شمس الدين بُلبلِ
بُلبلِ سنڌ
ڊاڪٽر
محمد خان شيخ
شمس
الدين بلبل بلاشبه هڪ وڏو ماڻهو هو. وڏو ماڻهو ان شخص کي سڏيو ويندو آهي، جنهن جي عوامي
خدمتن ۽ ڪارنامن جو فائدو عوام کي مستقل طرح وڏي عرصي تائين ملندو رهي.
شمس
الدين بلبل اٽڪل ڏهه سال لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهي،
برصغير ۾ پاڻ کي هڪ ممتاز صحافي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. لاهور ۽ دهليءَ ۾ هن ڪالم
نويس ۽ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ صحافت جي دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪيائين. حيدرآباد
دکن جي وزيراعظم جي اصرار تي حيدرآباد دکن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. حيدآباد دکن
جو وزيراعظم سر آسمان جاهه عظيم مفڪر، ممتاز دانشور ۽ مسلم قوم جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي
هو. حضرت بلبل جي اسلامي نظريات ۽ خيالات کان متاثر ٿي کيس حيدرآباد دکن ۾ رهڻ جي دعوت
ڏني. سر آسمان جاهه بلبل جي مداحن مان هڪ هو.
حضرت
بلبل حيدرآباد دکن ۾ پهريائين خورشيد دکن ۽ پوءِ دکن پنچ جو مدير ٿي رهيو. سر سيد احمد
خان جي فڪر، فهم ۽ تحريڪ جو زبردست حامي هو ۽ سر سيد احمد خان جي انهيءَ حڪمت عمليءَ
جو قائل هو ته جيستائين مسلم قوم جديد تعليم حاصل نه ڪندي ۽ انگريز حڪومت جي ڪاروهنوار
۾ ڀرپور حصو نه وٺندي، تيستائين هو ذلت واري زندگيءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڪين سگهندي
۽ هميشه لاءِ غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور رهندي.
حضرت
بلبل جڏهن سنڌ ۾ واپس آيو ته خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي قائم ڪيل سنڌ مدرسة الاسلام
جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي مسلم قوم ۾ اسلامي، هنري ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جي
شوق ۽ ذوق جو جذبو پيدا ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ لڳي ويو. هفتيوار اخبار معاون ذريعي پهريائين
ته نام نهاد ملن ۽ مولوين جي انهيءَ طوفان کي بند ڪيائين ته انگريزي علم پرائڻ ڪفر
آهي، ان کانپوءِ پاڻ به پنهنجي شهر ميهڙ ۾ هڪ جديد قسم جي درسگاهه سنڌ مدرسة الاسلام
جي نالي سان قائم ڪيائون، جيڪا درسگاهه هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ون ميهڙ جي نالي
سان منسوب ۽ مشهور آهي ۽ لکن جي تعداد ۾ شاگرد هن درسگاهه مان تعليم حاصل ڪري وڏن وڏن
عهدن تي فائز ٿي چڪا آهن. هيءَ درسگاهه اڃا سوڌو علم جي روشني ڦهلائڻ جو ڪم ڪري رهي
آهي ۽ حضرت بلبل جو هي صدقه جاريه تاقيامت جاري رهندو.
حضرت
بلبل پنهنجي پوري زندگي مسلم قوم جي ڀلائي، بهتري ۽ اصلاح جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ڇڏي
هئي ۽ پنهنجي لاءِ مال دولت ميڙڻ جي کيس حرص ۽ حوس نه هئي. هن پنهنجي موروثي جائداد
۾ هڪ جريب جو واڌارو به نه ڪيو، کيس جيڪڏهن حرص هو ته صرف ۽ صرف پنهنجي قوم جي بهتري
۽ ڀلائي جو هو. حضرت بلبل جيڪڏهن چاهي ها ته هو ڪروڙن جي ملڪيت بنا ڪنهن تڪليف جي گڏ
ڪري سگهي ها، ان وقت سنڌ ۾ بلبل وڏي هلندي پڄنديءَ وارو شخص هو. جناب شيخ عبدالمجيد
سنڌي پنهنجي اخبار الوحيد، اسپيشل ايڊيشن سنڌ آزادي نمبر ۾ لکڻ فرمائي ٿو، مرحوم بلبل
وقت جي حاڪمن وٽ تمام وڏي رسائي وارو هوندو هو، رياست خيرپور جي ميرن ۽ وزيرن وٽ به
سندس وڏي عزت هئي. جناب پير علي محمد راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب اُهي ڏينهن اُهي شينهن
۾ لکي ويو آهي ته، ”هن مڙس جو ساري سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو.“ سر هينري لارينس سنڌ جو
ڪمشنر هڪ خط ۾ جيڪو ڪجهه حضرت بلبل کي لکيو هو، ان جو ترجمو هت ڏجي ٿو ”سرڪار محسوس
ڪيو آهي ته توهان مسلم قوم جا همدرد ۽ خير خواهه آهيو ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري ۽
واڌاري بابت اوهان جيڪي رايا پيش ڪندا آهيو، سي اسان عزت واري نگاهه سان ڏسندا آهيون.
