هوندي هئي ۽ ڪم به پيو ڪبو هو، ائين هڪڙي ڏينهن ٽپال ۾ منهنجي لاءِ هڪ ايئر ميل لفافو آيو، کوليم جيڪو منهنجي ڪلاس فيلو الطاف شيخ موڪليو هو، الطاف شيخ انگريزي جا چار درجا مون سان گڏ پڙهيا، پوءِ وڌيڪ تعليم هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ حاصل ڪئي، اتان فارغ ٿي اهو مرچنٽ نيوي سان منسلڪ ٿي ويو، شايد کيس اطلاع ملي چڪو هو ته مون وارو ڄٽ ڪلاس ميٽ صحافي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري خوش به ٿيو ۽ خط ۾ الائي ڇا ڇا تفصيل لکي موڪليائين، مون اهو خط پڙهي کيسي ۾ ٿي وڌو ته سامهون ويٺل شيخ عزيز چيو ڪهڙي ملڪ مان خط آيو اٿئي، چيومانس ته منهنجي ڪلاس ميٽ الطاف شيخ خط موڪليو آهي ۽ جيڪو لکيو اٿس اهو مون کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، عزيز مون کي چيو خط مون کي ڏي ڏسان، مون خط ڏنومانس پڙهي چيائين ته هي ته زبردست سفرنامو آهي، اهو پاڻ اخبار ۾ شايع ڪنداسين، اهو ئي هو منهنجي ۽ هُن جي سوچ جو فرق! عبرت ۾ سنڊي ايڊيشن الڳ نڪرندو هو، جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون شايع ڪبيون هيون، الطاف شيخ جو سفرنامو به ان ۾ شايع ڪيو ويو، الطاف کي به شايد اطلاع مليو ته عبرت ۾ تنهنجو سفرنامو شروع ٿي ويو آهي، پوءِ هو ائين سفرناما موڪليندو رهيو، اسان شايع ڪندا رهياسين، سندس سفرنامن جو پهريون ڪتاب عبرت ۾ شايع ٿيل سفرنامن جو مجموعو هو، هاڻ ته الطاف سفرنامن جي ذري گهٽ سينچري اچي مڪمل ڪئي آهي، اسڪول مان هڪٻئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ الطاف سان ڏهه ٻارنهن سال پهرين فقط هڪ ڀيرو عبرت آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي هئي، ڪئميرا هٿ ۾ هئس، همراهه به گڏ هئس، ڏاڍا فوٽو گڏ ڪڍرايائين، چيائين حيات تنهنجا ته وار اڄ به گهاٽا آهن، آئون ته صفا گنجو ٿي ويو آهيان.

شيخ صاحب کي پهريون فرزند ٿيو، نالو رکيائينس طارق، اسان کي چيائين منهنجو پٽ طارق اڳتي هلي فوج جو سربراهه ٿيندو، خدا جي ڪرڻي طارق فوجي ته نه بڻيو پر هوش سنڀالڻ سان قلم هٿ ۾ کنيائين، آرٽيڪل لکيائين، اخبارن ۾ شايع ٿيا ته والد سندس همت افزائي ڪئي ۽ مضمون نويسي ۾ پٽ جي تربيت ڪيائين، محنت ڪري ڪتاب لکيائين، پيءُ وٽ آيو، چيائين ڪتاب لکيو اٿم ڇپرائي ڏيو، شيخ عزيز ٺپ جواب ڏنائينس ته تون ڄاڻ تنهنجو ڪتاب ڄاڻي، طارق همٿ نه هاري ڪتاب ڇپرائي ورتائين، والد کي ڏيکاريائين ته نهايت خوش ٿيو ۽ پٽ کي شابس ڏنائين. هاڻ معاملو آيو رونمائي تقريب جو، دل ۾ سوچيائين بابا جا وڏا وڏا اديب دوست آهن، انهن کي فون ڪندو ته هو خوشي سان اچي شريڪ ٿيندا، نالن جي لسٽ کڻي پنهنجي والد وٽ آيو، چيائينس ته انهن کي فون اوهان ڪريو ڪارڊ آئون ٿو موڪليان ته جيئن تقريب شاندار ٿي وڃي، شيخ عزيز جو ساڳيو جواب ته بابا آئون ڪنهن کي به فون ڪونه ڪندس تون ڄاڻ تنهنجو ڪم، باقي ٽائيم هوندو ته تقريب ۾ شرڪت ضرور ڪندس پر پوءِ ساڻس مڪمل مدد ڪيائين، ڪراچي پريس ڪلب ۾ شاندار نموني سان رونمائي تقريب ٿي ۽ وڏي پئماني تي، شيخ عزيز جو مقصد اهو ئي هو ته جيڪڏهن آئون ڪا مدد ڪندوسانس ته هن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿي نه سگهندي ۽ هميشه ٻين جي مشورن تي ڀاڙيندو رهندو. ڪي سينيئر پوئتي ٿي جونيئر کي اڳتي وڌڻ لاءِ خود اعتمادي پيدا ڪندا آهن، شيخ عزيز اهڙن ماڻهن مان هو. اهڙو ئي سلسلو مون سان به ٿيو عبرت اخبار ۾ ڪجهه تبديليون آيون، ايڊيٽر شيخ علي محمد اداري کان الڳ ٿي ويو، سينيئر ٽي هئا، شيخ عزيز، خير محمد کوکر، مقبول صديقي، مالڪ فيصلو ڪري ڪونه سگهيا، ٽنهي جو نالو ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هلندو هو، اهو سلسلو شايد سال ٻه هليو، نيٺ مالڪن کي ڪنهن کي نه ڪنهن کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻو ئي پيو، مقابلي ۾ ٻه ڄڻا هئا، ٻنهي پنهنجو حق پئي سمجهيو، اهي هئا، شيخ عزيز ۽ خير محمد کوکر، قاضي سعيد اڪبر جو لاڙو شيخ عزيز ڏانهن هو، جڏهن ته سندس والد قاضي محمد اڪبر جي چوائس خير محمد کوکر هئي، سو خير محمد کوکر نئون ايڊيٽر ٿي ويو، بهرحال کيس انهيءَ تي راضي ڪيو ويو ته جيسين ڪو نئون نيوز ايڊيٽر مقرر ٿئي، تيسين ايڊيٽر واري ذميواري سان گڏ هو رات جو نيوز ايڊيٽر جا فرض به سر انجام ڏئي، ڪجهه وقت اهو سلسلو جاري رهيو، اڳتي هلي خير محمد کوکر رات واري ڊيوٽي کان جواب ڏئي ڇڏيو، مجبوري ۾ شيخ عزيز کي ڊبل ڊيوٽي ڪرڻي پئجي وئي، رات جي ڊيوٽي ۾ جيئن آئون خير محمد کوکر جو اسسٽنٽ هيس تيئن شيخ عزيز جو به اسسٽنٽ رهيس، شيخ عزيز مون کي هيڪانديون خبرون ترجمي ۽ ٺاهڻ لاءِ ڏيندو هو، ويهن پنجويهن ڏينهن کان پوءِ شيخ عزيز مون کي چيو ابا ڪرسي سنڀال مون نه ڪئي، چيائين پاڻ ۾ خوداعتمادي پيدا ڪر، ڪا مشڪل ڳالهه ڪانهي ۽ تون بلڪل ذميواري سنڀالي سگهين ٿو، مون به بسم الله ڪئي ۽ پوءِ وري پوئتي مڙي نه ڏٺو، ايڊيٽر نه ٿيڻ جي باوجود شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي سان سچو رهيو، ايڊيشن به پاڻ ئي ڪڍندو هو، ان دوران قاضي خاندان جو هڪ نوجوان فرد قاضي سليم اڪبر اخباري دنيا ۾ آيو، انگريزي اخبار آبزرور شروع ڪيائين ۽ ڪو وقت شام جي اخبار طور نڪرندڙ سنڌ نيوز اخبار کي روزاني اخبار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو پروگرام جوڙيائين، شيخ عزيز کي پاڻ ڏانهن وٺي ويو، سڀ تياريون مڪمل ٿي چڪيون هيون، پريس لاءِ مشينري اچي وئي، آفيس قائم ٿي وئي قدرت خدا جي قاضي محمد اڪبر جو هي نوجوان فرزند قاضي سليم اڪبر سپر هاءِ وي تي ڪراچي ويندي روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، بهرحال شيخ عزيز پنهنجو وچن نڀايو اخبار مارڪيٽ ۾ آندي، افتتاحي تقريب ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي شريڪ ٿيو، جيئن ته اصل دلچسپي رکندڙ فرد هي جهان ڇڏي چڪو هو، ان ڪري باقي ٻين جي دلچسپي آهستي آهستي گهٽجندي وئي، اهڙي طرح شيخ عزيز به اداري کي خيرباد چئي ڪراچي منتقل ٿي ويو، هيري جي ڄاڻ جوهري کي هوندي آهي سو جيئن ئي شيخ عزيز ڪراچي ۾ سيٽل ٿيو، کيس پنهنجي اخبار حريت ۾ ڇڪي ويو، ايڊيشن سندس حوالي ٿيا ان ۾ به هن سنڌ کي ئي اوليت ڏني، مير خليل الرحمان ڪنهن به اردو اخبار کي پاڻ کان وڌڻ ڪونه ڏيندو هو، هي جو حريت سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي ته هڪدم شيخ عزيز کي ڇڪي پاڻ ڏانهن جنگ گروپ ۾ کڻي آيو، اتي به هن پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀايو، ڪجهه وقت کان پوءِ حميد هارون به ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي اخبار ڊان ۾ وٺي ويو، اها ان جي آخري اخبار هئي، وچ ۾ پير مظهرالحق وزير تعليم جي حيثيت ۾ شيخ عزيز کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ڪري رکيو ۽ پروانو ڀٽي کي به ان ئي اداري ۾ نوڪري ڏنائين، شيخ عزيز صحافت جي ٽنهي شعبن سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پاڻ مڃايو ۽ پنهنجو نالو ڪڍيو، سنڌي هو سنڌ سان محبت هيس، سنڌ جي ريتن رسمن کي مضمونن جي صورت ۾ اخبارن جي زينت بنايائين.

بهرحال شيخ عزيز پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندو هو، تصور اهو ئي هوندو هو ته ڄڻ هو ڪو پنهنجو فرض ادا ڪري رهيو آهي، بيماري ۾ به موڪل نه ڪندو هو، هي مثال هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي نٿو سگهي ته شيخ عزيز جي امڙ گذاري وئي، قبرستان ۾ پنهنجي هٿن سان پنهنجي امڙ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري قبرستان کان سڌو عبرت آفيس ۾ اچي پنهنجي ڊيوٽي تي ويٺو، اهو هو شيخ عزيز، جيڪو ورلي ملندو.


 

شيخ عزيز

جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار

ھمسفر گاڏھي

۸۰ع جي ڏهاڪي جا پڇاڙڪا سال جڏهن اڃا مون کي مُڇن جي ساوَل به مَس هئي تڏهن حيدرآباد جي ٽنڊو آغا کان واقف ٿيس. ٿيو ايئن جو ۸۸ع – ۸۹ع ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڀاءُ بشير احمد چيچ مان وٺي ڪراچي گهمائڻ آيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران منهنجي شناسائي شيخ عزيز جي موڀي پُٽ طارق عزيز سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي اهڙي ته گهاٽي سنگت ۾ تبديل ٿي وئي جو اسان هڪٻئي جا گهرڀاتي ٿي وياسين. طارق وارن جو ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ پڻ گهر آهي. حيدرآباد ايندي ويندي منهنجو ٿاڪ وڃي طارق وارن جو گهر بڻيو. ٽنڊو آغا دراصل آغا اسماعيل شاهه جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو ايران جي شهر اصفهان ۾ لڏي اچي هتي آباد ٿيو هو، آغا اسماعيل شاهه منهنجي نهايت دلبر دوست آغا ڪرم علي شاهه جي وڏڙن مان هڪ هو. ٽنڊو آغا جيڪو پنهنجي دور جي قدآور، علم ۽ ادب دوست شخصيتن جو آستان رهيو آهي. خاص طور تي ممتاز مرزا، مراد علي مرزا، احسن ڪربلائي، ابن حيات پنهور، مشتاق مغل، منظور مراد، آغا عبدالعلي شاهه، لسانيات، علم، ادب ۽ موسيقي جو ڄاڻو شيخ محمد اسماعيل ۽ شيخ عزيز صاحب جو بنيادي تعلق به ٽنڊي آغا سان ئي هو. سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ميل ملاقاتون ته جام هيون پر پهريون ڀيرو علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت سان واڳيل بزرگ مهربانن سان منهنجون ملاقاتون هتي ئي ٿيون. شيخ محمد اسماعيل، شيخ عزيز جو وڏو ڀاءُ هو. ساڻس ٽنڊي آغا ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿينديون رهيون. چاچا شيخ عزيز سان حيدرآباد ۽ ڪراچي ٻنهي هنڌن تي وقفي وقفي سان قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون ۽ کانئس سکڻ جو موقعو پيو ملندو هو.

شيخ عزيز گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، پوءِ ورهاڱي وقت سندس وڏڙا اچي ٽنڊي آغا ۾ آباد ٿيا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات به اُتان ئي “عبرت” اخبار کان ڪئي جنهن جي آفيس تڏهن به گاڏي کاتي ۾ هئي ۽ هاڻي به اُتي ئي آهي. هن جوانيءَ ۾ ئي صحافت ۾ پير پاتو، پوءِ اسڪالر شپ تي انگلينڊ به ويو پر آخر تائين صحافت سان خوب نڀايائين. هو هڪ ڪميٽيڊ، کرو ۽ ترقي پسند صحافي هو. ان ڪري جتي به رهيو اوچي ڳاٽ سان رهيو. ترقي پسند خيال رکڻ سبب پورهيتن سان کيس خاص اُنسيت رهي، پوءِ اهي پورهيت اخبار جا هجن يا فيڪٽرين جا. هن اڳتي هلي کاٻي ڌر جي هڪ ٻئي ڪامريڊ سليم قاضي جي اخبار سنڌو ۾ پڻ ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. ڪيترا ئي ترقي پسند فڪر سان واڳيل سياسي ڪارڪن سهيل سانگي، سيف ٻنوي، صالح بلو، منصور ميراڻي، جاويد مرزا ۽ ٻيا ساڻس ساٿ ۾ رهيا. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته شيخ عزيز سندن فڪري ۽ صحافتي استاد هيو ته وڌاءُ نه ٿيندو.

اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جديد سنڌي صحافت جا بانيڪار انور پيرزادو ۽ ف-م لاشاري آهن، يقيني طور تي انهن ٻنهي سرموڙ صحافين جو جديد سنڌي صحافت ۾ تمام وڏو ڪردار آهي. اهي ٻئي محترم صحافي منهنجا ته صحافتي استاد به رهيا، ف – م لاشاري بهترين ايڊيٽوريل لکڻ ۽ کري صحافي هجڻ جي حوالي سان شهرت رکندو هو ته انور پيرزادو هڪ ڪميٽيڊ ۽ پروفيشنل صحافي طور سڃاتو ويندو هو. حقيقت ۾ هر ماڻهو جو پنهنجو قلمي ۽ علمي پورهيو هجي ٿو، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. باقي ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته شيخ عزيز سنڌي صحافت جو بانيڪار هو. هن پراڻ پسند سنڌي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، نه رڳو اهو پر هن پروفيشنلزم کي پڻ هٿي وٺرائي. سندس اردو ۽ انگريزي صحافت ڏانهن منتقلي کان پوءِ جيڪي به صحافي آيا اُنهن اُن جدت ۽ پروفيشنلزم کي اڳتي وڌايو. شيخ عزيز جي صحافتي پورهئي کي مانُ ڏيندي ناميارو صحافي حسن مجتبيٰ لکي ٿو: “اهو درست ناهي ته جديد سنڌي صحافت جو دور سوويت يونين ٽٽڻ سان يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ شروع ٿيو جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن ۽ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪنن جي وڏي انگ شوق ۽ جنون ۾ سنڌي اخبارن جو رخ ڪيو. منهنجي خيال ۾ جديد سنڌي صحافت جو بانيڪار شيخ عزيز ئي سمجهيو ويندو، جنهن جي اصل شروعات سليم قاضي جي خواب کان ٿئي ٿي، جڏهن سنڌ جي ڪجهه باغين ۽ بي چين روحن کي سليم اڪبر قاضي پنهنجي اخبار جي آفيس جي هڪ ئي ڇت هيٺان شيخ عزيز جي ادارت ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جاءِ جي ويجهو جتي گاڏي کاتي وارو ٽانگا اسٽينڊ هو.

شيخ عزيز جنگ اخبار جي ”مهراڻ رنگ“ ايڊيشن سنڀالڻ کان وٺي مختلف اردو اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ کان ويندي انگريزي اخبار “ڊان” تائين ڪميٽيڊ صحافت ڪئي، هميشه سچ جي پاسي بيٺو رهيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن سڄي سنڌ جهاڳي، ان تحريڪ دوران ماڻهن سان ٿيندڙ بيداد ۽ ظلم کي رپورٽ ڪيو، ۸۳ع ۽ ۸۶ع جي ”ڊان“ جا اهي پرچا يقيني طور تي يادگار آهن جن ۾ شيخ عزيز تاريخ وار واقعا رپورٽ ڪندو رهيو هو. هن اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌ جي عوام  سان ٿيل ظلم ۽ بيداد جي حوالي سان اکين ڏٺي احوال تي ٻڌل سنڌي ۾ هڪ ڪتاب پڻ لکيو، جيڪو نهايت اهم دستاويز آهي پر بنا نالي جي ڇپيل آهي. مون سندس حال حيات هوندي کانئس جڏهن ان جو سبب پڇيو تڏهن سندس جواب ڪجهه هن ريت هو: “دراصل ايم آر ڊي کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ مون کي ”ڊان“ وارن موڪليو هو، ان لحاظ کان اهو مواد ان اداري جي ملڪيت آهي، ان ڪارڻ مون نالو ناهي ڏنو.” شيخ عزيز صاحب جو اهو پروفيشنل عذر پنهنجي جاءِ تي ليڪن منهنجي خيال ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي اها واقعاتي تاريخ ڏاڍي اهم ۽ تاريخي دستاويز آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر سندس ئي نالي سان ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن ڪو پبلشر همت ڪري ته مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهجي ٿي.

شيخ عزيز جو سنڌي علم، ادب، موسيقي ۽ صحافت ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو. هن ”عملي صحافت“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ يونيورسٽي ماس اينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو پڻ وڃي ٿو، جنهن جا هينئر تائين ٽي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن، اهو ڪتاب ايندڙ ڪيترن ئي نسلن لاءِ سونهون رهندو. ان کانسواءِ ”تقسيم کان تقسيم تائين“ پاڪستان جي سياسي صورتحال جي پس منظر ۾ لکيائين. ان جو ٻيون ڀاڱو ”ڀٽي کان ضيا تائين“ جي عنوان هيٺ پڌرو ٿيو، جڏهن ته انهيءَ سيريز جو ٽيون ڪتاب ”آمريت کان آمريت تائين” اڻ ڇپيل آهي. ”ملهه سنڌ جي قومي راند“ ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ روس جو سفر نامو، ”نقش لطيف“The Tribute، موسيقيءَ تي ڪجهه انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيائين. هن سندس آٽو بايو گرافي به مڪمل ڪري ورتي هئي جيڪا اڻ ڇپيل آهي. سندس آخري علمي پورهيو ”چنگ“ ساز تي لکيل ڪتاب آهي، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. نهايت ٻاجهاري ۽ نماڻي هن شخص منهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان انٽرويو“ جي ٻئي ايڊيشن جو مهاڳ پڻ لکيو جيڪو ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز طرفان شايع ڪيو پيو وڃي ۽ ترت توهان جي هٿن ۾ هوندو.

شيخ عزيز ”ڊان“ اخبار ۾ ڊگهي عرصي تائين نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو هو. اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ کان پوءِ غير سرگرم ٿي ڪا ڪُنڊ وٺي ويهي رهندا آهن پر شيخ عزيز صاحب مختلف ماڻهو هو. هو آخري لمحي تائين قلم ۽ ڪاغذ سان سلهاڙيل رهيو. سنڌ جي ڪنهن به فنڪار، ڪلاڪار، سياسي اڳواڻ يا علمي، شخص، لسانيات جي ماهر جي لاڏاڻي تي “ڊان” ۾ کين ٽريبوٽ پيش ڪرڻ جو سلسلو هُن آخر تائين جاري رکيو. سنڌ جو واحد صحافي هو جنهن جو ڌاڙيلن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيل هو، جيڪو اڄ به سندس لائبريري ۾ محفوط آهي. سندس لائبريري هڪ علمي خزانو آهي جنهن ۾ موسيقي، آرٽ، سياست، لسانيات، لطيفيات تي نه رڳو علمي نسخا بلڪه آڊيو ۽ وڊيو جي صورت ۾ پڻ وڏو خزانو موجود آهي. ان ڪري علمي ۽ ادبي سرڪاري ادارن کي ڍنگرن تي اٽو هارڻ بدران هڪ اهڙي علمي، ادبي، ڏاهي صحافي جي علمي پورهئي کي يڪجا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن، جنهن مان ايندڙ ڪيئي نسل فيضياب ٿي سگهن ٿا. انهي سلسلي ۾ لاڳاپيل علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن کي گهربل سهڪار پڻ مهيا ڪيو ويندو.

شيخ عزيز سنڌ جو جيڏو وڏو صحافي ۽ لکاري هو ان جي جيڪڏهن علاج ۾ ڪوتاهي نه ٿئي ها ته شايد هو اڄ به اسان جي ساٿ جي سرواڻي ڪندو هجي ها. ليڪن ٿيو ان جي ابتڙ، نوري آباد ۾ دل جو دورو پوڻ کان پوءِ جڏهن کيس NICVD حيدرآباد نيو ويو ته اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا، مجبور ٿي کيس NICVD جناح اسپتال ڪراچي آندو ويو، جتي ايمرجنسيءَ ۾ مريض داخل ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ايئن پوءِ کيس آغا خان نيو ويو، دل جي خطرناڪ دوري پوڻ کان پوءِ مريض جا ڇهه ڪلاڪ ضايع ڪيا ويا، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته شايد سندس حياتي بچي پوي ها. جيتوڻيڪ NICVDڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اشتهارن جي حد تائين ته واهه واهه لڳي پئي آهي پر عملي صورتحال اها آهي ته جناح ۾ دل جا مريض فوٽ پاٿ تي پيا آهن، کين داخلا به نٿي ملي. ان ڪري سنڌ حڪومت کي انهي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به انسان جي زندگي لاپرواهي ۽ علاج جي سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهڻ کان بچي سگهي. بهر حال شيخ عزيز پنهنجي دور جو غير معمولي، ڪميٽيڊ صحافي ۽ ليکڪ هو، سندس علمي، صحافتي ۽ فڪري پورهيو ورهين تائين ياد رهندو ۽ نئين نسل لاءِ سونهون رهندو.


شيخ عزيز

گمناميءَ ۾  گذاري ويل – سنڌ  جو وڏو ماڻهو

مجاهد بريلوي

شام جي ڪنهن پهر ۾ خبر آئي ته سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهو جيڪو ورهين تائين صحافت ۽ آرٽ جي دنيا تي ڇانيل رهيو، ڊگهي بيماري سبب گمناميءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اهو شخص جنهن لاءِ هر صبح جو اُٿڻ شرط “ڊان” اخبار جا صفحا اُٿلائڻ پٿلائڻ لڳندو هئس ۽ پوءِ چوٿين صفحي تي ڪنهن نه ڪنهن اهم شخصيت جي obituary اڳيان اچي ويندي هئي، جنهن ۾ ان شخص جي سموري حياتيءَ جو احاطو ٿيل هوندو هو. اها obituary اهڙي ته دلپذير انداز ۾ لکيل هوندي هئي جو اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون. ابراهيم منشي هجي يا فقير محمد لاشاري، خيرالنساءَ جعفري هجي يا موهن ڪلپنا، عبدالرحمان نقاش هجي يا خديجه دائودپوٽو، علي نواز وفائي هجي يا علڻ فقير، جلال چانڊيو هجي يا فقير عبدالغفور، انهن سمورن ڪردارن کي ڀرپور ڀيٽا رڳو هن شخص جو قلم ئي ڏئي سگهندو هو.

تاريخ ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي جڏهن شيخ عزيز جي رسامي جي خبر منهنجي اڳيان آئي ته اَسي ۽ نوي جي ڏهاڪي جي سمورن کلمک چهرن جي قطار لڳي وئي. سڄي ڏينهن جي قلمي پورهئي ڪرڻ کان پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪراچي پريس ڪلب جي ڏاڪڻين جا ڏاڪا پيو چڙهندو هو- ڪارڊ روم ۾ هر ڪرسي الڳ هوندي هئي ۽ بازاري  زبان ۾ “داروهي” گڏجي ويهندا هئا. هڪ پاسي اقبال جعفري هٿ ۾ بليڪ ليبل کنيو ويٺو آهي ته ٻئي پاسي صبيح الدين غوثي موجود آهي. ايئن پوءِ اي بي ايس جعفري، سليم عاصمي جو به اچڻ وڃڻ پيو جاري رهندو هو. هڪ ٻي ڪنڊ ۾ عبدالحميد ڇاٻڙا نوجوانن کي لنڊن وڃڻ جا پيو گُر ٻڌائيندو هو. گڏوگڏ اهو به چوندو هو ته: “جنهن لنڊن ناهي ڏٺو اهو ڄڻ پئدا ئي ناهي ٿيو.”

اڃا پهريون پهر به نه گذرندو هو ته شيخ عزيز اوچتو جهومندو پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿندو هو ۽ پنهنجي پتلون جي کيسي مان “واٽ ون” جي شيشي ڪڍي ميز جي هيٺان رکي ڇڏيندو هو، ايئن پوءِ هڪ پيگ کان پوءِ ٻيو پيگ، ٽيون پيگ- بس پوءِ شيخ عزيز جي زبان به کُلي پوندي هئي. مونکي خبر هوندي هئي ته ان دوران هن تياري ڪري ورتي آهي ۽ سندس نشاني تي ڪير هوندو، پوءِ هوريان هوريان نشو لهي ويندو هو. اڳئين ڏينهن منجهند جو خبر پوندي هئي ته اقبال جعفري، صبيح الدين غوثي سان هلڪي ڦلڪي جهڙپ ڪري پنهنجو نشو پورو ڪري ورتو. ليڪن شيخ عزيز “واٽ ون” جي سڄي بوتل ختم ڪرڻ کان پوءِ اهو چئي اُٿي ويو “يار شام ۽ واٽ ون ٻئي خالي ٿي ويا پر مون سان سنڌي صحافت جي زوال تي ڪنهن به اختلاف ئي نه ڪيو....!”

اسان جي صحافت اقبال جعفري کان بهتر ڪو پوليٽيڪل ۽ اڪانامڪ رپورٽر اڄ ڏينهن تائين ناهي ڏٺو. جيتوڻيڪ شيخ عزيز صاحب ڏهاڪو کن سال اڳ “ڊان” مان رٽائر ٿي ويو ليڪن سندس قلم سان رشتو ڪڏهن به نه ٽٽو ۽ آخري دم تائين قلم هن جي هٿ ۾ رهيو، لکندو رهيو ۽ لکندي لکندي کيس ننڊ اچي وئي.

هاڻي سوچيان ٿو ته سٺو ٿيو جو شيخ صاحب ۽ سندس قبيلو پنهنجي طبعي عمر کان اڳ ئي ڪوچ ڪري ويو.... نه ته ڪو “صحافتي ڊينڊڙو” جيڪو پنهنجي قد کان مٿاهين ڪرسي تي ويٺو آهي، اهو کيس نوٽيس ڏئي رهيو هجي ها، ته اهو ادارو جيڪو شيخ صاحب جهڙن قلم ڌڻين ۽ قلم جي جنونين جي رت ۽ پگهر جي پورهئي سان ميڊيا ايمپائر بڻيو، هاڻي اُن کي سندس وڌيڪ ضرورت نه آهي...!

هڪ دور هو جڏهن اسان جا ميڊيا هائوسز، يونينون ۽ ڪلبون اسانجي استادن ۽ عظيم ماڻهن جي ڪري سڃاتيون وينديون، نثار عثماني ۽ برنا صاحب جو ٻيو نالو PFUJ هو. عبدالحميد ڇاٻڙا جهڙا ڪردار، پريس ڪلب جي سڃاڻپ هئا پر اڄ پريس ڪلب تي اهڙن ماڻهن جو غلبو آهي جن کي شايد پاڙيسري به نه سڃاڻندا هجن. ياد نه ٿو اچي ته شيخ عزيز جهڙي وڏي صحافي جي پريس ڪلب سان واڳيل ڪنهن ماڻهو obituary لکي هجي.

ويجهڙ ۾ ابوالحسنات ۽ ادريس بختيار به ڏوراهين ڏيهه اڏامي هليا ويا آهن، سندن اخبارن ۾ خبر ته هئي پر obituary نه- ڀلا لکي به ڪير ها، هاڻوڪن ڪلب سان لاڳاپيل صحافين جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر جو اهو خانو ئي خالي آهي جنهن مان علم ۽ تجزئي جو خزانو ڇلڪندو هو!

A سان ايپل، B سان بيٽ جو علم رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو رُتبو ڇا ڄاڻين! اڄ ئي ڏسي رهيو هئس ته جنهن اخبار سان شيخ صاحب ٽيهن سالن تائين لاڳاپيل رهيو، ان ۾ سندس تعزيتي پروگرام جي خبر به نه هئي. شايد سڀاڻي هن تعزيتي ميڙاڪي جي خبر به شايع نه ٿئي! ليڪن اڄ شيخ صاحب کي ياد ڪرڻ وارا به ٻه چار ماڻهو ويٺا آهن، جڏهن اهي به لاڏاڻو ڪري ويا ته معذرت سان ٿو چوان ته مڙهه کي ڪلهو ڏيندڙ به ڪُرڪندي نظر ايندا!

