ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم ۽ اُستاد
پروفيسر محمد هارون سومرو
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ڌرتي جي سيني
تي هر دور ۾ اهڙا مانائتا ۽ ملهائتا انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن نهايت محنت ۽
مشقت، جفاڪشيءَ ۽ جانشانيءَ سان بنا ڪنهن نمود ۽ نمائش، بغير اعلانن ۽ نعرن جي، هن
قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، تعليم ۽ تربيت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو اهڙن ئي
باصلاحيت، اورچ ۽ ايماندار شخصيتن ۾ هڪ نالو اسانجي محترم ۽ محبوب استاد سائين
غلام قادر سومري جو به آهي. سائين جن جي شخصيت ان لحاظ کان به مثالي آهي ته هن هڪ
ننڍڙي ڳوٺ م جنم ورتو ۽ هڪ مٿانهين مقام ۽ مرتبي تي پهتا ۽ اهو مثال قائم ڪري ڏيکاريائون
ته قابل ۽ ڪارائتا انسان فقط وڏن شهرن ۾ ئي نه پيدا ٿيندا آهن پر ننڍين وسندين ۽
واهڻن ۾ جنم وٺڻ وارا به پنهنجي محنت ۽ مشقت سان اعليٰ ارفع مقام ماڻي سگهن ٿا ۽
اها روايت سنڌ اندر ته صدين کان جاري ۽ ساري آهي. مولانا ابوالحسن سنڌي، مخدوم
محمد هاشم ٺٽوي ماضي قريب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو علامه آءِ آءِ قاضي پير حسام الدين
راشدي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان اهڙا ٻيا به اڻ ڳڻيا نالا
ان صف ۾ شامل آهن جن جي علمي عظمت ۽ شهرت سنڌ جون سرحدون لتاڙي ڏورانهن ڏيهن تائين
پهتي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به اهڙي ئي قيمتي مالها جو هڪ انمول موتي آهي جنهن سڄي
زندگي سنڌ اندر مختلف ميدانن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي علم جي روشني به پهچائي ته پنهنجين
خداداد انتظامي صلاحيتن وسيلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نهايت همدرديءَ سان هتان جي
عوام جي رهنمائي به ڪئي ته کين اڳتي وڌڻ لاءِ به همٿائيندا رهيا.
ولادت ۽ ابتدائي زندگي:
استاد غلام قادر سومري جي
ولادت ۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع ڌاري ضلعي نوشهروفيروز (ان
دؤر جي ضلعي نوابشاهه) اندر ٺاروشاهه ويجهو ”ڏيٿا“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿي سندن
والد صاحب مرحوم نبي بخش ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو جيڪو مالي لحاظ کان ته تمام مسڪين شخص
هو پر ڪردار جي حوالي سان تمام نيڪ ۽ ايماندار هو. جيتوڻيڪ ان دور اندر غربت ۽
تعليمي ادارن جي ٿورائيءَ سبب خاص طور ٻهراڙيءَ جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڪو
سولو ڪم نه هو ڇو ته معصوم ٻارن کي ميلن جا ميل پنڌ ڪري اسڪولن تائين پهچڻو پوندو
هو، پر پوءِ به ڪي ٻار پيءُ ماءُ جي ڪوشش توڙي پنهنجي ذاتي شوق سبب اهي مصيبتون
سهي اسڪولن تائين پهچندا هئا اهڙيءَ ريت ننڍڙي غلام قادر کي به والد صاحب ڏيٿا
پرائمري اسڪول اندر داخل ڪرايو جتان هن سنڌي چار درجا پاس ڪري ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول
۾ داخلا ورتي ۽ اتان مئٽرڪ جو امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيائين سندس شمار هميشه
پنهنجي ڪلاس جي هوشيار ۽ ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو، جنهن ڪري ننڍڙي هوندي کان ئي هو
استادن جي توجهه جو مرڪز رهيو.
علمي زندگيءَ جي شروعات:
مئٽرڪ کان پوءِ ستت ئي کيس ٺاروشاهه جي ان اسڪول ۾ اندر
ئي استاد مقرر ڪيو ويو جتي هن ست ورهيه ساندهه هڪ ذهين شاگرد جي حيثيت سان گذاريا
هئا اهڙيءَ ريت سندس علمي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. استاد مقرر ٿيڻ کان پوءِ به سائين
غلام قادر پنهنجي شاگرديءَ واري سلسلي کي ختم نه ڪيو جيئن ته ان دور ۾ ڪاليج عام
نه هوندا هئا ۽ پرائيويٽ تعليم جي به اجازت فقط استادن کي ئي هوندي هئي باقي عام
ماڻهو شاگرد جي حيثيت سان ئي تعليم حاصل ڪري سگهندو ان ڪري ئي ان دور ۾ يا ته وڏن
شهرن جا رهاڪو ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهندا هئا يا ته وري سکين ستابن گهراڻن جا
اهي نوجوان جن جي تعليم ۽ بورڊنگ جا خرچ سندن والدين ادا ڪرڻ جي سگهه ساريندا هئا.
سائين جن جي استاد جي حيثيت سان پنهنجي علمي زندگيءَ جي
شروعات ڪئي هئي ان ڪري سهولتن جو فائدو وٺندي هن پنهنجي تعليمي سلسلي کي وڌايو ۽
پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ جڏهن سنڌ اندر پي ايڇ ڊي جو سلسلو
شروع ڪيو ويو ته استاد غلام قادر به پنهنجي محنت سان تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري
حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليمي سلسلي کي توڙ رسايو.
