; سنڌي شخصيتون: محمد ابراهيم جويو، مرجان سنڌو، سھيل ميمڻ، حسن پٺاڻ، راهب لاڙڪ، عبدالمجيد عمراڻي، پروين موسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label محمد ابراهيم جويو، مرجان سنڌو، سھيل ميمڻ، حسن پٺاڻ، راهب لاڙڪ، عبدالمجيد عمراڻي، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label محمد ابراهيم جويو، مرجان سنڌو، سھيل ميمڻ، حسن پٺاڻ، راهب لاڙڪ، عبدالمجيد عمراڻي، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts

27 March, 2014

ڊاڪٽر درشهوار سيد

جيجي در شهوار سيد

شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ پهرين عالم عورت

مرجان سنڌو



ڊاڪٽر در شهوار سيد، سنڌ جي ان خاندان سان تعلق رکي ٿي جنهن جي علمي، عقلي ۽ قومي سوچ کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن سموري عمر سنڌ لاءِ وقف ڪئي. سندس ذات ۾ نه ڏيکاءُ هو نه پاڻ پڏائڻ نه وري جي ايم سيد جي ڌيءُ هجڻ تي ڪا وڏائي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ انهن چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ هيون، جن علمي جدوجهد ڪئي جيجي در شهوار سيد ۱۹۴۰ ۾ سن جي سيد گهراڻي ۾ جنم ورتو. کيس سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي ۱۹۶۷ع ۾ پاس ڪئي.