رزاق مهر
ڌيرج وند دوست
منظور ڪوھيار
سال ۱۹۷۴
جي روح رهاڻ ادبي سنگت، جيڪا ان زماني جي وات ڳاڙهن ڇوڪرن
تي مشتمل هئي. تن لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي. اڃا به ائين چئو ته ڌوڙ ڌڪا
مچائي ڇڏي. پوءِ ان ادبي سنگت جي ميمبرن مان سواءِ هڪ اڌ جي، هڙ جو هڙ ڀلوڙ ليکڪ ۽
صاحبِ ڪتاب ٿيا. هر هڪ جون لکڻيون منفرد ۽ انداز الڳ. جن ۾ مرحوم افضل قادري، مرحوم
ڪيهر شوڪت، مرحوم ملڪ آگاڻي، مرحوم واجد، مرحوم رزاق مهر؛ مرحيات سليم ڪورائي، مرحيات
زيب سنڌي، مرحيات منظور ڪوهيار ۽ مرحيات محمد علي پٺاڻ، مرحيات ممتاز ابڙو جن قابلِ
ذڪر آهن. توهان هروڀرو پريشان نه ٿيو. اھا ڪن زود رنج ماڻھن ان جي معنى، اڌ-مئو، اڌ-ڪٺل
يا نيم زنده لکي آھي. جڏھن ته عبدالوهاب سهتي جي ’لوڪ آ، ٻوڪ‘ ڊڪشنري مطابق مرحيات
جو اشتقاق آھي؛ مر + حيات. جنھن ۾ مر معنيٰ آھي؛ سدا، ڀلي. جيئن چوندا آھن؛ سڄڻ
ھجن ساڻ، پوءِ مَرُ پيا مينھن وسن. جڏھن ته حيات جي معنيٰ آھي؛ جيئرو، زندھ. ھاڻي
مرحيات جي معنى ٿي؛ سدا حيات، سدا جيئرو. سندس چوڻ مطابق ته لاڙڪاڻي جي چئن اديبن جي
ته جيئري ئي ورسي ٿيڻ گھرجي. جن ۾ مرحيات عنايت ميمڻ، مرحيات منظور ڪوهيار، مرحيات
محمد علي پٺاڻ ۽ مرحيات سليم ڪورائي. ڇو ته مئي کان پوءِ ماڻهو هٿ جي ٿا هڻن يا مبالغي
آرائي ٿا ڪن. بهرحال جڏهن سهتو صاحب ان پروگرام کي آخري شڪل ڏيندو، ته اسان کيس گذارش
ڪنداسي، ته پهريائين سليم ڪورائي جي ورسي ملهائي وڃي، جو سينئر ۽ روح رهاڻ ادبي سنگت
جي بانين مبانين منجھان آهي. اسان کي به پهريائين سندس تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو يا ڇوڏا
لاهڻ جو موقعو ملندو، ته ان ۱۹۷۹ ۾ روح
رهاڻ جھڙي سرگرم ادبي سنگت مٿان، تماچي هوٽل ۾، هڪ ’جن جي ڀاءُ‘ سان ويهڻ کي ڇو ترجيح
ڏني؟ منهنجو اشارو سمجھڻ وارا سمجھي ويا هوندا. وڌيڪ کول ورسي تي ڪبي، حالي في
الحالي ته بابا ولي؛ ڍڪي ڀلي.
