; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر فهميده حسين، طارق عزيز شيخ، محمد سليمان وساڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label ڊاڪٽر فهميده حسين، طارق عزيز شيخ، محمد سليمان وساڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر فهميده حسين، طارق عزيز شيخ، محمد سليمان وساڻ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts

10 July, 2016

ڊاڪٽر فهميده حسين

ڊاڪٽر فهميده حسين

نامياري محقق، اسڪالر ۽ ليکڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محمد سليمان وساڻ



نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، ۵ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان ۱۹۶۴ ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۶۸ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، ۱۹۷۰ع ۾ ايم اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي، ڪيائين. ٻنهي ڊگرين ۾ هن ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. هن ۱۹۸۱ع ۾ ايل ايل بي ۽ ۱۹۹۰ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ ۱۹۹۲ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي ايڇ ڊي گائيڊ رهيو. ڊاڪٽر فهميده حسين کي ادب ۽ علم سان چاهه ننڍپڻ کان پنهنجي خاندان مان ئي حاصل ٿيو، سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ نه رڳو سٺو شاعر، پر هڪ عالم شخص ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، جنهن ڪلاسيڪي فارسي شاعر حافظ جي شاعري ’ڪلام حافظ‘ جي نالي سان ترجمو ڪئي هئي ۽ سنڌي لغت بورڊ ۾ به هڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هو. کيس عربي، فارسي، سنسڪرت هنديءَ ٻوليءَ تي به عبور هو. ڊاڪٽر صاحبه جو وڏو ڀاءُ سراج ميمڻ به سنڌي زبان جو وڏو اسڪالر، ڪهاڻيڪار ۽ لسانيات جو ماهر آهي. سندس ٻيا ڀائر ڀيڻون به سنڌي ادب سان وابسته رهيا جن ۾ عبدالحق عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر ’بادل‘، جميله ’تبسم‘ ڪهاڻيڪار ۽ انيس ميمڻ شاعر ۽ ايڊيٽر رسالو ’سگهڙين سٿ‘ شامل آهن. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ سندس پرورش ٿي.ڊاڪٽر فهميده حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهه وقت اتي پڙهائڻ بعد جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي ته کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو جتي ۱۹۷۸ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۵ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين پروفيسر؛ بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي ۲۰۰۸ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان فرض نڀايا آهن.