; سنڌي شخصيتون: مقصود گل، مصطفيٰ ملاح، شاهنواز ڀٽي، رضوان صابر، ثناءُالله شيخ، راھب ڳاھو، اظھر جوکيو، حسن ٽڳڙ،
Showing posts with label مقصود گل، مصطفيٰ ملاح، شاهنواز ڀٽي، رضوان صابر، ثناءُالله شيخ، راھب ڳاھو، اظھر جوکيو، حسن ٽڳڙ،. Show all posts
Showing posts with label مقصود گل، مصطفيٰ ملاح، شاهنواز ڀٽي، رضوان صابر، ثناءُالله شيخ، راھب ڳاھو، اظھر جوکيو، حسن ٽڳڙ،. Show all posts

18 January, 2014

رشيد صابر


رشيد صابر
ساروڻين جي آئيني ۾
مقصود گل
شڪسپيئر هن دنيا کي هڪ وڏي اسٽيج ڪرار ڏيندي هر ماڻهوءَ کي هڪ فنڪار ڪوٺيو آهي. جيڪي هن دنيا يا زندگيءَ جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري پردي جي پويان اوجهل ٿي وڃن ٿا. ۽ انهيءَ پردي کي ٻين لفظن ۾ اسان موت به ڪوٺي سگهون ٿا.
اسان جا ڪيترا ئي، پرين پيارا، يار دوست ۽ عزيز اقارب به هن دنيا جي اسٽيج تي آيا، پنهنجي زندگي جون اهم ذميواريون نڀايائون. لکيا پڙهيا، گهميا ڦريا ۽ پنهنجي حصي جا ڪم ڪاريون اڪلائي. ڪيئي ڪم ڪاريون رٿون ۽ ارادا اڌ ۾ ڇڏي. پنهنجي مرضيءَ ۽ منشور کان سواءِ هي جهان ڇڏي اڻ ڏٺي جهان ڏي رڻ جا راهي بڻجي هليا ويا. ۽ اهڙا هليا ويا جو ويا ته وري نه موٽيا.