; سنڌي شخصيتون: عظيم سنڌي - فقير الهبچايو لغاري

17 September, 2014

عظيم سنڌي - فقير الهبچايو لغاري

عظيم سنڌي
سنڌ کي ان جهڙن جاکوڙين جي گهرج آهي
فقير الهبچايو لغاري
عظيم سنڌي ننڍ پڻ کان منهنجو لنگوٽيو يار رهيو آهي، اڄ تائين ڏوريندو پيو اچي. هيءُ مڙس 62 سالن جي عمر تائين رنگا رنگي واٽن جو ڏڌل انسان آهي.
پرائمري تعليم مورو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ به مورو مان ڪيائين. ڪاليج پڙهڻ لاءِ مهراڻ ڪاليج مورو ۾ پير پاتائين ته کيس شاگرد سياست جي چوٽ لڳي ته ڪامريڊ ۽ عطيم سنڌي بنجي ويو. ڪاليج يونين ۾ بطور صدر به رهيو. ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جي حد کان زياده خدمت ڪيائين. ايم اي سنڌي ادب ۾ به پوزيشن ماڻيائين. چواڻي آهي ته ”غربت تعليم جي راهن ۾ رڪاوٽ آهي“ جي مصداق پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. نوڪري مليس نه ورتائين. روزگار خاطر درزي بنجي ويو. پوءِ ته ادب جو سهارو وٺي دونهين دکائي پنهنجي گهر اڳيان دڪان ٺهرائي ٻه چار شاگرد ويهاري، سچائي سان ڪم ڪرڻ لڳو. ڏينهن پڄاڻان موري جو وڏو درزي بنجي ويو. شادي ڪيائين. اولاد ٿيس، غربت هوندي به پنهنجن سڪيلڌن پٽن کي پڙهائي پار پهتو. هن وقت سندس اولاد سٺين نوڪرين ۾ آهي. شل خوش هجن.


