علڻ فقير
ورسيءَ تي ڀيٽا - ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل، تڏهن ملنداسين
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي مٽي هميشه مها راڳين کي جنم
ڏنو آهي جن پنهنجي مخصوص آلاپ ۽ سُر ذريعي ماڻهن کي موهت ڪيو آهي ۽ جهومايو آهي. اڄوڪو
ڏينهن ۴ جولاء به
سنڌ جي هڪ اهڙي درويش راڳي علڻ فقير جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن پاڻ سان گڏ دنيا کي
جهومايو آهي.
شاهه لطيف جي ڪلام کي مخصوص آلاپ
۾ ڳائيندي ۽ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافتي ڊريس اجرڪ جو پٽڪو ۽ هٿ ۾ دنبورو
کڻي ڳائيندڙ علڻ فقير ۱۹۳۲ع ۾ سنڌ
جي موجوده ضلعي ڄام شورو جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ آمري ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي زندگي جا
ننڍپڻ وارا ڏينهن مانجهند ۾ گذاريائين. علڻ فقير جو تعلق هڪ مڱڻهار قبيلي سان هو ۽
سندس والد ۽ ڏاڏو پڻ مڱڻهار هو. سندس وڏا پنهنجي ڳوٺ ۽ پاڙي اوڙي ۾ برادرين جي شادين
۾ دهل وڄائيندا هئا.