بحيثيت استاد:
سائين غلام قادر سومري پنهنجي ڪيريئر جو آغاز استاد جي
حيثيت سان ڪيو ۽ سڄي زندگي سندن واسطو تعليم سان ئي رهيو جيتوڻيڪ هو ٻين وڏن
انتظامي عهدن تي به قائم رهيو پر سندن اندريون استاد هميشه زندهه ۽ متحرڪ رهيو ڇو
ته جڏهن به ڪو شاگرد وٽانس ڪجهه سمجهڻ ۽ سکڻ ويندو هو ته استاد محترم نهايت کليل
دل سان پنهنجي علم جي اڻ کُٽ ذخيري مان کيس مطمئن ڪري ئي موٽائيندو هو ۽ مرڻ گهڙيءَ
تائين سندس علمي فيض مان شاگرد مستفيض ٿيندا رهيا. انگريزي ۽ سنڌي ٻولين جي گرامر
۽ لغت تي کيس عبور حاصل هو ان کانسواءِ تاريخ، سوانح نگاري، سيرت سان گڏوگڏ طنز و
مزاح به سندس پسنديده موضوع هئا انهن موضوعن تي هنن ڪيترا ئي ڪتاب به لکيا جن جا
نالا هن ريت آهن. ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت، انگن جو ادبي ڪارج، .... ۽ ڌوڙيا پئجي
ويا، ٽاڪوڙا، ور چڙهي وڃڻ جي پيڙاهه، سنڌيڪا انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري“ ۽ انکانسواءِ
اخبارن ۾ سندس مضمون ڪالم اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا. هڪ استاد جي حيثيت سان سندس ڪيريئر
جي شروعات ٺاروشاهه جي هاءِ اسڪول کان ٿي ۽ سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن کان علاوه
هتي پبلڪ اسڪول حيدراباد (لطيف آباد) ۾ به هڪ سينيئر استاد جي حيثيت سان پنهنجون
ذميوارريون نڀايون سندس پڙهائيءَ جو طريقو اهڙو ته دلڪش ۽ عام فهم هوندو هو جو هر
هڪ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندو هو. ڏکئي مان ڏکيو سبجيڪٽ به سائين اهڙي
انداز ۾ شاگردن کي سمجهائيندو هو جو هر هڪ جي دماغ ۾ سندس ڳالهه گهر ڪري ويندي هئي
اهو ئي سبب آهي جو استاد غلام قادر اڄ تائين پنهنجن شاگردن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽
سندن دلين ۾ زندهه رهندو ۽ اها ئي هڪ سچي ۽ ڪامياب استاد جي نشاني آهي.
سائين جن ڪجهه وقت سنڌ جي مشهور ۽ قديم علمي مرڪز سنڌ
مدرسته الاسلام ۾ به بحيثيت پرنسپال به ڪم ڪيو جتي هن نه فقط اتان جي تعيليمي ۽
تدريسي معيار کي برقرار رکيو پر ان ۾ ڪيترائي سڌارا به آندا.
مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ سائين ڊپٽي رجسٽرار جي ٿيو. هتي پڻ
هنن نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪيو اهڙيءَ طرح هو ”قائدِ عوام“
يونيورسٽي ۾ به هڪ ڪامياب ايڊمنسٽريٽر ٿي رهيو ۽ هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي آفيسر جي حيثيت
سان ڪم ڪيائين پنهنجن ملازمن توڙي شاگردن سان سندس رويو هميشه شفقت وارو ٿي رهيو.
اهي عهدا هن نج ميرٽ جي بنياد تي حاصل ڪيا. هن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ يا سياستدان کان
مدد نه ورتي. هو تمام خوددار انسان هو جنهن ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو. هُو
درسي ڪتابن جي تياري ۾ به معاون رهيو ۽ نهايت سٺي نموني پنهنجا فرائض ادا ڪيا. هن
نه شراب ۽ نه نقل جو سهارو ورتو. هو جتي به رهيا اُتي پنهنجي قابليت همدردي ۽
ايمانداريءَ جا اهڙا مثال قائم ڪيا جيڪي وسارڻ جوڳا نه آهن.
استاد غلام قادر پنهنجي دور جو هڪ وڏو ماڻهو هو. حقيقت ۾
وڏا ماڻهو ٻن قسمن جا هوندا آهن هڪ Big man ۽ ٻيو Great man پهرين قسم جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي عزيزن لاءِ جيئندا آهن ۽ خدمت
ڪندا آهن جيئن وڏو زميندار زمين ۽ ملڪيت وڌائيندو آهي ڪارخانيدار پنهنجن ڪارخانن جو
عدد وڌائيندا آهن ۽ وڏا آفيسر به پنهنجي اولاد لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن پر ٻين
لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جو جذبو نه هوندو. اٿن Great man وري زندگي ٻين جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن ٻين
جون تڪليفون ۽ مسئلا حل ڪندا رهندا آهن، جيئن مسڪين جهان خان کوسو، مرحوم حيدربخش
جتوئي وغيره پهرين قسم جي وڏن ماڻهن کي ٻٽو موت ايندو آهي ڇو ته موت کان پوءِ نه رڳو
سندن جسم مٽيءَ ۾ دفن ٿيندو آهي پر ان سان گڏ سندن شان شوڪت سموريون خوبيون ۽
خدمتون نالو ۽ عزت به مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويندا آهن. انهن کي مرڻ کان پوءِ ڪوبه ياد نه
ڪندو آهي نه ئي ڪي شاعر انهن لاءِ قصيدا لکندا ۽ نه ئي تاريخ ۾ انهن جو ذڪر هوندو.
Great man کي هڪ ئي
موت ايندو هن جو جسم ته مٽيءَ ۾ ويندو پر هن جون خدمتون، هن جا ڪارناما، هن جون
قربانيون جي ٻين لاءِ ڏنيون سي ياد رهنديون ماڻهو هن لاءِ روئندا شاعر قصيدا لکندا
۽ تاريخ ۾ هن جو ذڪر ڪيو ويندو. استاد غلام قادر جو شمار به انهن ئي شخصن ۾ ٿيندو
جن کي “Great
man” سڏيو
ويندو آهي ڇو ته هنن جي زندگي پنهنجي لاءِ نه پر ٻين لاءِ وقف ٿيل هئي. وڏن عهدن
تي رهڻ باوجود هنن غريبن واري زندگي گذاري هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئا بيماري ۽ ڪمزوري
جي حالت ۾ به علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ پاڻ رڌل رهندا هئا ۽ جڏهن به ڪو شاگرد وٽن ايندو
هو ۽ ڪڏهن به علمي سلسلي ۾ کانئن ڪا مدد گهرندو هو. ته پاڻ نهايت شفقت ۽ محبت سان
مدد ڪندا هئا. آءٌ به ڪنهن ڪنهن علمي مسئلي ۾ منجهندو هوس ته رهنمائي حاصل ڪرڻ
لاءِ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيندو هوس، جتي سائين جن مرڪندڙ منهن ۽ کليل دل سان منهنجي
مدد ڪندا هئا. علم جو هي آفتاب علمي خدمتون انجام ڏيندي آڪٽوبر ۲۰۰۵ع ۾ غروب ٿي ويو،
کيس اباڻي قبرستان ٺاروشاهه ۾ دفن ڪيو ويو. سائين جن پنهنجي پويان پنهنجو خاندان ۽
هزارين شاگرد سوڳوار پويان ڇڏيا آهن.
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيئارين
سي لاهوتي لڏي ويا.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
ساهتيءَ جو هيرو
افتخار سومرو
ناليواري
تعليمدان، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومري ۱۵ فيبروري ۱۹۳۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڏيٿا لڳ
ٺارو شاهه، ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو.
۱۹۵۰ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري ۱۷ ورهين
جي ڄمار ۾ پنهنجي مادر علمي ٺارو شاهه هاءِ اسڪول کان پنهنجي علمي زندگيءَ جي
شروعات ڪيائين.
۱۹۵۵ع ۾ بي اي (آنرس) ۱۹۵۷ع ۾ بي
ٽي (ٽيون نمبر) ۱۹۶۰ع ۾ ايم اي (پهرين پوزيشن)، ۱۹۶۷ع ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۸ع ۾
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي نگراني ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين.
۱۹۵۷ع کان ۱۹۸۱ع تائين مختلف اسڪولن ۾ انتظامي
سربراهه يعني هيڊ ماسٽر رهڻ دوران اعليٰ تعليم ۽ ثقافتي سرگرمين جو اهڃاڻ مڃيو وڃي
ٿو. ۱۹۶۱ع ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ باني
استاد ۽ سنڌي شعبي جي صدر ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمت دوران ۱۹۸۵ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جي قائم ڪيل اسڪول سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي
پرنسپل جي حيثيت ۾ سندس ڪيل علمي، ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. سنڌ مدرسي کي
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي درسگاهه جو شرف پڻ حاصل آهي.
ساهتي
پرڳڻي خاص ڪري ٺارو شاهه جي علمي ادبي ۽ صوفياڻي ماحول سبب هندو توڻي مسلمان
اُستادن جي رهنمائي ۾ کيس لکڻ، پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ شروعات ننڍن مضمونن ۽ ليکن سان
ڪيائين.
پاڻ ۱۹۵۵ع کان باقائدي لکڻ جي شروعات پنهنجي پهرين ليک ”سيد الشهداءِ“ سان ڪيائون،
جيڪو ان وقت جي روزاني اخبار نواءِ سنڌ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. ۶۴-۱۹۶۱ع دوران ساڳي اخبار ۾ علمي ادبي
صفحي وارو مستقل ڪالم ”ادب نواز“ ڇپبو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جون سنڌي ٻوليءَ
جي صحت ۽ معيار جي حوالي سان لکندڙن جي تحريرن تي اصلاحي تنقيدون ڇپبيون هيون.
انهيءَ عرصي وچ ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي رسالي جو شريڪ ايڊيٽر رهيو، جنهن ۾ ڇپيل
سندس لکڻين مان ”ملاکڙو“ اهم آهن.
۱۹۶۵ع ۽ ۱۹۷۰ع ۾ سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب
”.... ۽ ڌوڙيا پئجي ويا“ ۽ ”سهڻا ٽوهه“ ڇپيا، جنهن ۾ معاشرتي اوڻاين جي نشاندهي ڪيل
آهي.
۱۹۷۰ع کان ۱۹۹۸ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ سان
درسي ڪتابن جي ليکڪ ۽ مترجم جي حيثيت ۾ لاڳاپيل رهيو.
