غلام مصطفيٰ جتوئي
هڪ نفيس شخص
وحيد رزاق مستوئي
پاڪستان جي سياست تي ڇانيل هڪ نفيس شخص رئيس غلام مصطفى خان جتوئي پڻ
هو. پاڻ 14 آگسٽ 1931ع ۾ سنڌ جي هڪ سياسي گهراڻي خان بهادر غلام رسول خان جتوئي جي
گهر ۾ اک کولي. رئيس غلام مصطفى خان جتوئي جن پاڻ ۾ چار ڀائر هئا پهرئين نمبر تي پاڻ
مرحوم رئيس غلام مصطفى خان جتوئي، ٻئين نمبر تي مرحوم غلام مجتبى خان جتوئي، ٽئين نمبر
تي مرحوم ڊاڪٽر عبدالغفار خان جتوئي ۽ چوٿين نمبر تي امام بخش خان جتوئي آهي. کيس
6 پٽ ۽ چار نياڻن جو اولاد آهي جن مان هڪ پٽ طارق مصطفى جتوئي وفات ڪري ويو آهي باقي
سوڳوارن ۾ 5 پٽ چار نياڻيون ۽ هڪ گهر واري آهن.