محمد حسين تُرڪ
ماهر تعليم
سڀاڳي سنڌ سونَ ورني جُڳن کان نيڪ انسانن ۽ صوفين کي جنم ڏيندي ائي آهي،
جن پنهنجو سمورو جيونُ انسانذات جي ڀلائي، ترقي ۽ انساني آجپي لاءِ ارپي ڇڏيو. اهڙن
سدورن انسانن مان هڪ مرحوم محمد حسين تُرڪ جو نالو سنڌ جي ماڻهن کي هميشه ياد رهندو.
مرحوم محمد حسين تُرڪ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هڪ هو. پاڻ بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي
ڳوٺ گهڙو ۾ ۱۱ فيبروري
۱۹۱۶ع تي پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم آبائي ڳوٺ جي تاريخي
مدرسي مان پرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ جو امتحان سن ۱۹۲۸ع ٽنڊي باگي هائي اسڪول مان پاس ڪيائون ۽ انٽر سائنس جي تعليم حيدرآباد
۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ وڃي نوڪري ڪيائون. انهيءَ سان گڏ پنهنجي تعليم
به اڳتي جاري رکيائون ۽ BA جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ
مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائون ۽ MA اقتصاديات سنڌ يونيورسٽي مان
فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون ۽ ۱۹۵۰ع
ڌاريِ انڊسٽريل ڊولپمينٽ آف ڪراچي تي ٿيسس لکي ڏنائون.