۱۹۸۸ع ۾ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ ۾ پهرين ۽ انوکي موضوع ”سنڌي ادب ۾ طنز ۽
مزاح“ تي ڀرپور مقالو لکي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪري مڃتا ماڻيائين. اها ٿيسز
ڪتابي شڪل ۾ ثقافت کاتي وٽ اشاعت جي اوسيئڙي ۾ پيل آهي. تنهن کانپوءِ روزانين
اخبارن لاءِ مزاحيه مضمون ۽ مستقل ڪالم لکڻ شروع ڪيائين جنهن جو تعداد لڳ ڀڳ ٻه سو
کن ٿيندو.
تحقيق
جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان لاڳاپيل ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيائين، جنهن
۾ ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ناياب آهي. هي ڊڪشنري سنڌي توڻي انگريزي لغت نويسيءَ جي
تاريخ ۾ پهرين ۽ انقلابي ڪوشش آهي ۽ جنهن جو مثال ئي ڪونه ٿو ملي، هن کي تيار ڪرڻ
۾ ويهن سالن جو عرصو لڳو، انهي لغت کي (۱۰۰۰ صفحن تي مشتمل) سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان ۱۹۹۶ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
ٻولي
جي حوالي سان سندس ٻيو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۾ انگن جو ادبي ڪارج“ پڻ موضوع جي حوالي
سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اڻلڀ، پهريون ۽ سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب چواڻي ته هڪ
مشڪل پسندي وارو عنوان آهي. ڪتاب موضوع تي مڪمل ڄاڻ ڏئي ٿو. باب پهرين ۾ انگن، هڪ
کان ۱۰ کرب (Billion)
تائين ڄاڻ ڏنل آهي. انگن تي آڌاريل اصلاحن ۽ پهاڪن جي
سمجهاڻين لاءِ ڀراءَ طور نثر توڙي نظم مان موضوع جي مناسبت سان، کوڙ سارا مثال ڏئي
انهن جي تشريح ۽ وضاحت ڪئي ويئي آهي، جنهن مان مصنف جي وسيع مطالعي ۽ محنت جي ڄاڻ
ملي ٿي.
ڊاڪٽر
غلام قادر سومري جي ماهوار نئين زندگي رسالي لاءِ لکيل تحقيقي مضمونن جي وچور ۾ (۱) سنڌي گرامر ۾ لفظن جون تصغيري صورتون (۲) شاهه لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون (۳) آتڻ (۴) مرثيه نگاري ۽ سيد ثابت علي
شاهه (۵) سنڌ جو ٽپال سرشتو (۶) يادن جو ڇانورو- سائين طالب الموليٰ (۷) آنر ابل سيد الهه آندو شاهه وغيره اهم آهن.
انهي
کان علاوه ماهوار رهبر ڊائجسٽ ۾ ڇپيل لکڻين ۾ ”سونهاري جو سفر“ ۽ ”سائر ٻوڙيون“ (ڪهاڻيون)
۽ ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ ماهوار اديون رسالي ۾ ڪيترائي مضمون ”ٻولي سان ٻيجاري“، ”پهاڪا ۽ ڊونگل“،
”حسينه پوپري“ ۽ ڪوڏاڻا (لوڪ گيت) وغيره قابل ذڪر آهن.
ٻولي
تي سندس اڻ ڇپيل مقالن ۾ (۱) سنڌي
ٻولي ۾ لفظن جو ورجاءُ (هڪ اهم ۽ بنيادي موضوع: سنڌي ٻولي اختياري وٽ اشاعت لاءِ
پيش ڪيل آهي.) (۲) سنڌي ٻولي جي لکت ۾ املا ۽
انشاءَ جا مسئلا ۽ انهن جو حل. (۳)
ساهتيءَ جي لغت اهم آهن.
پاڻ
مترجم هئڻ جي حوالي سان ۱۹۶۱ع ۾
رائيڊر هئگرڊ جي مشهور ناول ”رٽرن آف شي“ (Return of She) جو سنڌي ترجمو ”سائڻ“ جي نالي تي ايم اي لاءِ ٿيسز طور ڪري پهرين پوزيشن
حاصل ڪيائين، جيڪو پڻ قلمي صورت ۾ ڇپائي لاءِ موجود آهي. ترجمي نگاري جي حوالي سان
آفريڪي ناول (Undesirable Elements) جو سنڌي
ترجمو ”ور چڙهي وڃڻ جي پيڙا“ نالي سان ڪيائين، جنهن کي سنڌيڪا اڪيڊميءَ طرفان ڇپائي
پڌرو ڪيو ويو ۽ اداري طرفان ڇپايل ”ويبسٽر بيسڊ انگريزي- سنڌي لغت“ جي تياريءَ ۾ پڻ
سندس اهم ڪردار آهي.
۱۸۵۳ع ۾ هڪ انگريز ڪرنل جي ساهتي پرڳڻي بابت لکيل ڪتاب جو پڻ سنڌي ترجمو ڪيائون،
جيڪو ساهتيڪا اڪيڊميءَ جي اشاعتي پروگرام ۾ سرفهرست ڇپائي لاءِ هلندڙ آهي.
ڊاڪٽر
غلام قادر سومرو هڪ ئي وقت سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ انگريزي ٻولي جو ماهور استاد هو.
اڄ به سندس ڪيترائي شاگرد سندس پڙهائڻ ۽ جي طريقي ۽ گهرائي کي ياد ڪن ٿا. پاڻ ڪيترن
ئي مڊل اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جي درجي ڏيارڻ سان گڏ انهن کي امتحاني سينٽرن جو
درجو پڻ ڏياريائين، جنهن سان سيڪنڊري تعليم جي واڌ ويجهه ٿي.