انهي کانسواءِ حضرت بلبل کي سندس دلي دوست اي جي بولس ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو (ان وقت دادو
۽ ٺٽو به لاڙڪاڻي ضلعي اندر هئا) ۵۰۰
ايڪڙ زرعي زمين جو گرانٽ آرڊر
تحفي طور ڏنو، جيڪو هن معذرت سان کيس واپس ڪري ڇڏيو. هي زمين ميهڙ- لاڙڪاڻي روڊ سان
لڳ ڳوٺ جاني بند جي ڀرسان هئي. مقصد ڳالهه جو هي آهي ته وڏا ماڻهو ملڪيت ۽ دولت جي
پٺيان نه هوندا آهن، سندن زندگيءَ جو نصب العين سندن قوم جي ڀلائي ۽ بهتري هوندو آهي.
مال ملڪيت کي ڍونڍ سڏيو ويو آهي ۽ ڍونڍ جا پاسي ۽ طلبگار ڪتا هوندا آهن. وڏا ماڻهو
مال جي موهه ۾ گرفتار نه هوندا آهن، اوهان حضرت بلبل جي پوري زندگيءَ جو مطالعو ڪري
ڏسو، اوهان کي سندس هر ڪوشش، هر ڪاوش ۽ هر قدم ۾ مسلم قوم جي فلاح ۽ ڀلائي جو اونو
۽ الڪو نظر ايندو. حضرت بلبل قانون و قف علي الاولاد، قانون دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ
۽ قانون انڪمبرڊ اسٽيٽ جهڙا مسلم قوم جي فائدي وارا قانون پاس ڪرايا، جن مان اڃا سوڌ
مسلمان قوم فائدو حاصل ڪري رهي آهي. رئيس شمس الدين پاڻ ته ڪنهن به قانون ساز اسيمبليءَ
جو ميمبر نه هو، پر هنن ضروري ۽ مسلم قوم جي افاديت وارن قانونن طرف خانبهادر حسن علي
خان آفندي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جيڪي ان وقت ليجسليٽو اسيمبليءَ جا ميمبر هئا،
انهن جو هن طرف ڌيان ڇڪائي ۽ اهڙي ضروري معلومات گڏ ڪري ۽ سمورو مسودو ٺاهي سندن ڪم
آسمان ڪري ڏنائون، انهن قانونن جي پاس ٿيڻ تائين بلڪل ساڻن شامل رهيو. خانبهادر حسن
علي خان آفنديءَ ته کيس پاڻ سان گڏ اجلاس ۾ ويهاريو ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ائڪٽ جي
مسودي متعلق سندس قسم نامو ڪميشن وٽ ڏياريو ته پيش ڪيل سموري رپورٽ مليل پوري سنڌ مان
انگ اکر گڏ ڪري پاڻ تيار ڪئي آهي، جيڪا بلڪل صحيح ۽ سچي آهي. مٿي ذڪر ڪيل ٽئي قانون
حضرت بلبل جي ڪوشش سبب پاس ٿيا، جن جو فائدو اڄ تائين سنڌ جي مسلم قوم کي ملي رهيو
آهي، اهڙا قانون پاس ڪرائڻ ته وڏي ڳالهه آهي پر اهڙي قسم جي سوچ ۽ لوچ رکڻ به هر ڪنهن
جي وس جي ڳالهه ڪانهي. هي ڪم ته سياستدانن ۽ اسيمبليءَ جي چونڊيل ميمبرن جو هو، پر
مسلم قوم جي ڀلائي ۽ بهتري جو اونو ۽ اوسيئڙو ڪندڙ بلبل هي ڪم ڪيئن ٿي وساري سگهيو.
تڏهن ته قوم کيس دور انديش ۽ سياسي بصيرت رکندڙ رهنما مڃيو آهي.
حضرت
بلبل ظاهري طرح ته هڪ صحافي، اديب ۽ شاعر مشهور آهي، پر ان کان علاوه هو هڪ عظيم مفڪر،
بي مثال مدبر ۽ سياسي بصيرت رکندڙ ممتاز سياستدان به هو، پوري برصغير ۾ مسلمانن جي
الڳ رياست قائم ڪرڻ جي گهر ڪندڙ پهريون رهنما رئيس شمس الدين بلبل هو. اهڙو اظهار جناب
احمد خان آصف مصراڻي، جناب رشيد احمد لاشاري، جناب ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب پنهنجين
لکڻين ۾ ڪيو آهي، ان کان علاوه بلبل مرحوم جو هن سلسلي ۾ لکيل ڪتاب ”جام جم مطبوع سن
۱۹۱۸ع هڪ اهم دستاويزي ثبوت موجود آهي. حضرت بلبل ۽ جناب
سيد الهندو شاهه صاحب جي حڪومتي سطح تي پذيرائي نه ٿي.
