; سنڌي شخصيتون: خالدچانڊيو
Showing posts with label خالدچانڊيو. Show all posts
Showing posts with label خالدچانڊيو. Show all posts

29 July, 2016

فقير عبدالغفور


فقير عبدالغفور
آواز آلاپ جو راڻو - ورسيءَ تي ڀيٽا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو.