; سنڌي شخصيتون: ڏوڪري، جيوئي، ٿر، جو هڪ، هڏ ڏوکي، ڪردار، خالد، ڪنڀار،
Showing posts with label ڏوڪري، جيوئي، ٿر، جو هڪ، هڏ ڏوکي، ڪردار، خالد، ڪنڀار،. Show all posts
Showing posts with label ڏوڪري، جيوئي، ٿر، جو هڪ، هڏ ڏوکي، ڪردار، خالد، ڪنڀار،. Show all posts

07 January, 2014

ڏوڪري جيوئي - خالد ڪنڀار

ڏوڪري جيوئي
ٿر جو هڪ هڏ ڏوکي ڪردار
خالد ڪنڀار
ٻروچاڻو ٻار ته هئي. انهيءَ ڪري هن جي مِزاج ۾ اُهي ٻروچن واريون ارڏايون ۽ اونرايون به هيون. هن جي اندر ۾ اها همٿ به هئي. جنهن همٿ ۾ پنهنجي حق لاءِ اٽڪي پوڻ ۽ وڙهي وٺڻ واري سگهه هئي. انهيءَ حق ئي ڏوڪري جيوئي چانڊياڻيءَ کي قادرداد رند سان اٽڪائي وڌو. قادرداد رند، ڏوڪري جيوئي چانڊياڻيءَ کان ڪجهه پئسا اڌارا کنيان هئا، جيڪي موٽائي ڪو نه ڏنا هئا. اها ڳالهه ايتري پراڻي به ڪونهي. ڏوڪري جيوئي هي ملڪ ٺهڻ کانپوءِ به ست اٺ سال جيئري هئي. تڏهن اڃا قادرداد رند ايڏو وڏو سرياد ڪو نه هو، جيڏو هينئر آهي. ٿي سگهي ٿو صمد ڪاڇيلي کان پوءِ سنڌ ۾ انبن جو وڏي ۾ وڏو باغ قادرداد جو ئي هجي. اهي پئسا نه ملڻ جي ڪري ڏوڪري جيوئي قادرداد تي ڪيس ڪري وڌو. اهو ڪيس ته ٿي ويو پر ڪورٽ سڳوريءَ ۾ اهو ڪيس ڪيترا سال ڪو نه هليو. ڏوڪري ڇا ڪيو جو ڏينهن ڏٺي جو ڏيئو ٻاري مٿي تي رکي سڌي هلي وئي ڪورٽ اندر. جج چيو؛ ”امان ڇا آهي؟“ هن ورندي ڏني؛ ”ابا! هتي ڏينهن ڏٺي جو اوندھ لڳي پئي آهي. انهيءَ ڪري ڏِيئو ٻاري کڻي آئي آهيان.“ پوءِ ڪيس هلڻ شروع ٿيو ته قادرداد ڏوڪري وٽ هلي آيو. چيائين؛ ”پئسا وٺ، ڪيس تان هٿ کڻ.“ تڏهن ڏوڪري چيو؛ ”ابا! پئسا هاڻ جج جي روبرو وٺنديس.“ پوءِ ڏوڪري جج جي روبرو پئسا ورتا. وري جو وقت ڦيرو ڏنو ته ڏوڪري جيوئي جي ئي ڏير شجاع محمد انهيءَ ئي قادرداد رند کي گهوڙي تي ڏوڪري جي موجوده قبر سان لڳو لڳ ٽي سؤ ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ هينئر قادرداد جو انبن جو وڏو باغ آهي. انهيءَ شجاع محمد، اسحاق ميمڻ کي پوڻا ٽي سؤ ايڪڙ زمين چپ وڍيل اُٺ تي به ڏني هئي.