; سنڌي شخصيتون: خانصاحب، عبدالحميد، خان، جتوئي، سنڌ، پارلياماني، سياست، روشن، ستارو، ايم بي عرساڻي،
Showing posts with label خانصاحب، عبدالحميد، خان، جتوئي، سنڌ، پارلياماني، سياست، روشن، ستارو، ايم بي عرساڻي،. Show all posts
Showing posts with label خانصاحب، عبدالحميد، خان، جتوئي، سنڌ، پارلياماني، سياست، روشن، ستارو، ايم بي عرساڻي،. Show all posts

17 January, 2014

عبدالحميد خان جتوئي - ايم بي عرساڻي

خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي
سنڌ جي پارلياماني سياست جو روشن ستارو
ايم بي عرساڻي
ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي مرڻ بعد ائين لڳندو آهي ڄڻ ته اهي هن دنيا ۾ آيا ئي نه هئا، پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي موت سان نه مرندا آهن، بلڪ اهي پنهنجن ڪارنامن ڪري هميشه ياد رکيا ويندا آهن اهڙن ماڻهن مان عبد الحميد خان جتوئي هڪ هو. عبدالحميد خا ن جتوئي ۱۹۲۲ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئيءِ ۾ جناب قادر بخش خان جتوئيءِ جي گهر جنم ورتو قادر بخش خان جتوئي ۽ سندس ڀائر ڪريم بخش خان ۽ ڌڻي بخش خان به بمبئي ليجسليشن جا ميمبر رهي چڪا آهن. جڏهن ۱۹۳۱ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعي کان توڙي دادو ضلع ٺاهيو ويو ته خان بهادر محمد پريل ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون پريزيدنٽ ۽ سائين جي ايم سيد پهريون وائيس پريزيڊنٽ بڻيو. جڏهن ته قادر بخش خان جتوئي ان جي پهرين ميمبرن ۾ شامل هيو. ان جي وڏن جي حيثيت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن انگريز سرڪار جي ڪوشش سان چانڊيه مگسي تڪرار جو نبيرو ٿيو ته چانڊين جي ڌر پاران جيڪي ۳ امين مقرر ٿيا هئا انهن ۾ ڌڻي بخش خان جتوئي به شامل هو. خان صاحب عبدالحميد خان جتوئي صرف ٻه درجا انگريزي تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ ۱۹۵۳ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو ۽ ۱۹۷۰ ع تائين مسلسل ڪامياب ٿيندو رهيو، سواءِ ۱۹۶۴ع وارين ٻن اليڪشن جي، جنهن ۾ سيد امير حيدر شاهه ڪامياب ٿيو (ان وقت دادو ۽ ڄامشورو ضلعو گڏ هئا ۽ انهن تي قومي اسيمبلي جي صرف هڪ سيٽ هوندي هئي). ٻيو دفعو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي وفاقي وزير بڻجڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪئي هئي ته ان جي ننڍي چونڊ ۾ سردار پير بخش ڀٽو ڪامياب ٿيو هو (ان زماني ۾ اهو قانون هو ته ڪو به اسيمبلي ميمبر وزير نه ٿي سگهندو هو) ۱۹۷۷ع ۾ ۱۹۷۳ع جي آئين تي صحيح نه ڪرڻ ڪري ڀٽي صاحب سان اختلاف ٿيڻ سبب اليڪشن ۾ نه بيٺو ۽ سندس وڏو پٽ لياقت علي ميهڙ ۽ خيرپور واري تڪ تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو. ان بعد پ پ پ جو اميدوار حاجي ظفر علي خان لغاري ۱۹۸۸ع ۾ رفيق احمد مهيسر ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۳ع ۾ ڪامياب ٿيا. ۱۹۷۷ ۾ وري پاڻ آخري دفعو اليڪشن لڙيو ۽ رفيق احمد مهيسر کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ آندو ويو ته پير الاهي بخش، شيخ خورشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سان گڏ ان جي خلاف ووٽ ڪيائين. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو هو. پر اڪثريٽ جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ايوبي آمريت ۾ ۴ مارچ تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو نه صرف ضامن پيو پر جڏهن هڪ تقريب ۾ ان واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين، هو ايڏو ته بيباڪ هو جو قومي اسيمبليءِ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته مان محمد خان جوڻيجو (وزير اعظم) کي شريف ماڻهو سمجهندو هيس پر هو ان جي ابتڙ ثابت ٿيو، ۱۹۷۳ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان وقت حڪمران کيس اهو چيو ته ۱۰ سالن بعد صوبائي خود مختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ آهي ته تون ڏهه سال جيئرو به هوندين ۽ وزير اعظم ب؟؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل ته موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان سندس موقف سچو ثابت ٿيوجنهن ڪري ارڙهين ترميم تحت ڏنل صوبائي خودمختياري به صرف ڪاسميٽڪ ٿي لڳي. خان صاحب رئيس محمد بخش جمالي، حاجي امير بخش جوڻيجو، سيد عبدالله شاهه، حاجي ظفر علي لغاري، رئيس پير محمد خان شاهاڻيءِ ۽ منير احمد چنه کي پهريون دفعو پ پ پ ٽڪيٽ ڏيارڻ ۽ مظهر حسين گهلو، سيد ڪوڙل شاهه، سيد محمد شاهه ۽ قاضي شفيق احمد مهيسر کي اسيمبلي ميمبر بڻجڻ ۾ مدد ڪئي.