ڪشنچند بيوس
جديد سنڌي شاعريءَ جو ”وليم ورڊس ورٿ“
ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي
ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي.
ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ
بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي
جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ
لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد
ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي
شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل
رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي
اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو.