حضرت
بلبل مفڪر، مدبر ۽ سياسي بصيرت رکندڙ رهنما کان علاوه ماهر تعليم به هو. وقت جي حڪومت
تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ حضرت بلبل جي رپورٽ تي عمل ڪندي هئي. ستين آل انڊيا مسلم
ايجوڪيشنل ڪانفرنس طرفان به حضرت بلبل کان تجويزون گهرايون ويون هيون ۽ خيرپور رياست
جا والي به تعليم جي بهتري لاءِ حضرت بلبل جي سفارشن ۽ تجويزن تي عمل ڪندا هئا. اهڙو
رڪارڊ موجود آهي. ان کان علاوه حضرت بلبل پنهنجي قوم جي نبض شناس به هو، هو جيڪو ڪجهه
لکندو هو، قوم جي نفسيات، احساسات ۽ رجحانات کي مد نظر رکي لکندو هو، جنهن جو مٿن نهايت
مثبت ۽ ديرپا اثر ٿيندو هو. مسلم قوم کيس پنهنجو همدرد ۽ هڏ ڏوکي سمجهندي هئي ۽ کيس
دل جي گهراين سان گهرندي ۽ عزت ڏيندي هئي. هڪ صدي گذرڻ بعد به بلبل مسلم قوم جي دلين
۾ موجود آهي.
رئيس
شمس الدين بلبل کي متفق طور تي سنڌي سليس اخباري زبان جو موجد مڃيو وڃي ٿو. حضرت بلبل
کي لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ صحافتي شعبي سان منسلڪ رهڻ سبب سليس اردو زبان لکڻ
جو تجربو ته هو، اهو ساڳيو طريقو هن سنڌ ۾ اچي سنڌي زبان ۾ استعمال ڪيو ۽ ان ۾ ڪامياب
ٿيو. بلبل کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي به سنڌي اخبارون شايع ٿينديون هيون، انهن جي سنڌي اهڙي
ته ڏکي هوندي هئي جو سواءِ فارسي دانن جي ٻيو ڪو ماڻهو اهڙي لکت سولائي سان پڙهي نه
سگهندو هو. ميرن جي دؤر حڪومت ۾ فارسي سرڪاري زبان هئي، ان ڪري فارسي ٻولي جو هر قسم
جي لکت تي وڏو اثر هو. انگريزن جي شروع واري دؤر ۾ به فارسي زبان جو وڏو اثر رهيو.
سربار ٽيل جي دؤر ۾ سنڌي لپي سن ۱۸۵۳ع
ڌاري عربي رسم الخط ۾ ۵۲ اکرن جي ٺهي راس ٿي ۽ ان کانپوءِ اٽڪل ۱۵ سالن بعد سنڌي اخبارون وجود
۾ آيون.
حضرت
بلبل کي جديد سنڌي صحافت جو باني تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ ۾ سليس اخباري زبان کي رائج
ڪرڻ وارو موجد مڃيو وڃي ٿو. بلبل جيڪڏهن هن قسم جي سليس سنڌي ٻولي جو سنڌ ۾ بنياد نه
رکي ها ته علم و ادب ۽ اخباري دنيا ۾ ان وقت جيڪو انقلاب آيو اهو اچي نه سگهي ها. حضرت
بلبل جو سنڌ واسين ۽ سنڌي زبان تي هي وڏو احسان آهي. جناب محمود خادم لاڙڪاڻوي ۽ محترم
محمد بخش واصف حيدرآباد ۽ جناب شيخ محمد ابراهيم خليل صاحب اهڙو انڪشاف پنهنجين لکڻين
۾ ڪيو آهي ته حضرت بلبل سليس سنڌي ٻوليءَ جو موجد آهي.
سنڌي
صحافت ۾ جيڪو هن تبديليءَ سبب انقلاب آيو، ان بابت جناب پير علي محمد راشدي صاحب اها
راءِ قائم ڪري ويو آهي ته رئيس شمس الدين بلبل سنڌ جو بلبل هو. سنڌي صحافت جو پايو
وجهندڙ هو. سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو هو (اُهي ڏينهن اُهي شينهن)
رئيس شمس
الدين بلبل مرحوم
پير
علي محمد راشدي
سنڌ جي علم
ادب
يا لٽريچر تي دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. اهڙي موقعي تي جڏهن سنڌ جي نئين تاريخ
پئي ٺهي، دادو ضلع ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا، جن مان هر هڪ پنهنجي لائن ۾ يگانو هو.
