مسڪين ملاح
سنڌ جو قومي شاعر
مولائي ملاح
نه ڪنـﻫـن ماريا جنگ ۾، نه ڪي سور ٻُري،
روئــان ڪيـئن ڪــري، مــادر! مـلاحـن کـي!
(شاهه)
مئي مـﻫـيني جو سج سڄي ڏهاڙي جي مسافت کانپوءِ جڏهن، شام ڌاري ناز باغ
جي گھاٽن، ساون ۽ ڊگھن وڻن جي چوٽين مٿان ڏيڙان ڏانـﻫـن جھانگارن جي جبلن پويان منڇر
۾ اُلـﻫـي رهيو هو ته؛ ان ويل پياري دوست رحم علي مڱڻـﻫـار مونکي اچي ٻڌايو ته: مولائي!
تنـﻫـنجو مائٽ مسڪين ملاح ۽ سندس ڀاءُ پيربخش خيرپور کان شنوائيءَ تان موٽندي موروباءِ
پاس تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. مون دانـﻫـن ڪندي چيو ته شال! اهو ڪوڙ هجي. آئون
ماتمي ماحول ۾ تڪڙ ۾ جاءِ تان هيٺ اچي دوستن کان معلوم ڪرڻ لاءِ نڪران ٿو ته سامـﻫـون
ايندڙ معشوق ڌاريجو ۽ علي دوست ملوکاڻيءَ جا وساڻل چـﻫـرا ڏسي معلوم ٿي وڃي ٿو ته:
ها! اهو سڄ آهي. ان ويل منـﻫـنجي لبن تي سندس ئي شعر تري اچي ٿو ته:
حـادثـا هانـوَ ٽــوڙي هـليا ٿـا وڃـن،
پيو حياتيءَ ۾ ماڻـﻫـون چڪي ٿو گھڻو.