فقير عبدالغفور
آواز آلاپ جو راڻو - ورسيءَ
تي ڀيٽا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
يڪتارو
چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين
پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر
جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيندو هو.
