; سنڌي شخصيتون: ڪريم بخش خالد، عالم، اديب، محقق، دانشور، عبدالجبار عبد،
Showing posts with label ڪريم بخش خالد، عالم، اديب، محقق، دانشور، عبدالجبار عبد،. Show all posts
Showing posts with label ڪريم بخش خالد، عالم، اديب، محقق، دانشور، عبدالجبار عبد،. Show all posts

12 October, 2018

ڪريم بخش خالد - عبدالجبار عبد


ڪريم بخش خالد
ھڪ ناليرو عالم، اديب، محقق ۽ دانشور
عبدالجبار عبد
ڪريم بخش خالد، ۱۵ ڊسمبر ۱۹۲۸ع تي ضلعي شڪارپور جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ ڄائو. سندس والد جو حاجي محمد عثمان ميمڻ ھو. جيڪو پڻ پنھنجي ھنڌ ھڪ چڱو سگھڙ ھو. ڪريم بخش خالد ابتدائي تعليم کان پوءِ، سن ۱۹۴۵ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو. ان کان علاوھ پاڻ ۱۹۴۵ع ۾ بمبئي مان انٽرميڊيٽ ڊرائينگ، ۱۹۵۲ع ۾ ڪراچي مان بي اي ۽ ۱۹۵۷ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلومه جون ڊگريون حاصل ڪيون ھئائين. ساڳيءَ طرح ”سرڪاري ڪمن جي تشھير“ ۾ ڊپلومه (لنڊن ۱۹۶۹ع) جي سند پڻ حاصل ڪيائين. اطلاعات کاتي ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي، سنڌ اطلاعات کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي جي عھدي تي پھتو. جتان ”ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ ڪراچي“ جي عھدي تان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، ھو پوريءَ طرح علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف رھيو.