صحافت ۽
لٽريچر ۾ رئيس شمس الدين بلبل (ميهڙ).
ادب ۽ تاريخ
۾ علامه دائودپوٽو (ٽلٽي).
فلسفه، تصوف
۽ متفرق علوم ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي (پاٽ).
اهي ٽي ماڻهو
اهي هئا، جن نئين سنڌ ۾ پنهنجي علمي ڪمالات سان ذهني انقلاب آندو ۽ ان انقلاب جي
خود قيادت ڪيائون. هر هڪ جو ذڪر پنهنجيءَ جاءِ تي ايندو، هت فقط بلبل مرحوم بابت
مان پنهنجا تاثرات پيش ڪريان ٿو.
مون مرحوم کي
اکين سان ڪو نه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان
ڌاڪو ويٺل هو. جـُـوءِ ۾ ٻيا به گهڻائي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جو مٽ
ڪو نه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا: لاڙ ۾ محمد هاشم ”مخلص“
۽ اتر
۾ شمس الدين ”بلبل“. ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط
هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اُگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. مخلص جو
زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، بلبل کي قوم جي مستقبل جو به خيال رهندو هو تنهنڪري
سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي. هجو ۽ مذاق ٻنهي جي تحرير جو خاصو
هوندي هئي ۽ ماڻهو ٻنهي جي تحرير پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. البته هجو گوئي ۾ مخلص
جي قلم جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو، ۽ برعڪس ان جي
بلبل اڪبر الله آباديءَ جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.
سندن دور جو
وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي
چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن
سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي(جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه
ميسارجن) ۽ ساڳئي وقت نين حالتن پٽاندڙ زماني سازيءَ کان به ڪم وٺبو
رهجي. انهيءَ اصول جي بنا تي بلبل مرحوم هڪ طرف ته سنڌ مدرسي جي پايي وجهندڙ مرحوم
حسن علي آفنديءَ جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحرير ۽
ڪلام جي ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجن قديمي
تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو
تهذيبي جهاد هو، جنهن جو مقصد هو ته نوَن تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ
کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکبو اچجي.
ان ۾ ڪو شڪ
ڪو نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻيءَ حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر
رهيا، تنهنڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لـُـڙهي وڃڻ کان بچي ويا. ثبوت هيءُ
آهي ته ان زماني ۾ اسانجن ماڻهن تي مغربي تهذيب جو ايترو اثر ڪو نه هو، جيترو
آزاديءَ کان پوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون. انهن ڏينهن ۾ نه ايتريون پتلونون نظر
اينديون هيون، نه ايتري قدر بيپردگي، نه مغربي طرز زندگيءَ سان اهڙي وابستگي.
مرحوم ساري
زندگي ٻين ڪمن سان گڏ اخبار نويسي به ڪندو رهيو. ۱۸۸۹ع کان ۱۹۱۹ع
تائين (جنهن سال پاڻ وفات ڪيائين) ڪنهن نه ڪنهن اخبار سان وابسته رهي
پنهنجي خيالات جي اشاعت ڪندو رهيو. سندس مضامين نـِـجو لٽريچر هوندا هئا. اهڙي طرز
نگارش ورلي وري ڪنهن سنڌيءَ جي حصي ۾ آئي. اخباري مضمونن کان سواءِ نظم توڙي نثر ۾ ڪيئي
ڪتاب به لکي ڇڏيائين. مثلاً: (۱) نيچرل
ڪريما، (۲) ديوان بلبل سنڌي، (۳)بهار عشق، (۴)
رحيما، (۵) تيرهن ڄار، (۶) مسلمان ۽ تعليم (۷)
عقل ۽ تهذيب، (۸) قرض جو مرض، (۹) صد پند سود مند، (۱۰)
شمس المڪاتيب، (۱۱) احسن التواريخ، (۱۲) ديوان بلبل
فارسي، (۱۳) بهارستان بلبل، (۱۴) آئينه
ظرافت، (۱۵) گنج معرفت، (۱۶) ديني ڪتابن جو سلسلو.
مطلب ته بلبل
سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي
تهذيب جو راکو
هو.
ڪو ڏينهن
ايندو، جڏهن سـُـتل سنڌ ڪر ڀڃي اُٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان
لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنيٰ ۽ ڪوجهو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.
