عبدالستار ايڌي
الوداع! الوداع
مهتاب اڪبر راشدي
”هم“ ٽي وي لاءِ عبدالستار ايڌيءَ
جو انٽرويو ورتو هيم، آخر ۾ انٽرويو ختم ڪندي جڏهن هي اکر چيم ته؛ ”هن انٽرويو ذريعي
مان ٽي وي ڏسڻ وارن کي ڏيکارڻ ٿي چاهيان ته ڏسو! فرشتا ههڙا ٿيندا آهن.“ تڏهن ايڌي
صاحب هڪ لمحي لاءِ ششدر ٿي ويو. زبان ڏندن هيٺان ڏنائين. ڄڻ توبهه ڪندو هجي ۽ سندس
اکين ۾ ڳوڙها ڇُلڪي پيا.
