; سنڌي شخصيتون: ٻاجھي فقير لغاري، صوفي شاعر، استاد لغاري،
Showing posts with label ٻاجھي فقير لغاري، صوفي شاعر، استاد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label ٻاجھي فقير لغاري، صوفي شاعر، استاد لغاري،. Show all posts

18 October, 2018

ٻاجھي فقير لغاري


ٻاجھي فقير لغاري
صوفي شاعر
استاد لغاري
لغاري قبيلي جي، چوٽيِءَ جي صوفي شاعرن ۾، خليفي نبي بخش “قاسم” لغاري، حمل فقير لغاري ۽ فقير نواب ولي محمد خان لغاري جي نالن کان پوءِ، ٻاجھي فقير لغاريءَ جو نالو، ٻين مڙني صوفي شاعرن کان مٿاهون ۽ نمايان نظر اچي ٿو. ٻاجھي فقير لغاريءَ جي شاعريءَ واري ڪتاب “ڪُلياتِ ٻاجھي” ۾، وحدانيت ۽ رسالت واري ڪيفيت جي، روح پرور پالوٽ ٿيل آهي. فقير صاحب جي شاعري انتهائي آسان، روانيءَ واري، ردم ۽ رس سان ڀرپور آهي. جيڪا تجنيس حرفي تي آڌاريل، ماکيءَ جهڙي مٺي، يڪدم سمجھ ۾ ايندڙ ۽ موسيقيءَ سان مالا مال به آهي. “ٻاجھي ٻول، پردا کول، لب چول سُڻايا، عشق امام، بن هر مام، رو رام ريجھايا، دُوئِي دُور، ٿَئِي وهلور، حج حُضور پڙهايا”. هي اهڙا ٻول آهن، جن جي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ ڳائڻ سان، انسان جي روح کي سراسر سُڪون ملي ٿو.