شمس الدين ”بلبل“
[۱۸۵۷ع – ۱۹۱۹ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شمس الدين ”بلبل“[1]
ولد بهادر خان شينو، بلوچستان جي ڀاڳناڙيءَ ۾ ۲۹ شعبان ۱۳۷۴ هه = ۲۱ فيبروري ۱۸۷۵ع تي تولد ٿيو. ابتدائي تعليم
پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتائين. سندس والد نهايت خدا پرست ۽ ديندار شخص هو؛ جيڪو گهرو جهڳڙن
سببان ۱۸۶۷ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ دادو ضلعي جي
تعلقي ميهڙ ۾ اچي آباد ٿيو، جتي هن نينگر پنهنجي تعليم جاري رکي، جنهن ڪري ستت ئي
پنهنجي ذهانت ۽ اور چائيءَ سببان ڪافي ڪتاب پڙهي پيو.
جيئن ته سندس پيءُ پوڙهو ٿي چڪو
هو ۽ هن نينگر کانسواءِ ٻيو ڪو به سهارو نه هوس؛ انهيءَ ڪري پنهنجي پٽ کي وڌيڪ
تعليم ڏيارڻ بدران، آبپاشي کاتي ۾ ۱۸۷۹ع ڌاري
ملازمت وٺي ڏني ، جتي داروغي جي عهدي تي رسندي ، ۱۹۰۰ع ۾ رٽاير ڪيائين.
شمس الدين کي ڪتابن پڙهڻ جو
ايڏو ته شوق هو، جو اڪثر سندس ٿيلهي ۾ يا بستري ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا. پاڻ زماني
جو ماڻهو هو ۽ ساڳئي وقت وسيع معلومات جو مالڪ پڻ هو. عربي؛ فارسي ۽ سنڌي زبانن تي
خاصو عبور حاصل هوس. ”بلبل“ تخلص سان شاعريءَ طرف قلم کيائين؛ جنهن کي ايترو ته
نباهيائين جو غير معمولي ذهانت سببان ”قادرالڪلام“ شاعر بڻجي پيو.
”بلبل“ بلند پايه شاعر هجڻ سان
گڏوگڏ صحافي ۽ منفرد نثر نويس پڻ هو. پاڻ ڪيترن ئي رسالن
۽ اخبارن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. اخبار ”معاون سنڌ“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ ۾ ڏنل تحريرون ۽ فن ظرافت سندس طبيعت ۽ ذهانت جو موقع معلوم ٿين ٿا. سندس مڪمل ”ديوان“ به
آهي، جيڪو ۱۹۲۵ع ۾ مرتب ڪيو هئائين. ان جا
ڪيترائي ڇاپا نڪتا آهن. تازو مئي ۱۹۶۹ع ۾
مرتب سنڌي ادبي بورڊ، سندس ديوان ۽ ٻيو رهيل ڪلام ”ڪلام بلبل“ (جولاءِ ۱۹۶۹ع) جي نالي سان پڻ نئين آب و تاب سان شايع ڪيو آهي.
مرحوم ”بلبل“ جون سنڌي ادب بابت
ڪيل خدمتون سونهري اکرن ۾ لکيون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ جو پاڻ شاعريءَ جي سلسلي کي نئون
موڙ ڏيندي، ظرافت کي پڻ جديد نوع ۾ نروار ڪيو آهي. سندس ظرافت ۾ مزاح سان گڏ طنز
جو عنصر به غالب آهي ؛ جنهن ۾ جاءِ بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي پهلو سمايل آهي. هن
زندگيءَ ۾ سوسائٽيءَ تي ڀرپور طنز ڪري، ان جون خاميون وضاحت سان نروار ڪيون آهن.
انهيءَ لحاظ کان کيس ظريفانه شعر ۾ لاثاني شاعر سڏجي، ته بجاءِ ٿيندو. ظريفانه شعر
جنهن باڪمال نموني ۽ نهايت ئي وڻندڙ اسلوب سان بيان ڪيو آهي، جو کانئس اڳ ڪنهن به
شاعر انهيءَ طرف سوچيو به نه آهي ۽ نه وري کانئس پوءِ جو ڪو شاعر انهيءَ سلسلي ۾
ساڻس برميچي سگهيو آهي، حالانڪ ڪيترن ئي شاعرن سندن تتبع به ڪئي آهي.
سندس
طبيعت فقيراڻي، صورت درويشاڻي ۽ سيرت انساني هئي نهايت ئي متو ڪل ۽ زمانه شناس شخص
هو. جهڙو هو عالم، ته تهڙو ئي هو وري عابد. سندس لائق فرزند ضياءُ الدين (۱۹۱۰-۱۹۶۶ع) به
سندس صحيح جا نشين ثابت ٿيو. سندس شاگردن جو حلقو نهايت وسيع هوندو هو ؛ جن مان
نواز علي ”نياز“ جعفري، ماستر جمع خان ”غريب“ ۽ ضياءُ الدين جا نالا سر - فهرست
آهن. ٻاهٺ بهارون ڏسي ۱۳ شعبان ۱۳۲۸ هه ۱۷ جولاءِ ۱۹۱۹ع تي
دارافنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندس آرامگاهه ميهڙ جي قبرستان ۾ آهي.