 

(پندرنھوار افيئر نيوز مئگزين، آڪٽوبر ۲۰۱۹ع)



شيخ عزيز

عملي صحافي

يوسف سيف

شيخ عزيز صحافت جي ميدان ۾ اهڙو ڪردار هو، جنهن هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ پاڻ مڃرايو. پاڻ ادب، تاريخ، صحافت، ثقافت، تحقيق، ترجمي، موسيقيءَ ۽ لوڪ ڏاهپ تي دسترس رکندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ پڻ وڌا. سنڌ ۾ صحافت جا بنياد رکيا، عملي طور صحافت ۾ پاڻ ملهايو. شيخ عزيز جي هڪ انفراديت اها به آهي ته هن حادثاتي طور نه پر شعوري طور تي صحافي ٿيڻ جي رٿابندي ڪئي هئي ۽ ان تي مڪمل طور عمل پڻ ڪري ڏيکاريو. ايڊيٽر کان وٺي پروف ريڊر تائين ھر ڪم تي نظر رکندو ھو. اھڙيءَ ريت ڪمپازيٽر(ھاڻي ڪمپيوٽر آپريٽر) کان وٺي فور مين   تائين اخبار سان لاڳاپيل سمورن جزن ۾ مھارت رکندو ھو. ايستائين جو اخبار جي ڇپائيءَ واري مشين جي به مڪمل معلومات رکندڙ ھو. ھڪ طرح سان انجنيئرنگ ڪندو ھو. اخباري ڪاغذ کي ھٿ لڳائڻ سان ان جو گرام ٻڌائي ڇڏيندو ھو.

ھن پنهنجي ڪتاب “عملي صحافت” ۾ لکيو آهي ته هڪ صحافي کي “ننڍڙو عالم” هئڻ گهرجي. جنهن جي وضاحت ڪندي اهو پڻ سمجهايو آهي ته ننڍڙي عالم کي پنهنجي ٻوليءَ، سماج، تهذيب، تاريخ ۽ پنهنجي ادب بابت بنيادي ڄاڻ هئڻ گهرجي.

۱۹۹۰ع کان پوءِ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکي سگهڻ ڪري صحافت جي ميدان ۾ اخبارن ۽ رسالن جي وڏي ٻوڏ اچي وئي، جنهن ڪري بيروزگارن جو وڏو انگ صحافت ۾ داخل ٿي ويو، ان کانپوءِ ۲۰۰۰ع ۾ وري انٽرنيٽ جو سرشتو عام ٿيو، نجي سطح تي ٽيليويزن شروع ٿيا ته هر ڪنهن ٽيليويزن شروع ڪري ڏنو. ڪرڙ ڪانڊيرو به ان ۾ کپي ويو پر ۱۹۹۰ع کان وٺي تاحال، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو انگ وڌي ويو آهي پر ان ڀونچال ۽ هڙا هڙيءَ ۾ صحافتي اصول، ضابطا ۽ قاعدا لتاڙجي ويا.

اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا مقابلي جي ميدان ۾ سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا. ۱۹۹۰ع ۾ صحافي معاشري جو مثبت ڪردار هو، ان کانپوءِ “صحافي” جي معنيٰ ئي بدلجي وئي.

شيخ عزيز صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته هن صحافت جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مزاج کي منظم ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي، جنهن ۾ هن پنهنجي مطالعي جو وقت وڌائي ڇڏيو هو. اخباري ڊيوٽي دوران رات جي وقت ماني کائڻ ڪري ننڊ تنگ ڪيو ته پاڻ ماني کائڻ ڇڏي ڏني. سندس مزاج ۽ رويا گهڻا منظم ۽ سنجيده هئا. پاڻ هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ ڪم لاءِ وقت کي ورهائيندو هو ۽ ان تي عمل پڻ ڪندو هو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هو صبح جو سوير جاڳنگ ڪندو هو. شام جو موسيقي جا ڪلاس وٺندو هو. هر موضوع تي ڪتاب به پڙهندو رهندو هو. سندس منظم مزاج، مثبت لاڙي هن جي لاءِ هر شعبي ۾ منزل آسان بڻائي ڇڏي هئي. هو سدائين لکندڙ، ٻهڪندڙ، خوش مزاج، خوش لباس ۽ جهونگاريندڙ شخص هو. شايد ئي سنڌ جو ڪو اهڙو موضوع هجي جنهن تي هن قلم نه کنيو هجي.

پاڻ رواجي مضمونن توڙي لطيف فن جي مختلف مضمونن جو گهرو مطالعو رکندو هو. هن موسيقي، رقص، ڀرت ۽ لطيفيات جهڙن نفيس موضوعن تي پڻ لکيو آهي. شيخ صاحب وٽ سنڌ خود وڏو موضوع هئي. سنڌ جي ثقافتي راند “ملهه” سنڌ جي ذائقيدار مڇي “پلي”، سنڌ جي ھنرن، سنڌ جي هر علائقي، ٻوليءَ ۽ لهجي کي پنهنجي قلم ۾ بند ڪيو آهي.

شيخ عزيز صاحب پنهنجي دور جو گهڻو قدآور شخص هو. سندس زندگيءَڪيترن ئي دلچسپ واقعن سان ٽمٽار آهي. هڪڙو ڀيرو سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي تي ذميواري پئجي وئي ته اها محترمه بينظير ڀٽو لاءِ لطيف تي مضمون لکرائي. جيڪو محترمه کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي پڙهڻو هو. ياد رهي ته محترمه بينظير ڀٽو تڏهن وزارت اعظميٰ جي عهدي تي فائز هئي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري مھتاب اڪبر راشدي، شيخ عزيز صاحب سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو. تڙ تڪڙ ۾ شيخ صاحب اهڙي تقرير لکي، جنهن تي محترمه بعد ۾ تڏهوڪي وزيراعليٰ سنڌ کي حڪم ڪيو ته اهڙي قابل شخص کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻايو وڃي. ان زماني ۾ شيخ عزيز سنڌي تقرير انگريزي ۾ (رومن، جھڙي ريت اڄ موبائل تي انگريزي ۾ سنڌي اردو ٻولين ۾ ميسيج ڪجي ٿو) لکي ڏني ھئي.

شيخ عزيز صاحب سنڌ حڪومت جي اهڙي آڇ تي محترمه جا ٿورا مڃيا ۽ سنڌ سرڪار جي اختيارين وٽ پنهنجي ڳالهه پيش ڪيائين ته جڏهن به منهنجي ضرورت پوندي ته مان حاضر آهيان باقي نوڪري مون کي لکڻ پڙھڻ واري آهي.

اھڙيون شخصيتون سنڌ کي ورلي ملن..... .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ عزيز

سنڌ جو اَملھه ماڻڪ

پير مظھر الحق

شيخ عزيز ھڪڙو صحافي ڪونه ھو، جيڪو مون ھن کي پرکيو پنھنجي ننڍي عمر کان، جڏهن مان عبرت ۾ ڪم ڪندو ھئس. انھيءَ وقت منھنجو سياست جي پاسي ڪوبه ڌيان ڪو نه ھو. عزيز شيخ منھنجو ان وقت نيوز ايڊيٽر ھو ۽ مان ھڪڙو نئون ماڻهو ھئس، جنھن کي رکيئون، اپپرينٽس ڪري. اپپرينٽس کي سنڌي صحافت ۾ پگھار به گھٽ ملندي هئي ۽ ڪم ان کان ھرڪو ورتو ويندو هو. پروف ريڊنگ کان ويندي، ھيڊنگس ٺاھڻ، ترجمو ڪرائڻ، آرٽيڪلس لکڻ ۽ ڪڏهن رپورٽر موڪل تي آهي ته ان جي جڳھ تي رپورٽنگ ڪرائڻ تائين. مقصد ھر قسم جي ٽريننگ ان ۾ ملندي ھئي. خوشقسمتيءَ سان مون کي عزيز شيخ جھڙو استاد مليو، جنهن مون کي ٿورو سختيءَ سان ڪم سيکاريو. انھيءَ وقت مان سمجھي نه سگھيس ته ڇو ايڏي سختي ٿو ڪري، پر حقيقت ۾ اھا منھنجي لاءِ مددگار ثابت ٿي. ڇاڪاڻ ته انھيءَ سان صحافت جا سڀ لاھا چاڙھا سکي ويس، پوءِ وري ان سان باقاعدي دوستانه تعلقات قائم ٿي ويا.

عزيز شيخ حقيقت ۾ بقول حميد ھارون جي، جڏهن مان ڊان اخبار ويو ھئس، عزيز شيخ سان ملڻ تڏھن مان سياست ۾ ھئس ته حميد ھارون سان به مليو ھئس. حميد ھارون مون کي چيو هو ته سنڌي صحافت ۾ مان جيڪڏهن ڪنهن کي مڪمل صحافي سمجهان ٿو ته اھو رڳو عزيز شيخ آهي. منھن تي نه چيائينس، سندس پرپٺ مون کي چيائين. صحافيءَ جي جيڪا ڊيفينيشن آهي، ھو ان تي پورو لهي ٿو.

شيخ صاحب لنڊن مان ڊپلوما به ڪري آيو ھو، انھيءَ لحاظ کان ڪواليفائيڊ به رھيو. مان جيڪو پوڻا ست سال عبرت اخبار ۾ رھيس ته اتي مون کي ٻارن جي ھفتيوار صفحي جو انچارج ڪيائين. مون پڇيومانس ڇو؟ چيائين ھن کي اوھان ئي صحيح نموني ھلائي سگھندؤ. جڏهن ته مان پاڻ ان وقت سورنھن سترنھن سالن جو ھئس. ڪجھه عرصي بعد وري صلاح ڏنائين ته ھاڻي ٻارن جو ھڪڙو پروگرام ڪراءِ، ان سان دائرو اڃا وڌندو. رڳو ٻارن جي ميمبرشپ ڪافي ناھي، انھن جا مضمون ڪافي ناھن، ٻارن کي فزيڪلي دعوت ڏئي، سڄي سنڌ مان گھرائجي. ان وقت سٺ واري ڏهاڪي ۾ اسان جو ھڪڙو مسئلو ھو ته سنڌ کي سابق سنڌ ڪري چوڻو پوندو ھو، ون يونٽ ۾ سنڌ کي شامل ڪيو ويو ھو. سنڌ جو نالو وٺڻ ڄڻ ڏوھ ھوندو ھو. ايتري قدر جو عبرت اخبار جو جيڪو بوتو ھو، ان مان سنڌ جو نقشو به ڪڍرايو ويو ھو. اشتھار به بند ڪيا ويا ھئا عبرت جا. بھرحال اھو ايوب خان جو ڏکيو دور ھو، جنھن ۾ سنڌ نالو وٺڻ جرم ھو. تنھن وقت ٻارن کي صدارتي ايوارڊ پڻ ملندا ھئا، پر اھي فقط بنگالي، ٻيو اردو ۽ ٽيون انگريزيءَ ۾. ھاڻي انگريزي ته اسان جي نيشنل لينگويج ڪونه ھئي. باقي سنڌي ٻوليءَ کي ان ۾ شامل ڪونه ڪيو ويو ھو، جڏھن ته سنڌي ٻوليءَ جي به پنھنجي الڳ حيثيت ھئي. اسان جي پنھنجي الفابيٽ آهي. اسان وٽ اسڪولن ۾ سنڌي پڙھائي ويندي ھئي، ٻين صوبن ۾ ته سندن ٻولين ۾ ڪونه پڙھايو ويندو هو.

ان وقت عزيز صاحب ھڪڙي صلاح ڏني ته اسان پاڻ ڇونه اھڙو پروگرام ڪريون جو ٻارن جو ميلو ھر سال ڪرايون. ان لاءِ پوءِ مون کي صلاح ڏنائين ته قاضي سعيد صاحب کي چئو، اھو سندس دوست به ھو ۽ ڪلاس فيلو به ھو شايد. چيائين ان کان پئسا منظور ڪرائي توکي ڏئي ڇڏيندو، مون کي ڪونه ڏيندو. پوءِ ٻه ھزار روپيا ان پروگرام جا مليا. ان کان پوءِ مون کي آمريڪن سينٽر ۾ وٺي ھليو. ڇاڪاڻ ته مفت ۾ به ڪرائڻو ھو. آمريڪن سينٽر ان ڪري وياسين جو ان وقت ٻيو ڪو ھال اھڙو ڪونه ھو، جتي اھڙي پئماني جو پروگرام ڪرائي سگھجي. آمريڪن سينٽر جو نظام صاحب دوست ھوندو ھئس. ان کي چيائين ھن کي آڊيٽوريم ڏئي. ٽي چار نشستون اتي ئي ڪيونسين. ڪل ٻار سنڌ ڪنوينشن جي عنوان سان اھو ميلو ٿيو. ان ۾ تقريري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ٽاپڪس به پاڻ مقرر ڪيائين. ان ۾ قائدِ ايوان ھوندو آھي ۽ ٻيو حزب اختلاف ٿيندو آهي. مون کي ٻڌايائين ته ائين ڪر. مون کي ايتري خبر ڪانه ھئي، انھيءَ ڪري سڀ ڪجھ پاڻ ترتيب ڏئي مون کي سمجھايائين. تمام زبردست پروگرام ٿيو ھو اھو، جنهن ۾ پنھنجي وقت جا ناميارا عالم مولانا گرامي صاحب، آگرو صاحب ۽ شيخ علي محمد صاحب جيڪو اسان جو ايڊيٽر ھوندو ھو، سڀ وڏا وڏا نالا ھوندا ھئا. مصطفيٰ قريشي صاحب به آيو ھو ان پروگرام ۾ خاص مھمان ٿي، جيڪو ٻارن جي ٻاري، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ان وقت انچارج ھو. عبدالڪريم بلوچ، عبدالحق ابڙو اھي سڀ مشھور ماڻھو ھئا، جيڪي آيا ھئا. ھڪڙو يادگار ۽ بھترين قسم جو فنڪشن ٿيو ھو، جن ٻارن ان ۾ شرڪت ڪئي، سي مستقبل ۾ وڏا وڏا پروفيسر، سي ايس ايس آفيسر، جج، اسيمبلي جا ميمبر ۽ منسٽر به بڻيا. ميلي ۾ چٽاڀيٽي جا مقابلا به ٿيا، مضمون به لکيا ويا. جيڪي ڪامياب ٿيا تن کي انعام ڏنا ويا ۽ پوءِ ھو فخريه انداز ۾ ڏيکاريندا ھئا. آخر ۾ بسنت ھال ۾ ورائٽي پروگرام ٿيو. عزيز شيخ صاحب مون کي پھريون دفعو سيکاريو ۽ چيائين ھاڻي اھو ھر سال ڪرڻ کپي. ھن ميلي جو ريسپانس تمام سٺو مليو. سڄي سنڌ ۾ ھڪڙي قسم جي سجاڳي پيدا ٿي. سڄي سنڌ ۾ عبرت جي طرفان اسان برانچون کوليون، پوءِ انھن جون چونڊون به ڪرايونسين. اھڙا علمي، نظرياتي ۽ انقلابي ڪم پئي ٿيا. منھنجي اھا ٽريننگ پئي ٿي، مون کي خبر ئي ڪونه پئي. حقيقت ۾ سياست ۾ اچڻ جو منھنجو ارادو ڪونه ھو، پر پوءِ ٿي ويو. جڏهن وري الله جي شڪر سان سياست ۾ آيس ته اتي تنظيمي ڪم، تقرير، ماڻھن سان لھ وچڙ ۾ اچڻ، ٽوئر ڪرڻ سڀ ڪم آيا.