عظيم سنڌي، راشد مورائي ۽ استاد بخاري جي صحبت ۾ ادب ۾ وڏي مڃتا ماڻي ۽ سياست ۾ ڪامريڊ ٿي سائين جي ايم سيد جي فڪر جي پرچار ڪئي. شاعريءَ تي به طبع آزمائي ڪري شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”مٽي جي مهڪ“ نالي ڇپايائين. لڳ لاڳاپا ۽ تعلقات وڌائيندي سنڌ ۽ هنڌ جي اديبن سان ياري رکيائين. جيڪي اڄ تائين اوڀارا ۽ دهوارا ايندي ويندي موري مان عظيم سان سلا مالڪي ڪيو وڃن هڪ سٺو ڪالم نگار، شاعر، سنڌ جي ثقافتي راند ملهه ۽ ڪٻڊي سان عشق، ميلن ملاکڙن ۽ ادبي محفلن ۾ انائونسر ٿيڻ هن يار جو مشغلو هئا. سگا جا عهدا به ماڻيائين. عظيم سنڌي دوالي بند بندو هجڻ سبب به ياري جو دائرو وسيع، رکو سکو لولو به کارائيندو رهيو آهي. گهڻو ڪري سنڌ جي اديبن جي لسٽ ۾ نالو مٿين نمبرن تي درج ٿيل اٿس. هر روز هر وقت سندس درزڪي دڪان تي سنڌين جا ميڙا متا پيا هوندا آهن. ڪنهن سان ادبي ڪچهري ته ڪن جا لٽا سبڻ، ڪن سان ڀوڳ چرچو، خچر لکو، ته ڪن سان صوفياڻي رنگ ۾ ڪچهريون ڪرڻ، ڪن سان سياست، ته ڪن سان سگهڙائو جا ٻول ٻوليندي پنهنجي زندگيءَ جو سفر اطمينان قلب سان کلندي ۽ ٽهڪ ڏيندي، خوشيءَ ۽ خورميءَ سان طع ڪندو رهي ٿو. هر ڪنهن جي طبعيتن تان اوٽار، ڪسايون، زردايون ۽ غبار گتفگو دوران لاهي ڇڏيندو آهي. ڀڳوان جي ڀاڻي ۾ راضي رهڻ وارو عظيم سنڌي، علم جو عالم، کلڻو ملڻو، سنڌ جو سچو عاشق، ڏاهو، گهڻ سهو، گفتار ۾ ميٺاج سدائين سنڌي ويس ۾ ملبوس، خوش طبع وري اهڙو جو کيس ڪيترو به ڪير گهٽ وڌ ڳالهائيندا تڏهن به منهن تي گهنج نه چڙهندس ۽ نه ئي ڪنهن سان اگرو ڳالهائيندو، بلڪ ٽهڪن مٿان ٽهڪ پيو ڏيندو آهي. خاص ڪري نئين ٽهي لاءِ ته ائين آهي، جيئن تکا تارو، سيکڙاٽن کي هٿ مان وٺي تار ۽ تانگهو ٽپائي وڃي توڙ رسائين. هن وقت سندس ڪڙيءَ جو ڪو درياهه دل مورو ۾ ٻيو ڪو به ناهي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
عظيم سنڌي سماجي ڪمن ڪرڻ ۾ به ڪو نه گهٽايو آهي. ڪنهن مت جي موڙهي سنڌي، ڪنهن مسئلي لاءِ ڪيڏانهن ڇڪيو هوندس، ته هن فقير به جتي ڪا نه پاتي هوندي ۽ يڪدم انهيءَ جو مسئلو حل ڪري پوءِ واپس موٽندو. هڙان وڙان، وقت سيڙائي به هن يار، سنڌ ۽ بي سهارا سنڌين جي خدمت ڪئي آهي.
هن يار جيڪي سنڌ ۽ موري جي ليول تي سماجي خدمتون ڪيون آهن ڳڻي ڳڻجن ڪيتريون.
جيئن ته سنڌ جي ثقافتي راند ملهه سان هن جو عشق هو. وڏن ملهن سان صحبت هئڻ ڪري، سنڌ ۾ ملهه ايسوسيئيشن جو بنياد وجهڻ لاءِ پهرئين جوڙ جي ڀلوڙ ملهه غلام سرور جتوئي سان گڏجي جاکوڙيو.
مورو شهر جي سڄاڻ ڌرين سان گڏجي روشن تارا اسڪول جو بنياد وجهڻ لاءِ عظيم سنڌي جو اهم ڪردار رهيو.
مورو ۾ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان اشاعت جو سلسو به هن مانهيءَ مرد جي ڪوشش سان هليو.
مهراڻ ڪاليج مورو ۾ پرنسپال سيد علي بخش سان گڏجي سائنس سيڪشن جوڙائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو.
ڏيئو، ماهوار ساڃاهه، سنڌ رويو رسالي جي پبليڪيشن ۾ به عظيم جو ڪردار نمايان رهيو آهي.
ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي سماجي سرگرميون موري ۾ سر انجام ڏيندو رهيو آهي.

هن وقت سندس عمر جي ايام ڪاري جو سج نيرڙي ٽپهري تي آهي. تاهم اڃا به گهڻي لکڻ ۽ پڙهڻ سان ذوق جاري ۽ ساري اٿس. سچ پچ مورو شهر ۾ راشد مورائي ۽ عظيم سنڌي جي طفيل سنڌي ادب جي اڏام آسمان تي پهتي آهي. هن وقت راشد مورائي ته پرلوڪ پڌاري هتان هليو ويو. ادب جا ڄڻ ته پارا پالها ٿي ويا آهن، تاهم عظيم اڃا هاڪ جو حقدار آهي. عمر جي شام ۾ تن من صفا اٿس. نه ٺٺ، نه ٺانگر ۽ نه وري ڪا وڏائي اٿس. شال! رب سائين کيس عمر دراز بخشي. آمين. ۽ پڻ خوشيون بي انتها ماڻيندو رهي.

No comments:

راءِ ڏيندا