”مزاحيات“ ، ”جام جم“ ، ”مسلمان
۽ تعليم“، ”ديوان بلبل“ ۽ ”ڪلام بلبل“ سندس لازوال تصنيفات ڇڏيل آهن.
شمس الدين “بلبل”
شخصيت ۽ ان جون خدمتون
ڊاڪٽر محمد آدم ٻٽ
رئيس شمس الدين
“بلبل” جو جنم ۲۱ فيبروري ۱۸۵۷ع تي بهادر خان شينو جي گهر ۾ ٿيو. شينو، ابڙو قبيلي جي ذات ۽ نُک آهي. ان ڪري
بلبل ڪڏهن ابڙو ته ڪڏهن شينو به سڏائيندو هو. بلبل جو جنم اهڙي دور ۾ ٿيو، جڏهن
هند ۽ سنڌ جا ماڻهو انگريز حڪمرانن خلاف آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيا هئا، پر اها جنگ
مختصر عرصي ۾ ئي دٻجي وئي، جنهن کي انگريزن بغاوت جو نالو ڏنو.
آزاديءَ جي ان
باغيانه ويڙهه جي خاتمي بعد انگريزن کي محسوس ٿيو، ته اهي مقامي ماڻهن جي تعاون
کانسواءِ پنهنجي سامراجي بيٺڪيت کي گهڻي عرصي تائين قائم نه رکي سگهندا، تنهنڪري
هنن هندستان جي ماڻهن کي تعليم سميت سياسي ۽ سماجي قسم جي چرپر جو پڻ حق ڏنو. بلبل
جو جنم هڪ اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جيڪو مذهبي سوچ جي حوالي سان راسخ العقيده هو، تنهنڪري
بلبل جي تعليم سرڪاري سرپرستي ۾ هلندڙ تعليمي سرشتي بجاءِ مدرسن واري تعليم موجب ڪئي
وئي. بلبل جي سوانح نگار ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل” ڪتاب “بلبل سنڌ” ۾ لکيو
آهي ته: بلبل، ميهڙ جي باگو تيوڻو، رهڙو شريف جي مدرسن ۽ آخر ۾ پاٽ جي مدرسي مان
ان دور جي وڏي عالم فاضل بزرگ مخدوم فضل
الله عرف عارف بالله جي نگراني ۽ سرپرستي هيٺ قومي رواج موجب رڳو سنڌي ۽ فارسي جي
تعليم حاصل ڪئي.
درس و تدريسي جي تڪميل
بعد بلبل ۱۸۷۲ع ۾ عملي زندگيءَ ۾ قدم رکيو، بلبل جي عملي زندگيءَ جا ٻه دور آهن، هڪ ۱۸۷۲ع کان ۱۸۸۸ ٻيو، ۱۸۸۹ع کان ۱۹۱۹ع وفات وقت تائين، پر حقيقي معنيٰ ۾ بلبل جي عملي زندگيءَ جو دور ۱۸۸۹ع کان ۱۹۱۹ع تائين جو آهي. جنهن ۾ هو علم ادب، صحافت ۽
سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ سماجي، ثقافتي توڙي معاشي زندگيءَ جي سڌاري لاءِ
انتهائي متحرڪ نظر اچي ٿو. بلبل جي زندگيءَ ۾ اهو تحرڪ تڏهن پيدا ٿيو، جڏهن سنڌ
مدرسي جي باني حسن علي آفندي سان ملاقات ڪري،
ان جي قائم ڪيل تنظيم سنڌ محمدن
ايسوسيئيشن ۽ مدرسي جي هفتيوار اخبار “معاون” کي ان جي ايڊيٽر طور جوائن ڪيو. حسن
علي آفندي سان ملاقات بلبل جي زندگيءَ لاءِ اهم تاريخي دور ثابت ٿي،
جتان اڳتي هلي بلبل
ادب، صحافت ۽ سماجي اصلاحي ترقيءَ جي ميدان ۾ خاص طور ۽ سياسي حوالي سان عمومي طور
مسلمانن جو هڪ متحرڪ اڳواڻ ٿي اڀريو. ان سلسلي ۾ ۱۸۷۶ع کان ۱۸۸۸ع تائين هن جو دهلي ۽ دکن جو ٻارنهن سال
زندگيءَ جو تجربو بنيادي اهميت رکندڙ هو، ڇاڪاڻ ته ان دوران هن هندستان جي سماج کي
جديد تعليم جي حاصلات جي حوالي سان وڏي تيزيءَ سان ترقي ڪندي ڏٺو. جڏهن ته سنڌ جو
مسلمان ان کان ڪوهين ڏور بيٺل هو. دهلي، دکن، بمبئي ڪلڪتو ۽ مدراس توڙي بنگال سميت
هندستان جو مسلمان جديد تعليم ذريعي سماجي، سياسي معاشي ثقافتي ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهي رهيو هو. پر سنڌ جو
مسلمان مذهبي ڪٽرپڻي جي انتها پسندي ڪري اڃا به جاهليت جي اوندهه جي ڄار ۾ ڦاٿل
هو. سنڌ جي شعور جو حال هڪ تباهه ۽ برباد ٿيل
ڀڄندڙ ڀرندڙ عمارت وانگر هو. بلبل
اهڙِي مشڪل ۽ ڏکوئيندڙ حالت ۾ سنڌ جي
مسلمان سماج کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ هڪ متحرڪ مبلغ ۽ پرچارڪ اڳواڻ
۽ رهنما جي طور پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جنهن لاءِ هن محسوس ڪيو ته، جيستائين سنڌ جو