شيخ عزيز صاحب سان ان وقت گڏ ھوندو ھئس، تڏھن ارڙھن سال عمر ھئي منھنجي، جو سڄي سنڌ گھمي، نمائندن سان ملاقاتون ڪرڻ دوران سڀني کي چوندو ھو ته سھڪار ڪريو. محرم علي ڀٽي ھوندو ھو نوابشاهه ۾، ان سان ڪوآرڊينيٽ ڪئي. ھالا ۾ رشيد قريشي ۽ جيڪي دوست ھئا، اھڙي طرح دادو ۾ اعجاز قريشي ۽ صلاح الدين پنھور ۽ شجاع جوڻيجو جيڪو سيڪريٽري ٿيو.

ھاڻي سوچيان ٿو ته عزير صاحب فقط ھڪڙو صحافي ڪونه ھو، ھڪڙو اديب نه ھو، ليکڪ نه ھو، ھو ھڪڙو ادارو ھو. ادارو ان کي چئبو آهي جيڪو ماڻهو پيدا ڪري. ھن کي وري موسيقيءَ جي ڏسو ته ڪيتري ڄاڻ ھئي. تمام گھڻو ان تي ڳالھائي ويندو ھو، مضمون ۽ ڪتاب لکندو ھو ۽ پاڻ به بانسري وڄائي ويندو ھو. ستار، تنبورو، طبلو، پيانو ۽ ھارمونيم وڄائي ويندو ھو. ھر قسم جي ميوزڪ ۽ خاص طور تي ڪلاسيڪل ميوزڪ تي ھن کي وڏو عبور حاصل هو. اھڙي طرح ھن کي شاھ لطيف تي به وڏي ڄاڻ هئي.

شيخ عزيز صحافت جي دنيا ۾ نواڻ آندي. ھن سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ستر واري ڏهاڪي ۾ ھفتيوار مئگزين شروع ڪيو، ان کان اڳ ڪڏهن به روزاني اخبار سان گڏ ھفتيوار مئگزين نه نڪرندو هو، پهريون ڀيرو عبرت سنڊي جي نالي سان جاري ڪيائين، جيڪو بي انتھا ڪامياب ٿيو. اھڙيءَ طرح عورتن جو صفحو، فلمي صفحو، ادبي صفحو، شاگردن جو صفحو، زراعت جو صفحو، اھي سڀ روايتون عزيز شيخ متعارف ڪرايون. ان وقت عبرت کي جيڪا مقبوليت حاصل ٿي، ان ۾ اسان جو ايڊيٽر شيخ علي محمد، خير محمد کوکر، محمود يوسفاڻي، محمد حيات بلوچ، عبدالرحمان جوڻيجو، مقبول صديقي، عبدالغفور جوڻيجو، جيڪو بعد ۾ انڪم ٽيڪس جو ڪمشنر ٿيو ھو، ته اھڙيون قدآور شخصيتون عبرت ۾ ھيون. اھو سڄو ٽيم ورڪ ھو. عزيز شيخ انھن مان ھڪ نرالي شخصيت ھئي، جنھن صحافت کي نه ڇڏيو، ٻين گھڻن ڇڏي الڳ الڳ شعبا اختيار ڪيا، آئون وڪيل وڃي ٿيس. شيخ عزيز، خير محمد کوکر، پروانو ڀٽي اھي اھڙيون شخصيتون ھيون جيڪي آخر تائين صحافت سان جڙيل رھيون. ھو مون کي به چوندا ھئا ته صحافت نه ڇڏجانءِ پر مون کي قسمت ٻئي پاسي وٺي وئي. ڪنھن سياستدان کي چئجي ته ڪنھن صحافيءَ تي ڳالھائي، ان لاءِ اھو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پر منھنجي لاءِ آسان آھي، ڇاڪاڻ ته مون انھن سان گڏ ويھي ڪم ڪيو آهي، ھڪڙي ڊيسڪ تي ويھي.

وري اھو وقت آيو جڏهن شيخ صاحب ڊان جو ايڊيشن انچارج، نائيٽ شفٽ انچارج ٿيو، ته منھنجو پٽ دانش انھن ڏينھن ۾ امتحان پاس ڪري فارغ ويٺو ھو، مون کيس تڏهن صلاح ڏني ته واندي ويھڻ کان ڪو ڪم ڪر. سو عزيز صاحب وٽ وٺي وڃي ڇڏيومانس ته ھتي ويھي ڪم سک. سو شيخ صاحب مون کي چيو ھتي اھو قاعدو آھي ته ايڊيٽر کي ان جو چوڻو پوندو. مان ايڊيٽر علي احمد خان صاحب وٽ ھلي ويس ۽ درخواست ڪيم ته فيلڊ ۾ ھوندو ته ڪجھ سکندو. اھو به کيس چيم ته عزير صاحب جي شاگرديءَ ۾ ڏيوس. ان تي ٿورو حيران به ٿيو پر ٻڌايومانس ته مان پاڻ به عزيز صاحب جو شاگرد آھيان، انڪري ٿو چوان. سو اجازت ڏنائين. دانش اخبار نه پڙھندو ھو پر پوءِ روز صبح جو اخبار کڻي اھي خبرون پيو ڳوليندو ھو، جيڪي عزيز صاحب کيس ڏيندو ھو ته ھنن جون ھيڊنگس ٺاھي، سبنگ ڪر، ايڊيٽنگ ڪر ۽ پوءِ ھن کي ائين اخبار پڙھڻ جو شوق به پيدا ٿي ويو، جيڪو اڄ تائين ائين آھي.

عزيز شيخ جھڙا ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. ھاڻي ريوارڊ ڪيئن ڏجي. مون کي چوندو ھو تون اڻ گھڙيو ڪاٺ آھين ۽ واقعي مان اڻ گھڙيل ڪاٺ ھئس، جنھن کي عزيز شيخ ٽريننگ ڏئي گھڙي سيکاريو. ھن کي به خبر ڪونه ھئي ته ڪو مان سياست ۾ ويندس پر ھڪڙي ڳالھ مڃڻ جي آهي ته جيڪو ماڻھو صحافت ۾ ويندو آهي، اھو پوءِ ھر فيلڊ ۾ ڪاميابيءَ سان ھلي سگھي ٿو. صحافت ۾ به مون کي پروف ريڊنگ وارو سيڪشن تمام ڪم آيو، جو اڄ تائين مان ھڪ ھڪ ڪاغذ پڙھي چڪون پڪڙيندو آھيان. جڏهن مان وڪالت دوران چڪون پڪڙيندو ھئس ته ججن کي ڏاڍو خراب لڳندو ھو. ڪابه پٽيشن داخل ڪرڻ وقت به ھڪ ھڪ اکر پڙھي ڪم اڳتي وڌائيندو آھيان. اھي سڀ ننڍيون ننڍيون ڳالھيون آهن جيڪي زندگيءَ ۾ تمام ڪم اينديون آهن.

جڏهن مون کي تعليم جي وزارت ملي ته مون سوچيو ڪيئن مان عزيز شيخ کي راضي ڪريان. ان حوالي سان چيومانس ته مان سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آھيان، اوھان اتي وائس چيئرمين ٿيو. مان پنھنجا پاورس ھينڊ اوور ڪري ڇڏيندس. ھتي ھر جڳھ تي سياست لڳي پئي آهي، سڀ اعتراض ڪندا ته عزير صاحب کي چئرمين ڪيو اٿس. سو انھي مان فائدو اھو ٿيو جو سيڪريٽري تعليم جيڪو ميمبر ھو بورڊ جو اھو ڪڏھن ايندو ئي ڪونه ھو، منھنجي ڪري ان کي به اچڻو پيو. عزيز صاحب کي نيٺ مون راضي ڪري وزيراعليٰ کان آرڊر ڪرايو. ان کان اڳ اھڙو آرڊر نه ٿيو ھو. پوءِ اتي ئي بنگلو به مون الاٽ ڪرائي ڏنو ھو ۽ چيئرمين جي گاڏي سميت سموريون سھولتون ڏنم. ان سان اھو فائدو ٿيو جو فل ٽائيم وائيس چيئرمين موجود رھندو ھو. عزيز شيخ ان دوران ڪافي محنت ڪئي ۽ ادبي بورڊ کي بھتر بڻايو. ھن اتي ايف ايم ريڊيو کولڻ سميت ڪافي پروجيڪٽ ھئا، جن تي ڪم ٿيڻو ھو. پر وچ ۾ اھڙو انقلاب اچي ويو جو مون کي چيئرمين شپ ڇڏڻي پئي ۽ جنھن سائينءَ کي چيئرمين ڪيو ويو، انھيءَ کي اھو وائس چيئرمين قابل قبول نه ھو. شيخ عزيز به رھي نه سگھيو. ادبي بورڊ ۾ ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ڪيائين، جيڪو ذري گھٽ ختم ٿي ويو ھو. ڊگھي عرصي وارا عارضي ملازم ھئا، تن کي مون کان مستقل ڪرايائين.

اھڙيءَ ريت ادبي بورڊ ۾ ڊسپيلين پيدا ڪرايائين. ٻارن جو ادبي ميلو جيڪو عبرت ۾ مون کان ڪرايائين، اھڙو وري ھڪ ڀيرو ڪرايائين. عزيز شيخ ھڪڙو ڪم ڪندڙ ماڻهو ھو، ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سندس اولاد شيخ عزيز جي اڻ ڇپيل ڪتابن کي به ڇپايو. سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي گھرجي ته سندس ڪتاب ڇپائي. ھڪ املھ انسان ھو، جنھن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگھجي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ عزيز

جنهن کي موت مات نه ڏئي سگهيو

ڪرم علي شاھ ڪرم

سنڌ هميشه سياسي، سماجي ۽ تهذيبي شعور جو مرڪز رهي آهي، جتي هر دور ۾ علم ۽ دانش جي جوت جلائڻ وارا ڏاها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن فنون لطيفه جي هر شعبي ۾ ڪمال جا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جيڪڏهن صحافت، ادب ۽ موسيقي جي ٽن مختلف شعبن ۽ انهن جي ماهرن جي ڳالهه ڪبي ته يقينن انهن ٽن مختلف شعبن جي ڌار ڌار حيثيت آهي ۽ انهن ۾ مهارت رکندڙ به ڌار ڌار شخصيتون ئي هونديون آهن پر اسان اڄوڪي ڏينهن تي هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪري رهيا آهيون، جيڪو هڪ ئي وقت صحافي، اديب ۽ موسيقي جو ماهر هو. اها شخصيت شيخ عزيز آهي، جيڪو واقعي به ڪمال هو، جنهن انهن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارناما انجام ڏنا ۽ نه فقط ڏيهه پر پرڏيهه ۾ پاڻ ملهايو.

شيخ عزيز جو پورو نالو عبدالعزيز شيخ ولد احمد شيخ هو. سندس ولادت ۹ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ٿي. ابتدائي تعليم، حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان پرائي، صحافتي ذميواري نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ گريجوئيشن ڪيائين. شيخ عزيز جتي سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏنا، اتي هن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ به خوبصورت طبع آزمائي ڪئي. صحافت کي جمود مان ڪڍيائين ۽ ان کي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر تي آندائين. پاڻ سنڌي صحافت کان صحافت جي شروعات ڪيائون، جنهن بعد اردو جنهن کانپوءِ انگريزي صحافت جو رخ ڪيائون، جتي پڻ وڏو نالو ڪيائون. شيخ عزيز ملڪ جي وڏي انگريزي اخبار ۾ صحافتي فرض نڀايا ۽ مختلف اشوز تي بهترين آرٽيڪلز تحرير ڪيا، جن کي وڏي مڃتا حاصل رهي. ناليوارين شخصيتن تي شيخ عزيز کان بهتر اڄ ڏينهن تائين ڪو نه لکي سگهيو آهي. شيخ صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي، ڪتابن جي صورت ۾ هو اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي. سندس صحافت تي سنڌي ڪتاب “عملي صحافت” ناياب ڪتاب آهي، جنهن صحافت جي شاگردن جي هڪ وڏي ضرورت ۽ مشڪل حل ڪري ڇڏي. شيخ صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ خان محمد پنهور سان گڏجي صحافت جو شعبو کولائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتائين. شعبو قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڻ اتي ڪلاس به وٺندو هو. سندس ڪيترن ئي شاگردن اڳتي هلي صحافت سميت مختلف شعبن ۾ وڏو نالو ڪيو. اهڙي ريت اخباري فيلڊ ۾ به سندس ڪيترائي شاگرد هئا. ميوزيڪل انسٽرومينٽس تي سندس ڪتاب موجود آهن، جيڪي انگريزي ۽ سنڌي ۾ آهن، تازو ئي سندس “چنگ” تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيو آهي. شيخ صاحب ملڪ جو پهريون صحافي هو، جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بروقت سوانحي خاڪو لکڻ) جو لاڙو متعارف ڪرايو. سندس وڏي فرزند ۽ ناليواري ليکڪ ۽ صحافي طارق عزيز شيخ موجب اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۷۲ع ۾ “سنڊي عبرت” جي نالي سان شروع ڪيو. اردو اخبار جنگ ۾ مئگزين ايڊيٽر طور “مهراڻ رنگ” جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين، جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون.

شيخ عزيز صحافتي سفر جي شروعات روزاني “ڪاروان” حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي. هو روزاني عبرت حيدرآباد، هفتيوار سنڌ آبزرور حيدرآباد (انگريزي)، روزانه سنڌ نيوز حيدرآباد، روزانه جنگ (اردو) ڪراچي، روزانه حريت (اردو) روزانه ڊان انگريزي ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر، سينيئر سب ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر جي عهدن تي رهيو، هو روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد جو ايڊيٽر هو ۽ ايم آر ڊي جي آمريت مخالف تحريڪ جي دور ۾ سندس سرواڻي ۾ ان اخبار انتهائي جرئت ڀريو ڪردار ادا ڪيو. ان دور جي اها وڏي ۾ وڏي اخبار هئي. جڏهن ته ۱۹۸۹ع کان ۲۰۰۸ تائين روزانه ڊان ڪراچي، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر رهيو. ۲۰۰۹ع ۾ جڏهن پير مظهرالحق سينئر وزير تعليم بڻيو ته هن سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين شيخ عزيز کي بڻايو، جتي ۲۰۱۱ع تائين رھيو.

