; سنڌي شخصيتون: عاجز جمالي، اياز جاني، مھتاب اڪبر راشدي، گل مورو، رسول ميمڻ، قاضي آصف، حسن مجتبي، رئوف نظاماڻي،
Showing posts with label عاجز جمالي، اياز جاني، مھتاب اڪبر راشدي، گل مورو، رسول ميمڻ، قاضي آصف، حسن مجتبي، رئوف نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label عاجز جمالي، اياز جاني، مھتاب اڪبر راشدي، گل مورو، رسول ميمڻ، قاضي آصف، حسن مجتبي، رئوف نظاماڻي،. Show all posts

07 January, 2014

انور پيرزادو

انور پيرزادو


انور پيرزادو؛ سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”انور  پيرزادي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. تاريخ ۲۵ جنوري ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش امام بڻيو. انور پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سويرو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي.