پراڻي ڳالهه آهي، ۱۹۸۸ع جي، جڏهن مان نوجوان ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئشن جو
مرڪزي رابطا سيڪريٽري هئس. تڏهن ميرپور ٻرڙي ۾ ساڻس ملاقات ٿي. بابا ۽ چاچن جي صحبت
۾ گھڻو رهي، ڪتابن جو ڪيڙو هجڻ جي ڪري، ٿورو گھڻو سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلاسيڪل ادب تي جيڪو
اَنَ لَپَ جيترو مطالعو هو، تنهن تحت مونکي ان ماڻهوءَ ۾ ڄڻ پورا خرار نظر آيا. مان
سمجھي ويس ته هي سنهڙو سيپڪڙو ماڻهو، ٻولي دان ئي نه پر ٻولي ساز به آهي. ترت ئي وري
ٻي ملاقات اسان جي هڪ دلبر دوست جي گھر شڪارپور ۾ ساڻس ٿي. جنهن ۾ هن کُلي سنڌي ڪلاسيڪل
شاعريءَ تي ڳالهايو. جنهن ۾ لطيفيات کان وٺي جديد دور جي شاعرن تائين هن انتهائي لطيف
انداز ۾ ڳالهايو. مونکي اڄ به سندس هڪ جملو ياد آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”ٻولي بيٺل
پاڻيءَ وانگر نه هوندي آهي، پر هلندڙ درياءُ آهي، جنهن ۾ انيڪ لفظ روز اچن ٿا، اسان
صرف ايترو ڪريون جو انهن جي وَڍَ ٽُڪ ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي تاڃي پيٽي ۾ انهن کي گھڙيون.
اهو سوناري وارو ڪم به آهي ته لوهارن وارو به.“ ۽ مون ان برک ٻولي ساز بهار جي ڳالهه
ڄڻ ته ڳنڍ ٻڌي ڇڏي.