شيخ عزيز سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيا. جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضرا جي موضوعن تي آهن. شيخ صاحب جي لکليل ڪتابن ۾ سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ملهه، الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگ ارونگ)، نقش لطيف، صحافتي ٽيڪنيڪ تي سنڌي ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵، ۱۹۷۸ ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان، “مون لينن جو ڏيهه ڏٺو” (روس جو سفرنامو)، “دي ٽربيوٽ” (سنڌ جي ناليوارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا)، “تقسيم کان تقسيم تائين” (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون)، “دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ” (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقي تي تحقيق سميت ٻيا ڪتاب لکيا. شيخ صاحب جي هن عظيم سفر ۾ سندس شريڪ حيات حميده عزيز شيخ جو به ڀرپور ساٿ رهيو، جيڪا سندس ڏک سک جي ساٿي هئي، جنهن کيس هميشه همٿايو ۽ ڪڏهن پريشان ٿيڻ نه ڏنو، پير مظهر صاحب جي چواڻي ته جيڪڏهن ادي حميده نه هجي ها ته شيخ عزيز هيڏا وڏا ڪم سرانجام نه ڏئي سگهي ها. شيخ عزيز ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي هي فاني جهان ڇڏي ويو. سندس آخري آرامگاهه پهلوان ڳوٺ ڪراچي ۾ آهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ عزيز

صحافتي سفر - ٽئين ورسيءَ جي موقعي تي

طارق عزيز شيخ

سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت جي ميدان ۾ ڇھه ڏھاڪا ارپڻ واري شخصيت ۽ منھنجي والد شيخ عزيز جي اڄ ٽئين ورسي آهي. سندن ولادت جو سال ۱۹۳۸ع ۽ ھنڌ گاڏي کاتو، حيدرآباد آهي. حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان تعليم پرايائين، سڄي شھر ۾ سڀني شاگردن کان وڌيڪَ مارڪون حاصل ڪيون ھئائين ۽ اسڪالر شپ تي پرڏيهه مان اعلي تعليم حاصل ڪري آيو.

 پاڻ حيدرآباد مان ئي نڪرندڙ روزاني “ڪاروان” اخبار ۾ ۱۹۵۷ع کان سب ايڊيٽر طور، ڪم جي شروعات ڪري پير پاتائين، يعني ۱۹ ورھين جي ڄمار ۾ صحافتي قلم ھٿ ۾ کنيائين. انگريزي ۾ تمام ذھين ھو تنھنڪري خبرن جي ترجمي واري ذميواري کيس ملي. ۱۹۵۸ع ۾ “عبرت” اخبار ۾ آيو ۽ پوءِ ھڪ ڊگھي عرصي تائين اتي ئي رھيو. تعليم گڏوگڏ جاري رکڻ ڪري ان وچ ۾ اسڪالرشپ تي ٿامسن يونيورسٽي آف جرنلزم، لنڊن ھليو ويو ھو. ھيء پھريون سنڌي ھو جنھن باقاعده صحافتي تعليم ۽ تحقيق جي عالمي ڊگري حاصل ڪئي ھئي.

چئن ورھين کان پوءِ واپس اچي وري پنھنجي ساڳئي اداري ۾ ڪم کي لڳي ويو پر ھن ڀيري ڪم ۾ جدت ۽ تبديلي اچي وئي. ھن عالمي سطح تي رائج صحافتي ٽرينڊز جا تجربا ڪيا، جنھن سان سنڌي صحافت کي نئون روپ مليو. سنڌي صحافت ۾ پھريون ڀيرو اخبار سان گڏ ھفتيوار ميگزين جاري ڪيائين. مختلف ھفتيوار صفحا، جديد ايڊيشنز، نوان سلسلا ۽ عالمي انداز جا لي آئوٽ متعارف ٿيا.

ھو ان زماني کان وٺي پرڏيهي رسالن لاءِ به مضمون لکندو هو. سنڌ جي حوالي سان پڻ ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي انگريزي مضمون ۽ فيچر تحرير ڪيائين.

اھڙي ريت ھن روزاني “سنڌ نيوز” حيدرآباد ۾ به محنت ڪئي. ھيء اخبار ۱۹۷۸ع ۾ جديد سنڌي صحافت جي ٽائيٽل سان نالو ڪڍيو. مون کي ياد آهي “سنڌ نيوز” اخبار جي دفتر ۾ آئون پنھنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ويندو ھئس ته شام جي پھر ۾ لڳندو هو ڄڻ ايمرجنسي جي صورتحال ھجي. بابا ھر سيڪشن، خبرن کان وٺي ڇپائي جي مشينن جي ڪم ۾ رڌل رھندو ھو. “سنڌ نيوز” اخبار جو ڪردار سنڌي صحافتي تاريخ ۾ غيرجانبدار پاليسي ۽ اظھار جي آزاديءَ وارو رھيو.

۸۰ واري ڏهاڪي ۾ اردو صحافت جي شروعات ڪيائين ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي اردو اخبار “جنگ” ۾ ميگزين ايڊيٽر بڻيو. آمريت جي ھن دور ۾ جڏهن ڀٽائي سائين جي ڪلام ۾ جدوجھد، مزاحمت ۽ سجاڳيءَ وارن سرن ۽ بيتن جي نشر و اشاعت تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي، انھن ڏينھن ۾ اردو ٻوليءَ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر، تاريخ، بھادري، مزاحمت ۽ ثقافت جي زمري ۾ لاتعداد مضمون لکيائين. سنڌ جي حوالي سان “مھراڻ رنگ” نالي ھفتيوار صفحو جاري ڪيائين، جنھن ۾ سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ صحافين کي لکڻ جو موقعو مليو.

۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين ھڪ ٻي اردو اخبار روزاني “حريت” ۾ پھرين ميگزين ايڊيٽر ۽ پوءِ نيوز ايڊيٽر بڻيو پر پوءِ ساڳئي گروپ جي انگريزي اخبار “ڊان” ۾ ۱۹۸۹ کان وٺي ۲۰۰۸ع تائين سينئر سب ايڊيٽر، ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ شفٽ ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليائين. ايم آر ڊي تحريڪ دوران ھن سنڌ جا ضلعي سطح تي دورا ڪري انگريزيءَ ۾ مضمون لکيا، جيڪي تاريخ جي اھميت رکن ٿا. عام چونڊن دوران جيڪي سياسي تجزيا لکندو ھو، اھي درست ثابت ٿيندا ھئا. انگريزي اخبار ۾ سنڌ جي بھترين نموني نمائندگي ڪيائين.

۱۹۹۵ع ۾ ھڪ خبر ڇپجڻ جي پاداش ۾ کيس کنڀيو ويو ھو، جيڪا خبر ھن پاڻ به نه لکي ھئي. ان معاملي تي جڏھن ڏيھي پرڏيهي صحافتي تنظيمن، نشرياتي ۽ اشاعتي ادارن احتجاج ڪيو ته ٻئي ڏينهن کيس آزاد ڪيو ويو.

۲۰۰۹ع ۾ جڏهن پير مظهرالحق سينئر وزير تعليم بڻيو ته هن سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين بابا کي بڻايو، جتي ۲۰۱۱ع تائين رھيو. ادبي بورڊ ۾ ڇپائي جو نظام بھتر ڪرڻ، اديبن کي سندن علمي پورھئي جو اجورو ڏيڻ، عارضي ملازمن کي مستقل ڪرڻ، آل سنڌ ٻالڪ ميلو ڪرائڻ سميت اداري کي متحرڪ ڪيائين.

پنھنجي ڪم سان ديانتداري ۽ دلي لڳاءُ رکڻ وارا ماڻهو اڄ جي دنيا ۾ نالي ماتر ھوندا، مون کي فخر آهي ته انھن مان بابا ھو. ڪم جي نوعيت سان ايتري قدر سچو ھوندو ھو جو اسان جو گھر به اخباري دفتر لڳندو هو. ٻالڪپڻي واري ڄمار ۾ ياد اٿم ته اسان جي ٽنڊي آغا واري گهر جو هڪڙو ڪمرو اهم هوندو هو، جنهن ۾ عام جام طريقي سان نه وڃي سگهندا هئاسين ۽ اهو ڪمرو منهنجي والد جو هو. هن شخصيت جو لائيف اسٽائيل پنهنجو هو، جيڪو شروع کان آخري ڏينهن تائين ساڳيو رھيو. پڙھڻ لکڻ کان سواءِ هر ڪم جو ٽائيم ٽيبل مقرر هو. صبح ساجھر اخبارن پڙھڻ ۽ جاچڻ سان ڏينھن جي شروعات. نيرن ساڍي ستين وڳي، ڏينهن جي ماني منجهند هڪ وڳي ۽ رات جي ماني عام طور تي دير سان. ماني تمام ٿوري کائيندو هو پر مخصوص کاڌو هوندو هو، جنهن ۾ سلاد ۽ آچار لازمي هوندو هو. موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ميوزڪ لائبريري ٺاهيل هئس جنهن ۾ سڄي دنيا جي ميوزڪ جي ڪليڪشن موجود هئي، خاص طور تي پڪي راڳ جي اهڙي چونڊ گڏ ڪيل هئس جو پاڪستان ۾ شايد ئي ڪنهن وٽ هجي.

گهر ۾ شروع کان وٺي اخبارن جا ڍڳ ڏسندا هئاسين. عام طور تي گهرن ۾ اخبار پڙھڻ کان پوء رديءَ جي ڍير تي اڇلائي ڇڏبي آهي پر اسان وٽ اخبار تاريخ گذري وڃڻ بعد به پيل رهندي هئي جيستائين بابا ان جي خبرن ۽ آرٽيڪلز کي ڪٽي ڇانٽي فائيل ۾ نه لڳائيندو هو. اهي فائيل سبجيڪٽ وائيز سنڌ، ملڪي سياست، عالمي سياست، شخصيتون، ثقافت، رانديون، ملھ، موسيقي، زراعت، ڪرائيم، تاريخ، ادب، ماڳ مڪان ۽ ڪيترا ئي الڳ الڳ موضوعن جا ٺاهيندو هو. ڪنڊ ۾ ميز تي قينچي، بليڊ، کونئر، فائيل، پينون، پينسلون ۽ نيوز پرنٽ ھڪ ترتيب سان رکيل ھوندا ھئا.

هن جي زندگي صحافت سان عشق ۾ گذري. هو ھميشه سنڌي اخبارن جو حليو درست ڪرڻ لاءِ ايڊيٽرن ۽ مالڪن کي پڻ صلاحون ڏيندو هو ۽ فڪرمند رهندو هو. سنڌي اخبارن جي خبرن، مضمونن ۽ اشوز کي ساراهيندو به تمام گهڻو هو پر ساڳئي وقت انهن جي لي آئوٽ کان وٺي ايڊيٽوريل پيج تي روز تنقيد به ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته اڃا به هڪ اهڙي سٺي اخبار جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا مڪمل چئي سگهجي.

پاڻ لنڊن، روس، ايران، چين، جپان، دبئي ۽ سعودي عرب سرڪاري توڙي نجي پرڏيهي دورا پڻ ڪيائون. سندن نظريو کاٻي سان لاڳاپيل ھو. انسانيت کي اوليت ڏيندڙ صوفي منش طبع ھو. ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ کي ھميشه ھٿي وٺرايائين.

سنڌي، انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز، فيچرز، تحقيقي مقالا ۽ اڻ ڳڻيا ايڊيٽوريلز لکيائين، جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ حالات حاضره جي موضوعن تي آهن. سندس هڪ مقالو “عالمي غلاميءَ” جي عنوان سان سال ۲۰۰۳ع ۾ جوهانسبرگ ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ اقوام متحده پنهنجي سرڪاري رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين، تڏهوڪي وائس چانسلر شيخ اياز جي چوڻ تي وزٽنگ پروفيسر رهيو. ان ڏس ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي صحافت پڙھائڻ جي نوعيت سان “عملي صحافت” ڪتاب لکيائين جيڪو اڄ تائين ڪورس جو حصو آهي. سندن ڪيترن ئي شاگردن مستقبل ۾ ميڊيا جي دنيا ۾ شھرت ماڻي. ڪجھه شاگرد سندن ايترو ويجھو ٿي ويا جو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين انھن لاء نھايت شفقت ۽ عزت سان ذڪر ڪندو ھو، تن ۾ نصير مرزا، آغا رفيق ۽ ڪرم الاهي چنا شامل آھن.

تحقيق جي حوالي سان شاھه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “تحقيق جو طريقه ڪار” جي موضوع تي ورڪشاپ ۾ “تحقيق ڪيئن ڪجي” جي عنوان تي ليڪچر ڏنائين جنهن کي بعد ۾ مقالي جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ساڳئي اداي پاران ۱۹۹۳ع ۾ “شاھه لطيف تي تحقيق” جي عنوان سان ٿيل ورڪشاپ ۾ پڻ اهم ليڪچر ڏنو هئائين جيڪو بعد ۾ مقالي طور شايع ٿيو.

وفاقي حڪومت جي ۱۹۶۰ع ۾ تيار ٿيندڙ سنڌي اردو ۽ اردو سنڌي ڊڪشنرين ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران ملينيم سال جي موقعي تي سندس پاڪستاني موسيقيءَ تي لکيل مقالو “دي ٽريڊيشز گوز آن” اداري پنهنجي يادگار ڪتسب ۾ شايع ڪرايو جڏهن ته مختلف وقتن ۾ هلندڙ پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪندو رهيو.

پاڪستان جو پهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بر وقت سوانحي خاڪو لکڻ ) جو ڪلچر متعارف ڪرايو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي شخصيتن کي خاص طور تي ڀيٽا پيش ڪيائين.

سندس لکيل ڪتاب هي آهن.

۱. سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ۱۹۶۰ع

۲. الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگٽن ارونگ) ۱۹۶۱ع

۳. نقش لطيف، مضمون، مرتب ۽ ايڊيٽنگ ڪيل، ۱۹۶۴ع

۴.  عملي صحافت، صحافتي ٽيڪنڪ تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب، ۱۹۷۵ع، ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۹۵ع ۾ واڌاري سان.

۵. مون لينن جو ڏيھه ڏٺو، روس جو سفرنامو، ۱۹۷۴ع

۶.  ملھه، سنڌ جي قومي راند تي ڪتاب، ۱۹۷۸ع

۷. دي ٽربيوٽ، (سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا) ۲۰۰۷ع

۸. تقسيم کان تقسيم تائين، (سياسي تاريخ، ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۸ع

۹. دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ، (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ تي تحقيق) ۲۰۰۸ع

۱۰. اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي) سنڌ جي ادبي تاريخ ۲۰۰۸ع

۱۱. سنڌ ڪي محلاتي داستانين، ( اردو) تاريخ ۲۰۰۹ع

۱۲. نوٽس آن سنڌ (انگريزي) تاريخ ۲۰۰۹ع

۱۳. ميوزيڪل نوٽس (انگريزي) موسيقيءَ تي مقالا، ۲۰۰۹ع

۱۴. ڀُٽي کان ضياءَ تائين، (سياسي تاريخ، ٻيو حصو) ۲۰۱۰ع

۱۵. پيليشل ٽيلس فرام سنڌ (انگريزي ) ۲۰۱۲ع

سندس وفات کان پوءِ

۱۶. “دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي)” ۲۰۱۹ع ۾ شايع ٿيو.

۱۷. “چنگ” (انگريزيءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) ويجھڙائي ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو آهي.

جڏهن ته سندس ايندڙ “شيديز آف سنڌ” (شيدين جي نسل جي تاريخ تي انگريزي ۾ ڪتاب) ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي.