مسلمان جديد تعليم سان ويجهڙائپ اختيار نه ڪندو، تيستائين هو نه پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي
سگهندو ۽ نه وري پنهنجي مسئلن کي سمجهي پنهنجي حالت سڌاري سگهندو. ۱۹۰۶ع ۾ پنهنجي شهر ميهڙ ۾ اينگلو- ورنيڪيولر بنياد تي اسڪول قائم ڪرڻ جي پٺيان پڻ
اهائي بنيادي سوچ هئي، ته ڪيئن به ڪري
مسلمانن کي جديد تعليم ڏانهن راغب ڪجي ۽ کين تعليم جون سهولتون فراهم ڪري روشن
خيالي ۽ شعوري ترقيءَ جي منزل ڏانهن وک وڌائڻ
جي راهه ۽ واٽ هموار ڪجي.
بلبل سنڌ کي جديد
تعليم ذريعي روشن خيالي ۽ ترقي پسندي جي نواڻ ۽ جدت ڏانهن وٺي وڃڻ پئي چاهيو، ڇاڪاڻ
ته سنڌ انگريزن جي دور ۾ نئين اڏاوت ۽ تعمير جي جنهن مرحلي ۾ داخل ٿي رهي هئي اهو
دور هر حوالي سان هڪ اٿل پٿل ۽ تبديليءَ جو نهايت تيزيءَ وارو دور هو، بلبل تعليم
کي سماج ۾ انقلاب ۽ اٿ پٿل آڻڻ جو سڀ کان سگهاري هٿيار طور استعمال ڪيو. جيتوڻيڪ
بلبل پاڻ پارسي خوانده مڪتبه جو پڙهيل هو، مگر سنڌ جو روشن مستقبل هن کي انگريزي
تعليم ۾ نظر پئي آيو. اهو ئي سبب هو جو نوجوان نسل کي ناصحاڻي انداز ۾ هو اهو
چوندي نظر اچي ٿو ته جيڪڏهن تون چاهين ته قدرت توتي مهربان ٿئي ۽ تون هن ملڪ جو پاڻ
کي حڪمران ڏسڻ گهرين ته پوءِ توکي انگريزي علم پڙهڻ گهرجي.
بلبل جي خيال ۽
خواب ۾هڪ اهڙي سنڌ هئي جيڪا جديد بنيادن تي تعمير ٿيل روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ
رکندڙ هجي. جنهن جي سياسي، سماجي ثقافتي ۽
معاشي وسيلن جا مالڪ سنڌ جا ماڻهو هجن، بلبل گڏيل ۽ بنا تفريقي بازي واري سوچ رکندڙ
شخصيت جو مالڪ هو. هن جي خوابن ۽ خيالن جي اها سنڌ هئي، جنهن ۾ ڪا به تفرقي بازي
نه هجي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجون عيدون ۽ ڏياريون گڏجي ملهائڻ واري ثقافتي روين جي
سهپ ۽ رواداري جهڙن قدرن جا امين هجن. بلبل جيتوڻيڪ پاڻ مڪتبن ۽ مدرسن جو روايتي
تعليم يافته هو، مگر وقت ۽ دور جي حساب سان زمان ۽ مڪان جي گهرجن موجب، هن انگريزي
تعليم جي حصول کي اوليت ڏني. جنهن جو هڪڙو مثال ميهڙ شهر ۾ پنهنجي هڙان وڙان
پنهنجي ذاتي زمين منجهان ۶ جريب مختص ڪري علم جو روشن مينار تعمير ڪرايائين جيڪو
ان زماني ۾ مدرسه اسڪول سڏيو ويو. اهو اسڪول پنهنجي هڪ صديءَ کان مٿي عمر گذاري چڪو
آهي، ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي هينئر هاءِ اسڪول ون جي نالي سان سڏجي ٿو. هن
اسڪول جو شمار دادو ضلعي جي قديم ۽ اولين تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. تعليم کان سواءِ
بلبل سنڌ جي ماڻهن جي حقن ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي ٻيا ڪم ڪيا، اهي ڪجهه هيٺين ريت آهن،
۱.دکن ايگريڪلچر رليف ايڪٽ: ۱۸۹۲ع ۾برطانيه سرڪار سموري هندستان ۾ وياج مٿان وياج جي
بنياد تي گروي رکيل زمينن جا ڪيس ٻڌڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي، ان ڪميشن ٺاهڻ جو هڪ
مقصد گروي جي آڌار قبضي هيٺ آيل زمينن جو مامرو حل ڪرڻ هو، جيڪا هندستان جي شهر
پونه کي مرڪز بنائي ويٺي، اها ڪميشن بعد ۾ پونه ڪميشن جي نالي سان مشهور ٿي،
”بلبل“ حسن علي آفندي سان گڏجي سنڌ جي
آبادگارن ۽ زميندارن جي زمينن جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ ان ڪميشن آڏو پيش ٿيو. مگر
زمينن جي گروي جو معاملو ايترو ته پيچده هو جو بمبئي کان سنڌ جي آزادي بعد به
خانبهادر الهه بخش سومري جهڙو برجستو ۽ قابل وزيراعظم ان کي حل نه ڪري سگهيو.
