; سنڌي شخصيتون: ٻاجھي فقير لغاري

18 October, 2018

ٻاجھي فقير لغاري


ٻاجھي فقير لغاري
صوفي شاعر
استاد لغاري
لغاري قبيلي جي، چوٽيِءَ جي صوفي شاعرن ۾، خليفي نبي بخش “قاسم” لغاري، حمل فقير لغاري ۽ فقير نواب ولي محمد خان لغاري جي نالن کان پوءِ، ٻاجھي فقير لغاريءَ جو نالو، ٻين مڙني صوفي شاعرن کان مٿاهون ۽ نمايان نظر اچي ٿو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جي شاعريءَ واري ڪتاب “ڪُلياتِ ٻاجھي” ۾، وحدانيت ۽ رسالت واري ڪيفيت جي، روح پرور پالوٽ ٿيل آهي. فقير صاحب جي شاعري انتهائي آسان، روانيءَ واري، ردم ۽ رس سان ڀرپور آهي. جيڪا تجنيس حرفي تي آڌاريل، ماکيءَ جهڙي مٺي، يڪدم سمجھ ۾ ايندڙ ۽ موسيقيءَ سان مالا مال به آهي. “ٻاجھي ٻول، پردا کول، لب چول سُڻايا، عشق امام، بن هر مام، رو رام ريجھايا، دُوئِي دُور، ٿَئِي وهلور، حج حُضور پڙهايا”. هي اهڙا ٻول آهن، جن جي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ڳائڻ سان، انسان جي روح کي سراسر سُڪون ملي ٿو.