پاڻ ڪيترن
ئي بهترين جڳهن تي استاد ۽ منتظم رهيا، جتي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جا سرواڻ
رهيا. جهڙوڪ مختلف موضوعن تي سيمينار، مذاڪره ۽ تقريرون ڪرائڻ سان گڏ رانديون ۽ اسٽيج
ڊراما پڻ ڪرائيندا هئا، جن جا اسڪرپٽ پڻ پاڻ لکندا هئا.
مهراڻ
يونيورسٽي ۽ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ رهڻ دوران پاڻ هميشه علم جي واڌ ويجهه ۽ شاگردن
جي ڀلائي وارين پاليسين کي لاڳو ڪرائڻ ۾ سندن اهم ڪردار رهيو.
۱۹۶۳ع ۾ برٽش ڪائونسل طرفان ائبٽ آباد ۾ انگريزي تعليم جي سلسلي ۾ ۱۵
ڏينهن واري سيمينار ۾، سنڌ جي نمائندگي ڪيائين ۽ ڀرپور
حصو ورتائين ۽ شريڪ ٿيندڙن کي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي تعليم ۽ سنڌي ادب متعلق ڄاڻ ڏنائين.
ڪيترن ئي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن/ سوسائيٽيز جا صدر، جنرل سيڪريٽري ۽
نگران ٿي رهيو، جنهن جو پڻ هڪ ڊگهو رڪارڊ موجود آهي.
۲۰۰۵ع ۾ وفات کان ٿورو عرصو اڳ هن کاهوڙي انسان ضعيفيءَ جي حالت ۾ سنڌ هنڌ جي
مهان راڳي سنگيت آچاريه ماسٽر چندر جي زندگي ۽ فن تي ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب ساهتيڪا
اڪيڊمي طرفان اپريل ۲۰۰۸ع ۾
شايع ڪيو ويو، جنهن جي مهورتي تقريب ۾ ڪيترن ئي ڳاڻ ڳڻين ڏاهن ۽ اديبن شرڪت ڪري ڪتاب
۽ لکندڙ جي شخصيت تي روشني وڌي.
گهڻ
پاسائين شخصيتن جو مالڪ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو هڪ صوفي منش، خوش طبع، ملڻسار، ملوڪ
۽ اندر جو اجرو انسان هو. ساهتي جو هي هيرو زندگي ۽ علم ادب جو آخري سفر پورو ڪري ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع تي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پاڻ پنهنجي علمي ڪارنامن
۽ قلمي پورهيي جي حوالي سان اڄ به زندهه آهي ۽ سندس نالو ايندڙ صدين تائين رهندو
بشڪريه
عبرت
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
هڪ استاد
۽ قلمڪار
حفيظ ڪنڀر/ حيدرآباد
اڄ نامياري مزاح نگار ۽ مثالي
استاد، ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ورسي آهي، هن سان منهنجي ملاقات تڏهن ٿي هئي،
جڏهن هو ضعيفيءَ کي پهچي چڪو هو. ان باوجود هو پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ مصروف هو.
منهنجي پڇا ڪندو، گهر تائين پهتو هو ۽ هن مون کان پڇڻ شروع ڪيو هو ته، اطلاع جي
لوڪ اصطلاح “لڪڙ تار” کي اوهان جي تر ۾ ڪهڙن مفهومن ۽ معنائن ۾ استعمال ڪيو وڃي
ٿو؟ ۽ پوءِ ٻيون ڳالهيون ٻولهيون، اوڀاريون، لهواريون ٿينديون رهيون. آئون هن جي
ادبي، جسماني ۽ ڪيريئر جي ڄمار جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه هئس. منهنجي ڀيٽ ۾ هو پنجاهه
ڀيرا وڌيڪ سنڌي ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو هو. مون کان وڌيڪ لکي چڪو هو، پر ڊاڪٽر غلام
قادر سومري جي فقيري مزاج ۽ سادي طبيعت هن کي سيکاري رکيو هو ته؛ “ماسو ملئه مال
ته پوڄارا پُر ٿيئن”، پوءِ اهي نسيم نگر جا رستا ۽ چوڪ هوندا هئا، جن تي ملي ويندا
هئاسون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پروگرام ۾ پڻ!