صحافت، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ رکندڙ سنڌ جي ھن عظيم شخصيت پنھنجي حياتيءَ جون اسي بھارون ڏسڻ کان پوء، ۶ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، ڇنڇر واري ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي دل جي دوري پوڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ ۷ آڪٽوبر تي آچر ڏينهن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندن آخري آرامگاهه ڪراچي جي پھلوان ڳوٺ واري قبرستان ۾ آهي.

 

(روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)






شيخ عزيز

يگانو ’عالِم صحافي‘

ياسر قاضي

سنڌ ئي نه بلڪه ملڪ جي ٽن اهم ٻولين جي صحافت ۾ پنهنجو نمايان ۽ منفرد روايت ساز مقام رکندڙ، باصلاحيت ۽ گھڻ رُخي صحافي، محقّق، سنگيت جي ماهر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف ۽ دانشور، شيخ عزيز جو نالو ويجھي ماضيءَ جي صحافتي اتهاس ۾ اڻ مٽ نقش جيان رقم ٿيل آهي، جيڪو هميشه جرڪندو رهندو. شيخ عزيز، ۱۲ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي سنڌ جي ثقافتي راڄڌانيءَ حيدرآباد ۾ هڪ علمي ادبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀاءُ، شيخ محمّد اسماعيل، معتبر محقّق ۽ ٻوليءَ جو ماهر هو، جڏهن ته ٻيو ڀاءُ، شيخ محمّد ابراهيم، معرُوف براڊڪاسٽر هو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان پنهنجي دؤر جي ڊرامي جي مشهُور پروڊيُوسر طور ڄاتو سُڃاتو ويو.

شيخ عزيز پنهنجي بنيادي کان انٽرميڊيٽ تائين جي تعليم، حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن، لنڊن جي “ٿامس ڪاليج آف جرنلزم” مان ۱۹۶۸ع ۾ ڪيائين. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ عملي سفر جي شروعات، ۱۹۵۷ع ۾ اردو اخبار روزاني ’ڪاروان‘ حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان پنهنجيون خدمتون انجام ڏيڻ سان ڪئي. هو ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۱ع تائين، سنڌيءَ جي ماضيءَ جي مشهور اخبار، روزاني ’عبرت‘ حيدرآباد جو سب ايڊيٽر رهيو. ۱۹۶۱ع کان ۱۹۶۵ع تائين، ان ئي اخبار جو “سينيئر سب ايڊيٽر” رهيو. ۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۵ع تائين ساڳئي ئي اخبار ۾ “اسسٽنٽ ايڊيٽر” ۽ مئگزين ايڊيٽر رهيو. ۱۹۷۶ع ۾ هن انگريزي صحافت ۾ پير پاتو ۽ انگريزيءَ جي هفتيوار اخبار ’دي آبزرور‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۰ع تائين ان زماني جي مشهور سنڌي اخبار ’سنڌ نيُوز‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ۱۹۸۰ع ۾ هُو اردُو اخبار، روزاني ’جنگ‘ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ميگزين ايڊيٽر مقرر ٿيو، جڏهن ته ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۷ع تائين روزاني ’حُريّت‘ ڪراچيءَ جو ميگزين ايڊيٽر رهيو ۽ ۱۹۸۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين، اُن ئي اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت سان ذميواريون انجام ڏيندو رهيو. ۱۹۸۹ع ۾ هو مشهور انگريزي اخبار، روزاني ’ڊان‘ جو “سينيئر سب ايڊيٽر “ ۽ “نائيٽ شفٽ انچارج” مقرر ٿيو، جڏهن ته ۲۰۰۰ع کان ۲۰۰۸ع تائين ’ڊان‘ ۾ ئي ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ انچارج رهيو.

شيخ عزيز جو نالو سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت ۾ ان ڪري منفرد آهي، جو هن روايتي صحافتي قدرن کان هٽي ڪري صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. ’خبر‘ جي ساخت ۽ سُرخي ٺاهڻ کان، ايڊيٽوريل صفحي جي مضمونن ۽ ڪالمن تائين، لکڻيءَ جي نئين طرز متعارف ڪرائي، جنهن ۾ خبر جي تصديق ۽ تحقيق کان، خبر ٺاهڻ تائين جي غيرجانبداريءَ تائين، اهي سمورا فني عنصر شامل هئا، جنهنڪري سندس ادارت ۾ نڪرندڙ اخبارن جي خبر، ان دؤر جي سمورين اخبارن جي خبرن کان پڙھڻ ۾ منفرد ۽ معياري لڳندي هئي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾، شيخ صاحب جو پنهنجي اخبار جي “گيٽ اَپ” ۽ “لي آئُوٽ”جي انفرادي سونهن تي پڻ زور هوندو هو.

ادبي تحقيق جي حوالي سان پڻ شيخ عزيز جي خدمتن کي وساري نٿو سگھجي. هو ۱۹۵۶ع کان ۱۹۵۷ع تائين، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران تيار ٿيندڙ جامع سنڌي لغت جي ايڊيٽوريل ٽيم ۾ “ريسرچ اسسٽنٽ” طور “سنڌي ڊڪشنري اسڪيم” جو حصو رهيو ۽ ناليواري عالم ۽ محقّق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ تيار ٿيندڙ هن لُغت جي تياريءَ ۾ پنهنجو تحقيقي ڪردار ادا ڪيائين. ان عرصي دؤران شيخ عزيز، وفاقي سرڪار پاران سهيڙي ويندڙ “سنڌي ــ اردُو ڊڪشنريءَ” جي تياريءَ ۾ به “ريسرچ اسسٽنٽ” طور پنهنجيون تحقيقي خدمتون انجام ڏنيون. ۱۹۵۷ع کان ۱۹۶۰ع تائين هو سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ ٻئي اهم ادبي اسڪيم، “سنڌي لوڪ ادب پروجيڪٽ” ۾ به “ريسرچ اسسٽنٽ” جي حيثيت ۾، هڪ ڀيرو ٻيهر ڊاڪٽر بلوچ جي نگرانيءَ ۾ پنهنجيون ذميواريون نباهيندو رهيو. ۱۹۷۸ع ۾ هن “رائيز اينڊ فال آف رائيٽنگ اسٽڊيز ان هيُومن ڪميُونيڪيشنز” (انساني رابطن ۾ تحقيقي لکڻين جو عرُوج ۽ زوال) جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ بيمثال تحقيقي مقالو (مونوگراف) لکيو، جنهنکي بي پناه موٽ ملي.

شيخ عزيز جي اهم ادبي تصنيفن ۾ (۱) ’سنڌ جُون پُراسرار ڪهاڻيون‘ (شايع: ۱۹۶۰ع)، (۲) ’الحمرا جا داستان‘ (۱۹۶۱ع)، (۳) ’انتخاب‘ (سنڌي ڪهاڻين جي ترتيب ــ ۱۹۶۳ع)، (۴) ’نقشِ لطيف‘ (شاهه لطيف جي زندگي ۽ شاعريءَ تي لکيل مقالن جي ترتيب ــ ۱۹۶۴ع)، (۵) ’پريفيس ٽو دي ڪيٽلاگ آف بُڪس‘ (انگريزي ــ ۱۹۷۲ع)، (۶) ’عالمي صحافت‘ ــ ۱۹۷۵ع)، (۷) ’مون لينن جو ڏيهه ڏٺو‘ (رُوس جو سفرنامو ــ ۱۹۷۶ع)، (۸ ’ڀُٽو ــ ميمرِيز اينڊ رميمبرنسز‘ (انگريزي ــ ۱۹۹۳ع)، (۹) ’راڳ ساگر‘ (۲۰۰۴ع)، (۱۰) ’کيرٿر‘ (انگريزي ــ ۲۰۰۶ع)، (۱۱) ’ڪمپينڊيم آف دي پوئٽري آف شاهه لطيف اِن فور لينگويجز وِد ايپروپريئيٽ ميُوزيڪل نيريشنز‘ (موسيقيءَ جي موزُون بيانيي ساڻ چئن ٻولين ۾ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو) (انگريزي ــ ۲۰۰۶ع)، (۱۲) ’ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ‘ (۲۰۰۷ع)، (۱۳) ’دي ٽريبوٽ‘ (خراج) (انگريزي ــ ۲۰۰۷ع)، (۱۴) ’تقسيم کان تقسيم تائين‘ (پاڪستان جي سياسي تاريخ ــ ۲۰۰۸ع)، (۱۵) ’اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر‘ (انگريزي ــ ۲۰۰۸ع)، (۱۶) ’دي اوريجن اينڊ ايوليُوشن آف سنڌي ميُوزڪ‘ (سنڌي موسيقيءَ جو بُڻ بنياد ۽ ارتقا) (انگريزي ــ ۲۰۰۸ع)، (۱۷) ’سنڌ ڪي محلاتي داستانين ‘ (اردُو ــ ۲۰۰۹ع)، (۱۸) ’نوٽس آن سنڌ‘ (سنڌ بابت مضمون) (انگريزي ــ ۲۰۰۹ع)، (۱۹) ’برِّصغير ۾ موسيقي لکڻ جي روايت‘ (۲۰۱۰ع)، (۲۰) ’ميُوزيڪل نوٽس‘ (انگريزي ــ ۲۰۱۰ع)، (۲۱) ’ڀٽو کان ضياءَ تائين‘ (۲۰۱۲ع)، (۲۲)’دارُون ۽ ڪارُون‘ (آتم ڪٿا ــ ۲۰۱۸ع) وغيره شامل آهن.

شيخ عزيز پنهنجي آخري دم تائين اڻ ٿڪ قلمي پورهيو ڪندو رهيو ۽ مسلسل لکندو رهيو. سندس ٽن زبانن، سنڌي، اردُو ۽ انگريزيءَ ۾، ۳۰۰۰ کان وڌيڪ مضمون، مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيا. نئين ملنيم جي حوالي سان پاڪستاني سنگيت تي’دي ٽريڊيشن گوز آن‘ (روايت جاري رهندي آهي!) جي عنوان سان لکيل سندس شاندار تحقيقي مقالي کي آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ فخريه طور تي پنهنجي يادگار ڪتابن جي ببليوگرافيءَ ۾ شامل ڪيو. شيخ صاحب جو ’عالمي غلاميءَ‘ جي عنوان سان لکيل هڪ ٻيو مقالو ۲۰۰۳ع ۾ جهانسبرگ ۾ منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ گڏيل قومن پنهنجي سرڪاري ريڪارڊ جي حصّي طور محفوظ ڪيو. سنگيت جي ماهر جي حيثيت سان شيخ صاحب جا ڪئين تحقيقي مقالا اهم عالمي جريدن ۽ ريسرچ جرنلز ۾ پڻ شايع ٿيندا رهيا.

شيخ عزيز، عملي صحافت ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف صحافتي ۽ ادبي تنظيمن ۽ ادارن جي سربراهي به ڪندو رهيو ۽ اهم عهدن تي فائز رهيو. هُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر (۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع)، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو صدر (۱۹۷۴ع)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي صحافت واري شعبي جو “وزيٽنگ پروفيسر” (۱۹۷۸ع کان ۱۹۸۰ع)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ قائم مرزا قليچ بيگ چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو رڪن (۲۰۰۸ع) ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري جو وائيس چيئرمين (۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۱ع تائين) رهيو.

شيخ عزيز سنگيت جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. کيس لوڪ، ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪيءَ سميت سنڌي سنگيت جي سمورين صنفن جو گهرائيءَ سان علم هئڻ سان گڏوگڏ، ننڍي کنڊ جي سنگيت بابت پڻ ڳُوڙهي ڄاڻ ۽ وسيع مطالعو هو. پاڻ شوقيه هارمونيم ۽ بانسري به وڄائيندو هو. سندس ذاتي ميُوزڪ ڪليڪشن ۾ سنڌ جي راڳ سان گڏوگڏ دنيا جي موسيقيءَ جو پڻ عظيم خزانو، ايم پِيز، اسپُولس، آڊيو ڪيسيٽس، سي ڊيز ۽ ڪمپيوٽر تي محفوظ هو.

شيخ عزيز صاحب، ۵ سال، ٻه مهينا اڳ، ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، لڳ ڀڳ ۸۰ ورهن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ کان حيدرآباد طرف سفر ڪندي، دل بيهڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کيس پهلوان ڳوٺ ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ڪيو ويو. هن پنهنجي جديد صحافتي طرز سان ابلاغ جي دنيا ۾ پنهنجو الڳ انداز متعارف ڪرايو، جيڪو “شيخ عزيز جي مڪتبِ فڪر” طور مڪاني صحافت ۾ هڪ ڊگھي عرصي تائين ياد رکيو ويندو ۽ صحافتي تاريخ سندس تذڪرو رڳو هڪ صحافيءَ نه پر ’عالم ــ صحافيءَ‘ طور ڪندي رهندي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۳ع، ۲۷ جمادي الاول ۱۴۴۵ هجريءَ تي ڇپيل)




شيخ عزيز

مڪاني صحافت کي عالمي معيار ڏيندڙ صحافي

ياسر قاضي

ڪالهه سنڌ جي گُڻائتي صحافيءَ شيخ عزيز کي اسان کان وڇڙي ۶ ورهه گذريا، جنهن ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي سنڌ کان طبعي طور موڪلايو. شيخ عزيز نه رڳو عملي صحافت ڪئي ۽ صحافت پڙهائِي، پر سنڌ کي عالمي صحافتي قدرن سان متعارف پڻ ڪرايو. شيخ عزيز رڳو پيشي جي لحاظ کان صحافي ڪونه هو، پر ”خبر“ سندس خمير ۾ هئي. هو اهڙو ڪل وقتي پيشاورانه پترڪار هو، جيڪو ڄڻ ته سوچيندو ئي خبر جي انداز ۾ هو، جنهن کي نيرن ڪرڻ وقت گرهه کڻڻ سان جيڪڏهن اخبار جي ’پيپر پرنٽ‘ جي هُٻڪار نه اچي، ته کيس نيرن ڪانه وڻندي هئي.

سنڌ جا گھٽ صحافي اهڙا هوندا، جيڪي صحافت جي عالمي اصولن جو مڪاني تناظر ۽ وسيلن جي آڌار اطلاق ڄاڻندا هجن. انهن ئي اصولن تحت هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت واري شعبي (جيڪو بعد ۾ ’ماس ڪميونيڪيشن‘ ڊپارٽمينٽ بڻيو) ۾ ڪاميابيءَ سان صحافت پاڙهي به ته صحافت رستي نه رڳو سياسي خبر جي اشاعت تي زور ڏنو، بلڪه سنڌ جي موسيقيءَ، ثقافت، فن، اينٿراپالاجيءَ کي ان مهارت سان پڙهندڙ تائين پهچايو، جو ڄڻ ته انهن موضوعن کي نئين سُڃاڻ ملي. اردو صحافت کان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شيخ صاحب، سنڌي صحافت ۾ ”سنڌ نيوز“ جهڙا ادارا ٺاهي، جڏهن انگريزي صحافت ۾ قدم رکيو ته ڄڻ سنڌ جي اشُوز کي قومي انگريزي ميڊيا ۾ مالڪي ملي وئي. اهي ٽئي ٻوليون اسان مان ڪم و بيش هر پڙهيل لکيل ماڻهو لکي، پڙهي، سمجھي ۽ ڳالهائي سگھي ٿو، پر انهن ٽنهي ۾ لکڻ جو ڏانءٌ الڳ الڳ آهي ۽ انهن ٽنهي جي صحافت جا ٽيڪنيڪل ماڻَ ته بنهه ڌار ڌار آهن. انهن ٽنهي ٻولين ۾ نه رڳو مهارت سان لکڻ ۽ صحافت ڪرڻ، بلڪه ٽنهي ٻولين جي صحافت ۾ نوان ٽرينڊ متعارف ڪرائي، خبر جي ابلاغ جو مهانڊو مَٽائي ان کي جدت بخشڻ، فقط شيخ عزيز جو ئي خاصو هو. انڪري اهو ڪم آيو به فقط ان جي ئي حصي ۾!

