عظيم سنڌي
سنڌ کي ان جهڙن جاکوڙين جي گهرج آهي
فقير
الهبچايو لغاري
عظيم
سنڌي ننڍ پڻ کان منهنجو لنگوٽيو يار رهيو آهي، اڄ تائين ڏوريندو پيو اچي. هيءُ مڙس
62 سالن جي عمر تائين رنگا رنگي واٽن جو ڏڌل انسان آهي.
پرائمري
تعليم مورو مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ به مورو مان ڪيائين. ڪاليج پڙهڻ لاءِ مهراڻ ڪاليج
مورو ۾ پير پاتائين ته کيس شاگرد سياست جي چوٽ لڳي ته ڪامريڊ ۽ عطيم سنڌي بنجي ويو.
ڪاليج يونين ۾ بطور صدر به رهيو. ڪاليج ۾ سنڌي شاگردن جي حد کان زياده خدمت ڪيائين.
ايم اي سنڌي ادب ۾ به پوزيشن ماڻيائين. چواڻي آهي ته ”غربت تعليم جي راهن ۾ رڪاوٽ آهي“
جي مصداق پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. نوڪري مليس نه ورتائين. روزگار خاطر درزي بنجي ويو. پوءِ
ته ادب جو سهارو وٺي دونهين دکائي پنهنجي گهر اڳيان دڪان ٺهرائي ٻه چار شاگرد ويهاري،
سچائي سان ڪم ڪرڻ لڳو. ڏينهن پڄاڻان موري جو وڏو درزي بنجي ويو. شادي ڪيائين. اولاد
ٿيس، غربت هوندي به پنهنجن سڪيلڌن پٽن کي پڙهائي پار پهتو. هن وقت سندس اولاد سٺين
نوڪرين ۾ آهي. شل خوش هجن.
