; سنڌي شخصيتون: شمس الدين بُلبلِ، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، پير علي محمد راشدي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر محمد آدم ٻٽ،
Showing posts with label شمس الدين بُلبلِ، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، پير علي محمد راشدي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر محمد آدم ٻٽ،. Show all posts
Showing posts with label شمس الدين بُلبلِ، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، پير علي محمد راشدي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڊاڪٽر محمد آدم ٻٽ،. Show all posts

17 September, 2014

شمس الدين بُلبلِ

شمس الدين بُلبلِ

بُلبلِ سنڌ

ڊاڪٽر محمد خان شيخ



شمس الدين بلبل بلاشبه هڪ وڏو ماڻهو هو. وڏو ماڻهو ان شخص کي سڏيو ويندو آهي، جنهن جي عوامي خدمتن ۽ ڪارنامن جو فائدو عوام کي مستقل طرح وڏي عرصي تائين ملندو رهي.

شمس الدين بلبل اٽڪل ڏهه سال لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ صحافت جي شعبي سان منسلڪ رهي، برصغير ۾ پاڻ کي هڪ ممتاز صحافي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. لاهور ۽ دهليءَ ۾ هن ڪالم نويس ۽ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو ۽ صحافت جي دنيا ۾ مشهوري حاصل ڪيائين. حيدرآباد دکن جي وزيراعظم جي اصرار تي حيدرآباد دکن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. حيدآباد دکن جو وزيراعظم سر آسمان جاهه عظيم مفڪر، ممتاز دانشور ۽ مسلم قوم جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هو. حضرت بلبل جي اسلامي نظريات ۽ خيالات کان متاثر ٿي کيس حيدرآباد دکن ۾ رهڻ جي دعوت ڏني. سر آسمان جاهه بلبل جي مداحن مان هڪ هو.