هو فڪشن ۽ تحقيق جي ميدان جو
ماڻهو هو. هن اعزازن ۽ ايوارڊن جي خواهشن کان آزاد ٿي ڄمار جي آخري حصي کي به
قلمي۽ علمي ميدان ۾سجايو ڪيو. هن کي مون منفرد موضوع ڳوليندي ڏٺو، جيڪي ڪتابن جي
شڪل ۾ اڄ به لائبريرين ۾ آهن. هن جيڪا لغت ترتيب ڏني سا روايتي انداز ۾ ڪاٽ ڪوٽ،
ڳنڍ ٽوپ، ڪجهه ڊڪشنريون اڳيان رکي ڊڪشنري ترتيب ڏيڻ واري سولي ڪم بجاءِ، وڌيڪ
تحقيق جو گهرجائو ڪم هو. اڄ به سنڌي ٻولي جي ڪجهه Areas ۾ تحقيقي ڪم ڪندڙ ڪو به صاحب، ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي “سنڌي ٻٽن
لفظن جي لغت” کي نظرانداز ڪري اڌورو ڪم ئي ڪندو ۽ مڪمل تحقيق جي دعويٰ نٿو ڪري
سگهي. ائين ئي هن جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز جو موضوع به روايتي ۽ رواجي موضوعن کان
هٽيل ۽ محنت طلب موضوع ئي هو، يعني “سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح”. انهيءَ طنز ۽ مزاح جي
حوالي سان، هن لوڊشيڊنگ جي دور ۾ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جا “اڄ ڪبيون ڳالهيون” جي
عنوان هيٺ لکيل ڪالم پڙهجن ٿا ته اهي تازا توانا ٿا لڳن. ڇو ته سنڌ ۾ پوليس، چورن،
مڇرن، موالين ۽ لوڊشيڊنگ جا مسئلا ۽ آزار ۱۹۸۹ع جيان اڄ به ساڳيا آهن. هن
پنگريي جي پنگرائين جي فرياد تي لکيو ته “...اوچتو ئي اوچتو بجلي غائب ٿي وڃي ٿي ۽
ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿي هيٺ وهاڻو ڏئي سمهي ٿي پوي.” ها! اڄ به بجلي انهيءَ انداز ۾
سمهڻ جي عادي آهي. پنهنجي ٽيچنگ واري طويل ڪيريئر ۾، هن بهترين استاد کي يقيناً
سوين تعليمي تجربا ٿيا هوندا. هو جتي به پهتو، هن اسڪولن کي اپ گريڊ ڪرايو،
امتحاني مرڪز بنايائين. هن درس ۽ تدريس جو وڏو عرصو انهيءَ تعليمي ماحول ۾ رهندي
گذاريو هو، جڏهن Ghost ٽيچر يا Ghost اسڪولن جهڙا اصطلاح، تعليم جهڙي پيشي سان نه جڙيا هئا. شايد اها
هن جي خوش نصيبي چئجي جو هو تعليم تي اهڙي وقت اچڻ کان اڳ ۾ ئي رٽائرمينٽ وٺي،
ساڳي قلمي رفتار سان پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ آخر تائين مصروف رهيو ۽ رياضيءَ جهڙي
بظاهر آزاد سبجيڪٽ جي عام ٻولي ۽ سنڌي ادب سان تعلق تي تحقيق ڪندي،سنڌي ڪتابن ۾ “سنڌي
ٻوليءَ ۾ انگن جو ادبي ڪارج” جو اضافو ڪيائين. ڊاڪٽر غلام قادر سومري جو تعليمي
پروفيشن ۾ رهندي، يقينن اهڙن اهڙن ڪردارن سان به واسطو پيو هوندو، جيڪي هن جي
مزاحيه لکڻين ۾ “استاد جمن” هئا. “استاد جمن ۽ معاشرو” ۾ ڊاڪٽر صاحب لکيو؛ “رٽائرمينٽ
کي قريب تر، يعني ويجهڙو ٿيندو ڏسي، هو پڙهائڻ کان توبنهن تائب ٿي ويو آهي. پڙهائڻ
واري بيڪار ڌنڌي کي “ان آفيشلي” يعني غير سرڪاري طرح پاسيرو رکي، هڪ نئون ڌنڌو
شروع ڪري ڏنو اٿس. سندس نئون شغل آهي، تبصرو ڪرڻ! هر وقت، هر جاءِ ۽ هر موضوع تي
سواءِ پڙهائڻ جي تبصرو ڪرڻ سندس ڪسب ڪمال لاجواب بنجي چڪو آهي. اخبارون ۽ رسالا
وڏي شوق سان پڙهندو آهي، پڙهندو ڇا آهي!؟ بس اخبارن ۽ رسالن جو عرق ڪڍي ڇڏيندو
آهي.” (مون کي به ڊاڪٽر غلام قادر سومري جيان اهڙا ڪيترا ئي صاحب سُجهن، جيڪي مفت جي
اخبار ايتري وقت تائين پيا پڙهندا، جو اوهان کي اها اخبار آخر ۾ Donate ئي ڪرڻي پوندي ۽ هو صاحب ايڊيٽر جو نالو ۽ اخبار جا فون نمبرز پيا
پڙهندا) هن جي طنز مزاح جي Inspiration به سنڌي لوڪ ادب ئي رهيو، لوڪ گيت “گندڻ گنديءَ مان...رات ڪتو کڻي
ويو” کان وٺي موالين، چورن، لوهارن، سونارن جا ڪردار، هن جي قلم جي نوڪ مان
پالوٽبا، مزاح ۽ مرڪون آڇيندا پنن تي پکڙبا هئا. اهي لکڻيون، اڄ به اسان جي درد
ڀري زندگيءَ جي در تي، مسڪراهٽن جي دستڪ ڏين ٿيون، جڏهن اڄ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
اسان جي وچ ۾ ناهي ۽ اڄوڪو ڏينهن اسان وٽ هن جون ساروڻيون کڻي آيو آهي.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
سنڌ جو هڪ بهترين عالم
پروفيسر اعجاز
قريشي
اڄ منهنجي مربي استاد
ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ۱۴هين ورسي آهي. (۸ آڪٽوبر) هي ۱۹۶۱ع جو زمانو آهي جڏهن مون پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا
ورتي. سائين غلام قادر سومرو اتي سنڌيءَ جو استاد هو، ڪلاس وٺڻ وقت سائينءَ سان
شاگرد جي حيثيت سان ملاقات ٿي ۽ ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. مان اسڪول جي ابنِ سينا هاسٽل
يا هال ۾ رهندو هئس. شام جو ڪم ڪار کان فارغ ٿي پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويٺو هئس ته
سائين ٻاهران بيهي مون کي سڏ ڪيو، مان ٻاهر نڪري سائين سان مليس، پاڻ تمام پاٻوهه
۽ پيار مان مليو ۽ مون کان منهنجو تفصيلي تعارف وٺي روانو ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن ملڻ جو
چئي پنهنجي گهر هليو ويو. ٻئي ڏينهن سائين سان تفصيلي ملاقات ٿي، سندس شخصيت هڪ
سٻاجهي هئي. هو ته هو سنڌيءَ جو استاد پر انگريزي ٻوليءَ جو به انتهائي ماهر هو.
اڳيان هلي سائين سنڌ جو هڪ وڏو محقق ٿي اڀريو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جيترا سال مان
پبلڪ اسڪول ۾ رهيس ته سائينءَ سان گهرو واسطو رهيو. سائين سان ڪيتريون ئي ڪچهريون
علم ادب جي حوالي سان ٿينديون رهيون ۽ ڪلاس ۾ جڏهن بيهندو هو ته هڪ ته ٽِڪَ ٻڌي
پڙهائيندو هو ٻيو هر هڪ شاگرد کي پنهنجي ليڪچر ڏانهن ڇڪڻ لاءِ آماده ڪندو هو. سندس
ٻولي سادي، سهڻي هوندي هئي. سائين ۽ مون ٻين دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو
بنياد وڌو، جنهن جون گڏجاڻيون باقاعده ٿينديون رهنديون هيون ۽ اسڪول جي آڊيٽوريم ۾
ڪيترا ئي دلچسپ پروگرام ڪرائيندا رهندا هئاسون. سائين هڪ قابل ۽ ڏاهو استاد هوندو
هو.
هڪ دفعي مون پنهنجي
وس آهر هڪ ڪهاڻي لکي ۽ سائين کي تصحيح ڪرڻ لاءِ ڏني، پاڻ راتو رات ان کي درست ڪري
۽ عنوان تبديل ڪري رکيو ”رٺائي رهن پر هجن حياتي“ جيڪا ڪهاڻي پوءِ اسڪول جي مئگزين
۾ ڇپائي ڏنائين. تعليم جي حوالي سان سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. ۱۹۵۵ع ۾ مڊل اسڪول سڪرنڊ ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيو،
جتي مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريائين. ۱۹۵۷ع کان ۱۹۸۱ع تائين مختلف هاءِ اسڪولن ۾ انتظامي سربراهه
يعني هيڊ ماستر ٿي رهيو، جنهن دوران موري، قاضي احمد، دوڙ، درٻيلي، دولتپور، ٺارو
شاهه ۽ ڀريا هاءِ اسڪولن کي امتحاني مرڪزن جو درجو به ڏياريائين، جنهن سان سيڪنڊري
تعليم کي فروغ مليو. انهيءَ وچ ۾ ۱۹۶۱ع ڌاري پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ باني سنڌي، شعبي جي صدر ۽
انگريزي شعبي سان سبجيڪٽ ٽيچر طور وابسته رهيو، جتي سنڌي ادبي سنگت (سنڌي لٽرري
سوسائٽي) برپا ڪري شاندار رڪارڊ قائم ڪري ورتو. مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊپٽي رجسٽرار ۽
ٻين انتظامي عهدن تي ملازمت دوران ۱۹۸۳ع ۾ پاڪستان ليول تي ذاتي، قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي
چونڊجي سنڌ مدرسي کي موجوده درجو ڏيارڻ ۽ اداري جو تاريخي ڪردار اجاگر ڪرڻ ۾ سومري
صاحب جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. ڊاڪٽر سومري صاحب ۱۹۶۱ع ۾ رائيڊر هئگرڊ جو مشهور ناول "Return of City"
جو ترجمو ڪيو، جنهن تي کيس انعام مليو. سائين سومرو صاحب هڪ بهترين مضمون نگار، ڪهاڻي
ڪار ۽ درسي ڪتابن جو ليکڪ ٿي رهيو. کيس هميشه سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هڪ تعليمي ماهر جي
حيثيت سان ڏٺو ويندو هو. کيس ملڪ جي تعليم واري وزارت طرفان ڪيترا ئي دفعا انعام ۽
ايوارڊ ڏنا ويا. سائين سومري صاحب سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح تي هڪ وڏو مقالو لکي Ph.D جي ڊگري
حاصل ڪئي. پاڻ هميشه لکڻ پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ ۾ مشغول هوندو هو. سومرو صاحب اهو پهريون
ماڻهو آهي جنهن سنڌي ادب ۾ هڪ اهم تحقيق ڪري سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت جوڙي. لغت هڪ
ڏکيو ڪم آهي پر پاڻ ان قسم جي لغت تيار ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ انقلابي روايت وڌي ۽ سچ
ته سندس اهو ڪتاب اهم ترين ڪتاب ٿي ميدان تي آيو. ڊاڪٽر سومري صاحب مزاحيه ادب
کانسواءِ هڪ ٻي تحقيق تي ڪم ڪيو يعني ”سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ادبي ڪارج“ پڻ آهي.
اهي سڀ عنوان انتهائي ڏکيا ۽ ضروري آهن، جن تي ڊاڪٽر صاحب مفصل ڪم ڪيو آهي ۽ سچ ته
سندس شمار سنڌ جي تمام وڏن عالمن، استادن ۽ دانشورن ۾ ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب کانپوءِ
مٿي ذڪر ڪيل موضوعن تي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي. سائينءَ جا ٻيا ڪتاب جن ۾ ڪهاڻيون
شامل آهن تن جا نالا آهن: (۱) ۽ ڌوڙيا پئجي ويا، (۲) سهڻا ٽوهه، سائين جا ٻيا ڪتاب آهن: (۱) سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ورجاءُ، (۲) مترادفات سنڌي (لغت)، (۳) ساهتيءَ جي لغت، (۴) هڪ افريڪي ناول (Undesirable Elements) جو سنڌي
ترجمو ”ور چڙهي وڃڻ جي پيڙا“ جي نالي تي ڇپيو، جيڪو ترجمي نگاريءَ جو هڪ سهڻو
نمونو آهي. سائين ڪيترا سال لاڳيتو مختلف اخبارن ۾ مضمون ۽ مقالا لکندو رهيو پر
تحقيق کي هٿ مان نه ڇڏيو تيئن زندگي ۽ ٽه ماهي مهراڻ ۾ مسلسل لکندو رهيو. سائين ۽
منهنجو ناتو آخري دم تائين هلندو رهيو، پاڻ مهرباني ڪري حيدرآباد ۾ منهنجي گهر
ايندو هو ۽ مون کان لائبريريءَ مان ڪتاب کڻي تحقيق ڪري وري ڏنل وقت تي واپس ڪندو
هو، جيڪا هڪ وڏي ڳالهه آهي. آئون به سندس گهر وڃي اڪثر ڪري سندس قدم بوسي ڪري
ڪچهري ڪري واپس ايندو هئس. دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ڏئيس.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
نامور محقق، مترجم، ڪھاڻيڪار
۽ تعليمدان - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا
ساجد رند
غلام قادر سومرو ۱۵ جنوري ۱۹۳۳ع تي ڳوٺ ڏيٿا، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري
فيروز ۾ پيدا ٿيو.
پاڻ ۱۹۵۰ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ بي اي ۱۹۵۵ع ۾، بي ٽي ۱۹۵۷ع ۾، ايم اي ۱۹۶۰ع ۾، ايل ايل بي ۱۹۶۷ع ۾ ڪري پوءِ ۱۹۸۸ع ۾
علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ هيٺ ”سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح“ جي
عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪيائين.
پاڻ پيشي جي شروعات
هاءِ اسڪول ٺارو شاهه ۾ استاد مقرر ٿيڻ سان ڪيائين، ۱۹۵۷ع کان ۱۹۸۱ع تائين مختلف اسڪولن ۾ هيڊماستر، مهراڻ
انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه جو ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو
پرنسپال رهيو.
غلام قادر سومري ۱۹۵۵ع کان باقائدي لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس لکيل
پهريون مضمون ’سيد الشهداءِ‘ نواءِ وقت اخبار ۾ ڇپيو، ان ساڳيءَ اخبار ۾ ٻين لکندڙن
جي تحريرن تي سنڌي ٻوليءَ جي معيار جي حوالي سان اصلاحي تنقيدون لکندو رهيو، جڏھن
تہ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي رسالي جو جوائنٽ ايڊيٽر به رهيو.
ڊاڪٽر غلام قادر
سومرو ۱۹۷۰ع کان ۱۹۹۸ع تائين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سان لاڳاپيل رھيو، جتي ڪيترائي درسي ڪتاب لکڻ
کان علاوه مختلف اخبارن ۾ سلسليوار ڪالم لکندو به لکندو رهيو، جيئن روزاني عبرت ۾
”اڄ ڪبيون ڳالهيون صفا“، روزاني آفتاب ۾
”اُبتيون سبتيون ڳالهيون“ ۽ روزاني ڪاوش ۾ ”سندا ڳالهين ڳچ“ جي عنوانن سان ڪالم
شامل آھن.
غلام قادر سومرو
صاحب ڪيترن ئي علمي،ادبي،ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن جو صدر،جنرل سيڪريٽري ۽ نگران ٿي
رهيو.
سنڌ جو ھي عظيم
تعليمدان، اديب ۽ ڪھاڻيڪار ۹ آڪٽوبر ۲۰۰۵ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
غلام قادر سومري
جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
۱.سانئڻ
(رائيڊر هيگرڊ
جي ناول ”Return of She“جو ترجمو)
۲. . . ۽ ڌوڙيا پئجي ويا (مزاحيه ڪهاڻيون)
۳. سهڻا ٽوهه
۴.ور چڙهي وڃڻ جي پيڙا
(آفريڪي ناول
Undesirable Elements
جو ترجمو)
۵.سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت
۶.سنڌي ٻوليءَ ۾ انگن جو ڪارج
۷.سنگيت آچاريا ماسٽر چندر
۸. سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح
(۹) Webster based English to English and Sindhi Dictionary
۹.سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو ورجاءُ
۱۰.مترادفات سنڌي
۱۱. علامه دائودپوٽو: گهڻ پاسائين شخصيت
۱۲.سنڌي ٻوليءَ ۾ لکت ۽ انشاء جا مسئلا
۱۳. ڄارين جي ڄائي
۱۴. سنڌ ۾ ٽپال جو سرشتو
۱۵.شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ چوڻيون
۱۶.سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح
No comments:
راءِ ڏيندا