صحافت ڇا ٿيندي آهي ۽ ان جا تقاضا ڇا ٿيندا آهن. ان جو پهريون سبق به شايد عزيز شيخ ئي اسان کي پڙهايو هو. سندن گهر جو ماحول محبت جي مٽيءَ سان ڳوهيل هو. ڀينرون ۽ ڀائر، ڌاڳي ۾ پوئيل مڻين وانگر هڪ ٻئي سان جڙهيل هوندا هئا. ادا اسماعيل شيخ ۽ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ تحقيقي ڪم، لغت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪم جي هر مرحلي ۾ هن جا ساٿي رهيا.“ ته سندس صحافتي شاگرد ۽ سنڌ جو ناميارو براڊڪاسٽر نصير مرزا، شيخ صاحب جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ ”سنڌ نيوز“ اخبار جُون سارُوڻيون سليندي چوي ٿو: ”سنڌ نيورسٽي امشوري جي سٽيٽسٽِڪس ڊپارٽمينٽ جي فرسٽ فلور تي شيخ صاحب ڪلاس روم ۾ بليڪ بورڊ جي ڀر سان بيٺل آهي ۽ ان نئين شروع ٿيندڙ شعبي ۾ ٻڌايائون پئي خبرَ، اخبارَ، صحافت جي نفسيات... ”ماڻهو صبح جو اخبار ان لاءِ پڙھندو ۽ ريڊيو، ٽي وي ان لاء کوليندو آهي ته ڏسان آئون جي بچي ويو آهيان، ته باقي دنيا ڇا پئي ڪري!“ پوءِ انهيءَ شام ’سنڌ نيُوز‘ ۾ پريڪٽيڪل... اتي به شيخ صاحب جا شاگرد پروانا موجود... سهيل سانگي، امداد چانڊيو، اسرار شام ۽ فور مئن استادگلبابا.“

هي اهو ئي شيخ عزيز آهي، جنهن بابت سنڌ جو هڪ ٻيو ناميارو صحافي، تاريخدان ۽ مترجم نصير اعجاز لکي ٿو: ”شيخ عزيز مون کان گھڻو سينيئر، بلڪه منھنجي سينيئرس جو به اُستاد ھو، پر ھو کِلڻو، نماڻو ۽ ميٺ محبت وارو انسان ھو، جنھن ۾ سينيئر ھجڻ وارو ھٺ ڪڏھن محسوس ڪو نه ٿيو. صحافت جي رڻ ۾ ھن وڏو ڊگھو سفر ڪيو ۽ جيئن ته ھن ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو ھو، تنھنڪري پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھِن ملڪ اندر جيڪا سياسي اُٿل پٿل ٿي، تنھن جو ھُو اکين ڏٺو شاھد ھو. ۱۹۶۰ع واري ڏھاڪي کان حيدرآباد جي اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دؤران کيس ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن جي ’ٿامسن ڪاليج آف جرنلزم‘ مان صحافت ۾ ڊپلوما ڪرڻ جو به موقعو مليو ۽ انھيءَ حساب سان شيخ عزيز سنڌ جو پھريون صحافي ھو، جنھن پرڏيھي يونيورسٽيءَ مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪئي.

حيدرآباد ۾ ھن پنھنجي جوانيءَ جا ڀرپور ڏينھن گھاريا. جڏھن ته ۱۹۶۳ع ۽ ۱۹۶۶ع ۾ ھُو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر به رھيو ته ۱۹۷۴ع ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدارت به ماڻيائين. صحافت ۾ لنڊن مان ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ شيخ عزيز صاحب صحافت بابت ھڪ ڪتاب به لکيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي صحافت واري شعبي ۾ شاگردن کي به پڙھايو ويندو ھو.“مٿي جنهن ڪتاب جو ذڪر نصير اعجاز صاحب ڪيو آهي، اهو سنڌيءَ ۾ صحافت جي عملي تربيت تي ٻڌل اهو منفرد ۽ واحد پيشاورانه ڪتاب آهي، جنهن ۾ اخباري توڙي اليڪٽرانڪ (ريڊيي ۽ ٽيليويزن) جي صحافت جا گُرَ، بين الاقوامي معيارن مُوجب سمجھايا ويا آهن. ان معيار جا ڪتاب مون انگريزيءَ ۾ ته ڏٺا آهن، پر سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪتاب منهنجي نظر مان ٻيو ڪونهي گذريو، جنهن ۾ نه رڳو صحافتي قدرن ۽ ڪاريگرين جو تفصيل سان بيان هجي، ان جي اصطلاحن ۽ تڪنيڪ بابت پيرائتي ڄاڻ هجي، خبر جي اشاعت جي ڌار ڌار مرحلن کي انجام ڏيڻ جي سربستي طريقي جو بيان هجي ته گڏوگڏ هر موضوع جي آخر ۾ ان سان سلهاڙيل لفظن جي لغت به ڏنل هجي، ته ان تڪنيڪ ۾ استعمال ٿيندڙ آلن، اوزارن توڙي عملي ڏاڪن کي فني ٻوليءَ جي لحاظ کان ڇا چيو ويندو آهي.شيخ عزيز سنڌ جي جديد صحافت، ثقافتي تاريخ، فن جي منفرد تفهيم ۽ خبر جي پيشڪش جي ان يڪتا باب جو نالو آهي، جنهن جي قلمي ڪارنامن جِي پرکَ گذرندڙ وقت سان وڌندِي ويندِي ۽ جنهن جي صحافتي ’پيٽرن‘ جِي تقليد ايندڙ زمانا پيا ڪندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

شيخ عزيز

بيباڪ ۽ ارڏو صحافي - (جنم ڏڻ جي موقعي تي)

ڊاڪٽر عابد مظھر

شيخ عزيز جيڏو وڏو صحافي ھو، اوڏو ئي وڏو دانشور ۽ ڏاھو ھو. ھن شخصيت سان ڳالھائيندي سنڌي ادب ۽ ادبي تاريخ جي ڪافي معلومات بہ ملندي ھئي، ڄاڻ ۽ سکيا بہ ملندي ھئي. ان سان گڏ ايڏي پنھنجائپ جو ڄڻ اسان ھن جا صفا ويجھا عزيز دوست ھجون. مان سندس نارٿ ناظم آباد واري گھر ۽ گشن اقبال واري گھر جڏھن به ويندو ھئس ته ھن جي چھري جا تاثرات خوشيء ۾ مونکي ڏسي مھڪي پوندا ھئا. اھا ڳالھ شيخ عزيز سان ھر ملندڙ ڪندو ھو ته شيخ صاحب ھر ملڻ واري کي پنھنجائپ جي ساء سان پنھنجو ڪري ھميشه لاء پنھنجو دوست بنائي ڇڏيندو ھو. ھن ۾ ھڪ خاص خوبي اھا به ھئي ته پنھنجي اولاد جي دوستن کي به پنھنجي ٻچن جيان ڀائيندو ھو.

مون سان واقفيت صحافت جي حوالي سان ته حيدرآباد کان وٺي ھئس، جڏھن پاڻ عبرت اخبار جا جوائنٽ ايڊيٽر ھئا. اھو دور ستر کان اسي وارو ڏھاڪو ھو، جڏھن مان گاڏي کاتي جي بخش علي گھٽيء ۾ سائين نثار حسيني جي آگم پبلشنگ آفيس ۾ روزانو ويندو ھئس. سنڌ يونيورسٽي ڪالوني کان سائين نثار حسيني جي آفيس ۾ ان وقت جي نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽ سينيئرن سان ڪچھري ڪري ڪجھ نه ڪجھ پرائڻ ايندو ھئس. نصير مرزا ۽ طارق عالم سان منھنجي دوستي آگم پبلشنگ آفيس ۾ ٿي ھئي. شيخ صاحب کي انھي گھٽيء مان عبرت پريس ويندي ڏسندي سلام دعا ڪري پيو گد گد ٿيندو ھئس ته ھڪ وڏي صحافي سان منھنجي ڄاڻ سڃاڻ آھي. پاڻ اٺھتر ڌاري سنڌ يونيورسٽيء جي صحافت جي شعبي ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور به پڙهائيندا ھئا. ان وقت جي سندس مشھور شاگردن ۾ نصير مرزا، آغا رفيق، ڪرم الاھي چنا، سريش ماکيجاڻي ۽ ڪي ٻيا شامل ھئا.

مان ايڪاسي ٻياسي ۾ مان ڪراچي ھليو آيس، اتي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آيس ۽ سنڌي شعبي ۾ داخلا اچي ورتي ھئم. جتي اتفاق سان ٻن اھم عورت شخصيتن سان منھنجي ملاقات ٿي جيڪي پڻ ايم اي سنڌيء جي امتحان جي تياري لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اينديون ھيون. انھن مان ھڪ شيخ عزيز صاحب جي گھر واري ھئي ۽ ٻي ان وقت جي پيپلز پارٽيء سان سلهاڙيل ڊاڪٽر ڪامل راڄپر جي گھر واري ھئي. ھنن کي جڏھن خبر پئي ته مان ھن شعبي جي ھوشيار شاگردن مان آھيان ته ھنن ڀينرن سان ڀائپي جو رستو جڙي ويو ۽ کين گھر وڃي پڙھائيندو ھئس، جنھن ۾ منھنجو اھو فائدو ٿيو جو شيخ عزيز سان صفا پنھنجائپ وارو رشتو جڙي ويو. ھيء اديون مون وٽان سکنديون ھيون ۽ مان شيخ عزيز کان تمام گھڻو ڪجھه پرايو. ادب، موسيقي جي ڄاڻ جي مڪمل يونيورسٽي ھو. سندس ڪيترا ئي ڪتاب پڙھيم جيڪي ھن اڻگريزي، اردو ۽ سنڌيء ۾ لکيا ھئا.

ان وقت پاڻ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي انگريزي اخبار ڊان سان سلهاڙيل ھئا، جنھن ۾ گھڻو ڪري سنڌ بابت ڪافي معلوماتي، سياسي، ثقافتي ۽ تحقيقي مضمون لکندو ھو. اخبار جا مالڪ سندس ڏاھپ کان متاثر ھئا نہ صرف مالڪ پر ڊان اخبار سان لاڳاپيل صحافي سندس حد کان وڌيڪ، ھڪ استاد جيان جھڪي عزت ڏيندا ھئس. سندن تحريرون ھميشه بيباڪ ھونديون ھيون، پاڻ ڪڏهن به ڪنھن جي دٻاءَ ۾ رھي پٺتي نه ھٽيو. ائين اسان جھڙا ڪيئي سائين شيخ عزيز جا شيدائي ھئا.

مان ته سندس گھر جو فرد ٿي ويس، سندس پٽ ۽ نياڻيون مون کي ماما ڪري پنھنجائپ سان سڏينديون ھيون، جيڪو رشتو اڃا تائين شيخ عزيز جي گھر وارن سان قائم آھي. لکڻو تہ گھڻو ڪجھ آھي سائين بابت پر اڄ سندس جنم ڏھاڙو آھي، پاڻ اڄ اسان جي وچ ۾ ناھن پر سندن سار سدائين اسان وٽ قائم دائم رھندي. مان ان حوالي سان سندس گھر واريءَ منھنجي ڀيڻ ادي حميدہ عزيز ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين کي جنم ڏينهن مبارڪ ڏيان ٿو، خاص طور شيخ عزيز صاحب جي ادبي ۽ صحافت جي وارث طارق عزيز شيخ کي سندس والد جي جنم ڏڻ جي مبارڪ دل جي گھراين سان ڏيان ٿو.

 

(روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ ۹  ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

 

 


شیخ عزیز

تین زبانوں کے منجھے ہوئے منفرد صحافی، محقق و مصنف

یاسر قاضی

اس ملک میں صحافی تو بہت پیدا ہوئے ہیں، جن میں سے کئی ایک عظمت کے رتبوں پر بھی فائز ہوئے، مگر شیخ عزیز صاحب جیسے کثیر اللسانی، با صلاحیت اور ہمہ جہت صحافی، صاحب قلم، محقق، ماہر موسیقی اور کئی کتب کے مصنف کی صحافیانہ و قلمی خدمات کو یہ ملک ہرگز با آسانی فراموش نہیں کر سکتا۔

نامور و ممتاز صحافی اور قلم کار، شیخ عزیز نے، ۹ دسمبر ۱۹۳۸ء کو سندھ کے دوسرے بڑے شہر اور سندھ کے ثقافتی دار الحکومت، حیدر آباد میں آنکھ کھولی۔ شیخ عزیز کا تعلق ایک علمی و ادبی خانوادے سے تھا۔ ان کے ایک بھائی، شیخ محمد اسمٰعیل، سندھی زبان و ادب کے معروف محقق تھے، جب کہ دوسرے بھائی، شیخ محمد ابراہیم، معروف براڈ کاسٹر گزرے ہیں، جو ریڈیو پاکستان حیدر آباد اور کراچی سے اپنے دور کے ڈرامے کے معروف پروڈیوسر کے طور پر جانے پہچانے گئے، اور دونوں اسٹیشنز کے ”پروگرام مینیجر“ بھی رہے۔

شیخ عزیز نے اپنی ابتدا تا انٹرمیڈیٹ تعلیم، حیدر آباد ہی سے حاصل کی۔ جب کہ گریجوایشن، لندن کے ”تھامس کالج آف جرنلزم“ سے ۱۹۶۸ء میں کیا۔ انہوں نے اپنی صحافتی زندگی میں عملی سفر کا آغاز، ۱۹۵۷ء میں روزنامہ ’کاروان‘ حیدر آباد میں سب ایڈیٹر کی حیثیت سے کیا۔ وہ ۱۹۵۸ء تا ۱۹۶۱ء، سندھی کے ماضی کے نامور اخبار، روزنامہ ’عبرت‘ حیدر آباد کے سب ایڈیٹر رہے۔ ۱۹۶۱ء تا ۱۹۶۵ء، ’عبرت‘ ہی میں ”سینیئر سب ایڈیٹر“ رہے۔

۱۹۶۵ء تا ۱۹۷۵ء اسی اخبار میں اسسٹنٹ ایڈیٹر اور میگزین ایڈیٹر رہے۔ ۱۹۷۶ء میں انہوں نے انگریزی صحافت کا آغاز کیا اور انگریزی کے ہفت روزہ اخبار ’دی آبزرور‘ کے ایڈیٹر مقرر ہوئے۔ ۱۹۷۷ء تا ۱۹۸۰ء سندھی کے روزنامے ’سندھ نیوز‘ کے مدیر مقرر ہوئے۔ ۱۹۸۰ء میں وہ اردو کے معروف اخبار، روزنامہ ’جنگ‘ کے اسسٹنٹ ایڈیٹر اور میگزین ایڈیٹر مقرر ہوئے۔ جب کہ ۱۹۸۲ء تا ۱۹۸۷ء روزنامہ ’حریت‘ کراچی کے میگزین ایڈیٹر کی حیثیت سے خدمات انجام دیں، اور ۱۹۸۷ء تا ۱۹۸۹ء، اسی اخبار میں نیوز ایڈیٹر کی حیثیت سے ذمہ داریاں نبھائیں۔ ۱۹۸۹ء میں وہ پاکستان کے سب سے اہم اور بڑے انگریزی اخبار، روزنامہ ’ڈان‘ کے ”سینیئر سب ایڈیٹر“ اور ”نائٹ ایڈیٹر“ مقرر ہوئے، جب کہ ۲۰۰۰ء تا ۲۰۰۸ء ’ڈان‘ ہی کے ایڈیشن انچارج اور نائٹ انچارج رہے۔

شیخ عزیز کا نام سندھی، اردو اور انگریزی صحافت میں، اس لئے انفرادیت کا حامل ہے، کہ انہوں نے فرسودگی کا دامن چھوڑ کر، صحافت میں نیا ڈھب متعارف کرایا۔ ’خبر‘ کی ساخت اور سرخی سازی سے لے کر، ایڈیٹوریل پیج کے مضامین اور کالم تک، نیا طرز تحریر دیا۔ جس میں خبر کی تصدیق اور تحقیق سے لے کر، خبر بنانے والے کی غیر جانبداری تک، اس کے انداز ابلاغ کی آسانی سے لے کر، اس کو طوالت سے بچانے تک کے وہ تمام عوامل شامل تھے، جن کی بدولت شیخ عزیز یا ان کے عملے کی بنائی ہوئی خبر، اس دور کے تمام اخبارات کی خبروں سے پڑھنے میں منفرد لگتی تھی۔

ساتھ ساتھ ایڈیٹوریل پیج پر شائع شدہ مضامین کا بھی انداز نوشت ممتاز ہوا کرتا تھا۔ متعدد اخبارات کے مدیر یا مدیر اعلیٰ کی حیثیت سے، شیخ صاحب کا اپنے اخبار کے ”گیٹ اپ“ اور ”لے آؤٹ“ کے انداز پیشکش میں انفرادیت پر بھی زور ہوا کرتا تھا، جس کی وجہ سے شیخ صاحب کی ادارت میں نکلنے والا ہر اخبار، مواد خواہ اشاعت کے لحاظ سے بے نظیر ہوا کرتا تھا، اور اس دور کے مختلف معروف اخبارات کے مالکان کی کوشش ہوا کرتی تھی، کہ شیخ صاحب ان کے اخبار کو سنبھال کر اسے یکتائی سے سجائیں۔ اور مارکیٹ میں اسے ممتاز مقام دلوائیں۔

ادبی تحقیق کے حوالے سے بھی شیخ عزیز کی خدمات کو فراموش نہیں کیا جا سکتا۔ وہ ۱۹۵۶ء سے ۱۹۵۷ء تک، سندھی ادبی بورڈ جامشورو کی جانب سے تیار کی جانے والی جامع سندھی لغت کی تدوینی ٹیم میں ”ریسرچ اسسٹنٹ“ کی حیثیت سے ”سندھی ڈکشنری اسکیم“ کا حصہ رہے، اور اس ملک کے مایۂ ناز عالم، تاریخ نویس، محقق اور دانشور، ڈاکٹر نبی بخش خان بلوچ کی زیر نگرانی، اس ”جامع سندھی لغت“ کی تیاری میں اپنا تحقیقی کردار ادا کرتے رہے۔

اس اہم تحقیقی کام میں ان کے بھائی، شیخ محمد اسمٰعیل اور ان کے دوست اور سندھی ثقافت کی ایک اہم اور قابل فخر پہچان، ممتاز مرزا بھی ان کے تحقیقی رفقا رہے۔ اسی عرصے کے دوران میں شیخ عزیز نے حکومت پاکستان کی جانب سے ترتیب دی جانے والی ”سندھی اردو ڈکشنری“ کی تیاری میں بھی ”ریسرچ اسسٹنٹ“ کی حیثیت سے اپنی تحقیقی خدمات انجام دیں۔ ۱۹۵۷ء تا ۱۹۶۰ء وہ سندھی ادبی بورڈ جامشورو کی ایک اور انتہائی اہم ادبی اسکیم، ”سندھی لوک ادب پروجیکٹ“ میں بھی ”ریسرچ اسسٹنٹ“ کی حیثیت سے، ایک بار پھر ڈاکٹر این۔ اے۔ بلوچ کی زیر نگرانی اپنی ذمہ داریاں نبھاتے رہے۔ ۱۹۷۸ء میں انہوں نے ”رائز اینڈ فال آف رائیٹنگ اسٹڈیز ان ہیومین کمیونیکیشنز“ (انسانی روابط میں تحریر تحقیقات کا عروج و زوال) کے موضوع پر انگریزی میں ایک بے مثال تحقیقی مقالہ (مونوگراف) تحریر کیا، جسے بے پناہ ستائش ملی۔

شیخ عزیز کی اہم ادبی و تحقیقی تصانیف میں مندرجہ ذیل قابل ذکر ہیں:

۱۔ ’سندھ جوں پراسرار کہانڑیوں‘ [سندھ کے پر اسرار افسانے ] شائع: ۱۹۶۰ء

۲۔ ’الحمرا جا داستان‘ [الحمرا کی داستانیں ] شائع: ۱۹۶۱ء

۳۔ ’انتخاب‘ (سندھی افسانوں کی ترتیب) شائع: ۱۹۶۳ء

۴۔ ’نقش لطیف‘ (شاہ لطیف جی زندگی ائیں شاعریٔ تے لکھیل مقالہ۔ ترتیب) [شاہ عبداللطیف بھٹائی کی حیات و پیغام کے حوالے سے لکھے گئے مقالہ جات کی ترتیب] شائع: ۱۹۶۴ء

۵۔ ’پریفیس ٹو دی کیٹلاگ آف بکس‘ [کتب کی تفصیلی فہرست کا دیباچہ] (انگریزی) شائع: ۱۹۷۲ء

۶۔ ’عالمی صحافت‘ (شائع: ۱۹۷۵ء)

۷۔ ’موں لینن جو ڈیہہ ڈٹھو‘ [میں نے لینن کا دیس دیکھا] (روس کا سفرنامہ) شائع: ۱۹۷۶ء

۸۔ ’بھٹو میموریز اینڈ رمیمبرنسز‘ [شہید ذوالفقار علی بھٹو کی یادیں اور باتیں ] (انگریزی کتاب) شائع: ۱۹۹۳ء

۹۔ ’راگ ساگر‘ [راگ کا سمندر] شائع: ۲۰۰۴ء

۱۰۔ ’کھیرتھر‘ (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۶ء

۱۱۔ ’کمپینڈیم آف دی پوئٹری آف شاہ لطیف ان فور لینگویجز ود ایپروپری ایٹ میوزیکل نیریشنز‘ [موسیقی کے موزوں بیانیے کے ساتھ،  چار زبانوں میں شاہ لطیف کی شاعری کا ایک مجموعہ] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۶ء

۱۲۔ ’ننڈھے کھنڈ میں ڈرامے جی تاریخ‘ [بر صغیر میں ڈرامے کی تاریخ] شائع: ۲۰۰۷ء

۱۳۔ ’دی ٹریبیوٹ‘ [خراج] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۷ء

۱۴۔ ’تقسیم کھاں تقسیم تائیں‘ (پاکستان جی سیاسی تاریخ) [تقسیم تا تقسیم۔ پاکستان کی سیاسی تاریخ] شائع: ۲۰۰۸ء

۱۵۔ ’اے ہسٹری آف سندھی لٹریچر‘ [تاریخ سندھی ادب] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۸ء

۱۶۔ ’دی اوریجن اینڈ ایولیوشن آف سندھی میوزک‘ [سندھی موسیقی کی بنیاد اور اس کا ارتقا] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۸ء

۱۷۔ ’سندھ کی محلاتی داستانیں‘ (اردو کتاب) شائع: ۲۰۰۹ء

۱۸۔ ’نوٹس آن سندھ‘ [سندھ سے متعلق مضامین] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۰۹ء

۱۹۔ ’برصغیر میں موسیقی لکنڑ جی روایت‘ [بر صغیر میں موسیقی لکھنے کی روایت] شائع: ۲۰۱۰ء

۲۰۔ ’میوزیکل نوٹس‘ [باتیں موسیقی کی] (انگریزی کتاب) شائع: ۲۰۱۰ء

۲۱۔ ’بھٹو کھاں ضیاء تائیں‘ [بھٹو سے ضیا تک] شائع: ۲۰۱۲ ع

۲۲۔ ’داروں ائیں کاروں‘ [علاج اور حیلے ] (خود نوشت) شائع: ۲۰۱۸ء

وغیرہ

شیخ عزیز کی قلمی مشقت، تا دم مرگ، کبھی نہیں رکی اور انہوں نے عبادت سمجھ کر لکھا اور لکھتے رہے۔ ان کے تین زبانوں، سندھی، اردو اور انگریزی میں، ۳۰۰۰ سے زائد مضامین، مختلف اخبارات میں شائع ہوئے۔ نئے میلنیئم کے حوالے سے پاکستانی موسیقی پر ’دی ٹریڈیشن گوز آن‘ (روایت جاری رہتی ہے) کے عنوان سے تحریر شدہ ان کے شاندار تحقیقی مقالے کو آکسفورڈ یونیورسٹی پریس کراچی، نے فخریہ طور پر اپنی یادگار کتب کی فہرست میں شامل کیا۔

شیخ صاحب کا ایک اور مقالہ، بعنوان ’عالمی غلامی‘ ۲۰۰۳ء میں جاہنسبرگ میں منعقدہ بین الاقوامی کانفرنس کے موقع پر شائع ہوا، جو بعد ازاں اقوام متحدہ نے اپنے سرکاری رکارڈ کے حصے کے طور پر محفوظ کیا۔ ایک ماہر موسیقی کی حیثیت سے ان کے متعدد تحقیقی مقالے بیرون ملک کے انتہائی اہم جرائد اور ریسرچ جرنلز میں بھی شائع ہوتے رہے۔

شیخ عزیز، عملی صحافت کے ساتھ ساتھ مختلف صحافتی اور ادبی تنظیموں خواہ اداروں کی سربراہی بھی کرتے رہے۔ اور متعدد اداروں میں اہم عہدوں پر بھی فائز رہے۔ جن کی کچھ تفصیل درج ذیل ہے:

۱۔ صدر، حیدر آباد پریس کلب ( ۱۹۶۳ء تا ۱۹۶۶ء)

۲۔ صدر، حیدر آباد یونین آف جرنلسٹس ( ۱۹۷۴ء)

۳۔ وزیٹنگ پروفیسر، شعبۂ صحافت، سندھ یونیورسٹی، جامشورو۔ سندھ ( ۱۹۷۸ء تا ۱۹۸۰ء)

۴۔ رکن، بورڈ آف گورننس، میرزا قلیچ بیگ چیئر، یونیورسٹی آف سندھ، جامشورو۔ سندھ (۲۰۰۸ ء)

۵۔ نائب صدر نشین (وائس چیئرمین)، سندھی ادبی بورڈ، جامشورو ( ۲۰۰۸ء تا ۲۰۱۱ء)

شیخ عزیز کو ان کی صحافتی، ادبی اور تحقیقی خدمات کے اعتراف میں، جامعہ سندھ جامشورو کی جانب سے ۱۹۹۸ء میں ملنے والے ”سلور جوبلی ایوارڈ آف ایکسیلنس“، جامعہ کراچی کی جانب سے ۱۹۹۹ء میں ملنے والے ”لٹرری ایکسیلنس ایوارڈ“، ۲۰۰۰ء میں ملنے والے ”ڈیپلائی ایکسیلنس ایوارڈ آف جرنلزم“ اور ۲۰۰۱ء میں ملنے والے ”ترقی پسند ادبی ایوارڈ“ وغیرہ سمیت کئی ایک اہم اعزازات سے نوازا گیا۔

موسیقی، شیخ عزیز صاحب کا صرف تحقیق و تحریر کی حد تک ہی مرغوب موضوع نہیں رہا، بلکہ وہ بذات خود موسیقی کی وسیع معلومات رکھنے والے، سروں کے دل دادہ تھے۔ ان کو لوک، کلاسیکی اور نیم کلاسیکی سمیت نہ صرف سندھی موسیقی کی تمام اصناف کا گہرائی سے علم تھا، بلکہ برصغیر کی موسیقی، موسیقاروں اور گویوں کے بارے میں وسیع معلومات تھیں۔ انہوں نے تمام اہم مقامی گلوکاروں کے ساتھ ساتھ مغربی موسیقی کو بھی تفصیلاً سن رکھا تھا اور اس کے بارے میں بغور پڑھ رکھا تھا۔ وہ خود ہارمونیم اور بانسری بجا بھی لیتے تھے۔ ان کے ذاتی میوزک کلیکشن میں سندھ کی موسیقی کے ساتھ ساتھ برصغیر، مشرق وسطیٰ اور یورپ کی موسیقی کا عظیم خزانہ، ایم پیز، اسپولس، آڈیو کیسیٹس، سی ڈیز اور کمپیوٹر پر محفوظ تھا۔ وہ انمول موسیقی کا خزانہ سنبھالنے والے اس ملک کے چند گنے چنے شائقین میں سے تھے۔

شیخ عزیز صاحب، تقریباً ۸۰ برس کی عمر پا کر، دو برس قبل، ۷ اکتوبر ۲۰۱۸ء کو، کراچی سے حیدر آباد کی طرف سفر کرتے ہوئے، حرکت قلب بند ہونے سے اس دار فانی سے کوچ کر گئے، اور اب کراچی ہی میں، پہلوان گوٹھ کے شہر خموشاں میں ابدی آرمیدگی ہیں۔ انہوں نے جو انداز صحافت متعارف کرایا، اس طرز کے مقلدین کی ایک کثیر تعداد (جن میں بہتات خود ان کے شاگردوں اور پیروکاروں کی ہے) اس جدید صحافت کے ڈھب سے ابلاغ کی دنیا میں شمعیں روشن کر رہی ہے۔ اور یہ انداز، نسل در نسل آنے والے ادوار تک زندہ رہے گا اور ”شیخ عزیز کے مکتب فکر“ کی پہچان کے طور پر جاری رہ کر، انہیں ایک طویل عرصے تک زندہ رکھے گا۔

2 comments:

  1. انتهائي قيمتي آرٽيڪلز آهن, هيء هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ تي لک لک ٿورا.

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين منھنجا! اوھان جي وڏي مھرباني جو اوھان اسان جي محنت کي ساراھيو ٿا ۽ تڪليف ڪري پنھنجي آراءِ کان واقف به ڪيو ٿا.

      Delete