ٻاجھي فقير ولد الهداد ولد بخشڻ، ذات لغاري، پاڙو ڪرماڻي، اندازن ۱۹۲۰ع ڌاري، ڳوٺ ڪرم خان لغاري (لڳ داد لغاري)، هاڻوڪي تعلقي ڏهرڪي ۽ ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو ۽ ۱۱ جولاءِ ۱۹۹۴ع تي، ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جو شاعريءَ وارو ڪتاب، “ڪُلياتِ ٻاجھي سال ۲۰۱۷ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ڪرايو ويو. ٻاجھي فقير لغاري هڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهو هو. ساري ڄمار هارپا ۽ مزدوريون ڪيائين، کيس عشق مجازيءَ جي چوٽ لڳي، ته يڪدم عشق حقيقي جي چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. پنهنجي مرشد سائين سيد چيزل شاھ صوفي القادري رحه کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. سائين سيد رکيل شاھ صافي القادري رحه جي درگاھ ڀاڳناڙي ۽ صوفي شاھ عنايت شهيد رحه جن جي ننگري جھوڪ شريف جو پانڌيئڙو هو.
ڪجھ سالن لاءِ، تعلقي سانگھڙ ۾، نواب محمد اڪبر خان بگٽيءَ جي زمين تي، ڪوٽ نواب جي ويجھو، ڳوٺ دريڙيءَ ۾ اچي ويٺو. جتي هارپو ۽ ڪمداريءَ ڪندو هو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جو ڪلام، جنهن به ماڻهوءَ کي هٿ آيو، ته ان ماڻهو، انهيءَ ڪلام کي پاڻ وٽ لڪايو. فقير صاحب جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ، ان جي ڪلام کي شايع ڪرائڻ واسطي، مون (راقم) ڪيترا ئي پنڌ ۽ حيلا ڪيا، پر ڪلام ڪٿان کان به هٿ نه آيو. ڪافي ماڻهن وٽ ڪلام موجود هجڻ جي باوجود، انهن انڪار ڪيو ۽ ڪلام کي لڪايائون. آخرڪار استاد عبدالرشيد لغاري صاحب سانگھڙ واري، پنهنجي ڀاڻيجي عبدالعزيز لغاريءَ جي معرفت، محترم غلام مصطفيٰ لغاري صاحب وٽان، مون کي هڪ عدد ڪلام جو فوٽواسٽيٽ رجسٽر هٿ ڪري ڏنو، جنهن ۾ ٻاجھي فقير لغاريءَ جو ڪافي سارو ڪلام موجود هيو. جنهن کي اسان شايع ڪرائي، تاريخ جي ورقن ۾، هميشه هميشه جي لاءِ محفوظ ڪري ورتو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جو ڪجھ ٻيو ڪلام به هاڻي هٿ آيو آهي، جيڪو ڊائريءَ جي صورت ۾ لکيل آهي، ليڪن ڪنهن به ڳالھ کي لکڻ مهل، ان تي تاريخ، مهينو ۽ سال وغيره فقير صاحب ڪو نه لکيو آهي. البت جيڪي ڳالهيون لکيون اٿس، اهي سڀيئي سراسر سچيون ۽ کريون کريون لکيون اٿس. نواب محمد اڪبر خان بگٽي جي زماني جون ڳالهيون ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو دور، پنيري ۽ باکوڙي جي ڪجھ ماڻهن بابت ويچار به ونڊيا اٿس ۽ انهن بابت شعر به جوڙيا اٿس. پنيريءَ جي منجيري جعفر خان لغاري ۽ باکوڙي جي استاد نصرالله خان لغاري ۽ ڪجھ ٻين ماڻهن بابت، پنهنجي قلم کي تکي تيز تلوار وانگر جنبش ۾ آندو اٿس.
ٻاجھي فقير لغاري پنهنجو ڪلام چئن ٻولين ۾ چيو آهي، جنهن ۾ سنڌي، سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ٻوليون شامل آهن. فقير صاحب جي سنڌي ڪافين جو رس ۽ ميٺاج به پنهنجو ۽ نرالو آهي،“آ ادا سالڪ! صحي ڪر ڳالھ تون سڪ جي سچي. عشق جي آڙاھ ۾، پروانو ٿي پڙ ۾ پچي”. “ڪئي اهڙي دغا دلبر، منهنجي توبه! منهنجي توبه! ٻُڌي حاسد چيو هر هر، منهنجي توبه! منهنجي توبه!”. فقير صاحب جي اردو شاعريءَ جو اُصلوب به نمايان نظر اچي ٿو، جنهن کي پڙهڻ سان، من موهجي پوي ٿو.“دنيا ۾ آ گئي سختي، محبت ڪي غريبون ڪو، اُڏر ڪانگا! سُنا جلدي، حقيقت يه حبيبون ڪو. اندر ميري زخم هويا، تيري گفتار سي گويا، پتا ڪس ڪو نهين هويا، طبيعت ڪا طبيبون ڪو”. وري جو فقير صاحب جي فارسي شاعريءَ تي نظر ڊوڙائينداسين، ته اُتي به عجب اسرار لڳو پيو آهي.“ نه من آدم، نه معدومم، نمي دانم، ڪجا هستم. نه بشريت، نه عبديت، نه فلڪيت، نه حريت، نه آزادم، نه محصورم، نمي دانم، ڪجا هستم”. (ترجمو......)
ڪافين کان سواءِ، حمد، نعت، مولودون، مداحون، منقبت، مرثيا، معراج ناما، سينگار بيت، حسيني ڏوهيڙا، درديلا ڏوهيڙا، سِي حرفيون، سادا بيت، تنقيدي ۽ اصلاحي شعر، ۽ طنز مزاح تي مشتمل شاعريءَ ڪئي اٿس. آخر ۾، فقير صاحب جي سرائيڪي شاعريءَ تي اُتاڇري نظر ڊوڙائيندا ٿا هلون: “سُڻ فرياد، ڪر امداد، نه افراد، ايوين مار. ڏينهان رات، وائي وات، طلب تات، تيڏي تار. توڙي لوڪ، ڪري ٽوڪ، نه مئين جھوڪ سٽيسان، پا پيچ، دل ويچ، وڃ ڪيچ وسيسان، پاڙيوال، پنهل نال، جُواني شال مڻيسان، آ هوت! متان موت، ڪري فوت، فڪر يار!”. هي ٻاجھي فقير لغاريءَ جي شاعريءَ جا اهڙا ٻول آهن، جيڪي هڪ شاعر کي، بلند مقام تي پهچائڻ لاءِ ڪافي آهن. “اُٿ ڀُليي مُلان سڀ قاضي، جٿ برھ بنائي بازي”.“ڦٽيي عشق والي فقير ڏيکو، پنندي شاھ گدا تي امير ڏيکو”.
ٻاجھي فقير لغاريءَ جي ڪتاب “ڪُلياتِ ٻاجھي” ۽ سندس مختصر احوال کي، فقير صاحب جي پنهنجي هن ڏوهيڙي تي مڪمل ڪجي ٿو، اميد ته پياري پڙهندڙن کي، اسان جي هي عاجزي ۽ احقري قبول پوندي.“تيڪون سهڻي صورت مفت ملي، نه تين مال خزانا ڀريا ها. اِين صورت دا يوسف وي ماڻ ڪيتا، رب کوھ انڌاري ڌريا ها. رب جبار قهار ڏاڍا، جَين ڪنون خود حضور وي ڏريا ها. اُون دي خوف ڪنون ڳل لاوين ها، “ٻاجھي” ڪوجھا ها توڙي چريا ها”.

ٿينڪس ڊيلي هلال پاڪستان. خميس ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۱۸ ع.......

No comments:

راءِ ڏيندا