; سنڌي شخصيتون: جگديش لڇاڻي، تاج جويو، رکيل مورائي، پروفيسر اعجاز قريشي، سليم ميمڻ، ادل سولنگي، پيار محمد لغاري،
Showing posts with label جگديش لڇاڻي، تاج جويو، رکيل مورائي، پروفيسر اعجاز قريشي، سليم ميمڻ، ادل سولنگي، پيار محمد لغاري،. Show all posts
Showing posts with label جگديش لڇاڻي، تاج جويو، رکيل مورائي، پروفيسر اعجاز قريشي، سليم ميمڻ، ادل سولنگي، پيار محمد لغاري،. Show all posts

05 January, 2015

لڇمڻ ڪومل


لڇمڻ ڪومل
پنھنجي ڪوتائن جي آس پاس
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ هند توڻي سنڌ جي شاعراڻي اڀياس ۾ لڇمڻ ڪومل جو ذڪر اهميت جوڳو ئي نه پر نهايت ئي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب ۾ اهو اهڙو دور آهي، جنهن ۾ ادب ۾ ترقي پسند نظريو نهايت تيزي سان داخل ٿي رهيو هئو. جيتوڻيڪ اڄ سنڌ جي ايماندار اديبن کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اهو نظريو سنڌ ۾ ادبي ڌارا کان وڌيڪ سياسي ڌارا طور قبول ڪيو ويو هئو، جنهن سنڌي ادب کي نج تخليقي سطح کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو. پر حيرت جي حد تائين لڇمڻ ڪومل جي پهرئين ۽ آخري، ڪوتائي ڪتاب ”جيءَ جهروڪو“ وقت هن محسوس ڪيو ته سنڌي ڪوتا کي، ڪا به سياسي ڌارا نه پر ادبي ۽ تخليقي ڌارا ئي بچائي سگهي ٿي.