۲.تعليم سيس ٽيڪس: بلبل جو خيال هو ته سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري ۽ توسيع لاءِ
سنڌ جي زميندارن کان ڍل ۽ محصول جي اوڳاڙي جي مد ۾ ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ته جيئن
مسلمان معاشري لاءِ بهتر تعليم جو بندوبست ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ سيد الهندو شاهه ۽
خانبهادر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي توسط سان ۱۹۱۲ع ۾ بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي مان ايجوڪيشن
سيس ٽيڪس پاس ڪرائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ ۽ ڪردار ادا ڪيائين.
رسائي ڇيڙ لاپو:
گشت ۽ پڙتال جي بهاني هيٺ انگريز آفيسر جڏهن فيلڊ ۾ نڪرندا هئا ته انهن جي رهائش ۽
خدمت وغيره ڪرڻ جي سلسلي ۾ جوڳا بندوبست ڪرڻ لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويندو هو.
جنهن جي پورائي لاءِ ماتحت آفيسر وري زميندارن ۽ وڏيرن کان مدد طلب ڪندا هئا، جنهن
جو عذاب سنڌ جي مقامي غريب هاري پورهيت کي ڀوڳڻو پوندو هو. ان گشت جي پيڙاءَ ۽ مشڪلات
سبب ڪيئن مسڪين پورهيت عوام کي معاشي ۽ ذهني دٻاءَ منجهان گذرڻو پوندو هو، ان جو ذڪر
سائين جي ايم سيد جي پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۾ پڻ ڪيو آهي. سنڌ ۾
شمس الدين ”بلبل“ پهريون شخص هو جنهن ان سماجي برائي خلاف ان دور جي ٻن وڏين
اخبارن ”الحق“ ۽ ”آفتاب سنڌ“ ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي آواز اٿاريو. ان سان گڏ رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيد الهندو شاهه جي مدد سان بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ مان ٺهراءُ
پاس ڪرايائين، اهڙو ذڪر محمد هاشم لغاري پنهنجي ڪتاب “رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، شخصيت
۽ عملي ڪم” ۾ پڻ ڪيو آهي.
سنڌ جي بمبئي کان
آزادي: بلبل سنڌ جي بمبئي سان الحاق جو سخت مخالف هو، بمبئي سان الحاق هجڻ جي ڪري
سنڌ جي عوام جي جيڪا تعليمي معاشي ۽ سماجي ڦرلٽ ۽ تباهي ٿيندي هئي، بلبل ان جو ذڪر
پنهنجي ڪتابن ”جام جم“، ”مسلمان ۽ تعليم ۾“ مدلل انداز ۾ ڪيو آهي، سنڌ جو هي
پهريون مسلمان اڳواڻ هو جنهن ”الحق“ ۽ “آفتاب سنڌ“ اخبارن جي ايڊيٽر هجڻ جي حيثيت
۾ ٻنهي اخبارن ۾ بمبئي جي الحاق خلاف آواز اٿاريو، ۽ بمبئي کان سنڌ جي آزادي جي حق
۾ ڀرپور مضمون لکيا. اڳتي هلي محمد ايوب کهڙي جي سربراهي ۾ سنڌ جي سياستدانن سنڌ
محمد ايسوسيئيشن تنظيم جي پليٽ فارم تان بمبئي
کان سنڌ جي آزادي لاءِ جيڪا تحريڪ هلائي ان جو بنياد وجهندڙ حسن علي آفندي،
جڏهن ته حقيقي روح روان شمس الدين ”بلبل“ هو.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا