; سنڌي شخصيتون: مير اعظم علي ٽالپر، زرار پيرزادو، درِشھوار مرزا، مھتاب اڪبر راشدي، نور سنڌي، مجاھد بريلوي، ياسر قاضي،
Showing posts with label مير اعظم علي ٽالپر، زرار پيرزادو، درِشھوار مرزا، مھتاب اڪبر راشدي، نور سنڌي، مجاھد بريلوي، ياسر قاضي،. Show all posts
Showing posts with label مير اعظم علي ٽالپر، زرار پيرزادو، درِشھوار مرزا، مھتاب اڪبر راشدي، نور سنڌي، مجاھد بريلوي، ياسر قاضي،. Show all posts

14 October, 2018

شيخ عزيز

شيخ عزيز
صحافت جو استاد، شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو.
ڪراچي (رپورٽر) سينيئر صحافي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق شيخ عزيز، دل جو دورو پوڻ سبب وڇڙي ويو، ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري، سينيئر صحافي کي اڄ ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڪالهه سينيئر صحافي شيخ عزيز پنهنجي گھر وارن سان گڏجي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ دل جو دورو پيو. جنهن بعد هنگامي بنيادن تي کيس حيدرآباد جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بعد ڪراچي جي اسپتال نيو ويو. جتي سندس فوري طور تي دل جو آپريشن ڪيو ويو هو. ڪالهه صبح جو سوير سندس طبيعت ٻيهر خراب ٿي پئي، جنهن سبب هُو هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪري ويو. شيخ عزيز کي اڄ منجھند جو ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سندس لاڏاڻي تي عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادي، اقبال ملاح، سب ايڊيٽر جاويد بوزدار، سارنگ زين چانڊئي، رياض ابڙي، اي پي پي جي عبدالله سروهي، ڪرم علي شاهه ڪرم ۽ ٻين عزيز جي پٽ طارق عزيز شيخ سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. کاٻي ڌُر جي صحافين ۾ شمار ٿيندڙ صحافي شيخ عزيز پونيئرن ۾ بيواھ، ۲ پُٽ ۽ ۲ نياڻيون ڇڏيون آهن.